; سنڌي شخصيتون: مايا، رام، راٺي، عبرت، گلدستي مان ڇڻي ويل گل، رشيد، سومرو،
Showing posts with label مايا، رام، راٺي، عبرت، گلدستي مان ڇڻي ويل گل، رشيد، سومرو،. Show all posts
Showing posts with label مايا، رام، راٺي، عبرت، گلدستي مان ڇڻي ويل گل، رشيد، سومرو،. Show all posts

04 April, 2016

مايا رام راٺي - رشيد سومرو

مايا رام راٺي
عبرت جي گلدستي مان ڇڻي ويل گل
رشيد سومرو
روزاني عبرت کي پنهنجي حياتي جا سٺ سال ارپيندڙ روزاني عبرت جو ايڊورٽائيزمينٽ مئنيجر مايا رام راٺي هاڻي اسان ۾ نه رهيو آهي، پر هن جو ڪردار، عملي خدمت ۽ پنهنجي اداري جي ڪيل خدمت تاريخ جي ورقن ۾ هميشه زنده رهندي. مايا رام راٺي بظاهر مزاج جو ڪڙڪ پر هو اندر جو وڏو شفيق ۽ عظيم انسان هو. هن جي پوري زندگي جو محور هن جو گهر ۽ هن جي آفيس هو. هو صبح جو سوير پنهنجي آفيس ۾ اچي سڄو ڏينهن ڪم ڪرڻ ۾ گذاري رات جو دير سان واپس پنهنجي گهر هليو ويندو هو. هن عظيم انسان جي پنهنجي پيشي سان وفاداري جي انتها ۽ اخلاص جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اٺ سال اڳ هن کي دل جو دورو پيو ۽ فالج جو حملو ٿيو. ان جي باوجود هو هر روز پنهنجي آفيس ۾ اچي حسب معمول هڪ هٿ سان پنهنجو آفيس جو ڪم ڪندو هو ۽ جڏهن 14 آگسٽ يا شهيد ڀٽو جي ورسي جي موقعن تي ورتل اشتهار هن وٽ آفيس آندا ويندا هئا ته بيماري ۽ معذوري جي باوجود هو خود انهن کي وصول ڪندو هو.