; سنڌي شخصيتون: August 2016

28 August, 2016

قاضي عبدالمجيد عابد


قاضي عبدالمجيد عابد
هڪ مثالي شخصيت
ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل
قاضي عبدالمجيد عابد پنهنجي ابتدائي تعليم سيوهڻ ۾ حاصل ڪئي. ان بعد باقي تعليم حيدرآباد ۾ مڪمل ڪئي. سندن تاريخ پيدائش مارچ ۱۹۱۵ع چئي وڃي ٿي. عملي زندگي جو آغاز خانداني پيشي حڪمت سان ڪيائون.
قاضي صاحب هڪ متحرڪ انسان هئا. جيتوڻيڪ قاضي صاحب جڏهن ۱۱ سالن جا هئا ته سندن والد محترم قاضي عبدالقيوم وفات ڪري ويا هئا والده به ٿوري عرصي اندر گذاري وئي. سندس وڏي ڀاءُ قاضي محمد اڪبر سندن سرپرستي ڪئي جو ان وقت ۱۵-۱۶ سالن جو هو. قاضي عبدالمجيد عابد ۽ ٻيا ننڍا ڀائر قاضي محمد اڪرم ۽ قاضي محمد اعظم هئا. چئني ڀائرن ۾ بي حد  محبت هئي. قاضي عبدالقيوم جي وفات کان پوءِ قاضي برادران وڏي جدوجهد ڪري خاندان جو نالو روشن ڪيو ۽ سياست توڙي صحافت ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرايو.

ڊاڪٽر غفور ميمڻ - ڊاڪٽر شير مهراڻي

ڊاڪٽر غفور ميمڻ
لائق ۽ ڏاهو استاد - سالگره جي حوالي سان
ڊاڪٽر شير مهراڻي
آئنسٽائين چيو هو، ‘هڪ استاد جو بهترين هنر اهو ئي آهي ته هو تخليقي اظهار ۽ ڄاڻ ۾ به راحت ڀري پيش ڪري.’ توڙي جو اهو هنر ايترو سولو ناهي. ڇاڪاڻ ته ليڪچر دوران استاد جو گهڻو ڌيان موضوع ڏانهن هوندو آهي؛ انڪري اڪثر استاد اهو ويساري ويهندا آهن ته شاگرد سندن شخصيت جي ڊپ کان ‘پن ڊراپ’ خاموش آهن يا هو ليڪچر سمجهي به رهيا آهن. آئون خوشنصيب آهيان جو مونکي تمام ذهين استاد مليا. آئون جيڪڏهن چار لفظ لکڻ ۽ پڙهائڻ جي اهل آهيان ته اهو پنهنجي استادن جي ڏنل دان طفيل آهيان. ڪنهن درست چيو آهي ته هڪ سٺو استاد ڪڏهن به نٿو گذاري بلڪه هو پنهنجن شاگردن ۽ شاگردن جي شاگردن ۾ هميشه جيئرو رهندو آهي. پي ايڇ ڊي جي ڊگري هڪ اعزاز کان گهٽ ناهي، آئون پاڻ لاءِ اهو پڻ اعزاز ٿو سمجهان ته مون پنهنجي ٿيسز ڊاڪٽر غفور ميمڻ صاحب جي نگرانيء ۾ لکي آهي. اها سندن مهربان طبيعت ئي هئي جو مون يونيورسٽي پاران مقرر ڪيل گهٽ ۾ گهٽ ٽائيم ۾ ٿيسز لکي ورتي. تحقيق جي ميدان سان واسطو رکندڙ چڱيءَ طرح ڄاڻندا هوندا ته ٿيسز جي تياري دوران رهنما ڪيڏو اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. جيڪڏهن رهنما وقت سر تحقيقي ڪم جاچي موٽائي نه ڏيندو ته ٿيسز جي تياري ۾ سالن جا سال لڳي سگهن ٿا. اسان جي سامهون اهڙا به مثال آهن جو ٿيسز مڪمل ڪرڻ ۾ محققن کي20، 20 سال لڳا آهن. يونيورسٽين ۾ گائيڊ کي ٿيسز مڪمل ڪرائڻ تي هونئن به ڪو فائدو نٿو پهچي انڪري گهڻا استاد پي ايڇ ڊي جي شاگردن کي مٿي جو سور سمجهي ٽارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. پر ڊاڪٽر غفور صاحب انهن استادن مان آهي، جن سماج ۾ موجود ميرٽ جي مقابلن لاءِ ماڻهو تيار ڪيا آهن. جن هڪ پيڙهي جي پرورش ڪئي آهي. جڳاڙ جي هن دور ۾ سچائي ۽ علم جي رستي تي هلندڙن کي چريو سمجهيو ٿو وڃي. پر ڊاڪٽر صاحب ڀٽائيءَ جي هنن سچين سٽن جو سچو پوئلڳ آهي ته،

25 August, 2016

حيدر علي لغاري


حيدر علي لغاري
شاهه لطيف جو پارکو
الطاف ميمڻ
برک عالم، استاد، اديب، نقاد ۽ شاهه لطيف جو پارکو سائين حيدر علي لغاري ۱۱ آگسٽ ۱۹۳۴ع ۾ تاجپور جي نواب گهراڻي ۾ نواب قمبر علي لغاري جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان مان نواب ولي محمد لغاري ٽالپر دؤرِ حڪومت ۾ سنڌ جو وزيراعظم هو. حيدر علي لغاري پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول تاجپور مان حاصل ڪئي، جتي سندس استاد غلام نبي لغاري راڳ جو وڏو ڄاڻو ۽ هار مونيم جو ماهر هو. ميٽرڪ ۱۹۵۲ع نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ڪيائين، جتي سندس استاد عبدالرحيم ڏيٿو، غلام محمد شاهواڻي ۽ غلام حسين بالادي هئا. بي اي ۱۹۵۶ع ۽ ايم اي (مسلم هسٽري) ۱۹۶۰ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد مان ڪيائين، جتي ڪاليج جو پرنسپل ڊاڪٽر ايڊرين دوارتي هو. بي ٽي (بي- ايڊ) ۱۹۶۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين، جتي پنهنجي استاد سيد اڪرام علي کان تمام گهڻو متاثر ٿيا. پاڻ ”بي ٽي جي دؤر“ کي پنهنجو ”نئون جنم“ تصور ڪندا هئا.

يوسف شاهين - رکيل مورائي

يوسف شاهين
ملڪي اعزاز کي اعزاز بخشيندڙ
رکيل مورائي
هن ملڪ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪي چڱا ڪم به معجزاتي طور تي ويندا آهن، تازو ئي اهڙو اهم ڪم ٿيو آهي، ان سنڌ ڄائي ليکڪ کي ملڪ جو اعليٰ ادبي اعزازي ڏنو ويو آهي، جنهن عالمي تاريخ لکندڙن جي وچ ۾ اهو پدُ ماڻيو آهي جنهن تي هن ملڪ سميت سنڌ فخر ڪري سگهي ٿي، ها! سنڌي ماڻهو ان کي بنهه گهٽ ڄاڻن سڃاڻن، ڇاڪاڻ ته هن سنڌيءَ ۾ جيڪي ڪتاب لکيا آهن اهي عام سنڌي پڙهندڙ جي مزاج جا نه آهن. ها! هن جي هڪ ڪتاب بابت ان وقت نوجوان صحافي ۽ سنڌ جي ذهين شخص فقير محمد لاشاريءَ چيو هئو ته ”هي ڪتاب قومن جي آزاديءَ جو دستاويز آهي.“ ان ڪتاب جو نالو هئو ”فاتحن جو دنيا.“

سيد سليمان شاهه - محمد سليمان وساڻ

سيد سليمان شاهه
سنڌ جو منفرد لوڪ راڳي
محمد سليمان وساڻ
پرائمري تعليم پاس سيد سليمان شاهه 20 جولاءِ 1933ع ۾ ضلعي ٺٽي جي جاتي واري شهر ۾ سيد عبدالله شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. 200 کان وڌيڪ گيت ڳائيندڙ هن جو استاد بچو شيخ هو جنهن راڳ ۽ رقص جي سکيا ڏني. پنهنجي انوکي رقص ۽ گائيڪي جي انداز ذريعي شاعري جي لفظ لفظ ۾ زندگي ڀريندڙ هن درويش صفت راڳي جي جيئڻ جو به انداز نرالو هو. هو پنهنجي انداز ۾ صوفياڻي ڪلامن تي رقص به عبادت جيان ڪندو هو. ان وقت وجد جي حالت ۾ نچندي ڳائيندو هو. پيرن ۾ ڇيرون ٻڌي جڏهن سيد سيلمان شاهه محفل ۾ نچندو هو ته هن جي آواز تي هر محبت ڀري دل به ڪنهن درويشن جي مزار جو آڳند بڻجي ويندي هئي. سيد سليمان شاهه جو بدن راڳ ۽ ساز جي لئه تي لهر لهر تي مڙڻ لڳندو هو. سيد سليمان شاهه سنڌ جو اڪيلو راڳي هو. جنهن جو انداز به فقيراڻو هوندو هو. هو لباس سادو ۽ ڀرت ڀريل پهراڻ اڪثر ڪري پهريندو هو ۽ منفرد نموني سان ناچ ڪندو هو. ناچ ۽ راڳ دوران ويٺلن تي وجد طاري ٿي ويندو هو. هن جو ناچ هن جي جسم جي ڄڻ شاعري هوندي هئي نه صرف پيرن جا گهنگهرو پر هٿن ۽ اکين جا پڻ راڳ ڳائڻ دوران اشارا ڪندو هو. هن جو پورو وجود ناچ دوران محبت جو سمنڊ بڻجي ڇلڪڻ لڳندو هو. خاص طور تي جڏهن هو ”سهڻا پنهنجي اکين کي جهل تون“ ڳائيندو هو ته سندس رقص جو پورو اظهار چپن تي مرڪ بڻجي ٽڙي پوندو هو.

21 August, 2016

ڪامريڊ مانڌل شر - سھيل سانگي

ڪامريڊ مانڌل شر
جبر خلاف ويڙهه جي علامت!
سھيل سانگي
ٻه ڏينهن اڳ ڪامريڊ مانڌل شر جي شهزادي جمال ناصر فيس بڪ تي اسٽيٽس رکيو ته بابا جي طبيعت گهڻي خراب آهي، پر مون کي يقين هو ته جيڪڏهن ڪامريڊ سڪرات جي حالت ۾ هليو ويو اتان به نڪري ايندو. ڇاڪاڻ جو هو جيترو اڏول، بهادر ۽ همت وارو هو، لڳندو هو ڪڏهن به ڪنهن درد يا تڪليف جي شدت هن ماڻهو جي ساهه جي تند ٽوڙي نٿي سگهي. سندس حوصلا بلند هوندا هئا، مايوسي ڄڻ هن لاءِ ڪفر هئي. ڪيترن ئي پراڻن ساٿين جا ان ڏينهن موبائيل تي ميسيج اچڻ لڳا ته ڪامريڊ مانڌل گذاري ويو آهي، هي پهريون ۽ آخري موقعو هو جو مون سندس بيماري جو غلط اندازو لڳايو هو، هونئن هن کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا سندس بيماري بابت گهر ڀاتين يا دوستن سان حال احوال ٿيندا رهيا ۽ ڪجهه ڏينهن بعد پتو پوندو هو ته هاڻ طبيعت ٺيڪ ٿي ويئي اٿس ۽ وري پنهنجي ڪِرت کي لڳي ويو آهي.

11 August, 2016

ڊاڪٽر روشن گولاڻي - ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

ڊاڪٽر روشن گولاڻي
سندس علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪاوشون
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
سنڌي ٻولي، جيڪا ورهاڱي کان اڳ سنڌ جي جاگرافيائي حدن ۾ ڳالهائي ويندي هئي، اها هن سياسي تبديليءَ ڪارڻ پوءِ انڊيا جي علائقن تائين پکڙجي وئي. لڏي ويندڙ سنڌي هندن تاريخي ڪارنامو اهو سرانجام ڏنو، جو هنن اتي نه فقط پنهنجي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ علمي، ادبي ۽ تحقيقي گل وڏا، پر انڊيا جي ٻين ڪيترين ٻولين جيان سنڌيءَ کي قانوني ۽ آئيني حق وٺي ڏنو. انهيءَ حوالي سان هو سنڌ واسين کان گوءِ کٽي ويا، ڇو ته سنڌي ٻولي پاڪستان ۾ قومي ٻوليءَ جو درجو وٺي نه سگهي.

رزاق مهر

رزاق مهر
ڌيرج وند دوست
منظور ڪوھيار
سال ۱۹۷۴ جي روح رهاڻ ادبي سنگت، جيڪا ان زماني جي وات ڳاڙهن ڇوڪرن تي مشتمل هئي. تن لاڙڪاڻي جي ادبي حلقن ۾ هلچل مچائي ڇڏي. اڃا به ائين چئو ته ڌوڙ ڌڪا مچائي ڇڏي. پوءِ ان ادبي سنگت جي ميمبرن مان سواءِ هڪ اڌ جي، هڙ جو هڙ ڀلوڙ ليکڪ ۽ صاحبِ ڪتاب ٿيا. هر هڪ جون لکڻيون منفرد ۽ انداز الڳ. جن ۾ مرحوم افضل قادري، مرحوم ڪيهر شوڪت، مرحوم ملڪ آگاڻي، مرحوم واجد، مرحوم رزاق مهر؛ مرحيات سليم ڪورائي، مرحيات زيب سنڌي، مرحيات منظور ڪوهيار ۽ مرحيات محمد علي پٺاڻ، مرحيات ممتاز ابڙو جن قابلِ ذڪر آهن. توهان هروڀرو پريشان نه ٿيو. اھا ڪن زود رنج ماڻھن ان جي معنى، اڌ-مئو، اڌ-ڪٺل يا نيم زنده لکي آھي. جڏھن ته عبدالوهاب سهتي جي ’لوڪ آ، ٻوڪ‘ ڊڪشنري مطابق مرحيات جو اشتقاق آھي؛ مر + حيات. جنھن ۾ مر معنيٰ آھي؛ سدا، ڀلي. جيئن چوندا آھن؛ سڄڻ ھجن ساڻ، پوءِ مَرُ پيا مينھن وسن. جڏھن ته حيات جي معنيٰ آھي؛ جيئرو، زندھ. ھاڻي مرحيات جي معنى ٿي؛ سدا حيات، سدا جيئرو. سندس چوڻ مطابق ته لاڙڪاڻي جي چئن اديبن جي ته جيئري ئي ورسي ٿيڻ گھرجي. جن ۾ مرحيات عنايت ميمڻ، مرحيات منظور ڪوهيار، مرحيات محمد علي پٺاڻ ۽ مرحيات سليم ڪورائي. ڇو ته مئي کان پوءِ ماڻهو هٿ جي ٿا هڻن يا مبالغي آرائي ٿا ڪن. بهرحال جڏهن سهتو صاحب ان پروگرام کي آخري شڪل ڏيندو، ته اسان کيس گذارش ڪنداسي، ته پهريائين سليم ڪورائي جي ورسي ملهائي وڃي، جو سينئر ۽ روح رهاڻ ادبي سنگت جي بانين مبانين منجھان آهي. اسان کي به پهريائين سندس تعريف ۽ توصيف ڪرڻ جو يا ڇوڏا لاهڻ جو موقعو ملندو، ته ان ۱۹۷۹ ۾ روح رهاڻ جھڙي سرگرم ادبي سنگت مٿان، تماچي هوٽل ۾، هڪ ’جن جي ڀاءُ‘ سان ويهڻ کي ڇو ترجيح ڏني؟ منهنجو اشارو سمجھڻ وارا سمجھي ويا هوندا. وڌيڪ کول ورسي تي ڪبي، حالي في الحالي ته بابا ولي؛ ڍڪي ڀلي.

10 August, 2016

امر جڳديش ملاڻي- مير نادر علي ابڙو

امر جڳديش ملاڻي
ٿر جي روايتن جو امين - ٽيويهين ورسيءَ جي حوالي سان
مير نادر علي ابڙو
سنڌ جي وارياسي علائقي ٿر جو جڏهن به ذڪر ڪٿي ٿيندو آهي ته مون کي هڪڙو پيارو ماڻهو، مٺي-ڄائو امر جگديش ملاڻي، ياد ايندو آهي. اڄ هن جي وڇوڙي کي 23 سال گذري چڪا آهن. تنهن جي باوجود به ائين لڳندو آهي، ڄڻ هو اسان جي وچ ۾ موجود آهي. هن جا ٽهڪ ۽ تقريرون، اڄ به مون کي پڙاڏو بڻجي، مٺيءَ جي گڊي واري ڀٽ کان ٽڪرائيندي محسوس ٿينديون آهن. هو ڇا ته انسان هو. جنهن وٽ ماڻهپو ۽ انسانيت ئي سڀ کان اتم ذات هئي. هن پنهنجي سموري ڄمار جا پل، ٿر جي محروم ماڻهن جي خوشحالي تي گهوري ڇڏيا. هن جا نيڻ ڪڏهن به ستا ڪو نه. هو ٿر جي خوشحاليءَ جي آس لڳائي ميلا مچائيندو رهيو. ڪراچيءَ جي ايوانن کان ويندي اسلام آباد تائين ۽ هر نگري ۾ ٿرين جي خوشحاليءَ جون ڳالهيون ڪندو رهيو ۽ پنهنجو جيون هنن مٿان گهوري ويو. سندس يادون اڄ به ٿر جي گهرن ۽ گهٽين، وستين ۽ واهڻن ۾، موجود ماڻهن جي اندر ۾ جهاتيون پائين ٿيون.

07 August, 2016

عبدالرزاق سومرو- گل مورو

عبدالرزاق سومرو
وطن ۽ ٻوليءَ جو شهيد - ورسيءَ جي حوالي سان
گل مورو
سنڌي ٻولي قومي ٻولي جيجل ٻولي سنڌي ٻولي ان ممتا جي ٻولي جي اڻ تڻ هميشه سنڌ جي سپوت عبدالرزاق سومري کي هوندي هئي، انهيءَ فڪر ۽ سوچ ۾ هر وقت پنهنجي وطن جي ماروئڙن سان پٽ تي ويهي ويچار ونڊيندو هو ته وطن، قوم ۽ ٻولي کان سواءِ زندهه رهي نه ٿو سگهجي ۽ سنڌ وطن جي بقا جو حل سنڌ جي آزادي ۽ سنڌ جي عظيم مفڪر سائين جي ايم سيد جي نظرئي ۾ ئي سمايل آهي. ان کان سواءِ ڌرتي ڌڻين وٽ ٻي ڪا به واٽ ناهي. اهو عشق جو پيغام کڻي جڏهن ميدان ۾ نڪري پيو ته ماڻهن جا ميڙ سندس نظرياتي ۽ انقلابي تقريرون ٻڌڻ لاءِ آتا هوندا هئا. هي خودمختياري جو خواب پسڻ لاءِ ڪڏهن به مايوسي واري عالم ۾ مبتلا نه ٿيو نه وري ماٺ ڪري ويٺو، سدائين سفر ۾ رهيو سندس چپن تي نياز همايوني جون هي سٽون هونديون هيون ته؛
منهنجو يار به ڪوري، آئون به ڪوري،
شل سنڌ ٿئي نه ڇوري، شل سنڌ ٿئي نه ڇوري،
”نياز همايوني“

04 August, 2016

آغا غلام نبي صوفي - ارشاد ڪاغذي

آغا غلام نبي صوفي
ارشاد ڪاغذي
آغا غلام نبي ولد آغا گل حسن خان المعروف آغا صوفي ۱۸ سيپٽمبر ۱۸۸۹ع تي تولد ٿيو. آغا صوفي ابتدائي تعليم شڪارپور جي ورنيڪيولر اسڪول نمبر اول مان حاصل ڪري، سيڪنڊري تعليم لاءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخلا ورتي ۽ بعد ۾ سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ داخلا ورتي، جتان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. آغا صوفي مئٽرڪ جي امتحان ۾، سنڌي پيپرن جا جواب، نثر بدران نظم ۾ لکيا هئا.

02 August, 2016

عزيز ڳاهو - نور سنڌي

عزيز ڳاهو
تو کان ٿيندي ڌار.... سندس موڪلاڻيءَ تي لکيو ويو!
نور سنڌي
ڪوٽڏيجي جي صحافي سانول ڳاهو جي فون مئسيج ڇرڪائي ڇڏيو، جنهن ۾ هن مٺڙي ماڻهو ڪوٽڏيجي جي ڀلوڙ صحافي، سماج سڌارڪ شخصيت عزيز ڳاهو جي انتقال جو اطلاع ڏنو. يقين نه آيو ته ڪجهه ٻين دوستن کان تصديق ڪندي خبر پئي ته واقعي دوستن جو دوست، ڳوٺ وارن لاءِ ڇپر ڇانوَ بڻيل ۽ بيباڪي سان صحافت ڪندڙ اسان جو هي دل گهريو دوست هن دنيا ۾ نه رهيو آهي. هو اسان کان هميشه لاءِ اُن دنيا ۾ هليو ويو آهي، جتي ويندڙ وري نه موٽندا آهن. سندس يادون ساڻس رهاڻيون ملاقاتون ذهن جي پردي تي فلم سين جيان هلڻ لڳيون. ساڻس پهرين ملاقات ۾ 88ع واري دور ۾ محمود يوسفاڻي وٽ ٿي ۽ اها ملاقات دوستي ۾ بدلجي وئي، جڏهن به سنڌ صحافي سنگت جي تنظيمي دوري تي خيرپورميرس يا سکر، گهوٽڪي، شڪارپور، لاڙڪاڻو ۽ ٻين ضلعن ۾ وڃڻ ٿيندو هو ته هتان ويندي يا واپس ايندي عزيز ڳاهو سان ڪوٽڏيجي يا خيرپورميرس ۾ ضرور ملاقات ٿيندي هئي. ڪجهه ڀيرا ائين به ٿيو ته تڪڙ هئڻ ڪري ساڻس ملاقات نه ٿي ۽ ميڊيا جي ٿرو کيس خبر پئي ته ناراض ٿيندو هو. تڏي تي ويندڙن کي لکين عزتون ڏيندو هو، سنڌ صحافي سنگت جي حوالي سان به سندس ساٿ رهيو.