قاضي علي محمد
ڏيپلي جو علم پرور ۽ ادب دوست
ڊاڪٽر آفتاب ابڙو
علم جي حوالي سان، سنڌ جو سونهري دور سمن جو ليکيو وڃي ٿو. جنهن ۾ اهڙا
ته عالم پيدا ٿيا، جن ننڍي کنڊ کان سواءِ ايران، افغانستان ۽ سينٽرل ايشيا ۾ وڏو نالو
پيدا ڪيو. ان دور ۾ ’بوبڪ‘ شهر کي وڏو شرف حاصل هو، جو مخدوم محمد جعفر بوبڪائي جهڙا
عالم اتي پيدا ٿيا. بقول ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”ڏکڻ ايشيا ۾ تعليم جي تدريس بابت
پهريون ڪتاب مخدوم جعفر ’نهج التعلم‘ ۱۵۵۸ع
۾ لکيو. ان وقت يورپ ۾ تعليم جو ڪو به سرشتو قائم نه هو“. اصل ۾ اهو ڪتاب عربيءَ ۾
لکيل هو، جنهن جو نسخو هاڻي ناپيد آهي. ان کان پوءِ ڪنهن ان جو ترجمو ’حاصل النهج‘
جي نالي سان فارسي ۾ ڪيو. جڏهن ته ڊاڪٽر بلوچ ان جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. اهو ڪتاب سنڌي
لينگويج اٿارٽي پاران ۱۹۹۳ ۾ شايع ڪيو ويو آهي. ان تعليمي شعور جو اثر اهو ٿيو جو ۱۹۵۰ تائين بوبڪ ۽ ڀر پاسي (ٽلٽيءَ
۽ پاٽ) ۾ تعليم جو تناسب ۹۸
سيڪڙو هو. وقت جو وڏو فلاسافر
علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ناليوارو محقق ۽ تعليمي ماهر شمس العلماءُ علامه عمر بن محمد
دائود پوٽو ان سر زمين جي پيداوار آهن. ان کان علاوه ارغونن جي ڏاڍاين سبب جيڪي عالم
۽ فاضل سنڌ ڇڏي ڪڇ، ڀڄ ۽ برهان پور ويا، تن اُتي سنڌ جو نالو روشن ڪيو. تفصيل لاءِ
سنڌي ادبي بورڊ جو ڪتاب ”برهان پور ڪي اولياء“ پڙهڻ گهرجي.
جديد تعليم جي حوالي سان اهو شرف ’ڏيپلي‘ کي نصيب ٿيو، جتان هزارن جي
تعداد ۾ عالم، آفيسر، ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ اعليٰ عملدار پيدا ٿيا، جن ڏيهه توڙي پرڏيهه
۾ سنڌ جو نالو روشن ڪيو. ڏيپلي ۾ تعليم ۽ سماجي سجاڳيءَ جي جوت جلائڻ وارن
۾ مکيه ماڻهو ٽي آهن: سائين ابو طالب، قاضي علي محمد ۽ محمد عثمان ڏيپلائي. سائين ابو
طالب شهر ۾ پرائمري تعليم جو بنياد مضبوط ڪيو، جنهن ۾ قاضي علي محمد ساڻس گڏ هو. جڏهن
ته محمد عثمان ڏيپلائي، قاضي صاحب جو هم ڪلاسي ۽ همعمر هو. ٻئي ۱۹۰۸ ۾ پيدا ٿيا. علمي ڪمن ۾ گڏ هوندا هئا. پوءِ سائين
عثمان اچي ۱۹۴۲ ڌاري
حيدرآباد وسائي ۽ صحافت ۾ نالو ڪڍيو.
قاضي علي محمد ڏيپلي ۾ پيدا ٿيو. سائين جن ذات جا ميمڻ هئا، پر پوءِ سندن
والد الهه رکئي ميمڻ کي قانون جي سٺي ڄاڻ ۽ بهتر فيصلن ڪرڻ سبب، عوام توڙي انگريز سرڪار
پاران، ’قاضي‘ جو لقب مليو. ان کان پوءِ سندن گهراڻو اڄ تائين ”قاضي“ سڏائي ٿو. قاضي
صاحب رواجي تعليم ڏيپلي مان حاصل ڪئي. ڪل ڇهه درجا پڙهيو. ڏيپلي ۾ ان وقت وڌيڪ پڙهڻ
جو ڪو بندوبست ڪونه هو. ان لاءِ شاگردن کي ويهه ڪوهه پري ’مٺي شهر‘ پڙهڻ لاءِ وڃڻو
پوندو هو. ان سبب ڪري ڪيترا ئي شاگرد وڌيڪ تعليم نه پرائي سگهندا هئا. قاضي صاحب جو
هم ڪلاسي ۽ همعصر محمد عثمان ڏيپلائي به ڪل ڇهه درجا پڙهيو. (مقالا: ثريا ڏيپلائي ۱۹۸۸ ص ۱۱۶) قاضي صاحب جو ذهن ايترو ته تيز هوندو هو، جو کين پهرين درجي کان وٺي
ڇهين درجي تائين جا سڀ شعر ۽ سبق ياد هوندا هئا. سندن چوڻ هو ته ’جيڪڏهن پوري توجهه
سان ڪا به شيءِ پڙهجي ٿي ته اها ياد ٿي وڃي ٿي.‘ ان حوالي سان سندن حافظو تمام تيز
هو. سندن مطالعي هيٺ: ڪلام پاڪ (ترجمي سان، جڏهن ته مولوي احمد ملاح جي ترجمي ۽ ڪلام
