; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر شاهزيب مغيري

28 October, 2026

ڊاڪٽر شاهزيب مغيري

ڊاڪٽر شاهزيب مغيري

لائبريري ۽ انفارميشن سائنس جو ڄاڻُو

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو



سنڌ جي ڪاليجن جو هڪ اهم حصو انهن جون لائبريريون به آهن. ڪيترا ئي ڪاليج اهڙا به آهن جتي سَو، ڏيڍ سَو سال آڳاٽا ڇپيل ڪتاب پڻ موجود آهن، ۽ جن جي افاديت لاثاني آهي. اهڙن اڻملهه ڪتابن کي سانڍڻ ۽ سنڀالڻ جو ڪم، انهن لائبريريُن ۾ مقرر انچارج ۽ سندن رهنمائيءَ هيٺ ڪم ڪندڙ ڪئٽلاگر، اسسٽنٽ ۽ ٻيا عملدار ڪندا آهن. اها اسان جي خوش نصيبي آهي، ته ڪجهه لائبريريُن ۾ انتھائي اعلٰي تعليم يافته لائبريريَن مقرر آهن، جيڪي نه صرف لائبريريُن کي سنڀالي رهيا آهن، پر علمي طور پڻ پنھنجو حصو شامل ڪري رهيا آهن. اهڙن لائق لائبريريَن مان هڪ، ڊاڪٽر شاهزيب مغيري پڻ آهي، جنھن لائبريري ۽ انفارميشن سائنس ۾ ڊاڪٽريٽ جي سند حاصل ڪئي آهي.


شاهزيب ولد محمد ايوب مغيري، ۱۶ فيبروري ۱۹۹۲ع تي لاڙڪاڻي شھر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد رٽائرڊ آرمي آفيسر آهي. شاهزيب ٽن ڀائرن ۽ ٻن ڀينرن ۾ سڀ کان وڏو آهي. سندس هڪ ڀاءُ اورنگزيب سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ايل ايل ايم (LLM) ڪيل آهي.

شاهزيب مغيريءَ ابتدائي تعليم، گورنمينٽ محمد علي ديني مدرسي پرائمري اسڪول لاڙڪاڻي مان سن ۲۰۰۱ع ۾ پاس ڪرڻ کان پوءِ، مئٽرڪ محمد علي ديني مدرسي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان  ۲۰۰۹ع ۾ ڪئي، جنھن بعد انٽرميڊئيٽ، گورنمينٽ آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۲۰۱۲ع ۾ مڪمل ڪري، بِي ڪام (B.Com) پڻ ساڳئي ڪاليج مان، شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس جي انتظام هيٺ، ۲۰۱۴ع ۾ پاس ڪئي. تعليمي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي، شاهزيب مغيريءَ لائبريري اينڊ انفارميشن سائنسز ڊپارٽمينٽ، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان، ماسٽرس اِن لائبريري اينڊ انفارميشن سائنسز اينڊ آرڪائيوز اسٽڊيز جي ڊگري ۲۰۱۶ع ۾ ماڻي. اتي جن استادن کيس پڙهايو، تن ۾ ڊاڪٽر نثار احمد صُبحپوٽو، عارف علي ڀَٽي ۽ منظور احمد هاجاڻو نمايان آهن. ماسٽرس ۾ سندس تحقيق جو عنوان هيءُ هو:

“Barcode technology and its implementation in Mehran University of Engineering & Technology (MUET) library and online information center.”

)بارڪوڊ ٽيڪنالاجي اينڊ اِٽس اِمپليمينٽيشَن اِن مھراڻ يونيورسٽي لائبريري اينڊ آنلائن انفارميشن سينٽر(

اسين ڄاڻون ٿا ته اڄڪلهه بار ڪوڊ جو واهپو گهڻو هلندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته ان وسيلي داخلائن ۾ ٿيندڙ انساني غلطين کي ختم ڪري سگهجي ٿو، ڪم ۾ تيزي اچي ٿي، ڪارڪردگي وڌي ٿي، جامع ڊيٽا گڏ ٿئي ٿي. جيڪڏهن لائبريريُن جي لحاظ کان ڏِسجي ته بار ڪوڊ ڪتابن جي ڏيڻ، موٽائي وٺڻ ۽ اداري جي سامان جي سار سنڀال ۽ نگرانيءَ لاءِ ان جو واهپو ڪارائتو آهي، جنھن تي شاهزيب ماسٽرس ۾ تحقيق ڪئي، جنھن ۾ هُن ڄامشوري ۾ واقع مھراڻ يونيورسٽيءَ جي لائبريريءَ ۽ آنلائن انفارميشن سينٽر تي پنھنجيءَ تحقيق کي مرڪوز ڪيو، جنھن ۾ هُن ڄاڻايو ته بار ڪوڊ ڇا آهي، ان کي مھراڻ يونيورسٽيءَ ۾ ڪڏهن لاڳو ڪيو ويو آهي، ان ايپليڪيشن جو ڪھڙو فائدو آهي، ان وسيلي ڪتابن جي خودڪار صلاحيت سان شاگرد ڪيئن ڪتاب جاري ڪرائي ۽ واپس ڏئي سگهن ٿا، ۽ ڪيئن لائبريريءَ جو اسٽاف بار ڪوڊ ذريعي ڪتابن بابت پيش رفت اڳتي وڌائي ٿو.

