; سنڌي شخصيتون: راءِ بھادر شيوارام ديوان مل وزيراڻي

29 October, 2026

راءِ بھادر شيوارام ديوان مل وزيراڻي

راءِ بھادر شيوارام ديوان مل وزيراڻي

ڪراچيءَ جو ٺٽي ڄائو عوامي اڳواڻ

جَينتي ارجنداس ٺڪر ”مٺي“

انگريزيءَ مان ترجمو: جيمناءِ

ايڊيٽنگ: نصير اعجاز



راءِ بھادر شيوارام ديوانمل وزيراڻي هڪ ممتاز سنڌي هندو زميندار، واپاري، مجسٽريٽ، ادارا جوڙيندڙ ۽ عوامي خادم هو. سندس شاندار ڪيريئر سندس جنم ڀومي ٺٽي کي ورهاڱي کان اڳ واري ڪراچيءَ جي شهري، تعليمي ۽ انتظامي زندگيءَ سان جوڙيو. هن ۲۸ آڪٽوبر ۱۹۵۸ع تي لاڏاڻو ڪيو.

​شيوارام ديوانمل وزيراڻي ۱۷ سيپٽمبر ۱۸۸۳ع تي ٺٽي، سنڌ ۾ پيدا ٿيو. تاريخي سوانحي رڪارڊن ۾ کيس هڪ زميندار ۽ واپاريءَ طور بيان ڪيو ويو آهي، پر سنڌ لاءِ سندس خدمتون سندس خانگي ڪاروبار کان گھڻو وڌيڪ هيون. ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين هُو ڪراچيءَ جي بلدياتي ۽ ضلعي انتظاميا سان لاڳاپيل نمايان غير سرڪاري عوامي شخصيتن مان هڪ بڻجي اُڀريو.


​عوامي زندگيءَ ۾ سندس داخلا تمام ننڍي ئي عمر ۾ ٿي. ۱۹۰۶ع ۾، کيس ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ڪائونسلر نامزد ڪيو ويو. ۱۹۰۹ع ۾ هُو ڪراچي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو ميمبر بڻيو، ۽ ۱۹۱۱ع ۾ کيس اعزازي مجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو. پوءِ هن اسپيشل فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ طور خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ڪراچي ضلعي لاءِ جسٽس آف دي پيس (Justice of the Peace) طور تسليم ڪيو ويو.

​سندس سڀ کان نمايان عوامي عهدو ڪراچي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي قيادت هئي. هُو ان جو پهريون چونڊيل غير سرڪاري صدر بڻيو، ۽ ۱۹۲۰ع کان ۱۹۲۸ع تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. ان دور جي سوانحي مواد ۾ خاص طور تي نوٽ ڪيو ويو آهي ته اهو چونڊ تڪ بنيادي طور تي مسلمان اڪثريت وارو هو. هُو پوءِ ٻيهر ۱ اپريل ۱۹۳۷ع کان شروع ٿيندڙ ٽن سالن جي مدت لاءِ صدر چونڊيو ويو.

​اهو بار بار عوامي اعتماد حاصل ڪرڻ سندس ڪيريئر جي هڪ اهم خاصيت هئي جنھن اهڙي ضلعي تڪ ۾ سنڌي هندو عوامي شخصيت کي قيادت جي عهدي تي فائز ڪيو جتي ووٽر اڪثريت ۾ مسلمان هئا، جيڪو ورهاڱي کان اڳ واري سنڌ جي رواداريءَ واري زندگيءَ جي وسيع ڪردار کي ظاهر ڪري ٿو.

​سندس عوامي خدمتن کي نوآبادياتي انتظاميا پاران مڃتا ڏني وئي. کيس ۱۹۲۱ع ۾ راءِ صاحب جو لقب ڏنو ويو ۽ ۱۹۲۷ع ۾ کيس “راءِ بھادر” جي عهدي تي ترقي ڏني وئي. ۱۹۳۵ع ۾، هن ڪنگز سلور جوبلي ميڊل حاصل ڪيو. تاريخي رڪارڊ ۾ باقاعدگيءَ سان “راءِ بھادر شيوارام ديوان مل” جو لقب استعمال ڪيل آھي، جيڪو کيس ياد ڪرڻ لاءِ هڪ مناسب سڃاڻپ آهي.

