ڊاڪٽر غفور ميمڻ
لائق ۽ ڏاهو استاد - سالگره
جي حوالي سان
ڊاڪٽر شير مهراڻي
آئنسٽائين
چيو هو، ‘هڪ استاد جو بهترين هنر اهو ئي آهي ته هو تخليقي اظهار ۽ ڄاڻ ۾ به راحت
ڀري پيش ڪري.’ توڙي جو اهو هنر ايترو سولو ناهي. ڇاڪاڻ ته ليڪچر دوران استاد جو
گهڻو ڌيان موضوع ڏانهن هوندو آهي؛ انڪري اڪثر استاد اهو ويساري ويهندا آهن ته
شاگرد سندن شخصيت جي ڊپ کان ‘پن ڊراپ’ خاموش آهن يا هو ليڪچر سمجهي به رهيا آهن.
آئون خوشنصيب آهيان جو مونکي تمام ذهين استاد مليا. آئون جيڪڏهن چار لفظ لکڻ ۽
پڙهائڻ جي اهل آهيان ته اهو پنهنجي استادن جي ڏنل دان طفيل آهيان. ڪنهن درست چيو
آهي ته هڪ سٺو استاد ڪڏهن به نٿو گذاري بلڪه هو پنهنجن شاگردن ۽ شاگردن جي شاگردن
۾ هميشه جيئرو رهندو آهي. پي ايڇ ڊي جي ڊگري هڪ اعزاز کان گهٽ ناهي، آئون پاڻ لاءِ
اهو پڻ اعزاز ٿو سمجهان ته مون پنهنجي ٿيسز ڊاڪٽر غفور ميمڻ صاحب جي نگرانيء ۾ لکي
آهي. اها سندن مهربان طبيعت ئي هئي جو مون يونيورسٽي پاران مقرر ڪيل گهٽ ۾ گهٽ
ٽائيم ۾ ٿيسز لکي ورتي. تحقيق جي ميدان سان واسطو رکندڙ چڱيءَ طرح ڄاڻندا هوندا ته
ٿيسز جي تياري دوران رهنما ڪيڏو اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. جيڪڏهن رهنما وقت سر تحقيقي
ڪم جاچي موٽائي نه ڏيندو ته ٿيسز جي تياري ۾ سالن جا سال لڳي سگهن ٿا. اسان جي
سامهون اهڙا به مثال آهن جو ٿيسز مڪمل ڪرڻ ۾ محققن کي ويھ ويھ سال لڳا آهن.
يونيورسٽين ۾ گائيڊ کي ٿيسز مڪمل ڪرائڻ تي هونئن به ڪو فائدو نٿو پهچي انڪري گهڻا
استاد پي ايڇ ڊي جي شاگردن کي مٿي جو سور سمجهي ٽارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. پر ڊاڪٽر
غفور صاحب انهن استادن مان آهي، جن سماج ۾ موجود ميرٽ جي مقابلن لاءِ ماڻهو تيار
ڪيا آهن. جن هڪ پيڙهي جي پرورش ڪئي آهي. جڳاڙ جي هن دور ۾ سچائي ۽ علم جي رستي تي
هلندڙن کي چريو سمجهيو ٿو وڃي. پر ڊاڪٽر صاحب ڀٽائيءَ جي هنن سچين سٽن جو سچو
پوئلڳ آهي ته،
اَک
اُلِٽي ڌارِ، وان اُلٽو عامَ سين،
جي
لَهِوارو لوڪُ وَهي، تَه تُون اُوچو وَهُ اُوڀارِ،
مَنجهان
نُوچَ نِهارِ، وان پُٺِيرو پِرِينءَ ڏي.
ڊاڪٽر
صاحب لوڪ جي لهواري وهڪ جي ابتڙ اوچو وهڻ کي ترجيح ڏئي ڪري پاڻ لاءِ ڪي مشڪلاتون
به پئدا ڪيون هونديون. پر هو مونکي هميشه ان ڪري به مطمئن نظر ايندو آهي ته هن
ڪنهن مان ڪا طمع ئي ناهي رکي، هو اتي پڻ ڀٽائي جو سچو مڃيندڙ آهي جنهن چيو هو،
طَمعَ
جِي تَنوارَ، مَتان ڪَرِين مَڱڻان،
ڌِڪي
ڪَندَءِ ڌارَ، ماڻِڪَ ڏيئِي مُٺِ ۾.
سندس
‘لاطمع طبيعت’ مان ڪو ڪهڙو به مطلب وٺي پر مون ڊاڪٽر صاحب کي هميشه ٻاجهارو سمجهيو
آهي. سندس علم ورهائڻ واري سخا ائين آهي جو ڄڻ هن علم حاصل ئي ورهائڻ لاءِ ڪيو
آهي. اڄ اهو دور آهي جو ماڻهو پنهنجا آئيڊيا لوڪان لڪايو پيا هلن ۽ جوڳو ملهه ملڻ
تي پيا وڪڻن. پر ڊاڪٽر صاحب وٽ ڪو به وڃي ٿو ته علم ۽ آئيڊياز جا واهڙ وهايو ڇڏي.
پوءِ ڀلي ڪو پيو انهن خيالن مان فائدا وٺي. پر ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ‘لاطمع طبيعت’
سبب ڪڏهن ڪو ڪو فائدو ناهي پرايو. يونيورسٽي جو پروفيسر هوندي يونيورسٽي ۾
پڙهندڙيا پڙهي نڪرندڙ پنهنجن ٻارڙن سنڌيا ۽ سارنگ جي لاءِ ڪڏهن ڪنهن استاد وٽ ڪا
فيور وٺڻ لاءِ نه ويو. اهو ڄاڻندي به ته ميرٽ بدران ٻين ڪيترن ئي مختلف بنيادن تي
سندن ٻارڙن سان نا انصافي ٿي سگهي ٿي. اسان ٻيا استاد ڪوششون ڪندا آهيون ته متان
ڪٿي ڪو سندس ٻارڙن سان نا انصافي نه ڪري ڇڏي. پر ڊاڪٽر صاحب پنهنجن اصولن تي هميشه
ڪار بند ئي نظر آيو آهي.
يونيورسٽين
۾ ڪي استاد سٺا هوندا آهن ته وري ايڊمنسٽريٽر سٺا ثابت ناهن ٿي سگهندا، ڪي وري
ايڊمنسٽريٽر سٺا هوندا آهن ته اهي استاد سٺا ناهن هوندا. اهڙا ڪيترائي مثال اسان
وٽ موجود آهن پر ڊاڪٽر غفور صاحب انهن
ٿورڙن ماڻهن مان آهي جيڪي سٺا استاد ته آهن ئي پر ڪامياب ۽ بهترين ايڊمنسٽريٽر پڻ
آهن. مون ڪڏهن به سندن ٽيبل تي ڪو پينڊنگ فائل ناهي ڏٺو. سنڌي شعبي ۾ سندن چئرمين
شپ جو ٽينيوئر ڪامياب ترين ٽينيوئر مڃيو ويندو. سندن ڪوششن سان سنڌي شعبي پاران
“ڪلياڻ” تحقيقي جرنل شروع ڪيو ويو آهي. ڪلياڻ جي نالي تجويز ڪرڻ کان مواد جي ڇنڊ
ڇاڻ تائين ڊاڪٽر صاحب انتهائي مصروف هوندي به سڄو بار پنهنجي مٿان کنيو. علم، ادب
۽ تحقيق جي ميدان ۾ ورتل سندن ڪوششن کي سنڌي شعبي جي تاريخ ۾ ضرور مڃوتي ملندي.
آئون
سندس علمي سطح تي هميشه حيران ئي رهيو آهيان. مونکي اڄ به ڊاڪٽر صاحب جا ليڪچر ياد
آهن. سندن ليڪچر دوران اسان شاگرد رڳو ان ڪري ‘پن ڊراپ سائلينس’ ۾ هوندا هئاسين ته
ڪٿي ڪو لفظ اسان جي ٻڌڻ کان رهجي نه وڃي. ڊاڪٽر غفور صاحب جو هر لفظ اسان ٻڌڻ ۽
سمجهڻ پاڻ تي لازم سمجهندا هئاسين. ڊاڪٽر صاحب جي اها علمي خوبي نه صرف اسان واري
دور ۾ اسان محسوس ڪئي پر، هلندڙ سيميسٽر ۾ ورڪ لوڊ وڌي وڃڻ سبب ايم فل جا ڪلاس نه
ورتا ته مون ايم فل جي نابين شاگرد اختر گهنڃئي کي ڊاڪٽر صاحب کي چوندي ٻڌو هو ته
‘سائين اسان کي اوهان جي ليڪچر جي ٻاڙ لڳي آهي’ هڪ بهترين استاد وانگر ڊاڪٽر صاحب
جو سمورو ليڪچر علم، ڏاهپ ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار لڳندو هو. سندن پسند جا موضوع نفسيات،
لطيفيات، سائنس، تصوف، جماليات، جديديت، مابعد جديديت ۽ فلسفو آهن. ڊاڪٽر صاحب
بهترين ڪهاڻيڪار به آهن ته اعليٰ درجي جو نقاد پڻ آهي. سنڌي ادب ۾ سندن تنقيد اهم
حيثيت رکي ٿي. سندن تنقيد جو اسڪول آف ٿاٽ الڳ آهي. جنهن ۾ وجدان کي مرڪزي حيثيت
حاصل آهي، سندن خيال آهي ته،
“تخليق اها
آهي جيڪا توهان جڏهن پڙهو ته اها توهان تي پنهنجو وجداني اثر ڇڏي، توهان جي زمان و
مڪان جا پردا کڄي وڃن، توهان جي اڳيان لفظ گم ٿي وڃن، توهان خاموشي جي سمنڊ مان
ٽٻي هڻي نڪرو ته شعور جو وهڪرو توهان جي اندر جالارو ٿي وهي.”
وجوديت،
جديدت ۽ جديديت پڄاڻان ڊاڪٽر غفور صاحب جي خاص دلچسپي جا موضوع آهن. جديديت پڄاڻان
تي سندن ڪتاب ڪنهن سند کان گهٽ ناهي. يورپ توڙي دنيا جي ٻين خطن ۾ ته جديديت يا
جديديت پڄاڻان تي تمام گهڻا ڪتاب موجود آهن پر اسان وٽ انهن موضوعن تي آڱرين تي
ڳڻڻ جيترا به ڪتاب ناهن. حالانڪه اهي اُهي موضوع آهن جن کي نه صرف سمجهڻ جي ضرورت
آهي بلڪه انهن کي سمجهي سنئين واٽ وٺڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته طوفاني لهر جي هن
دور ۾ عاقبت بچائي انسان دوستيءَ جي ڳالهه ڪرڻ ئي ته اصل دانشمندي آهي. اهڙي
دانشمنديءَ جو ثبوت ڊاڪٽر صاحب جو هيءُ ڪتاب آهي.
انڪري هيءُ ڪتاب خاص طور شاگردن ۽ استادن لاءِ هڪجيترو ئي لاڀائتو آهي.
ڊاڪٽر
صاحب هڪ بهترين استاد، اعليٰ درجي جو محقق، شعبي جي چئرمين جي حيثيت سان هڪ قابل
ايڊمنسٽريٽر، ڏاهو ۽ دانشور هوندي به هن ڪڏهن ڪا دعويٰ ناهي ڪئي. بلڪه هو هميشه
دادو ديال جو اهو شعر شاگردن کي ٻڌائيندو آهي ته، ‘دادو دعويٰ ڇوڙ، بن دعويٰ دن
ڪاٽ’ پر آئون سندس علم ۽ دانش کان متاثر ٿي هميشه کين ڀٽائيءَ جو هيءُ بيت ارپيندو
آهيان ته،
تان
ڪِي ساڻَنِ اورِ، جان آهِينِ اوطاقُنِ ۾؛
ڏَه
ڏَه ڀيرا ڏِينهَن ۾، پاڻُ مَٿانئُن گھورِ؛
وِيا
جي هِنگلورِ، ته ڪَرَمِ مِلَندَءِ ڪاپَڙِي.
(شاھ)
ڊاڪٽر غفور ميمڻ
ڊاڪٽر شير مهراڻي
ڊاڪٽر غفور ميمڻ گهڻ رخي شخصيت
جو مالڪ آهي، سندس شخصيت جي اهم پاسن ۾ هڪ نقاد، استاد، ڪهاڻيڪار، منتظم ۽ ڪي ٻيا
پاسا شامل آهن. بحيثيت نقاد جي سندس چوڻ آهي ته، “تخليق اها آهي جيڪا توهان جڏهن
پڙهو ته اها توهان تي پنهنجو وجداني اثر ڇڏي، توهان جي زمان و مڪان جا پردا کڄي وڃن،
توهان جي اڳيان لفظ گم ٿي وڃن، توهان خاموشي جي سمنڊ مان ٽٻي هڻي نڪرو ته شعور جو
وهڪرو توهان جي اندر جالارو ٿي وهي.” هو تخليق جي وجداني اثر پذيري جو قائل آهي.
وجدان تي اسان وٽ گهٽ ڪم ٿيو آهي. وجدان جي لاءِ برگسان چيو هو ته هيءُ ڏاهپ يا عقل
جو معراج آهي. ٻئي پاسي ڊاڪٽر جڏهن لفظن جي گم ٿيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته ان مان مراد
آهي، اهي نشانيون گم ٿي وڃن جيڪي ڏاهپ ڏانهن آڱر سڃين ٿيون. اهو مثال بلڪل ائين
آهي جيئن منزل تي پهچڻ کانپوءِ رستا گم ٿي ويندا آهن. ڊاڪٽر صاحب جي تنقيدي شعور
جو مثال هڪ اهڙي روشن دروازي وانگر آهي، جنهن مان شين جا معنويت جا نوان گس ۽ رستا
نڪرن ٿا. سندن فڪر جي روشني ۾ تخليق جي منظرنامي کي نئين ۽ نرالي انداز سان پرکي سگهجي
ٿو.
بحيثيت استاد جي ڊاڪٽر غفور
صاحب ڪيترا ئي شاگرد پئدا ڪيا آهن. جن ادب توڙي علم جي ميدان ۾ ناماچار ڪمايو آهي.
منهنجي پنهنجي پڻ اها خوشنصيبي آهي جو آئون سندن شاگرد آهيان. ساڻن ادب جي مختلف
ڏسائن تي طويل مڪالما ٿيا آهن. سندن ليڪچرس جو پڙاڏو پري پري تائين گونجندو رهي
رهي ٿو.
بحيثيت ڪهاڻيڪار جي ڊاڪٽر غفور
صاحب پنهنجي الڳ سڃاڻ جوڙي آهي. سندن ڪهاڻين ۾ نوان ۽ نرالا موضوع آهن. گهڻو ڪري سندن ڪهاڻين ۾ نفسياتي، جديديت
پڄاڻان، انفارميشن ٽيڪنالوجي، وجوديت، ساختيات ۽ ٻين علمي توڙي فيلسوفياڻا موضوع
نبيريا ويا آهن. “جتي نينهن اڇل” سندس ڪهاڻين جو مجموعو آهي. جنهن کي ان سطح تي
ڊسڪور ناهي ڪيو ويو، جنهن تي ٿيڻ گهرجي ها. آئون گهڻو پراميد آهيان ته “جتي نينهن
اڇل” جو جيڪڏهن علمي ۽ عملي تنقيد جي سطح تي ڇيد ٿيو ته سنڌي ادب ۾ ڪيترا ئي نوان
بحث ادب ۾ داخل ٿي سگهن ٿا.
بحيثيت دانشور جي ڊاڪٽر صاحب جي
پي ايڇ ڊي ٿيسز کان ويندي سندن سمورا ڪتاب علم ۽ دانش جو ثبوت آهن. ڊاڪٽر صاحب
پهريون ڀيرو سنڌي ادب جا نوان فڪري پسمنظر ڊسڪور ڪيا آهن ۽ ڪيترن ئي حوالن سان سنڌ
جي تصوف سميت انسان دوستي واري فڪر کي هتان جو بنيادي فڪر سڏيو آهي. جيڪو تصوف جي
عالمي منظر نامي کان الڳ ٿلڳ پنهنجي سڃاڻ ٺاهي نشانبر ٿي بيٺل نظر اچي ٿو. سندن
ڪتابن ۾ شاھ لطيف جا فڪري رخ، انسان فطرت ۽ سماج هجي يا جديديت پڄاڻان يا وري
نفسياتي اصطلاحن جي معنيٰ وارو ڪتاب؛ سڀئي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان اهم آهن. انکان
علاوه عوامي آوز ۾ ڇپيل سندن ڪالم پڻ علمي توڙي ادبي حوالي سان تمام گهڻا اهم آهن.
منتظم جي حوالي سان ڊاڪٽر غفور
صاحب ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جو چئرمين رهي چڪو آهي ۽ هن وقت سنڌي ٻوليءَ جي
بااختيار اداري جو چئرمين آهي. ٻنهي ادارن ۾ ڊاڪٽر صاحب انتهائي اهم ڪم ڪرايا آهن.
سنڌي شعبي ۾ پڙهايو ويندڙ ڪورس هجي يا امتحانن توڙي ڪلاسز جو نمونو ڊاڪٽر صاحب
انهن ۾ جدت آندي آهي. خاص طورسنڌي شعبي ۾ ملٽي ميڊيا متعارف ڪرائڻ جو سهرو ڊاڪٽر
صاحب جي سر اچي ٿو. ان کان اڳ شعبي ۾ ملٽي ميڊيا پريزينٽيشن جو رواج بلڪل نه هو.
ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ پڻ ڊاڪٽر صاحب اهم ڪم سر انجام ڏنا آهن، جن ۾ انسائڪلو
پيڊيا واري رٿا کي اڳتي وڌائڻ سان گڏ، مفصل لغت واري رٿا ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي حوالي
سان سٺو ڪم ڪرايو آهي. ڪمپيوٽنگ وارو انقلابي ڪم جيڪو سائين ماجد ڀرڳڙيءَ شروع ڪيو،
جنهن ۾ سائين شبير ڪنڀار ۽ پيارو امر فياض ۽ ڪي ٻيا دوست پڻ ڀاڱي ڀائيوار رهيا، ان
جي پليٽ فارم تان سنڌي ڪمپيوٽنگ کي وڏي هٿي ملي آهي. خاص طور لئنگويج انجنيئرنگ جي
حوالي سان سموري سٿ جو ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. اٿارٽي ۾ ڊاڪٽر صاحب ٿوري عرصي
دوران اهم ڪتاب پڻ شايع ڪرايا آهن، جن ۾ ٻوليءَ تي ڇپيل ڪتابن سان گڏ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ
جي ٿيسز جو ڇپجڻ هڪ وڏو ڪم آهي.
اهڙي ريت ڊاڪٽر غفور صاحب جي
گهڻ پاسائين شخصيت جا اڃا ٻيا به ڪيئي پاسا آهن. جن تي لکڻ جي ضرورت آهي، پر مون
هن مختصر ترين تحرير ۾ ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت جي صرف هڪ جهلڪ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي، جيڪا سندن سالگره جي حوالي سان کين منسوب ڪيان ٿو. کين سالگره جون مبارڪون.
ڊاڪٽر غفور ميمڻ
هڪ اورچ استاد
ڊاڪٽر شير مهراڻي
سنڌي ادب، تنقيد،
تحقيق ۽ لسانيات جي ڄاڻو ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ ۲۵ آگسٽ ۱۹۶۲ع تي دڙي شهر لڳ محمد اسماعيل ميمڻ جي گهر ۾
جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي پرايائين ۽ بي اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين
۽ وڌيڪ تعليم لاءِ ڪراچي ڪهي آيو. جتي سنڌي ادب ۽ فلسفي ۾ ڌار ڌار ماسٽرس جون ڊگريون
ڪرڻ سان گڏ “سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر” جي عنوان سان ڊاڪٽر فهميده حسين جي نگرانيءَ
۾ ۲۰۰۱ع دوران پي ايڇ ڊي ڪيائين.
ڊاڪٽر غفور ميمڻ
پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات اسٽيل مل ۾ نوڪريءَ سان ڪئي، اڳتي هلي ۲۰۰۰ ڌاري شاھ لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ريسرچ آفيسر مقرر ٿيو، جتي لڳ ڀڳ اڍائي
سالن تائين ڪم ڪيائين، ان وچ۾ پبلڪ سروس
جو امتحان پاس ڪري ليڪچرر ٿيو، پر سانگهڙ جي ڏورانهين علائقي ۾ پوسٽنگ ملڻ سبب جوائن
نه ڪيائين ۽ اپريل ۲۰۰۳ ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو جتي اڄ پروفيسر
جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ڊاڪٽر غفور ميمڻ صاحب مختلف
يونيورسٽين جي سليڪشن بورڊ ۽ بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر پڻ رهيو آهي.
هو ڪراچي يونيورسٽيءَ
جي سنڌي شعبي ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو
چئيرمين پڻ رهيوآهي. ڊاڪٽر غفور ميمڻ صاحب جي رهنمائيءَ ۾ مون سميت چئن شاگردن پي ايڇ ڊي جون ڊگريون حاصل
ڪيون آهن، انهن ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو اڳوڻو چئرمين ۽ لوڪ ادب جو ڄاڻوڊاڪٽر رخمان گل پالاري، ڪراچي
يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي اسٽوڊنٽ ايڊوائيزر ۽ اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر ساجده پروين،
بينظير يونيورسٽي نوابشاهه جي سنڌي شعبي جو چئرمين ڊاڪٽر امير علي شاھ شامل آهن. جڏهن
ته عبدالغفور ساجلاڻي ۽ حليمان منڌرو ڊاڪٽر صاحب جي نگرانيءَ ۾ ايم فل
جون ڊگريون حاصل ڪيون آهن. ان کان علاوه ڪيترن ئي شاگردن ڊاڪٽر غفور صاحب جي
نگرانيءَ ۾ ايم اي جا مونوگراف ٿيسز لکيا آهن. ڊاڪٽر غفور صاحب جي ڇپيل ڪتابن ۾،
انٽر جي نوٽس جو ڪتاب، جتي نيهن اڇل (۱۹۹۵ع ڪهاڻيون)، سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر (۲۰۱۷) مضمونن جو ڪتاب، انسان، سماج ۽ فطرت (۲۰۰۵)، شاهه لطيف جا فڪري رخ (۲۰۱۴)، جديديت پڄاڻان (۲۰۱۶)، عالمگيريت ۽ انسان (۲۰۲۰) شامل آهن.
پروفيسر ڊاڪٽر غفور
ميمڻ هڪ نقاد، محقق، استاد ۽ لسانيات جو ڄاڻو ٿي اڀريو. سندس خاص دلچسپي وارن
موضوعن ۾ فلسفو، سائنس، آسٽرانامي، تنقيد،
منطق، شاهه لطيف، ڪلاسيڪل ادب ۽ نفسيات شامل آهن.
ڊاڪٽر صاحب عالمي
ادب جو پڻ سٺو مطالعو ڪيو آهي، خاص طور تي گرورجنيش اوشو کي سنڌ ۾ متعارف ڪرائڻ
وارو شايد ڊاڪٽر صاحب پهريون اديب هجي. هو پنهنجي اڪثر تحريرن ۾ عالمي ادب مان
حوالا ڏيندو آهي، جيڪا سندس گهڻ پڙهئي هئڻ جي ثابتي آهي.
ڊاڪٽر غفور صاحب فڪري
طور تي سنڌي ادب توڙي سماج جو هڪ شاندار دور ڏٺو آهي، ان ڪري اڄوڪي دور مان مطمئن
ناهي، اها فطري تقاضا پڻ آهي. جنهن ماڻهوءَ سنڌي ادبي سنگت جو اهو دور ڏٺو هجي
جنهن ۾ انور پيرزادي، عطيه دائود، تاج بلوچ، سوڀي گيانچنداڻي، عبدالرحمٰن نقاش،
فقير محمد لاشاريءَ جهڙا ماڻهو سرگرم هجن ته ان کي اڄوڪي ادبي سنگت ڏسي مايوسي ته ٿيندي.