ان بعد، شاهزيب، ساهي پٽڻ بدران، سرگوڌا يونيورسٽي، پنجاب ۾ ايم فِل ڪرڻ لاءِ لائبريري اينڊ انفارميشن سائنسز ۾ داخلا ورتي، جتان ڪاميابيءَ سان پروفيسر ڊاڪٽر هارون ادريس جي سپروائيزريءَ ۾، ايم فل ۲۰۱۸ع ۾، مڪمل ڪئي. سندس ايم فل جو تحقيقي عنوان هن ريت آهي:

“‎Users' satisfaction and expectations with world wide web (WEB) Online Public Access Catalogues (OPACs) of public and private sector universities in Lahore.”

اسان کي سڌ آهي ته هر يونيورسٽيءَ جي لائبريرين جا عوامي رسائيءَ لاءِ آنلائن ڪئٽلاگ ٿيندا آهن، جن وسيلي معلوم ٿيندو آهي ته لائبريريءَ ۾ ڪھڙو مواد موجود آهي، ان مواد کي ڪيترو وقت پڙهڻ لاءِ وٺي سگهجي ٿو، نوان ڪتاب وغيره ڪھڙا آيا آهن، لائبريريءَ جون پاليسيون ڪھڙيون آهن، وغيره. اهڙيءَ طرح ويب اوپيڪس (OPACs) ۾ ڪيئي سھولتون ڏنل هونديون آهن، جن ۾ چيڪ اِن ۽ چيڪ آئوٽ جو سرشتو، بُڪ ڊراپر، ڪو ڪتابُ پَڪڙي (on hold) يا هٿيڪو رکڻ (on reservation)، يا واپرائيندڙن لاءِ مجازِي جڳھه (ورچوئل اسپيس) وغيره. پنھنجيءَ تحقيق ۾، شاهزيبَ کوجيو ته واپرائيندڙ (شاگرد وغيره) لائبريريءَ مان اصل ۾ ڪھڙيون اميدون رکن ٿا، ڇا اهي ڪئٽلاگ انهن جون ضرورتون پوريون ڪن ٿا يا نه، واپرائيندڙن جو اطمينان ٿئي ٿو يا نه، واپرائيندڙن جي گُهرجن تي پورو لھن ٿا يا نہ. ان تحقيق سان يونيورسٽيءَ جي انتظاميا کي اها خبر پڻ پئجي سگهي ٿي ته انهن جي لائبريريُن واپرائيندڙن لاءِ ڇا ڇا ميسر ڪري ڏنو آهي، واپرائيندڙن جون گهرجون ڪھڙيون آهن، ميسر ڪري ڏنل مواد وغيره مان انهن جو اطمينان ٿئي ٿو يا نه، ته جيئن يونيورسٽيون پنھنجين لائبريرُن جي واپرائيندڙن لاءِ گهربل سھولتون ميسر ڪري ڏين ۽ پنھنجي افاديت وڌائي سگهن.

شاهزيب لائبريري اينڊ انفارميشن سائنسز ۾ پي ايڇ ڊي، سرگوڌا يونيورسٽيءَ مان ئي، ۲۰۲۵ع ۾، ڊاڪٽر محمد آصف نويد ۽ ڊاڪٽر غلام مرتضٰي رفيق جي نگرانيءَ ۾ مڪمل ڪئي. سندس تحقيق جو موضوع هن ريت آهي:

“Effect of Information Literacy on Academic Engagement, Cognitive Engagement and Academic performance of Business students in Pakistan.”