​تعليم ۽ اداراسازي سندس عوامي زندگيءَ جو اهم حصو هئا. هو سنڌ جي ايڊيشنل جوڊيشل ڪمشنر ايڇ اين ڪروچ سان گڏ ڪراچيءَ ۾’لوئيس لارنس انسٽيٽيوٽ‘ (Louise Lawrence Institute) جو باني هو، جيڪو عورتن جي طبي تعليم ۽ خدمتن سان لاڳاپيل هو. ۱۹۱۸ع جي هڪ سالياني رپورٽ ۾ شيوارام ديوان مل کي انسٽيٽيوٽ جي ڪارروائين ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺندي ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو سندس ادارن سان وابستگي جو اھم ثبوت فراهم ڪري ٿو.

​سندس تعليمي خدمتون ڊي. جي. سنڌ ڪاليج بورڊ تائين پکڙيل هيون، جڏهن ته سندس ميونسپل ذميوارين ۾ ۱۹۲۷ع کان ۱۹۳۰ع تائين ڪراچي ميونسپل اسڪول بورڊ جي چيئرمين طور خدمتون سرانجام ڏيڻ شامل هو. ۱۹۲۶ع ۾، هن ميونسپل گارڊنز ۽ زُو ڪميٽيءَ جي چيئرمين طور پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون، ۽ ڪراچيءَ جي شهري ترقيءَ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.

​سندس عوامي ذميواريون ڪراچيءَ جي ڪيترن ئي اهم ادارن تائين پکڙيل هيون. هن ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي ميمبر طور خدمتون سرانجام ڏنيون، جنهن ۾ ۱۹4۳ع کان شامل هو؛ هُو ريلوي ائڊوائزري ڪميٽيءَ سان لاڳاپيل رهيو؛ ڪراچي سينٽرل جيل جي غير سرڪاري وزيٽر طور ڪم ڪيائين؛ ۽ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ان جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر رهيو.

​هُو ڪراچي ڪلب جو صدر، سنڌ آبزرور اينڊ مرڪنٽائل اسٽيم پريس لميٽيڊ جو ڊائريڪٽر، ۽ آر. جي. ايم. هندو جِمخانه جو اعزازي خزانچي به رهيو. انهن ادارن سان سندس وابستگي ڪراچيءَ جي تجارتي، سماجي ۽ شهري زندگيءَ ۾ سندس وسيع ڪردار کي ظاهر ڪري ٿي.

​عوامي ڀلائي سندس خدمت جو اهم پاسو هو. هن انڊين ريڊ ڪراس سوسائٽيءَ جي سنڌ پروونشل برانچ جي اعزازي خزانچي طور خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ڪراچي سول اسپتال ايڊ ۽ نرسنگ ايسوسيئيشن سان لاڳاپيل رهيو. هُو ڪراچي ايرو ڪلب جو ميمبر ۽ انڊين روڊس اينڊ ٽرانسپورٽ ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن جي ڪراچي برانچ جو چيئرمين به رهيو.

​سندس عوامي وراثت جي سڀ کان يادگار نشانين مان هڪ ٺٽي ۽ سجاول جي وچ ۾ هليل فيري (اسٽيمر) سروس هئي. سندس خدمتن جي مڃتا طور، ڪراچي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ هن رُوٽ تي هلندڙ هڪ نئين فيري اسٽيمر جو نالو سندس نالي پويان رکيو. “شيوارام ديوان مل فيري ڪميٽي” جو تاريخي حوالو ان ڳالهه جو وڌيڪ ثبوت آهي ته سندس نالو ان فيري سروس سان جُڙي ويو هو.

​ٺٽي ۽ سجاول سان اهو تعلق خاص طور تي معني خيز آهي. ٺٽي ۾ ڄاول، شيوارام ديوان مل پنهنجي عوامي ڪيريئر جو وڏو حصو ڪراچيءَ ۾ گذاريو، پھرين سندس نالولاڙ سنڌ جي خطي کي ملائيندڙ هڪ ٻيڙي (ٽرانسپورٽ) سروس تي چٽيو ويو. ان ڪري سندس وراثت سندس جنم ڀوميءَ کان وٺي نوآبادياتي سنڌ جي مکيه شهري مرڪز تائين پکڙيل هئي.