خاص طور جڏهن ڊاڪٽر صاحب سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو چئيرمين هو ته انهن ڏينهن ۾
مختلف ادبي ڌرين جون اندروني ڪهاڻيون سندس سامهون آيون ته هو گهڻو مايوس ٿيو هو. ڊاڪٽر
صاحب جي سٺي ڳالهه اها آهي ته هو مسلسل پڙهندو ۽ لکندو رهي ٿو. هن جا شاگرد ۽ پڙهندڙ
کائنس تمام گهڻو سکندا رهن ٿا. اڄ سندس جنم ڏينهن آهي کيس جنم ڏينهن جون واڌايون.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۵ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
پروفيسر ڊاڪٽر غفور ميمڻ
ٻئي گرهه جو ماڻهو - کيس
جنم ڀيٽا
احسان لغاري
........
آفيس جي ڪاريڊور مان نوابي چال ۾ موبائيل تي فيس بڪ جون پوسٽون ڏسندو پئي ويس. هڪ
سنهڙو سيپڪڙو شخص گذري ويو. ٿورو اڳيان وڌيس ته هجتي دوست ڀونڊو ۽ گار ڏيندي
آهستگيءَ سان چيو؛ “لوسي چيئرمين صاحب پيو وڃئي، هوش اٿئي نه.”
-
.........
شام جو آفيس کان ٻاهر قاسم آباد روڊ تي سائيڪل تي هڪ همراهه گذري ويو، غور سان ڏٺم
“اڙي هي ته چيئرمين صاحب آهي.”
-
......... هڪ
ڏينهن سندس ڪتاب جا پروف پئي پڙهيم، آفيس ۾ آيو، اُٿڻ جو به موقعو نه ڏنائين، تڪڙ
۾ سامهون واري سيٽ تي ويهي رهيو، اشاري سان ويٺي رهڻ جو چيائين ۽ ڪچهري ڪرڻ لڳو.
(دل ۾ چيم يار چيئرمين به انسان ٿيندا آهن ڇا؟)
-
هو مونکي هن گرهه (ڌرتيءَ)
جي عجيب مخلوق لڳندو آهي، يا ڪڏهن سوچيندو آهيان ته هو پي. ڪي (PK) وانگر ڪنهن
ٻئي گرهه تان لٿو آهي، ڇاڪاڻ جو هٺ، وڏائي ۽ پاڻ پڏائڻ کان ڪوهين ڏور هن ماڻهوءَ
جون لکڻيون، ڳالهيون اسانجي ماحول ۽ سوچ کان اُبتيون، سو سال اڳ جون لڳنديون آهن.
لڳي ٿو هُن جو به “رموٽُوا” گم ٿي ويو آهي، تڏهن ئي هو اسان کي “جديد پيشنگويون”
پيو ٿو ٻڌائي.
مستقبل ۾ دنيا ڪيئن
هوندي؟ اسان ڪٿي هونداسين؟ ڌرتيءَ جو درد؟ پنهنجائپ، پيار، محبت ۽ سماجي ڪاروهنوار
ڪهڙو هوندو؟ اهي سڀئي ڳالهيون سندس زباني ٻڌجن يا سندس لکڻين مان پڙهجن هڪ نئون
جهان پيو ڀاسندو آهي.
جديد دنيا انسان کي
ڪيئن غلام بڻائي رهي آهي، ڪمپيوٽر تي ويٺل هڪ ماڻهو ڪيئن لکين انسانن جي ذهنن تي حڪمراني
ڪري رهيو آهي، ۽ پنهنجي مرضيءَ مطابق استعمال ڪري رهيو آهي! ڀلي اهي ڳالهايون هن
وقت اسان نه مڃون، پر سندس اهي سڀئي ڳالهيون سڌيون ۽ سچيون آهن.
آئون سمجهان ٿو ته
اسان جي هر ماڻهوءَ کي سندس لکڻيون پڙهن گهرجن، کانئس مستقبل جي دنيا، پاڪستان ۽
سنڌ جو جڙندڙ نقشو پڇڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ان جهڙا گهٽ ماڻهو ڏٺا
آهن. هو پنهنجي دنيا ۾ جيئندڙ اهو شخص آهي، جنهن کي پرواهه ناهي ته منهنجي لاءِ ڪير
ڇا ٿو سوچي ۽ ڇا سوچڻ گهرجي.
اسان موجوده دور ۾
پنهنجي زندگي ڪٿان پيا جيئون، فلاڻو ڇا سوچيندو، فلاڻو چوندو، هيئن ڪريان، هونئن ڪريان،
پاڻ تي ٻين جا قول فعل مڙهي پنهنجي ئي هٿن سان پنهنجي زندگيءَ کي زهر پيا ڪندا
آهيون، ٻين جي زندگي پيا جيئندا آهيون، پر سلام آهي، هن شخص کي جيڪو زندگيءَ جو راز
سمجهي ٿو ۽ انهيءَ جهنجهٽ کان آزاد آهي.
اڄ سندس جنم ڏينهن
آهي، کيس دل سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
(احسان لغاري
جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۶ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي کنيل)
ڊاڪٽر غفور ميمڻ صاحب جو
انٽرويو
انٽريو: ڊاڪٽر غفور
ميمڻ
انٽرويو وٺندڙ:
مرتضيٰ لغاري
نئين آس: موجوده دور
جا ور وڪڙ، سياسي، سماجي ناانصافي، هر هنڌ ڄنڊا پٽ واري صورتِ حال کي نظر ۾ رکندي
اوهان کي زندگي جو سفر ڪيئن لڳي ٿو؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ:
زندگي جا ٻه پهلو آهن، هڪ معروضي جنهن ۾ سماج، معاش، سياست، ڪٽنب، دوست اچي وڃن ٿا.
انهيءَ پهلو ۾زندگي هر قدم تي جدوجهد جو نالو آهي. روز نوان چئلينج آهن. انهن کي
قبول ڪرڻو آهي ۽ هر حال ۾ جيئڻو آهي. جيڪو واهه لڳي ان کي سامهون ٿيڻو آهي. ماحول
بدلجندا رهندا آهن. حالتون سدائين هڪجهڙيون نه رهنديون آهن. سماج بدلبا آهن پر پاڻ
کي زمان و مڪان سان جوڙي رکڻو آهي ۽ وڌ ۾ وڌ پنهنجي ڪوششن سان انساني ماحول ٺاهڻ
جي جدوجهد ڪرڻي آهي. سدائين پاڻ کي جيئڻ سيکارڻو آهي. پاڻ کي سالم رکڻو آهي. زندگي
جو ٻيو پهلو داخلي آهي جيڪو وجودي آهي. بلڪه ائين چئجي ته مابعدالطبعاتي آهي جنهن
موجب زندگي فطرت جو بگاڙ آهي نکار ناهي. ماڻهو هڪ افواه آهي. مايا جي پاتال ۾ ڪرندو
ٿو وڃي. زندگي جي باري ۾ سوچيان ٿو ته منجهيل سٽ لڳي ٿو. هر ماڻهوءَ جي حصي ۾
پنهنجي رڃ جو سراب آهي. وقت جي ڀنور ۾ بولاٽيون کائيندڙ جيون کي اون ڪرڻو آهي. ڪيڏانهن
ڀڄڻ جو رستو ناهي. رشتا ۽ نظريا پليسيبو آهن. جذبا احساس ويچارو ڪن ٿا. ماڻهو محض
مجبور آهي. جيڪو حاصل ڪري ٿو اهو واريءَ
وانگر مٺ مان نڪريو وڃي. اسان “ڪجهه نه”
کان وري “ڪجهه نه” تي بيهي رهون ٿا. ڪائنات
۾ صرف اڪيلائي آهي. اسان هڪ دور جي وڃايل تاريخ جا ڪجهه صفحا آهيون. ڪائنات ۾ جتي
ارادي جي آزادي آهي، اتي جبريت به آهي. ڪڏهن لڳندو آهي سڀ ڪجهه جبريت آهي. ارادي
جي آزادي وڏو فريب آهي.
“ڇوري
نِدوري، نڪو مائٽ مُنڌ جو،
سوين هلن ساٿ ۾، ڪمي
۽ ڪوري،
آئون انهن۾ آهيان، لنگهي ۽ لوري،
لنگهائي لطيف چئي، ٿرن
جا ٿوري،
آهيان اَجوري، تنهنجي جوري جبل لنگهيان” (شاه).
نئين آس: ڇا توهان
وٽ داخلي طور زندگي جو صرف اونداهو پاسو آهي؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ:
نه حقيقت وارو پاسو آهي. زندگي ريل جي پٽڙي وانگر هڪ رومانس ٻيو پليسيبو تي هلي ٿي.
نظرين جو رومانس، مايا جو رومانس، حسن جو رومانس، دولت جو رومانس، شهرت جو رومانس،
طاقت جو رومانس. ماڻهو ماپجي (Arrogance) ئي ڪونه ٿو. سڀ اميد جا پهلو آهن. باقي ڏک
۾، پريشاني ۾، نقصان ۾، بيماري ۾، اڪيلائي ۾ وري پليسيبو يعنيٰ آٿت آهي. پر انهن ٻنهي
پردن ۾ ويڙهيل زندگي ڪڏهن اگهاڙي ٿي بيهي رهندي آهي. پوءِ حقيقت جو گمان ٿيندو
آهي. اهو خطرناڪ آهي.
نئين آس: اوهان جي
اظهار مان محسوس ڪري سگهجي ٿو ته اوهان تي وجودي فلسفي جو اثر آهي؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ:
جامي چانڊيي صاحب هڪ ليک ۾ چيو هو ته “ڪتاب پڙهڻ سان ماڻهو وجودي منفي اثرن کان
بچي ٿو” ڳالهه هڪ پاسي کان صحيح آهي. ڪتاب گهڻين ڳالهين کان بچائن ٿا. پر ڪتاب پڙهڻ
کان اڳ حيراني آهي، ڪتاب پڙهڻ جي آخر ۾ به حيراني آهي. اها حيراني وجودي مسئلن سان
وابسته ڪري ٿي. شعور جڏهن وڌي ٿو ته ڏاهپ ڏنگ به هڻي ٿي. قاضي قادن چيو هو:
“سي ئي سيل ٿيام،
پڙهيام جي پاڻان،
اکر اڳيان اڀري، واڳون
ٿي وريام”.
سارتر چيو هو: “تخليق
داخلي فرياد آهي”، شيخ اياز چيو هو: “موت جو جواب تخليق آهي.”
اصل ۾ وجودي مسئلي
کان بچڻ ناممڪن آهي، ها البته تخليق، نظريو، آدرش، عشق، فطرت وجودي دهشت کان
بچائين ٿا.
ايرڪ فراهم چيو هو:
“مان حيران آهيان ماڻهو ڪيئن سالم رهي ٿو؟ چريو ڇو نٿو ٿئي.” سارتر چيو هو: “ماڻهو
پنهنجي وجود جي خالي پڻي جو بوجهه ڪيئن کڻي ٿو؟ مان حيران آهيان”. سندس هڪ ڊرامي ۾
پردو کڄي ٿو، هڪ پوڙهي مائي منهن مٿي ڪري خوف مان رڙيون ڪري ٿي. وري پردو ڪري ٿو. ڊرامو
ختم. وجود جو سامهون ڪرڻ ايترو سامهون ناهي. البرٽ ڪاميي چيو هو: “ڪائنات انسان
کان بي نياز آهي. فطرت کي انسان جي پرواه ڪانهي.
پوءِ ڇو نه خود ڪشي ڪجي!!”