سان به کين رغبت هئي) ’شاهه جو رسالو‘، حافظ شيرازي، شيخ سعدي وغيره هوندا هئا. پنهنجي
زندگي جي ڪار گذاري بابت يادگيرين جي آڌار تي هڪ مڪمل ڪتاب ”سفر زندگيءَ جو“ ترتيب ڏنو اٿن. ڪتاب ۾ جا بجا قرآن شريف جون آيتون
۽ انهن جو ترجمو، فارسي جا بيت ۽ شاهه سائين جا بيت مهل موقعي جي مناسبت سان ڏنا اٿن،
جنهن مان سندن وسيع مطالعي جي خبر پئي ٿي. ويهين صدي عيسوي جي پهرين ڏهاڪن ۾ جيئن ئي سنڌ ۾ مختلف عالمن ۽ اديبن
پاران ڪتابڙا، رسالا، مخزنون ۽ اخبارون نڪرڻ شروع ٿيون ته قاضي صاحب پابندي سان اُهي
گهرائيندو هو. سٺن رسالن جو نه صرف پاڻ ساليانو ميمبر ٿيندو هو بلڪ هم خيال دوستن کي
به ميمبر ٺاهي، کانئن چندو وٺي، اداري ڏانهن موڪليندو هو. انهن لاءِ مضمون لکندو هو
۽ آيل مضمونن تي فڪري لحاظ کان بحث ڪري، ادارن ڏانهن تفصيلي خط به موڪليندو هو. اهڙا
ڪيترائي خط جيڪي هن خير محمد نظاماڻي، محمد عثمان ڏيپلائي، اخوان صاحب ۽ ٻين اديبن
ڏانهن لکيا هئا، سي سندن يادگيري ۾ درج ٿيل
آهن.
تعليم طرف سندن خاص ڌيان هو، هن ڄاتو ٿي ته بدليل حالتن ۾، جديد تعليم
نهايت ضروري آهي، جنهن کان سواءِ سماجي ترقي ناممڪن آهي. اڃا سندن عمر۲۳ سال مس هئي ته ڏيپلي جي پرائمري
اسڪول ۾ ۹ فيبروري
۱۹۳۱ تي
هڪ جلسو ٿيو. مسٽر فتح محمد قريشي جو ان وقت ٿرپارڪر ضلعي جي تعليم کاتي جو سپروائيزر
هو. هن، ان جلسي جي صدارت ڪئي. جلسي جو انتظام پنچائت پاران ڪيو ويو هو. حيرت جي ڳالهه
آهي ته ان وقت شهر ۾ پنج مُکي (Chiefs) موجود
هئا، ٻيا چڱا مٺا ۽ سيٺيا پڻ موجود هئا. پر تقرير لاءِ هن صاحب کي گذارش ڪئي ويئي.
جنهن شهر ۾ انگريزي تعليم جي ضرورت تي روشني وڌي.
تعليم لاءِ عملي ڪوششون:
۱۹۳۱ جي آخر ڌاري ٿرپارڪر جي ايڊمنسٽريٽو
آفيسر جي ڏيپلي ۾ منزل ٿي. سندس مانَ ۾ هڪ جلسو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شهر جي معززن
۽ عام ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شهر جي پنچائت پاران اي-وي ڪلاسن کولڻ جو مطالبو ڪيو
ويو. ان موقعي تي به پنچائت پاران قاضي کيس گذارش ڪئي ويئي ته هو موقعي جي مناسبت سان
حاضرين مجلس آڏو هڪ پُرزور تقرير ڪري ۽ علم جي اهميت تي روشني وجهي. قاضي علي محمد
وڏن دليلن سان جديد تعليم جي اهميت ۽ ضرورت تي روشني وڌي. جنهن سان جلسي ۾ واه واه
ٿي ويئي، نه صرف ايترو بلڪ هن پنهنجو لکيل هڪ ڊرامو ”ڪرشمه تعليم“ پڻ پيش ڪيو. قاضي
علي محمد وقت به وقت موقعي جي مناسبت سان اهڙا ڪيترائي اصلاحي ڊراما لکيا ۽ اسٽيج تي
پيش ڪيا، جن نوجوان نسل تي تمام سٺا اثر ڇڏيا ۽ ڏيپلي ۾ تعليم بابت رجحان وڌڻ لڳو.
قاضي صاحب کي جيئن ته تعليم سان بيحد پيار هو ۽ سندن ئي ڪوششن سان ڏيپلي
۾ مڊل بوائز ۽ گرلس اسڪول قائم ٿيا هئا، جيڪي اڳتي هلي سندن ئي ڪوششن سان هاءِ اسڪول
ٿيا. ان دور ۾ نياڻين کي انگريزي پڙهائڻ سٺو نه سمجهيو ويندو هو. قاضي صاحب جيئن ته
روشن خيال ۽ جديد فڪر وارو ماڻهو هو، کين پهريون اولاد به نياڻين جو هو، ان ڪري هن
ابتدا پنهنجي ٻارن سان ڪئي. ماشاءَ الله سڀني نياڻين کي سندن خواهش مطابق سٺي تعليم
ڏياري.
قاضي صاحب ۸۰ ورهين جي ڄمار ۾ پهرين مارچ ۱۹۸۸ تي وفات ڪئي. سندن تربت، سندن
تعليمي دوست سائين ابوطالب جي ڀر ۾ بابن شاهه قبرستان حيدرآباد ۾ آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا