قاضي علي محمد
ڏيپلي جو علم پرور ۽ ادب دوست
ڊاڪٽر آفتاب ابڙو
علم جي حوالي سان، سنڌ جو سونهري دور سمن جو ليکيو وڃي ٿو. جنهن ۾ اهڙا
ته عالم پيدا ٿيا، جن ننڍي کنڊ کان سواءِ ايران، افغانستان ۽ سينٽرل ايشيا ۾ وڏو نالو
پيدا ڪيو. ان دور ۾ ’بوبڪ‘ شهر کي وڏو شرف حاصل هو، جو مخدوم محمد جعفر بوبڪائي جهڙا
عالم اتي پيدا ٿيا. بقول ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”ڏکڻ ايشيا ۾ تعليم جي تدريس بابت
پهريون ڪتاب مخدوم جعفر ’نهج التعلم‘ ۱۵۵۸ع
۾ لکيو. ان وقت يورپ ۾ تعليم جو ڪو به سرشتو قائم نه هو“. اصل ۾ اهو ڪتاب عربيءَ ۾
لکيل هو، جنهن جو نسخو هاڻي ناپيد آهي. ان کان پوءِ ڪنهن ان جو ترجمو ’حاصل النهج‘
جي نالي سان فارسي ۾ ڪيو. جڏهن ته ڊاڪٽر بلوچ ان جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. اهو ڪتاب سنڌي
لينگويج اٿارٽي پاران ۱۹۹۳ ۾ شايع ڪيو ويو آهي. ان تعليمي شعور جو اثر اهو ٿيو جو ۱۹۵۰ تائين بوبڪ ۽ ڀر پاسي (ٽلٽيءَ
۽ پاٽ) ۾ تعليم جو تناسب ۹۸
سيڪڙو هو. وقت جو وڏو فلاسافر
علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ناليوارو محقق ۽ تعليمي ماهر شمس العلماءُ علامه عمر بن محمد
دائود پوٽو ان سر زمين جي پيداوار آهن. ان کان علاوه ارغونن جي ڏاڍاين سبب جيڪي عالم
۽ فاضل سنڌ ڇڏي ڪڇ، ڀڄ ۽ برهان پور ويا، تن اُتي سنڌ جو نالو روشن ڪيو. تفصيل لاءِ
سنڌي ادبي بورڊ جو ڪتاب ”برهان پور ڪي اولياء“ پڙهڻ گهرجي.