​سندس نالو ڪراچيءَ جي طبعي اڏاوت ۾ به محفوظ رکيو ويو. نوآبادياتي دور جون تاريخي ڪراچي ڊائريڪٽريون “شيوارام ديوان مل روڊ” جو رڪارڊ ڏين ٿيون، جيڪو اها تصديق ڪري ٿو ته سندس نالو شهر جي شهري جاگرافيءَ جو حصو بڻجي چڪو هو. سندس نالي سان منسوب هڪ روڊ ۽ ٺٽي-سجاول رُوٽ تي هلندڙ فيري سندس عوامي خدمت لاءِ عزت احترام جا ثبوت آهن.

​راءِ بھادر شيوارام ديوان مل وزيراڻيءَ جي ڪيريئر جي وسعت حيران ڪندڙ آهي. هن ميونسپل انتظاميا، ضلعي حڪومت، مجسٽريٽ، تعليم، عوامي صحت، ٽرانسپورٽ، خيراتي تنظيمن، تجارتي ادارن ۽ شهري ادارن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. سندس عوامي زندگي ڪنهن هڪ اداري يا هڪ ئي شعبي تائين محدود نه هئي.

​سندس ڪهاڻي برٽش دور جي سنڌ جي شهري زندگيءَ ۾ سنڌي هندن جي مددي ڪردار جي تاريخ جو به هڪ اهم حصو آهي. هو ان نسل سان تعلق رکندو هو جنهن ان وقت ڪراچيءَ جي ادارن جي ترقيءَ ۾ فعال حصو ورتو جڏهن سنڌ اڃا بمبئي پريزيڊنسيءَ جو حصو هئي. سندس بار بار عوامي ذميواريون ان ڳالهه کي ظاهر ڪن ٿيون ته نوآبادياتي دور جي شهري ادارن جي ڪارڪردگي ۽ ترقيءَ ۾ مقامي غير سرڪاري اڳواڻن ڪيترو اهم ڪردار ادا ڪيو.

​اڄ، جڏهن اسين راءِ بھادر شيوارام ديوان مل ويزيراڻيءَ کي سندس ورسيءَ تي ياد ڪريون ٿا، ته اسين صرف هڪ لقب هولڊر يا ڪامياب زميندار ۽ واپاريءَ کي ياد نٿا ڪريون، بلڪه هڪ عوامي سوچ رکندڙ سنڌيءَ کي ياد ڪريون ٿا جنهن پنهنجي زندگيءَ جا ڪيترائي ڏهاڪا شهري انتظاميا، تعليم، عوامي فلاح ۽ اداراسازيءَ لاءِ وقوف ڪري ڇڏيا.

​سندس ٺٽي کان ڪراچيءَ تائين جو سفر، ۽ ڪراچيءَ جي گهٽين ۽ ٺٽي-سجاول فيري سروس ۾ سندس نالي جا حوالا، ورهاڱي کان اڳ واري سنڌ جي شهري تاريخ جي هڪ شاندار جھلڪ فراهم ڪن ٿا.

​راءِ بھادر شيوارام ديوان مل ويزيراڻي سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ ذڪر جوڳي شخصيت رهي ٿو. ٺٽي ۾ ڄاول هڪ سنڌي هندو جنهن جي ڊگھي عوامي ڪيريئر ورهاڱي کان اڳ واري ڪراچيءَ جي ادارن، بنيادي ڍانچي ۽ شهري زندگيءَ تي پنهنجا اڻ مٽ نقش ڇڏيا. سندس خدمتون ايندڙ نسلن لاءِ ياد رکڻ ۽ رڪارڊ تي آڻڻ جي قابل آهن.

​

(انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي ٿورن سان.)

(ڏھاڙي دي ايشيان ڪراچيءَ ۾ ۲۹ آڪٽوبر ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا