; سنڌي شخصيتون: March 2021

14 March, 2021

ارباب کھاوڙ

ارباب کھاوڙ

منهنجو استاد، منهنجو دوست

رسول ميمڻ



مون کي ياد آهي ارباب کهاوڙ سان پهرين ملاقات ۱۹۷۳ع ۾ ٿي. هو ٽيبل تي ويهي، ڪرسيءَ تي پير رکي سمرسٽ ماهم جو ڪتاب پڙهي رهيو هيو.

اهو آف وائيٽ بنگلو هيو، بلڪل نئون ۽ ان جي هڪ ڪمري ۾ ارباب رهندو هيو. ننڍي قد ۽ چست جسم وارو. سگريٽ مٿان سگريٽ، چين (Chain) سموڪر، جتي به ويهندو ته ڪمرو دونهي ۽ ماڻهن سان ڀرجي ويندو. خوش مزاج ۽ دلچسپ ڳالهه تي وڏو ٽهڪ ڏئي کلندڙ. هن جا ٽهڪ ڪمري ٻاهران ورانڊي ۽ پڌر ۾ شرارتي ٻارن جيان ڊوڙون پائيندا هيا.

13 March, 2021

محمد سليمان وساڻ

محمد سليمان وساڻ

سيبتو شخص - ۱۳ مارچ ۱۹۷۶ع تي جنم ڏينهن جي نسبت سان

مٺل جسڪاڻي



سليمان وساڻ سان پهرين عالمي اوطاق (فيس بوڪ) تي، پوءِ موبائيل فون وسيلي رابطو ٿيو ۽ ۲۸ آگسٽ ۲۰۱۵ع تي ڪراچيءَ ۾ محمود مغل جي ڪتاب ”سنڌ ٽاڪيز“ جي مهورتي تقريب دوران، پهرين روبرو ملاقات ٿي. تمام گهڻو محنتي، محبتي، خوش اخلاق ۽ خوش طبيعت شخص سان ملي، مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي.

07 March, 2021

نرگس لطيف

نرگس لطيف

هڪ عورت، جنهن ڪچري مان سون بنائڻ جونعرو ڏئي، پوري دنيا کي متوجهه ڪيو آهي.

جان خاصخيلي



جڏهن نرگس لطيف سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي گڏجاڻين ۾ آئي هئي ته ڪجهه دوستن سان هن جي اڳئي واقفيت هئي پر اهو سندس شخصيت ۽ بردباري جو ڪمال هو ته هوءَ جلدي ۾ سڀني سان ملي جُلي وئي هئي ۽ هن کي ڪا به اوپرائپ محسوس نه ٿي. ان وقت هوءَ صحافت سان لاڳاپيل هئي. هوُءَ ڊان، فرنٽيئر پوسٽ، دي مسلم، اسٽار ۽ ڊيلي نيوز لاءِ لکندي هئي ۽ سندس چوڻ موجب ان لکڻ مان ئي سندس اقتصادي ضرورتون پوريون ٿينديون هيون.

ڪشا رام راجپال

ڪشا رام راجپال

سريش ڪمار



سائين ڪشا رام راجپال تعليمي ۽ سماجي خدمت جو ھڪ نمايان ڪردار رهيو آهي.

شڪارپور جي علمي ماحول جي اھميت ۽ افاديت کي جيئن ھتان جي استادن ڄاتو. تيئن ساڻن ڪير ٿو ھمسري ڪري سگھي. ھر دور ھر ۽ نسل لاءِ ڏاھپ ۽ ڏات ۾ سرواڻ. اھو سڀ ڪجهھ مھان ۽ ترقي يافته تعليمي ادارن سبب ممڪن پئي ٿيو. انھن استادن ۾ شڪارپور جو استاد سائين ڪشا رام راجپال به ھڪڙو مثال بڻجي نروار ٿيو.

محمد دائود ميمڻ تاج ٽکڙائي

محمد دائود ميمڻ تاج ٽکڙائي

استاد الشعراءِ ۽ صديءَ جي ادبي اتهاس جو وارث

عبدالستار “آڪاش” ٽکڙائي



سڀ کان پهرين آئون سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي سٿ خاص طور تي سيڪريٽري شاخ سائين آغا جان آغا ۽ ڪاروباري ڪميٽي، انجمن ترقي پسند مصنفين ٽنڊو محمد خان ۽ مهراڻ ادبي سٿ سنڌ جو شڪريو ادا ڪيان ٿو جن بزرگ شاعر سائين محمد دائود تاج ٽکڙائي جي ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ سندس مان ۾ هي پروگرام رکيو آهي، هي روايتون جس لهڻن، هنن روايتن جا امين به جس لهڻن جن سائين تاج ٽکڙائي جي زندگي ۾ کين مڃتا ڏني آهي. سائين شاعري ۾ منهنجو استاد آهي آئون ادب جو هڪ ادنى طالب آهيان ۽ شاعريءَ جي دنيا ۾ منهنجي ٻين شاعر دوستن جيان سکيا سائين تاج ٽکڙائي کان ورتي اٿم. سائين تاج ٽکڙائي، استادالشعراءُ ۽ سنڌي شاعريءَ جي هڪ اتهاس جو وارث آهي. اڄ سائين تاج ٽکڙائي جي شاگرد هئڻ جي ناتي اوهانجي اڳيان سائين جي زندگي ۽ سندن ادبي ڪم تي ضرور روشني وجهندس.

05 March, 2021

حافظ محمد اسلم مھيسر رفيقوي

حافظ محمد اسلم مھيسر رفيقوي

مشهور صوفي شاعر - ستونجاھين ورسي جي موقعي تي ڀيٽا

امتياز مهيسر



حافظ محمد اسلم مھيسر (اسلم رفيقوي) سال ۱۸۹۰ع ڌاري، حافظن جي ماڙيءَ ۾ سندس والد گرامي حافظ جان محمد مھيسر جي گهر، ڳوٺ رفيق مھيسر ۾ جنم ورتو. حافظ جان محمد مھيسر خيرپور جي مير صاحبن جو استاد ۽ سندن حڪومت ۾ خاص معاون طور ڪم ڪيو. حافظ محمد اسلم مھيسر شروعاتي تعليم قرآن شريق پڙهڻ وغيره ٺيڙهي جي مشھور مدرسي دارلھدا ۾ حاصل ڪيائين بعد ۾ پنهنجي والد محترم حافظ جان محمد مھيسر وٽ قرآن شريف حفظ ڪيائون ۽ پڳ ٻڌائون. ان کان بعد وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جڳ مشهور عالم دين حضرت علامہ ميان غلام محمد مھيسر رحہ جي مدرسي درگاه ڪمالديرو شريف ۾ عربي ۽ فارسي پڙهي عالم دين بڻيا. حافظ محمد اسلم مھيسر ننڍپڻ کان ئي عشق جي رمز ۾ ٽمٽار رهيا. عشق مجاز جي ڏاڪڻ پار ڪري عشق حقيقت جي منزل ماڻيائون، جو جڏهن ڏاڙهي مبارڪ ۾ اڇا وار اچي ويا تہ بي ساختہ چئي ڏنائون؛