; سنڌي شخصيتون: مصري، فقير، سنڌي، راڳ، جو سدا، بهار، آواز، ناصر، قاضي،
Showing posts with label مصري، فقير، سنڌي، راڳ، جو سدا، بهار، آواز، ناصر، قاضي،. Show all posts
Showing posts with label مصري، فقير، سنڌي، راڳ، جو سدا، بهار، آواز، ناصر، قاضي،. Show all posts

07 September, 2014

مصري فقير - ناصر قاضي

مصري فقير
سنڌي راڳ جو سدا بهار آواز
ناصر قاضي
ڪراچيءَ کان ڪشمور توڙي ڪينجھر کان ڪارونجھر تائين پنهنجي پياري سون ورني سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گھمندي جڏهن ڀلاري ڀٽائيءَ جي ڀونءِ هالا طرف رخ ڪبو ته اتي سروري درگاهه جا معلم ۽ مدرس امن ۽ آشتيءَ واري سبق ڏيڻ ۾ صدين کان مصروفِ عمل ڏسجي رهيا آهن. هن درگاهه تي مخدوم نوح سرور هالائيءَ کان ويندي اڄ ڏينهن تائين جا درگاهه ڌڻي هر دؤر ۾ امن، آشتي ۽ آجپي جو پيغام ڏيندا رهيا آهن. ساڳئي درگاهه جي معلمن جي ڊگھي صف ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي نامياري ڪافي گو شاعر، گھڻ رخي شخصيت ۽ مٺڙي توڙي ٻاجھاري انسان مخدوم سائين محمد زمان طالب المولى جي شفقت ڀريو ڇپر ۽ ڇانورو پڻ نظر اچي ٿو، مخدوم صاحب جي ان ٻاجھه ڀري ڇانوَ ۾ رهي جيڪي به طالب المولى جا طالب رهيا، تن ٻين اخلاقي امرن سميت شاعري توڙي سر سنگيت جا سبق به ضرور پروڙيا آهن. مخدوم محمد زمان طالب المولى جي ان محبتن واري مڪتب اندر، قرب وارن ڪلاسن جي برهه وارين بئنچن تي ويهي جن سلوڪ جي صاحبن سڪ سندا سبق پڙهيا، انهن ۾ نامياري صوفي راڳي ۽ شاعر مصري فقير جو مٺڙو نالو پڻ ملي ٿو.