آئنسٽائن ثابت ڪيو
ته؛ ’ڪائنات جو چرخو رينڊم آهي.‘
هائيڊيگر چيو هو: “وجود
جي بنيادي خاصيت نيستي ۾ وڃڻ آهي. انسان جو اصل مسئلو وجود ۾ اچڻ ناهي بلڪ نابود ۾
اچڻ آهي.” هائيڊيگر جي انهيءَ جملي جي سمجهاڻي
اڃا هيءَ آهي ته: “انسان فطرت مان
نڪري خطرناڪ حالتن جو شڪار ٿئي ٿو.” بلڪل ائين جيئن ماءُ جي گود ۾ ٻار هر خطري کان
ڀڄي وڃي پناه وٺندو آهي. انهيءَ ڪري اصل ۾ ماڻهو جو مسئلو اهو آهي ته هو فطرت جي
نيستي مان نڪري گهٻرائي ٿو. پريشان ٿئي ٿو. وري فطرت ۾ ضم ٿيڻ چاهي ٿو. پر انهيءَ وچ
۾ رومانس ۽ پليسبو آهي. جيڪو کيس خوش ٿيڻ سيکاري ٿو.
آئون حيران آهيان
شاهه لطيف هي بيت ڪيئن چيو. دنيا جي سڀني فلسفن کي هڪ بيت ۾ سمجهائي ڇڏي ٿو:
“ڪنُ ٿيءُ ڪيچين
ڪُڇيو، ڪُڇُ مَ ڪُڇيائون،
رهي نه رَتيءَ جيترو،
انهين وٽ آئون،
وڍي وڌائون، هو جو
وڻ هوئڻَ جو.” (شاه)
مان اونداهو پاسو ڪنهن
کي چوان رومانس ۽ پليسيبو کي يا حقيقت جي درد کي.
صادق فقير جڏهن چوي
ٿو:
“الله ڇڏيائون
اوريان، پريائون پنڌ پيا،
بنا نالي سپرين، اڃا
ڪي ٻيا،
واڪيندا ويا، صادق ٻڌيو
سندرا.”
هتي ته رومانس زمان
مڪان کان ٻاهر نڪري ويو. ڇو ته دنيا جي ڪابه
منزل ائبسرڊٽي کان بچائي نٿي سگهي. تنهن ڪري جيڪو سمجهه ۾ اچي وڃي اها منزل ناهي.
جنهن تائين رسائي ٿي وڃي اها منزل ناهي. منزل اڃا اڳتي. انقلاب، اميد، ترقي پسندي،
قوم پرستي، سياست، دولت، دنيا کان فڪر اڳتي وڃي ٿو. جواني رومانس آهي. پوڙهائپ
پليسيبو آهي. شاهه لطيف کان وٺي شيخ اياز تائين. وجود جا سوال ستائيندا رهيا آهن.
پر اها وجوديت ناهي اهو شعور جو وهڪرو آهي، جيڪو ارتقا ۾ آهي. شعور جنهن جو ارتقا
۾ ناهي اهو بيهي رهيو.
نئين آس: سنڌي ٻوليءَ
جا اديب، دانشور جيڪو لکن ٿا، ڇا اوهان کي ان ۾ فڪري گهرائي نظر اچي ٿي؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ: فڪري
گهرائي کي ڇهي لکڻ وارو دور ختم ٿي ويو. هاڻي ڪارپوريشنز ڪلچر آهي. ان ۾ ماڻهو پريشان آهي، سندس وجود خلا ۾ بولاٽيون
پيو کائي. مقابلي بازي جي ڊوڙ آهي. ڪير ويهي سوچي ۽ دنيا جا فلسفا پڙهي. پذيرائي
ان کي ملندي به ڪونه. ڇو ته پذيرائي گلئيمر کي، سنگت وڌائڻ کي آهي. فڪري سوال گم ٿي
ويا آهن.
“جنهن تن
اندر تنوار، وڄي ويل سڀ ڪنهن،
چنگ، تنبورا ڪيترا،
آهن ساز اپار،
اٺئي پهر اندر ۾،
سامي پرين پچار،
ڪنهن ڪنهن مڱڻهار،
سوجهي هن سرود جي”. (سامي)
نئين آس: سنڌي ادب
جي موجوده صورتحال کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ: ڇا
آهي ته هر عمل جا ڪجهه محرڪ ٿيندا آهن. جن جو بنياد ڪجهه قانون ۽ ڊسيپلين هوندو
آهي. شيون انهن جي مرڪز جي محور تي گهمنديون آهن. جڏهن مرڪزي محور ۾ ڪا گڙ ٻڙ ٿيندي
آهي يا ڪنهن ڊسيپلين جي ابتڙ ڪو عمل ٿيندو آهي ته ڪهاڻي جنم وٺندي آهي. هاڻي سوچيو
ته عالمگيريت ۽ جديديت پڄاڻان لامرڪزيت جو
ڦهلاءُ ڪيو آهي. جنهن ۾ ڪو به ڊسيپلين ناهي. يعني جنهن مسئلي تي ڪهاڻي جنم وٺندي
هئي، اهو مسئلو سماج جو وهنوار بنجي ويو آهي. يعني ڪهاڻي ابتي ٿي ويئي. جنهن مسئلي
تي اسان ڪهاڻي لکندا هئاسين اهو ته سماج جو نيم آهي. هاڻي ڪهاڻي صرف اڪيلي نسل جي
ايمانداري يا زوال جا احساس وڃي رهي آهي. جيڪو نئون ڪهاڻيڪار ڪهاڻي لکي ٿو. اها ڪهاڻي
فني ۽ فڪري تبديلي لاءِ آتي آهي. پر تبديلي جا پر ڳڻڻ ڏکيا ٿي پيا آهن. ڇو ته
تبديلي روز جي آهي، شايد هر لمحي جي آهي.
جماليات جا احساس،
فڪري نڪتا، ڪلائيمڪس، جنسي جذبا، نفسياتي خلل، اسانجي آڱر جي ڇهاءَ سان کلي پون ٿا.
ڪهاڻي ڪا اڃا ٻي کپي!!.
نئين آس: ڪهاڻيءَ
جي ڳالھه نڪتي آهي ته موجوده دور جي ڪهاڻيڪارن جو تذڪرو ضروري آهي،اوهان جي نظر ۾ ڪهڙا
ڪهاڻيڪار ڪهاڻيءَ جو مستقبل بچائي سگهن ٿا؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ:
هن وقت راز شر، طارق قريشي، منور سراج، جمن احمداڻي، عبيد راشدي، محمد صديق مڱيو،انور
ابڙو، پرويز ميمڻ، انور بلوچ، محمد علي پٺاڻ ۽ ٻيا ڪيترا ليکڪ آهن، جيڪي سٺو لکن
پيا پر اهي ۱۹۷۰ع واري دور ۾ هجن ها ته کين تمام وڏي مڃتا ملي ها، پر اڄ ڪهاڻي جو ڪارج نه رهيو آهي نه تبديلي، نه نظريو، نه تفريح مثال ڪهاڻي پڙهڻ جو
سماجي ڪارج ڪهڙو آهي؟ توهان ڪهاڻي پڙهي ورتي هاڻي توهان کي ڪهاڻي ڇا ڏنو؟ اهو سڀ ڪجهه
ته توهان موبائل ڪلپن ۽ واٽس اپ تي ڏسو ٿا. باقي ڪهاڻي پيغام ڏيندي آهي، تبديلي لاءِ نظرياتي اتساهه سو لامرڪزيت ۾
رهيو ناهي، هاڻي ڪهاڻي ڇا ڪري؟
نئين آس: موجوده
دور جي شاعري کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ:
شاعري فني جماليات تي هلي پئي. پر شاعري پڙهندڙ کي ڇا ڏئي ٿي؟ ايئن جيئن سوشل ميڊيا
تي ڪا نئين ڪلپ ٿوري دير لاءِ هڪ تاثر ڏئي ٿي. پوءِ ياد نٿي رهي. ڇو ته سماج جو محور صرفTO HAVE”“ تي هلي ٿو.
انهيءَ ڪري وڏو شاعر، وڏو محقق، وڏو دانشور، وڏي آسامي به هجي ته واه واه. پوءِ ڪجهه
ماڻهو وڏي ڪرسي تي ويهي وڏا اديب ٿيڻ چاهيندا آهن يا وري ماڻهن سان تعلقات وڌائي
اديب ٿي ويندا آهن. سچ پچ ته هي دور مقداري آهي، رڳو نالو مشهور ڪريو، ڇائجي وڃو.
هر جڳهه تي نظر اچو. هر ڪنهن جي واهه واهه ڪريو. توهان وڏا اديب!!!
نئين آس: ادب ۾
تنقيد جو ڪارج ڇا آهي، موجوده دور ۾ ڪهڙا نقاد سُٺو ڪم ڪري رهيا آهن؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ:
تنقيد جو ميدان کليل آهي. اڪبر لغاري، جامي چانڊيو، خليق ٻگهيو، ڊاڪٽرمبارڪ
لاشاري، مرتضٰي ناز، مشتاق جروار، عنايت لغاري، ڊاڪٽر اسحاق سميجو، ڊاڪٽر ساجده
پروين ٻيا ڪيترا تنقيدي ميدان ۾ اپ ڊيٽ آهن. اڪبر لغاري صاحب ۽ خليق ٻگهئي صاحب ته ناولن تي سٺي تنقيد لکي
آهي.
نئين آس: توهان
ائين ڇو ٿا سوچيو؟ منهنجو مطلب آهي ته ڪجهه مثبت ڪجهه منفي پر شايد بلڪل نئون.
ڊاڪٽر غفور ميمڻ:
طارق قريشي هڪ ڪهاڻي لکي هئي. “مسوا ڪتا ڇتا ڇو ٿيندا آهن؟” اها پڙهي ڇڏجو اها ٽرئجڊي
عام آهي. پر مونکي ماڻهن کان شڪايت ناهي. مون کي سسٽم کان شڪايت آهي. توهان چوندا
ته انهيءَ کي بدلايو. زندگي سڄي اهو ئي ته ڪيو آهي. انهيءَ ڪري ڪٿي فٽ نه ٿي سگهياسين. اسان کي سُتي ترقي پسند
دور جي پيل آهي.
ڊاڪٽر نجيب کي
افغانستان ۾ طالبانن ڦاسي ڏني پئي. ته ان وقت پاڻ واچ ٻانهن مان لاهي ڏنائين ته هي
سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائجو منهنجي ذاتي ناهي.
تاريخ مان اهڙا ڪردار گم ٿي ويا آهن. ترقي پسندي،
ايمانداري، انقلابي تبديلي ئي ته اسان کي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي. ماڻهو ته هر طرف جڳاڙي
آهن. هر طرف ڦٻڻ جا جتن پيا ڪن. هاڻي توهان کي ترقي پسندي ۽ رجعت پسندي جا معيار
طئي ڪرڻا پوندا. جيڪو اميد افزا ڪرپٽ هجي انهيءَ کان مايوس ايماندار ڀلو آهي.
نئين آس: توهان “عالمگيريت
۽ انسان” ڪتاب ۾ انسان جي زوال ۽ جديد دور
جي تبديلين کي هاڃي ڪار قرار ڏنو آهي؟ توهان پنهنجو بچاءَ ڪيئن ڪندا، جيڪڏهن توهان
کي مايوس (Pessimist
) ۽ ترقي پسند دور ۾ فريز ٿيل سمجهون؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ:
هر تبديلي صحيح ۽ مثبت نه هوندي آهي. ڪارپوريٽ ڪلچر ۾ سرمائيدار دنيا کي واپار ۽ ماڻهو
کي وکر بڻائي ڇڏيو آهي. دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڪاروبار هن وقت سيڪس آهي. مطلب سيڪس هر ڪاروبار جو ذريعو آهي. فطرت تباهه ڪري شهر ۽
شهرن ۾ پلازا ٺاهيا ويا. قدر روايتون، ختم ٿي ويون، ڊسيپلين ختم ڪري لاقانونيت ڀرپا
ڪئي ويئي. ٻار کي ستي ۾ موبائل جون گيمون
ملن ٿيون، جن ۾ مار داڙ، قتل، رت، تشدد ڏيکاريو وڃي ٿو، اهڙا وکر ٻار کي سيکاريا وڃن
ٿا. تنهن ڪري نوجوان نسل ۾ برداشت ۽ صبر ختم ٿي ويو آهي. خود ڪشيون وڌي ويون آهن.