يعني: پاڪستان ۾ واپار سان لاڳاپيل علمن جي شاگردن جِي تعليمي ۽ ادراڪِي/ذهني وابستگيءَ ۽ تدريسي ڪارڪردگيءَ تي معلومات جي خواندگيءَ جو اثر. ڏٺو وڃي ته انفارميشن لِٽريسيءَ مان مرادَ، اها صلاحيت آهي جنھن وسيلي اهو ڄاڻي سگهجي ته ڄاڻ جي گهرج ڪڏهن آهي، ۽ پوءِ اِن ڄاڻ کي اثرائتي ۽ اخلاقي طريقي سان کوجِجي، ان جو جائزو وٺجي، ان کي واهپي ۾ آڻجي ۽ ٻين تائين پھچائجي. جڏهن ته واپار سان لاڳاپيل علمن ۾، مارڪِيٽِڱ (شين ۽ خدمتن جي مشھوري ۽ وِڪرو)، فنانس (رقمن جي منتقلي، سرمائيڪاري ۽ مالياتي رٿابندي)، اڪائونٽِڱ (مالِي حساب ڪتاب)، افرادي قوت/هيومن رسورسز (ملازمن جي ڀرتي ۽ سار سنڀال)، ۽ مئنيجمينٽ (رٿائن ۽ ٽِيمن/گروپن جي اڳواڻي ۽ رهنمائي) شامل آهن. انهن علمن ۾ هي ڊگريون ملنديون آهن: بِي بِي اي (BBA)، ايم بِي اي (MBA)، بِي ايس (BS) فنانس/ اڪائونٽِنگ/ مارڪيٽِنگ. شاهزيب پنھنجيءَ تحقيق ذريعي، معلومات جي خواندگيءَ جو اثر جو اڀياس ڪيو، ته جيئن يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ واپار سان لاڳاپيل علمن جي شاگردن جي تدريسي صلاحيتن ۽ واڌ ويجهه کي، يونيورسٽين پاران سمجِهي ۽ وڌائي سگهجي.

ايم فل ۽ ڊاڪٽريٽ ٿيسز کان سواءِ ڊاڪٽر شاهزيب جا لکيل ٻاويھه (۲۲) تحقيقي مقالا ڇپيل آهن، جن مان ٽن مقالن جا عنوان، هيٺ ڄاڻائجن ٿا:

1. Effect of AI literacy on work performance among medical librarians in Pakistan.

2. The Impact of Whatsapp usage on academic purposes among the students of higher education institutes of Sindh province.

3. Unlocking Success: How information literacy drivers student engagement in Pakistan’s higher learning business institutions.

اهي ۽ ٻيا مقالا، جن ٻين ليکڪن سان گڏجي لکيل آهن، تن ۾ ڊاڪٽر غلام مرتضٰي رفيق، حنا آصف خان، ڊاڪٽر محمد آصف علي، ڊاڪٽر محمد آصف نويد، اعجاز اختر احمداڻي، ڊاڪٽر لياقت علي راهُو، ايم اي ٻرڙو، عرفان علي ابڙو، بلال انجم ۽ ٻيا شامل آهن. سندس مقالا، جرنل آف ڪنٽيمپرري اشوز اِن بزنيس اينڊ گورنمينٽ، انفارميشن ڊولپمينٽ، جرنل آف انفارميشن لٽريسي، جرنل آف ميڊيا هاريزنس، دَ جرنل آف اڪيڊمڪ لائبريريَنشِپ ۽ ٻين تحقيقي جرنلن ۾ ڇپيل آهن.

ڊاڪٽر شاهزيب جا لائبريري اينڊ انفارميشن سائنس جي يارهين درجي جي درسي ڪتاب ۾ ٻه باب پڻ لکيل آهن، جڏهن ته هو قومي ۽ بين الاقوامي تحقيقي جرنلن ۾ ڇپجندڙ مقالن تي نظرثاني ڪندڙ ماهر جون ذميواريون پڻ نڀائيندو آهي.

ڊاڪٽر شاهزيب سنڌ گورنمينٽ ۾ ملازمت ۾ اچڻ کان اڳ، سرگوڌا يونيورسٽيءَ ۾، آڪٽوبر ۲۰۱۷ع کان وٺي آڪٽوبر ۲۰۲۰ع تائين وزٽِڱ ڪئٽيگريءَ ۾ ليڪچرار ۽ اسسٽنٽ پروفيسر طور پڻ ڪم ڪيو.

هُو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد پاران ۲۰۲۰ع جي امتحان ۾، پنھنجي مضمون ۾، ۸۴ اميدوارن مان پھرين پوزيشن حاصل ڪرڻ کان پوءِ گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي ڊگري ڪاليج ڏوڪريءَ ۾، ۲۰ آڪٽوبر ۲۰۲۰ع تي لائبريرين طور مقرر ٿيو، جتي موجوده وقت تائين ڪم ڪري رهيو آهي. سندس رهائش لاڙڪاڻي ۾ آهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۸ آڪٽوبر ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا