; سنڌي شخصيتون: September 2014

28 September, 2014

تيرٿ بسنت - قاسم راڄپر

تيرٿ بسنت
عالمي سطح جو سنڌي اديب
قاسم راڄپر
سنڌ جي عظيم ڌرتيءَ تي صدين کان اهڙا املهه انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ پاڻ مڃايو آهي. انهن ۾ ڪجهه شخصيتون اهڙيون به آهن، جن هڪ کان وڌيڪ شعبن ۾ ڪاميابي ماڻي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي عظيم هڏ ڏوکي تيرٿ بسنت جو شمار به اهڙن انسانن ۾ ٿئي ٿو. جنهن نه رڳو شاعري، نثر نويسي، ڊراما نگاري، تحقيق ۾ پاڻ مڃايو، پر عالمي سياست بابت به سندس گهرو مطالعو هو. پر سنڌ هند جي هن عظيم اديب بابت ڄاڻ تمام گهٽ ماڻهن کي آهي. تيرٿ بسنت (وسنت) ۷ سيپٽمبر ۱۹۰۹ع تي لقمان خيرپور ۾ پيدا ٿيو. هو سوڍو راجپوت نک سان واسطو رکندڙ هو. سندس والد جو نالو ويڙهو مل هو. سندس ننڍپڻ سکيو نه گذريو، گهرو معاملن سبب سندس ابتدائي تعليم به متاثر ٿي. ۱۶ سالن جي عمر ۾ مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ هو فلمن ۾ اداڪاريءَ لاءِ ڪراچيءَ ڀڄي آيو. پوءِ هن زندگيءَ جو وڏو حصو حيدرآباد ۾ گذاريو. هو حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو ميمبر به چونڊيو. کيس گهمڻ ڦرڻ جو وڏو شوق هوندو هو، هو نوڪريءَ سانگي ايران ۽ عراق به گهمي آيو هو. جتي هن عربي ۽ فارسي به سکي.اُتي هن جي ملاقات مها ڪوي گرو ديو ٽئگور سان به ٿي. ان سلسلي ۾ هن پاڻ لکيو آهي ته ”جڏهن گرو ديو ٽئگور ايران جي دؤري تي آيو هو، تڏهن اُتي جي سرڪار جي حڪم موجب، هو ويهه کن ڏينهن گرو ديو ٽئگور جي شيوا ۾ رهيو هو.“

17 September, 2014

عظيم سنڌي - فقير الهبچايو لغاري

عظيم سنڌي
سنڌ کي ان جهڙن جاکوڙين جي گهرج آهي
فقير الهبچايو لغاري
عظيم سنڌي ننڍ پڻ کان منهنجو لنگوٽيو يار رهيو آهي، اڄ تائين ڏوريندو پيو اچي. هيءُ مڙس 62 سالن جي عمر تائين رنگا رنگي واٽن جو ڏڌل انسان آهي.
پرائمري تعليم مورو مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ به مورو مان ڪيائين. ڪاليج پڙهڻ لاءِ مهراڻ ڪاليج مورو ۾ پير پاتائين ته کيس شاگرد سياست جي چوٽ لڳي ته ڪامريڊ ۽ عطيم سنڌي بنجي ويو. ڪاليج يونين ۾ بطور صدر به رهيو. ڪاليج ۾ سنڌي شاگردن جي حد کان زياده خدمت ڪيائين. ايم اي سنڌي ادب ۾ به پوزيشن ماڻيائين. چواڻي آهي ته ”غربت تعليم جي راهن ۾ رڪاوٽ آهي“ جي مصداق پوسٽ گريجوئيٽ ٿيو. نوڪري مليس نه ورتائين. روزگار خاطر درزي بنجي ويو. پوءِ ته ادب جو سهارو وٺي دونهين دکائي پنهنجي گهر اڳيان دڪان ٺهرائي ٻه چار شاگرد ويهاري، سچائي سان ڪم ڪرڻ لڳو. ڏينهن پڄاڻان موري جو وڏو درزي بنجي ويو. شادي ڪيائين. اولاد ٿيس، غربت هوندي به پنهنجن سڪيلڌن پٽن کي پڙهائي پار پهتو. هن وقت سندس اولاد سٺين نوڪرين ۾ آهي. شل خوش هجن.

شمس الدين بُلبلِ

شمس الدين بُلبلِ

بُلبلِ سنڌ

ڊاڪٽر محمد خان شيخ



شمس الدين بلبل بلاشبه هڪ وڏو ماڻهو هو. وڏو ماڻهو ان شخص کي سڏيو ويندو آهي، جنهن جي عوامي خدمتن ۽ ڪارنامن جو فائدو عوام کي مستقل طرح وڏي عرصي تائين ملندو رهي.

شمس الدين بلبل اٽڪل ڏهه سال لاهور، دهلي ۽ حيدرآباد دکن ۾ صحافت جي شعبي سان منسلڪ رهي، برصغير ۾ پاڻ کي هڪ ممتاز صحافي طور مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. لاهور ۽ دهليءَ ۾ هن ڪالم نويس ۽ رپورٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيو ۽ صحافت جي دنيا ۾ مشهوري حاصل ڪيائين. حيدرآباد دکن جي وزيراعظم جي اصرار تي حيدرآباد دکن ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين. حيدآباد دکن جو وزيراعظم سر آسمان جاهه عظيم مفڪر، ممتاز دانشور ۽ مسلم قوم جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي هو. حضرت بلبل جي اسلامي نظريات ۽ خيالات کان متاثر ٿي کيس حيدرآباد دکن ۾ رهڻ جي دعوت ڏني. سر آسمان جاهه بلبل جي مداحن مان هڪ هو.

07 September, 2014

مصري فقير - ناصر قاضي

مصري فقير
سنڌي راڳ جو سدا بهار آواز
ناصر قاضي
ڪراچيءَ کان ڪشمور توڙي ڪينجھر کان ڪارونجھر تائين پنهنجي پياري سون ورني سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گھمندي جڏهن ڀلاري ڀٽائيءَ جي ڀونءِ هالا طرف رخ ڪبو ته اتي سروري درگاهه جا معلم ۽ مدرس امن ۽ آشتيءَ واري سبق ڏيڻ ۾ صدين کان مصروفِ عمل ڏسجي رهيا آهن. هن درگاهه تي مخدوم نوح سرور هالائيءَ کان ويندي اڄ ڏينهن تائين جا درگاهه ڌڻي هر دؤر ۾ امن، آشتي ۽ آجپي جو پيغام ڏيندا رهيا آهن. ساڳئي درگاهه جي معلمن جي ڊگھي صف ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي نامياري ڪافي گو شاعر، گھڻ رخي شخصيت ۽ مٺڙي توڙي ٻاجھاري انسان مخدوم سائين محمد زمان طالب المولى جي شفقت ڀريو ڇپر ۽ ڇانورو پڻ نظر اچي ٿو، مخدوم صاحب جي ان ٻاجھه ڀري ڇانوَ ۾ رهي جيڪي به طالب المولى جا طالب رهيا، تن ٻين اخلاقي امرن سميت شاعري توڙي سر سنگيت جا سبق به ضرور پروڙيا آهن. مخدوم محمد زمان طالب المولى جي ان محبتن واري مڪتب اندر، قرب وارن ڪلاسن جي برهه وارين بئنچن تي ويهي جن سلوڪ جي صاحبن سڪ سندا سبق پڙهيا، انهن ۾ نامياري صوفي راڳي ۽ شاعر مصري فقير جو مٺڙو نالو پڻ ملي ٿو.