هر شيءِ جي گهڻائي ماڻهو مان خوشي جواحساس ختم ڪري ڇڏيو آهي.
ڇا اها تبديلي آهي؟
ڇا انهيءَ بيماري جي تشخيص ٿيڻ نه گهرجي؟ ترقي پسندي جامع ۽ متحرڪ اصطلاح آهي. هر دور
جي خرابي ختم ڪرڻ ۽ انسان کي بهتري ڏانهن وٺي وڃڻ ترقي پسندي آهي. تنهن ڪري اڄ جو
دور سمجهڻ ضروري آهي.
نئين آس: توهان وٽ ڪو
حل آهي؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ:
حل ته ڪارل مارڪس ڏيئي ويو آهي. پر حڪمت عملي جو سوال آهي.
نئين آس: سنڌي ٻوليءَ
جي با اختيار اداري تان ٻه سال ڪم ڪرڻ کان پوءِ توهان اوچتو استعيفا ڏيئي ڇڏي!! ڪهڙو
سبب هو؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ:
تمام گهڻا سبب هئا. ٻن سالن جي عرصي ۾ آئون روز ڊائري لکندو هوس. اهو ڪتاب الڳ ڇپرائيندس.
نئين آس: اوهان
سمجهو ٿا ته هِن وقت سنڌي ٻوليءَ تي ڏکيو وقت آهي؟ جي ها ته، ان کي ڪيئن بچائي
سگهجي ٿو؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ:
جي بلڪل سنڌي ٻولي تي رڳو ڏکيو وقت نه آهي، پر ٻولي خطري ۾ آهي. ايڪيهين صدي سنڌي ٻوليءَ
لاءِ فيصلا ڪن آهي ته سنڌي ٻولي رهندي يا نه؟ ٻولي صرف رابطي ڪاري ناهي، بلڪه ٻولي
ڪلچر، فطرت، تاريخ ۽ نفسياتي ساخت هوندي آهي. ڪنهن به ٻوليءَ جي قائم دائم رهڻ جي
لاءِ لازمي آهي ته ان کي ايندڙ نسل ۾ منتقل ڪجي، سڀ کان وڏو خطرو اهو آهي ته اسان
پنهنجي فطرت، ثقافت ۽ تاريخ کي ضايع ڪري رهيا آهيون، گلوبل دنيا مارڪيٽ جو ڪلچر کڻي
آئي آهي، ماحولياتي گدلاڻ اسان جو فطرتي ماحول به تباهه ڪري رهي آهي، ويتر اسان انگريزي
ميڊيم اسڪولن جي ڀرمار ڪري پنهنجي ٻوليءَ کي برباد ڪري رهيا آهيون، انگريزي ميڊيم
اسڪول جن ۾ اردو پڙهائي وڃي ٿي پر سنڌي ڳالهائڻ تي به پابندي هوندي آهي. اسان جا
والدين به انهيءَ ڳالهه ۾ خوش آهن ته اسان جا ٻار انگريزي پيا پڙهن، سنڌي پڙهي ڇا ڪندا؟
نتيجو اهو نڪرندو ته اسان جو ايندڙ نسل سنڌي، نه پڙهي سگهندو نه لکي سگهندو. هڪ ته
اسان جو نوجوان اڳ ۾ ئي انٽرنيٽ تي گم آهي. ڪتاب طرف رجحان گهٽ اٿس، مٿان وري انگريزي
ميڊيم رهيل ڪسر به پوري ڪري ڇڏيندو.
ٻيو خطرو ٻوليءَ کي
اسان جي ميڊيا کان آهي، جنهن پنهنجي ڪمرشل ضرورت تي ڌيان ڏنو آهي، پر ٻوليءَ طرف
نه! اسان جي گهڻن پروگرامن جون ميزبان عورتون سنڌي ٻولي غلط ڳالهائن ٿيون. واحد
جمع، مذڪر مونث جو خيال نٿو رکيو وڃي، هروبرو ڌارين ٻولين جا لفظ ڳالهايا وڃن ٿا.
ان کان پوءِ وڏو خطرو آهي ته اسان جي ٻولي مارڪيٽ مان ختم ٿي رهي آهي، مون ڏٺو آهي
حيدرآباد، گلشن حديد يا سنڌ جي ٻين شهرن ۾ خريدار به سنڌي ۽ دڪاندار به سنڌي، پر ڳالهائن
اردو ۾ پيا، ننڍڙا ٻار شيون دڪان تان وٺن ٿا ته اردو ۾ پيا ڳالهائن، گهڻا ته ماءَ
پيءَ به ٻارن سان اردو پيا ڳالهائين. انهيءَ رجحان سنڌي ٻوليءَ کي ڏاڍو ڌڪ رسايو
آهي، نه ته ڪنهن وقت حيدرآباد ۾ اردو ڳالهائڻ وارو به سنڌي ڳالهائيندو هو. گهڻو ڪري
حيدرآباد يا سنڌ جي ٻين شهرن ۾ مهاجر بهترين سنڌي
ڳالهائيندا هئا. پر هينئر اسان جا پنهنجا ماڻهو بازار ۾ سنڌي نٿا ڳالهائين.
اسان وٽ انگريزي يا
ٻين ڌارين ٻولين جي لفظن کي قبول ڪرڻ جو هڪ مزاج آهي. مثال ائڪٽر کي اداڪار، فلمائڻ،
ٽيشڻ، وغيره اهو عمل بند ٿي ويو آهي. هاڻي ماڻهو انگريزي جا لفظ انگريزي ۾ ئي ڳالهائين
ٿا، سنڌيءَ ۾ قبول نٿا ڪن.
نئين آس: اوهان جي
نظر ۾ موجوده وقت ۾ سنڌي ٻوليءَ جا ڪهڙا اهم مسئلا آهن؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ: ٻوليءَ
جا ٻه پاسا ٿيندا آهن. هڪ ان جو ظاهري پاسو، جيڪو سندس بياني لسانيات، گرامر،
(صوتيات، صرفيات، جملن جي بيهڪ، بيهڪ جون نشانيون، لغت) ۽ رسم الخط، صورتخطي،
الف_ب تي مشتمل هوندو آهي. ٻيو پاسو معنويات جو آهي، جيڪو فلاسافيڪل گهڻو آهي، ٻنهي پاسن جا مسئلا هر دور
۾ رهيا آهن. مثال سنڌي ٻوليءَ جو رسم الخط عربي آهي. سندس آئويٽا ۾ ۵۲ اکر آهن. پر سنڌيءَ ۾ ۵۲ آواز ناهن. اسان وٽ “ض” “ث” “خ” “غ” جو آواز ڪونهي، ظ، ذ، ز ض هڪڙي آواز سان اچاريا ويندا آهن، وري
گ ۽ غ، ط ۽ ت، ا ۽ع، ث ۽ س هڪڙي اچار سان
اچاريا وڃن ٿا. اسان وٽ سنڌي ماڻهو غفور کي گفور چوندو، خير کي کير چوندو، “ض” جو
واحد اچار آهي، جيڪو سنڌي ماڻهو اچاري ئي نٿو سگهي، سواءِ ڪنهن مدرسي جي پڙهيل جي.
هاڻي ڪمپيوٽر ۾ هڪڙو سافٽ ويئر آواز کي لکي ٿو، اهو اسان جيڪو ڳالهائينداسين ته
لکندو، اهو ڪيئن لکندو؟ اهو ته کير، ڪازي، سواب، گاليچو، وغيره لکندو. ڪمپيوٽر جا
ماهر ٻوليءَ جي انهيءَ رسم الخط جي اکرن کي
گهٽائڻ ٿا چاهين، ان کان پوءِ اسان وٽ سنڌي نوجوان نسل کي سنڌي جي وسرڳ ۽ اوسرڳ
آوازن جي خبر ناهي، مثال “هه” جون اٺ صورتون آهن، پر اسان جا ماڻهو “هه” جو
استعمال نٿا ڄاڻن، ڪڪ پٽي جي خبر ناهي، استاد ٻارن کي هجي ڪري نٿا پڙهائن. ان کان
پوءِ صورتخطي جا مسئلا آهن، مثال بيضا لکجن يا ڀيدا! استيفيٰ يا استعيفا، تواريخ
يا تاريخ، چوي يا چئي، اڃا يا اڃان، ڊرامو يا ڊرامون، اهڙي طرح “ن” غنون جو مسئلو
۽ “ي” وڏي ننڍي جو مسئلو به اهم آهي. اهڙا هزارين
لفظ آهن، جن تي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۲۰۰۸ع ۾ هڪڙو مذاڪرو ڪرايو هو. جنهن ۾ وڏن ماهرن شرڪت ڪئي
هئي. پر اسان جا دانشور انهيءَ کي قانوني شڪل ڏيئي نه سگهيا. ان کان علاوه اسان جي
لکت ۾ بيهڪ جي نشانين جو استعمال گهٽ ٿئي ٿو. ڪنهن به ٻوليءَ ۾ لهجو،tone)،، ( ڍار (Intonation) اهم هوندا
آهن، جن جي اهميت کي سمجهڻ گهرجي. ان کان علاوه سنڌيءَ ٻوليءَ جا پنج اهم لهجا (Dialects’ ) آهن، جن
۾ صرفياتي، صوتياتي، ۽ مذڪر مونث جا فرق آهن، جن کي سمجهڻ ضروري آهي، اڪثر لاڙي يا
اترادي هڪ ٻئي جي لهجن تان کلندا نظر ايندا آهن، جڏهن ته دنيا جي هر ٻوليءَ جا ڪيترائي
لهجا ٿيندا آهن. مثال اتر ۾ “ڇ” هڪ صوتيو آهي ان جا ٻه آواز آهن هڪ “ش” ٻيو “ڇ”
وري گهوٽڪي وارو ڪٿي “ن” ڪڍي ڇڏي ٿو مثال هلدو، وٺدو، وغيره اهڙي طرح ضميري پڇاڙين
۾ “م” ۽ “س” جو فرق آهي لاڙ وارو چوندو وٺندس پر اتر وارو چوندو وٺندم. هاڻي
معياري لهجي مطابق لکڻ جو رواج گهٽجي ويو آهي ڇو ته سڀ پنهنجي لهجي کي صحيح ٿا
سمجهن. پر حقيقت ۾ لکڻ دوارن معياري لهجو لکڻ گهرجي.
هن وقت سنڌي ٻوليءَ
کي آفيس جي ٻولي نٿو بڻايو وڃي. جڏهن ته سنڌ اسيمبليءَ مان بل پاس ٿيل آهي ته سنڌ
جي دفتري ڪاروهنوار جي ٻولي سنڌي هوندي.
نئين آس: اوهان جي
نظر ۾ انهي غير ذميواري جو جواب دار ڪير آهي؟ تدريسي ادارا ۽ استاد، باختيار ادارو
يا اڃا ڪو ٻيو؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ: جڏهن
سڀ ڌنڌي ۾ لڳا پيا هجن. قوم، ٻولي ڏانهن ته ڇا پر پوري انسانيت ڏانهن رويو منفي
هجي. ته پوءِ اهڙي سماج ۾ ڪنهن کي ذميدار ٺاهيون. هڪڙي ڳالهه سمجهي ڇڏيو ته ڪرپشن مٿان کان هيٺ ايندي آهي. جڏهن سنڌي ٻولي سنڌ جي قومي زبان اسيمبلي مان
پاس ٿيل آهي ته پوءِ عمل ڪرائڻ به انهن جو ڪم آهي. اسان جا والدين ٻارن کي سرڪاري
اسڪولن ۾ داخل انهيءَ ڪري نٿا ڪرائن جو اتي پڙهائي ناهي. ٻار ڪجهه بنجي نٿو سگهي.
انگريزي ميڊيم جي ڀرمار وار نجي اسڪول جيڪي صرف ڪمائڻ لاءِ آهن. اسان پنهنجي ٻولي نئين نسل کي صحيح طرح منتقل نه ڪنداسين ته پوءِ
مستقبل ۾ سنڌي ٻولي ڪٿي رهندي؟ اليڪٽرانڪ ميڊيا
جي چيئنلن کي پئسا ڪمائڻا آهن انهن ڪو ٻوليءَ جي حب ۾ چيئنل ڪونه کوليو
آهي. مالڪن کان پڇون ٿا ته چون ٿا دنيا جو
ڪاروبار سيڪس تي هلي ٿو ماڻهو خوبصورت چهرو ڏسڻ پسند ڪندا آهن ٻولي نه!!! ٻولي جي
بااختيار اداري وٽ ڪو اختيار ناهي قانوني
طور هو ڪجهه به نٿا ڪري سگهن ڪنهن اسڪول جي رجسٽريشن ڪيئنسل به نٿا ڪري
سگهن. باقي استاد اهو توهان اسڪول کان وٺي يونيورسٽي ڏسو انهن جا موضوع صرف
پروموشن، پگهار ڪيترو وڌيو، سينئر، جونئير،
ترقي ڪڏهن ٿيندي. رٽائرڊ ڪڏهن ٿيندو. تنظيم سازي، جڳاڙ اليڪشن وغيره آهي انهن وٽ موضوع علمي ناهن،
نه ته پڙهائي متعلق هو ڪو بحث ڪن، ڪو وزير جو ماڻهو آهي. ڪو وڏيري جو، ڪو وري
ايجنسين جو. هڪ پٽيوالو هيڊ ماستر کي بدلي ڪرائي ڇڏي ٿو. هوڏانهن يونيورسٽين ۾ جعلي پي ايڇ ڊيز جي ڀرمار.
فاعدا وٺڻ، جعلي ڊگريون.. .. الائي ڇا ڇا !!! ڪنهن کي ذميدار قرار ڏيون. اصل ۾ قانون
ناهي ڊسيپلين ناهي. ائڊمنسٽريشن ناهي. صرف بليڪ ميلنگ آهي.
توهان سوچيو هٿ وٺي
ائين ڇو ڪيو وڃي ٿو؟
نئين آس: ٻوليءَ جي
حوالي سان عام ماڻهو ته اڪثر پنهنجي علائقي تائين محدود هجي ٿو، اُن جا ابتا سبتا
دليل پنهنجي جاءِ تي پر اديب لهجن جو محتاج ڇو آهي ؟ جي ڪنهن غلطي جي نشاندهي ڪجي ٿي
ته سندس جواب آهي اسان جو لهجو ائين آهي؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ:
سنڌي ٻولي جا پنج لهجا آهن. انهن لهجن کي سمجهڻ گهرجي جيڪڏهن اجرڪ لاڙي لهجي ۾ عدد
واحد مونث آهي ته جمع ۾ اجرڪون ٿيندو هاڻي
اجرڪ جتي ٺهي ٿي اتي مونث آهي پر اترادي
لهجي ۾ مذڪر آهي. ڪي شيون وري مخصوص علائقن ۾ ٿين ٿيون انهن جا نالا به اتي رکيل
آهن. جيئن لفظ گندَ شاهه لطيف استعمال ڪيو آهي جنهن جي معنيٰ گهڻن کي سمجهه ۾ ناهي
ايندي. هو سمجهن ٿا گند معنيٰ ڪن ڪچرو پر هي لفظ “گندَ” آهي جيڪا پاڻيءَ جو ڏٿ آهي
کائڻ جي شيءَ آهي. هڪ دوست اهو به چيو ته افسوس ته کائڻ جي شيءَ به گند آهي. هاڻي عجيب ڳالهه آهي جيڪي ماڃر ۾ رهن ٿا انهن سڄي عمر اهي گند کاڌا اهي ڪوڙ
ٿا ڳالهائن؟ شاهه لطيف انهيءَ لفظ کي استعمال ڪيو آهي. ڇا آهي ته ڊرائينگ روم واري دانشوري وڌي ويئي
آهي. انهيءَ ڪري لهجن کي سمجهڻ به ضروري آهي. پر لکت لاءِ معياري لهجو مقرر ٿيل آهي. صورتخطي به
معياري مقرر ٿيل آهي. تنهن ڪري ليکڪ کي معياري لهجي ۾ لکڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪو لفظ
معياري لهجي ۾مقرر ناهي ته لهجي مان کڻي سگهجي ٿو. لهجا سڀ ئي صحيح آهي. غلط ناهن.
پر انهيءَ تي تڪرار ڪرڻ ته اسان جو لهجو صحيح آهي ٻيو غلط آهي اها جهالت آهي.
اهو انگريزن جي دور
۾ صورتخطي مقرر ڪرڻ کان پوءِ معياري لهجو شروع ٿيو. نه ته اڳ ائين نه هو شاهه جي
شاعريءَ ۾ سڀئي لهجا موجود آهن پر زياده لاڙي لهجو آهي. پر هاڻي شاهه جي شاعريءَ
کي معياري لهجي ۾ نٿو مقرر ڪري سگهجي. جو سندس سونهن، موسيقي، انداز، ترنم، حظ سڀ خراب ٿي ويندا.
نئين آس: اوهان اهو
ٻڌائڻ پسند ڪندا ته اوهان جي دور ۾ سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪهڙا ڪم ٿيا؟ ڇو ته گهڻن
ماڻهن کي رڳو چئرمين ياد رهندا آهن. ڪم ياد نه رهندا آهن.
ڊاڪٽر غفور ميمڻ:
توهان جي ڳالھ صحيح آهي، ماڻهن کي رڳو اقتداري ماڻهو وڻندا آهن. سنڌي ٻولي جي
بااختيار اداري کي جوائن ڪرڻ کان پوءِ جيڪي سٺيون روايتون هيون، اهي جاري رکيون
ويون، جيڪي اڳ ۾ پروجيڪٽ هلي رهيا هئا، انهن کي جاري رکيو ويو هو. مثال؛ انسائڪلوپيڊيا
سنڌيانا، سنڌي مفصل لغت يا نابين ماڻهن لاءِ بريل ۾ ڪورس جا ڪتاب تيار ڪرائڻ، سنڌيءَ
جو بريل سافٽ ويئر تيار ڪرائڻ وغيره. مون اچڻ کان پوءِ هڪ اداري جون حدون واضح ڪيون
ته اداري جو توجه ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري تي هئڻ گهرجي، اديبن سان شامون ملهائڻ،
ادبي ڪتاب ڇپرائڻ، يا مذهبي ڏڻ ملهائڻ اداري جي دائري ڪار ۾ نٿا اچن، تنهن ڪري مون
هڪ ته ٻوليءَ جي ڪميوٽنگ پروگرامنگ ڏانهن توجه ڏنو، او سي آر (optical character recognition)
مطلب اکر شناسي وارو سافٽ ويئر ٺهرايو، ۲۰۱۷ع سال انهيءَ جو مهورت ڪرايو، آن لائن سنڌي ادب جي سڀني
صنفن تي ليڪچر ڪرايا. جيئن هر شاگرد انهن مان فائدو وٺي سگهي، انسائڪلو پيڊيا سنڌيانه
آن لائن نيٽ تي ڇهه واليومن تائين ڪم ڪرايو.
جيڪي موضوع وار ۽ الف بي وار ڳولي سگهجن ٿا. http://encyclopediasindhiana.org
هن ويب سائيٽ تي توهان ڏسي سگهو ٿا. سنڌيءَ جي لغت آن لائن موجود آهي، اڃا انگريزي
سنڌي لغت تي ڪم ٿي رهيو هو، جلد آن لائن ڪرائڻ جو پروگرام هو. سنڌيءَ جي گرامر ۾
اسان هڪ اهڙو سافٽ ويئر تيار ڪري رهيا هئاسين جو توهان صرف هڪ جملو لکو ته توهان
کي مڪمل ڇيد ۽ ترڪيب ڪري سڄي گرامر سمجهائيندو. ان کان پوءِ خودڪار لفظن کي درست ڪرڻ
وارو سافٽ ويئر تيار ٿي چڪو هو، جيڪو مائڪروسافٽ آفيس تي بلڪل ائين ڪم ڪندو، جيئن
توهان انگريزي غلط لفظ لکندا آهيو ته هيٺان ڳاڙهي ليڪ اچي ويندي آهي ۽ خود توهان
کي آپشن ملندا ته صحيح ڪهڙو آهي.اهو ڪم شاهه لطيف چيئر ۾ حبيب جاکري تمام سٺو ڪيو
آهي. اسڪولن ۽ صحافين لاءِ ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر وڃي درست سنڌيءَ جي استعمال تي تربيتي
ورڪشاپ ڪرائي رهيا هئاسين. موهن جي دڙي جي ٻوليءَ جي ڀاڃ (Decipherment) تي ڪم ڪيوسين. جنهن جي حوالي سان اسان ٻه سيمينار ڪرايا،
جيڪي اهم ڪتاب آهن،
مثال عطا محمد ڀنڀري جا، الانا صاحب جا، سراج جا ڪتاب انگريزيءَ مان سنڌي ۽ سنڌي
مان انگريزي ۾ ترجمو ڪرائي ڇپرايا. هڪ اهم ڪتاب جيڪو ڇپرائڻ دوران مونکي دلي خوشي ملي،
اهو هو ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ٿيسز، جيڪا ۱۹۲۳ع ۾ هن انگلينڊ مان ڪئي هئي، اها ٿيسز ڪڏهن به پاڪستان ۾
ڪانه ڇپي هئي. اسان پهريون ڀيرو اهڙي ناياب ٿيسز ڇپرائي پڌري ڪئي، ساڳي وقت انهيءَ
جو سنڌيءَ ۾ ترجمو به ڪرائي رهيا هئاسين. گلوبل دنيا جي چئلينجن جي درپيش ٻوليءَ
جي مسئلن تي ڪانفرنسون ۽ تحقيق جي ڪم کي اڳتي
وڌائڻ لاءِ ثقافتي انسائڪلو پيڊيا ۽ سگهڙن جون ڪچهريون، لوڪ ڏاهپ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ
مان گڏ ڪري رڪارڊ ڪري آن لائن ڪيون. شناختي ڪارڊ جي ڪمپيوٽرائيزڊ ڊيٽا جي خاني ۾ سنڌيءَ ۾ ايم اي پي ايڇ ڊي جو
خانو ئي ڪونه هو، اهو اسان پنهنجن ڪوششن سان ان ڊيٽا ۾ داخل ڪرايو آهي. پوسٽ آفيس
مان ڪيترن سنڌي ليجنڊ شخصيتن جون ٽڪليون جاري ڪرائيون. ان وقت مرزا قليچ بيگ جي ٽڪلي
جاري ڪئي ويئي هئي. روڊن رستن تي نشاني وارا بورڊ جيڪي غلط نالن سان لڳل آهن، انهن
جي واسطي دار کاتن سان لک پڙهه ڪري ڪجهه
بورڊ درست ڪرايا..
ٻيو اهم ڪم آهي ته
اسان ٽي وي ۽ اخبار جي ڏيهاڙي ڇنڊڇاڻ (Monitoring) ڪندا هئاسين.
هفتيوار رپورٽ چيڪ ڪري اخبارن کي اماڻي ويندي هئي.
ٻيو اهم ڪم ته اسان
سنڌ جي ليجنڊ شخصيتن تي ڊاڪيومينٽري فلمون ٺاهيون، جن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي
زندگي ۽ سندس ڪم تي ڊاڪيومينٽري ٺاهي، مرزا قليچ بيگ تي ٺاهي. سنڌيءَ ۾ جيڪي به اڄ
ڏينهن تائين پي ايڇ ڊي يا ايم فل جون ٿيسز ٿيون آهن، انهن جو رڪارڊ گڏ ڪري آن لائن
ڪيو. جيڪو پڻ ويب سائيٽ تي رکيو هو.
جيڪو اهم ڪيو سو
اهو ته سڄي بلدنگ جي مرمت ڪرائي، اليڪٽرانڪ اوزارن سميت، هي جيڪا توهان چمڪ ڌمڪ
واري اٿارٽي ڏسو پيا، اها ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کان پوءِ مون ٺهرائي آهي. هڪ مخصوص
بجٽ ۾. جڏهن آئون اٿارٽي ۾ آيس ته ۱۲ ڪروڙ ڪل اثاثا پيل هئا. سڀني ڪمن ڪرائڻ کان
پوءِ به جڏهن اٿارٽي ڇڏي آيس ته ۱۷ ڪروڙ اثاثا ڇڏي آيس جن جا تفصيل مون وزير اعليٰ
کي موڪلي ڏنا هئا.
نئين آس: توهان چئو
ٿا ته ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ مثبت ڪم جاري رکيا ويا. ڊاڪٽر فهميده حسين جا
پروجيڪٽ يا اداري جا ٻيا ڪم جاري رکيا ويا. پر واسطي دار ڪامورن سميت ڊاڪٽر صاحبه
کي به توهان کان شڪايت رهي ته توهان سندس خلاف ڪلچر ڊپارٽمينٽ کي خط لکيو ته انڪوائري
ڪئي وڃي.
ڊاڪٽر غفور ميمڻ:
اصل ۾ صرف بندوق منهنجي ڪلهي تي رکي استعمال ڪئي ويئي. ڇا آهي ته طاقت ور جو سڀ ڪو
ساٿ ڏيندو آهي. نه ته ميڊم کي خبر آهي. ته مون کيس ڪيتري عزت ڏني. منهنجو اهو ضد
هو ته ميڊم کي بورڊ آف گورنينس جو ميمبر رکيو وڃي. پر بورڊ ته ۷۰ فيصد منهنجي خلاف ٺاهيو ويو. بهرحال انهيءَ
قصي ۾ نٿا وڃون. ميڊم جنهن خط جو ذڪر ڪيو، اهو ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۽ بورڊ جي ڪن ماڻهن
جي زور تي لکيو ويو ته پروموشن ۾ بي قاعدگيون ٿيون آهن. ڀرتيون ڪجهه غلط ٿيون آهن.
انڪوائري ڪريون نه ته ڊپارٽمينٽ ۾ بي قاعدگين تي هريل ماڻهو روز تنگ ڪندا ته اسان
کي به پروموٽ ڪريو. اهو ئي خط ميڊم کي ڏيکاري منهنجي خلاف ڪيو ويو. آئون نٿو
چاهيان ته اهي ڳالهيون کولجن. اها ميڊم کي به خبر آهي ته سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري وٽ ڪوبه اختيار ناهي.
ميڊم منهنجي استاد آهي، منهنجي محسن آهي آئون احسان فراموش ناهيان جو سندس خلاف
ويهي ڳالهايان. نه ئي ميڊم کي سامهون ٿيندس. ڪجهه غلط فهميون ٿيون آهن.
نئين آس: ڪيترن ماڻهن
اهو به چيو ته ڊاڪٽر صاحب کان استعيفا ورتي وئي، اوهان اها وضاحت ڪرڻ پسند ڪندوَ ته
اٿارٽيءَ کي اوهان پاڻ الوداع ڪيو يا، استعيفا ورتي وئي؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ: مون پنهنجي مرضي سان استعيفا ڏني. ڇو ته مون وٽ
ٻه رستا هئا يا ته جهيڙن ۾ تضادن ۾ پوان ها، دشمنيون پاريان ها. ٻيو رستو اهو هو ته
خاموشي سان ادارو ڇڏي وڃي پنهنجو ڪم ڪريان. اداري کي منهنجي ضرورت هئي مون کي
اداري جي ضرورت نه هئي مان اڳ ئي ڪراچي يونيورسٽي ۾ چيئرمئن هوس. ڪو ڏتڙيل بي
روزگار يا رٽائرڊ ڪامورو ڪونه هوس. مون سوچيو ته هي Thankless job آهي. ڪيترو
به ڪم ڪر پر ماڻهن جي گهوڙا گهوڙا صرف م سهپ، حسد ساڙ. شڪ، ماڻهو اهڙين پوسٽن تي مال ڪمائڻ
ايندا آهن. پر مان عزت ڪمائڻ لاءِ آيو هوس. ڪجهه بورڊ وارن جڏهن منهنجي خلاف غليظ
پروپيگنڊا ڪرڻ، هر ڪم ۾ روڙا اٽڪائڻ شروع ڪيا.
Power Execute ڪرڻ
نه ڏنو. ته خاموشي سان استعيفا ڏيئي هليو
آيس.
نئين آس: سنڌ ۾
تعليم جي تباهيءَ کي اوهان ڪيئن ڏسوٿا ؟ ڇو ته اڄ جو ماڻهو هر ڪمزوريءَ کي عالمي
مخالفت سان ڳنڍي ٿو؟ ته اها به عالمي سازش آهي.
ڊاڪٽر غفور ميمڻ:
تعليم جڏهن واپار ٿي وڃي، ته پوءِ ڇا جي تعليم؟ صرف ڊگريون وڪجن ٿيون. سڀ کان
پهرين تعليم جو طبقاتي نظام هاڃيڪار آهي.
اميرن جا ٻار بيڪن هائوس ۾ پڙهن يا وري لنڊن ۾ پڙهن. غريب سرڪاري اسڪول ۾ جتي
ماستر وڏيري جا ڪمدار آهن. مٿان وري خانگي اسڪولن جي مافياز انگريزي ميڊيم نالي ۾ ڪمائي
جو ذريعو ڪرڻ شروع ڪيو آهي.
پرائمري تعليم ختم ٿي
ويئي. ٻار ٽيوشن ذريعي لکڻ پڙهڻ سکن ٿا. بس باقي اسڪول صرف ماسترن جي پگهارن ۽
پروموشنز جون فيڪٽريون آهن. توهان ڏسو هر طرف يونينون ٺهيل آهن. جيڪي ايجنٽ طور ڪم
ڪنديون آهن، ماستر ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ جي وچ ۾. پڙهائي جو موضوع ته ايڪسٽرا آهي. گهڻن
ماسترن کي لکڻ پڙهڻ ئي نٿو اچي. اسان جي هڪ دوست چيو هو ته؛ “هاڻي سنڌي ٻوليءَ کي
موبائل بچائيندي.” جنهن تي اسان جو هڪ وزير عاشق ٿي پيو هو. پر ان کي خبر ناهي ته پرائمري
اسڪول مان سنڌي کي نيڪالي ملي ويئي آهي. جڏهن سنڌي لکڻ پڙهڻ ايندي ئي ڪونه ته پوءِ
موبائل ڇا ڪندي؟ ان کان پوءِ امتحانن ۾ نقل، هڪ جي جڳهه تي ٻيو امتحان ڏئي ٿو. بورڊ
۾ ڪرپٽ ماڻهو ويٺل آهن، جيڪي رشوت تي مارڪون بدلايو ڇڏين. يونيورسٽين ۾ به ياري
باشي، مفاد پرستي. تعليم جي صورتحال تباهه و برباد ٿي رهي آهي. هڪ اسڪول يا ڪاليج
جي استادن جو پگهار ڪروڙن ۾ آهي. پر پڙهائي زيرو. اهڙي صورتحال ۾ ڇا ٿيندو؟ جڏهن
ته نااهل حڪمران صرف ڪرپشن جي پويان ڊوڙن ٿا.
نئين آس: انهيءَ جو
حل ڪهڙو آهي؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ:
تعليم جو طبقاتي نظام ختم ڪري خانگي تعليمي ادارا بند ڪيا وڃن. هر سرڪاري اسڪول جي
بجيٽ اسڪول تي خرچ ٿئي. هر سرڪاري ملازم ۽ سياستدان جو ٻار سرڪاري اسڪول ۾ پڙهي، هر
وڏيري ۽ سرمائيدار جو ٻار سرڪاري اسڪول ۾ پڙهي. پوءِ ڏسو ته ڪيئن ٿي تعليم ترقي ڪري.
استاد جي ڀرتي صرف ميرٽ تي ٿئي. وڏيري ۽ صحافي جو عمل دخل بند ڪيو وڃي. تعليم جو
معيار صرف تڏهن سڌرندو جڏهن ڊيموڪريسي ۽
پلوٽوڪريسي ختم ٿيندي. جڏهن يونينون ختم ٿينديون. سياستدانن کي ڪهڙي خبر تعليم جي.
هنن جي نظر صرف بجٽ تي هوندي آهي.
نئين آس: سنڌي ٻوليءَ
جي مختلف موضوعن تي جيڪي پي ايڇ ڊيز ٿين ٿيون، اوهان انهن جي موضوعن جي چونڊ توڙي
انهن تي ٿيندڙ تحقيقي ڪم کي ڪيترو معياري
سمجهو ٿا؟- ۽ ڇا پي ايڇ ڊي جون اهي ٿيسز سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪن ٿيون؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ:
جي بلڪل نه. ..!!! ۹۰ سيڪڙو پي ايڇ ڊيز غير معياري ۽ بغير ڪنهن سماجي يا فڪري ڪارج جي آهن.
توهان ٿورو غور ڪريو سنڌيءَ ۾ هر سال مختلف يونيورسٽين ۾ ۲۰ کن پي ايڇ ڊي جون ڊگريون ورهائجن ٿيون، پر
سنڌي سماج ۾ انهن ڪهڙي تبديلي آندي يا اهو ته تحقيق جي ڪم اسان جي سماج ۾ ڪهڙي نواڻ
آندي؟ ڪهڙي تحقيق آهي، جيڪا علمي، ادبي
طور وڏو ڪارج رکي ٿي.
اصل ۾ ايڇ اي سي ٺاهي
ئي انهيءَ ڪري ويئي ته هائير ايجوڪيشن جو سيڪڙو پاڪستان ۾ وڌائجي، تنهن ڪري لکين
ماڻهن کي پي ايڇ ڊي لاءِ اسڪالرشپ ڏيئي پرڏيهه اماڻيو وڃي ٿو، جيڪي ڪاپي پيسٽ ڪريو،
پي ايڇ ڊي کڻيو اچن يا اتي ئي گم ٿيو وڃن. پر فرق ڪهڙو پيو آهي، هن سماج ۾ ملڪ ۾
تبديلي ڪهڙي آئي آهي. جڏهن کان پي ايڇ ڊي ۾ داخلائون شروع ڪيون ويون آهن، الائونس ۲۵۰۰۰ هزار ڪري پي ايڇ ڊي کي ترقي لاءِ لازمي ڪيو ويو آهي هاڻي جيڪو گهران ٿو
ڪاوڙجي اهو چوي ٿو آئون پي ايڇ ڊي ڪندس، پوءِ داخلا وٺي سفارشون، جڳاڙ، رشوتون،
چاپلوسي، الائي ڇا ڇا!!! شاگرد چوندا آهن،
سائين ڪو سولو موضوع ٻڌايو، جلدي ڪاپي پيسٽ ڪري وٺان، ۲۰۱۴ع ۾ ڪراچي يونيوسٽي ۾ مون ليڪچرار جا انٽرويو ورتا هئا.
توهان يقين ڪريو ته اهڙي به هڪ خاتون پي ايڇ ڊي هئي، جنهن کي سنڌي ڳالهائڻ نٿي
آيو. پر سنڌي ۾ پي ايڇ ڊي هئي. هاڻي اسان جا پروفيسر لهي پيا آهن، رجسٽريشن جو انگ
وڌائڻ تي. هڪ هڪ وٽ ۱۵ کان ويهه شاگرد رجسٽرڊ ٿيل آهن. سي وي کي وڌائڻ جي حوس پروموشن وٺڻ
جي، هيرو ٿيڻ جي. الائي ڇا ڇا؟ پي ايڇ ڊي
هر ماڻهو لاءِ ناهي، اهو بي اي يا ايم اي ناهي، هيءَ تحقيق آهي، هن لاءِ الڳ ذهن ۽
جاکوڙ کپي. ڀٽائي چيو هو:
چريو چت جن جو، ڏونگر
سي ڏورينديون،
هتي ته پي ايڇ ڊي
جي جمع بازار لڳي پئي آهي، منهنجي ته صلاح آهي فورن پي ايڇ ڊي الائونس بند ڪيو وڃي،
پروموشن سان پي ايڇ ڊي جو تعلق ختم ڪيو وڃي. پوءِ ڏسون ته ڪير ٿو پي ايڇ ڊي ڪري. اڄڪلهه
يونيورسٽيون رڳو سنڌي نه پر هر موضوع تي غير معياري پي ايڇ ڊي ڪرائي رهيون آهن.
اهو رجحان هڪ عالمي لقاءَ آهي ته مستقبل ۾ڊگري جي ضرورت نه رهندي صرف ماڻهو جي ڄاڻ
۽ هنر ڏٺو ويندو. اڃا به اڳتي آن لائن يونيورسٽيون کلنديون، هي ڪاغذ پٽ اڳتي هلي
صرف خانه پوري رهجي ويندا.
نئين آس: ايڇ ئي سي
۽ تدريسي ادارا سدائين “اِٽو نِزو” وارو ڪردار ادا ڪندي نظر اچن ٿا، ڪنهن به
معاملي نظر انداز ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي تي الزا، لڳايا وڃن ٿا، اوهان ان کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ:
ايڇ ئي سي ٺاهڻ کان پوءِ تعليم جو معيار ڪريو آهي وڌيو ناهي. سڀني کي خبر آهي ته سڄي
دنيا ۾ ريسرچ جرنل پئسا وٺي پيپر شايع ڪن ٿا. ڪانفرنسون رڳو پروگرام تحت ڪيون وڃن ٿيون
خانه پوري لاءِ، پروجيڪٽ وري ڪمائڻ لاءِ
منظور ٿين ٿا. اسڪالرشپ تي موڪليل ماڻهو پڙهي جڏهن اچن ٿا ته انهن ڪهڙو مثبت ڪردار
ادا ڪيو؟. سواءِ پي ايڇ ڊي الائونس جي ٻيو پروموشن جي. ادارن اندر سياست هلي ٿي.
يونين بازي ۾ جائز ناجائز ڪم ٿين ٿا. ادارن کان ڊيٽا وٺي رينڪنگ ڪئي ويندي آهي جيڪا
پڻ ٺڳي آهي ٻيو ڪجهه ناهي. اصل ۾ ڪارپوريٽ ڪلچر ۾ صرف ڪمائي جو سوچيو وڃي ٿو. اسان
ڪهڙي پڙهيل لکيل مهذب سماج کي پيدا ڪيو آهي. اسان ته ٺڳن کي پيا پيدا ڪريون. ايڇ
ئي سي ۾ بيروڪريٽ ويٺا يونيورسٽين تي حڪم هلائن.
باقي نجي يونيورسٽيون ڏسو هڪ عمارت ۾ يونيورسٽي وري اتوار پيڪيج، شام پيڪيج،
رڳو پئسا ڏيو ڊگري وٺو. يونيورسٽي جو نصاب
پنهنجو پنهنجو هوندو آهي ان جي فيڪلٽي جي قابليت يونيورسٽي طئي ڪندي آهي. ايڇ ئي
سي نه ڪندي آهي نه ته پوءِ دنيا ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي جو معيار ڇو هجي ها. سندس
نصاب ۽ فيڪلٽي جي ڪري نه!؟ مان ته هن خيال جو آهيان ته يونيورسٽي ۾ پروفيسر جي ڀرتي
صرف سي ايس ايس ليول جي امتحان ذريعي ٿيڻ گهرجي.
نئين آس: پي ايڇ ڊي
يا ايم فل ڪندڙ مرد شاگرد ناڪاميءَ تي اهو پٽڪو ڪن ٿا ته عورتون ادارن ۽ ڪامورن جي
ترجيح آهن، ناڪام ٿيندڙ عورتون وري چون ٿيون ته
عورتن سان ٻه اکيائي آهي، اوهان ان صورتِ حال تي ڇا چوندا؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ:
شيخ اياز جو شعر آهي
ڪتا ڀونڪن،
ڀاڳيا ڀونڪن،
چور به ڀونڪن ٿا،
ڪيڏي آ اوناڙ هوا ۾
!
هر هر هيئين ڦاڙ
هوا ۾!.
هي سڄو سماج جڏهن
قانون کان لاتعلق ٿي ويندو ته پوءِ ائين ٿيندو نه! هر طرف شور آهي. هر طرف گهوڙا گهوڙا آهي. جيڪو چرس ۾ پڪڙجي ٿو اهو به چئي مون سان ظلم ٿيو جيڪو
خون ڪري اهو چئي مون سان ظلم آهي. ۲۰۱۰ع ۾ هڪ عورت اسان وٽ پي ايڇ ڊي ڪرڻ آئي هئي.
ان کي سنڌي لکڻ به ڪونه ايندي هئي. سندس ليول پرائمري واري هئي. پر ضد ايترو جو سڄي سنڌ، مٽن مائٽن کان سفارشون ڪرايائين ته مون کي پي ايڇ
ڊي ڏيو. مون چيو ڪجهه به ٿي پوي اهو نسورو
ظلم مان ڪونه ڪندس. ڪجهه شاگرد ايم فل جي ڪورس ۾ فيل ٿيا انهن وڃي مظاهرا ڪيا “ سنڌ
دشمن ٽيچر” سنڌين سان ظلم ٿو ڪري. سنڌي شاگردن کي ته رعايت ڏيڻ گهرجي. هاڻي ٻڌايو ڇا
ڪجي؟
اخبارون به اسان جي
خلاف لکن، سوشل ميڊيا تي اسان جي خلاف گاريون. هاڻي ڇا ڪندا توهان. يا ته ڊگريون
ورهايو. سڀني سان دوستي نڀايو. يا وري
ايماندار ٿي اڪيلا ٿي وڃو خواري به کڻو. ڪهڙي پاسي وڃون. باقي ماشاالله ڪي استاد
اهڙا به آهن جن وٽ اگهه مقرر آهن پنج لک، ٻه تاڪا ڪپڙن جا، فليٽ وٺي ڏيو. وڏو گند اٿو! ڇا ٻڌايان توهان کي.
نئين آس: هيءُ آهي
ته يوٽوپيائي خيال، پر ڇا ائين ٿي سگهي ٿو ته سنڌيءَ ۾ ٿيندڙ پي ايڇ ڊيز جي موضوعن
جي منظوري گڏيل طور ڪو ادارو يا سنڌي ٻوليءَ جي ماهرن جي ڪا ٽيم ان بنياد تي ڏئي
ته، هِن وقت سنڌي ۾ هِنن موضوعن تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي؟ جي ائين نٿو ٿي سگهي ته
جيڪي پي ايڇ ڊيز ٿي رهيون آهن انهن جو معيار جاچڻ لاءِ ٻين سان گڏ سنڌي لينگئيج اٿارٽي
کان به انهن بابت راءِ ورتي وڃي؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ:
اهو يوٽوپيائي خيال ناهي. ائين ٿي سگهي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ سنڌي ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ يونيورسٽين جو هڪ گڏيل هائير ايجوڪيشن جو ڊپارٽمينٽ
هجي، جيڪي گڏجي پي ايڇ ڊي جي رجسريشن ڪن. ٻيو ته پي ايڇ ڊي جي چيڪنگ لاءِ انڊيا جي
اديبن ڏانهن موڪلڻ وارو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي. ڇو ته اهي پنهنجائپ ۾ سڀني سان
وهنوار وهيو وڃن، جيڪا ٿيسز وڃي ٿي اها پاس ٿي وڃي ٿي. چيڪنگ جو طريقيڪار بلڪل غلط
آهي، انهيءَ لاءَ باقاعده ڪو پينل بورڊ هئڻ گهرجي. سنڌي لئنگويج اٿارٽي ته انهيءَ
سلسلي ۾ مدد ڪري سگهي ٿي. باقي موضوع جي چونڊ به مرضي سان ٿيڻ بدران ڪو ادارو طئي ڪري،
اسان وٽ ياري باشي هلي ٿي. فارملٽيون پوريون ٿين ٿيون. پي ايڇ ڊيءَ کي ماڻهن مذاق ٺاهي
ڇڏيو آهي، اهو ڏينهن پري ناهي ته پڪوڙن وڪڻڻ واري وٽ به پي ايڇ ڊي جي ڊگري هوندي.
اسان وٽ پٽيوالو آهي، ان جا امتحان لاڙڪاڻي مان ڪير ڏيئي آيو هاڻ اهو ايم اي آهي،
پر مزي جي ڳالهه ته پي ايڇ ڊي ۾ داخلا به وٺڻ جو ارادو اٿس. چوي ٿو گهڻا ماڻهو لکي
ڏيڻ لاءِ تيار آهن. ۳ لک کان ۵ لک جو سودو آهي. باقي ڪلاس ته هلن ڪونه، پروفيسر پڙهائن ڪونه ته پوءِ امتحانن
۾ مارڪون ڏيو ڇڏين. ڏسو اسان وٽ لسانيات، ٻولي،
لساني جاگرافي، ادب جا فڪري پاسا، تنقيد تي ڪم گهٽ ٿيو آهي، تمام گهڻا موضوع آهن،
جن تي تحقيق جي ضرورت آهي.
نئين آس: اسان وٽ
سنڌيءَ ۾ پي ايڇ ڊي جو مقالو ڀارت موڪلڻ وارو رواج ڪڏهن پيو، ۽ اڄ جي دور ۾ان جي ڪهڙي
ضرورت آهي؟ توڙي جو ان جي رپورٽ کي ڪيترائي ورهيه لنگهي وڃن ٿا.
ڊاڪٽر غفور ميمڻ:
اهو قانون آهي ته هڪ ئي لٺ سان گڏهه ۽ گهوڙي کي هڪليو. سنڌي جي پي ايڇ ڊي سنڌ جي
بجاءِ انڊيا وڃي ٿي ؟ آخر ڇو؟؟. انڊيا جي
پي ايڇ ڊي ته اسان وٽ ڪڏهن چيڪ نه ٿيڻ ڪونه ٿي اچي. يونيورسٽي جو اهو قانون آهي ته
پي ايڇ ڊي ملڪ کان ٻاهر چيڪ ٿيندي. ڇو ته هتان ماڻهو سفارشون ڪرايو پاس ڪرايو وٺن.
پر سنڌي جي ٿيسز ته انگلينڊ ۾ چيڪ ڪونه ٿيندي.
نئين آس: توهان پڪوڙن
واري وٽ ڊگري جي ڳالهه ڪئي ته اهو الميو به اندر مان اڀري نڪتو ته اهو تعين ڪير ڪري
ته پڪوڙا وڪڻندڙ جي ڊگري يافتا آهي ته ڏوهه پڪوڙا وڪڻندڙ جو آهي يا سرڪار جو يا انتظامي نااهليءَ جو؟؟؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ:
سرڪار جي سرڪار جو. سمجهه ۾ آيو؟
نئين آس: اسان وٽ ڪيترن
ئي سالن کان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بدنام آهي، هڪ ته ورهين کان پوءِ جڙي ڪا
صورتِحال، وري المين تي الميا، سنڌ ۾ عربيءَ لاءِ پوسٽن جو تعداد، سون ۾آهي ته سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جون محدود. ويجهي ماضيءَ وارو تجربو ته چٽو پٽو سامهون
آهي، اهو ڪهڙو سبب آهي جو ڪميشن جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ به حيران پريشان آهي ته فيل ٿيندڙ
به؟؟؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ: ڪميشن
جو معاملو عدالت ۾ هلندڙ آهي انهيءَ ڪري مان نه ڳالهائيندس.باقي اسان وٽ ادارن کي
هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي. اسان جا ئي اڪابر گهوڙا گهوڙا ