مايا رام راٺي
عبرت جي گلدستي مان ڇڻي ويل گل
رشيد سومرو
روزاني عبرت کي پنهنجي حياتي جا
سٺ سال ارپيندڙ روزاني عبرت جو ايڊورٽائيزمينٽ مئنيجر مايا رام راٺي هاڻي اسان ۾ نه
رهيو آهي، پر هن جو ڪردار، عملي خدمت ۽ پنهنجي اداري جي ڪيل خدمت تاريخ جي ورقن ۾ هميشه
زنده رهندي. مايا رام راٺي بظاهر مزاج جو ڪڙڪ پر هو اندر جو وڏو شفيق ۽ عظيم انسان
هو. هن جي پوري زندگي جو محور هن جو گهر ۽ هن جي آفيس هو. هو صبح جو سوير پنهنجي آفيس
۾ اچي سڄو ڏينهن ڪم ڪرڻ ۾ گذاري رات جو دير سان واپس پنهنجي گهر هليو ويندو هو. هن
عظيم انسان جي پنهنجي پيشي سان وفاداري جي انتها ۽ اخلاص جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي
سگهجي ٿو ته اٺ سال اڳ هن کي دل جو دورو پيو ۽ فالج جو حملو ٿيو. ان جي باوجود هو هر
روز پنهنجي آفيس ۾ اچي حسب معمول هڪ هٿ سان پنهنجو آفيس جو ڪم ڪندو هو ۽ جڏهن 14 آگسٽ
يا شهيد ڀٽو جي ورسي جي موقعن تي ورتل اشتهار هن وٽ آفيس آندا ويندا هئا ته بيماري
۽ معذوري جي باوجود هو خود انهن کي وصول ڪندو هو.
مرڻو ته هر انسان کي آهي، ڪنهن کي
اڄ ۽ ڪنهن کي سڀاڻي. هڪڙا اهڙا انسان هوندا آهن، جن جي وفات کانپوءِ هنن کي سندن اولاد
به ياد نه ڪندو آهي، پر ڪي اهڙا فرد به هوندا آهن، جيڪي پنهنجي ڪردار ۽ عملي خدمتن
سبب ڪروڙين ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ هڪ وڏو ادب ۽ احترام وارو مقام ڇڏي هليا ويندا
آهن. يقينن مايا رام راٺي جو شمار به اهڙن عظيم انسانن ۾ ٿئي ٿو. جنهن پنهنجي مالڪ،
اداري ۽ ڪم سان عشق جي حد تائين پيار ڪيو ۽ اهڙا ئي انسان تاريخ جو ثمر هوندا آهن،
جنهن تي تاريخ کي فخر ٿيڻ سان گڏ ان جي وڇوڙي تي تاريخ به روئڻهارڪي ٿي ويندي آهي.
مايا رام راٺي پنهنجي پوري زندگي روزاني عبرت کي وقف ڪري ڇڏي. هو اهڙو ته باڪردار انسان
هو، جنهن تي سٺ سالن ۾ ڪو به ماڻهو آڱر نه کنئي.
هونئن به ڏاهن جو قول آهي ته کاري
مزاج جا ماڻهو دل جا محبتي ۽ مخلص انسان هوندا آهن، جناب مايا رام جي شخصيت پنهنجو
مٽ پاڻ هئي. هو ٻين ڪاڻ جيئڻ وارو انسان هو. يقينن هن جي ديهانت تي روزاني عبرت جي
سمورن ساٿين کي گهرو صدمو پهتو هوندو پر آئون سمجهان ٿو ته روزاني عبرت جي سرواڻ جناب
قاضي اسد عابد کي انتهائي صدمو پهتو هوندو، قاضي صاحب مايا رام راٺي جو تمام گهڻو احترام
ڪندو هو ۽ يقينن جناب مايا رام اهڙي محبت جو مستحق انسان هو، جنهن پنهنجو ننڍپڻ جواني،
پيري ۽ حياتي جو آخري ڏينهن به پنهنجي اداري کي وقف ڪري ڇڏيو. انسان جي سماج ۾ کوڙ
سارا اهڙا انسان آهن، جن جو وڇوڙو پنهنجي مخالفن جي دلين کي به روئاري ڇڏيندو آهي،
جيستائين منهنجو تعلق آهي ته مون کي جناب مايا رام راٺي تمام گهڻو ڀائيندو هو، هو اڪثر
چوندو هو ته رشيد سومرو هميشه اوڌور تي اشتهار هلرائيندو آهي، يقينن هن جي اهڙي شفقت
مون سميت ٻين به نمائندن تي هوندي.
روزاني عبرت اڄ هڪ اهڙي باوقار،
باڪردار، باصلاحيت، مخلص ۽ محنتي انسان کان محروم ٿي ويئي آهي، جنهن جو خال ڀرڻ مشڪل
آهي. هن جيترو عرصو روزاني عبرت ۾ شايد استاد شمعون رهيو هجي، باقي سڀني کان هو سينئر
هو ۽ هو فنانس جي اهڙي عهدي جو چيف هو، جيڪو تمام ذميواري وارو ۽ مشڪل ڪم هو، پر هن
جنهن ديانتداري ۽ ايمانداري سان ان کي ادا ڪيو ان تي پورو ادارو ان تي فخر ڪري ٿو.
مون وٽ ته لفظ نه آهن جو آئون پنهنجي
هن محترم سرواڻ تي لکان، سندس وڇوڙي جي خبر ٻڌي مون کي هن ڪرب واري حالت ۾ اهي لفظ
نٿا ملن، جن سان مايا رام راٺي کي ڀيٽ ڏئي بيان ڪريان، پر ايترو ضرور چوندس ته مايا
رام راٺي جي وفات سان روزاني عبرت کي تمام وڏو نقصان ٿيو آهي، جنهن جو ازالو ممڪن نه
آهي، اسان هن ڏکوئيندڙ لمحن تي آنجهاني مايا رام راٺي جي خاندان ۽ روزاني عبرت جي ڏک
۾ برابر جا شريڪ آهيون.
آديسي اُٿي ويا!
يونس چانڊيو
1988ع ۾ جڏهن مون کي عبرت گروپ آف
پبليڪيشن جي مينيجنگ ايڊيٽر قاضي اسد عابد نوڪري ڏني، ان وقت کان هن وقت 2016ع تائين
مايارام راٺي سان ملاقات ٿيندي رهندي هئي. اسين قاضي اسد عابد صاحب کان ايترو نه ڊڄندا
هئاسين جيترو مايا رام راٺي جي آفيس ۾ وڃڻ کان ڊڄندا هئاسين. مايا رام راٺي پنهنجي
آفيس ۾ ويهڻ جو پابند هو، گهڻو وقت هن پنهنجي آفيس ۾ گذاريو. مونکي ياد آهي 1992ع
۾ جڏهن آئون ڪراچي عبرت آفيس مان پنهنجي ڳوٺ موڪل تي وڃي رهيو هئس، ان وقت پگهار کڻڻ
لاءِ عبرت آفيس حيدرآباد ۾ مايارام راٺي وٽ آيس؛ عرض ڪيم ته سائين منهنجو ڳوٺ پري آهي،
ٽنڊي باگي کان صبح جي وقت هڪ بس اسان جي ڳوٺ طرف ويندي آهي، بس نڪري وئي ته آئون گهر
پهچي نه سگهندس، تنهن لاءِ مهرباني ڪري مون کي جلدي پگهار ڏيندا ته آئون پنهنجي ڳوٺ
لاءِ نڪري وڃان. منهنجي هن عرض تي مايا رام صاحب ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته اوهين
هميشه گهوڙي تي سوار ٿي پگهار کڻڻ ايندا آهيو. اهي جملا اڄ به مايا رام صاحب جا ياد
آهن. هُو اداري ۾ بردبار آفيسر طور ڪم سرانجام ڏيندو هو. سندس وڇوڙي عبرت سٿ کي هڪ
وڏو گهاءُ ڏنو آهي. مايا رام راٺي عبرت لاءِ ريڙهه جي هڏي هو. عبرت اخبار کي هن پنهنجي
ذاتي اخبار سمجھي ڪم ڪري ڏيکاريو. قاضي اسد عابد صاحب پاڻ مايا رام راٺي کي مايا رام
صاحب چوندو هو. اسد صاحب کي جيترو مون هن ڀيري غمگين ڏٺو، ايترو ڪڏهن ڪونه ڏٺو! اسان
جڏهن مايا رام راٺي جو جنازو کڻائي قبرستان پڳاسين ته اتي آخري رسمن دوران قاضي اسد
عابد، استاد شمون کي ورجائي ورجائي چئي رهيو هو ته شمون اڄ رات عبرت ۾ توسان گڏ ڪير
هوندو، مايارام ته هليو ويو؟ استاد شمونءَ، اسد صاحب جا اهي غمگين جملا سمجھي نه سگهيو.
آئون ڀرسان بيٺل هئس، مون محسوس ڪيو، مون پنهنجي نظر ڦيرائي اسد صاحب جي اکين ڏانهن
ڏٺو ته سندس اکيون لڙڪن جي پاڻي ۾ ٻڏل هيون.
مايا رام راٺي عبرت اخبار ۾ پنهنجي
محنت، سچائي، ايمانداري ۽ وفاداريءَ سان، هن ڪاروباري مشڪل دور ۾ اعتماد جو نالو هو.
ٻين ادارن ۾ اسان ڏسندا آهيون ته اشتهارن جي پئسن ۾ ڏي وٺ هوندي آهي، معاملا لئه مٽي
ڪيا ويندا آهن، اخباري مالڪن کي نه ٻڌايو ويندو آهي، پر مايارام راٺي عبرت جي سرواڻ
قاضي اسد عابد سان ڪڏهن به ٻيائي نه ڪئي، نه ئي هن پنهنجو اصول ٽوڙيو. ڪيترا ئي ڀيرا
گهٽ ريٽ ملڻ تي هُن اشتهار نه ورتا، هن پنهنجي اداري جو اصول نه ٽوڙيو. مايارام راٺي
جهڙا مخلص ماڻهو هن دور ۾ ملڻ مشڪل آهن. عبرت اخبار ۾ اشتهارن جو شعبو هن وٽ هو، پاڻ
ايڊورٽائيزنگ مينيجر هو، هن عبرت جي ٻئي ڪنهن به سيڪشن ۾ مداخلت نه ڪئي. هو پنهنجي
ڪم سان ڪم رکندو هو. هن ٻين جي معاملن ۾ ڪڏهن به ٽنگ نه اڙائي، نه ئي ڪنهن جي شڪايت
ڪئي. اهڙين ئي خوبين کيس بردبار بڻايو. مايارام راٺي 7 مارچ جي رات جو هن فاني دنيا
مان لاڏاڻو ڪري عبرت سٿ کي الوداع چئي هميشه لاءِ هليو ويو.
اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين
جي جيءَ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا.
No comments:
راءِ ڏيندا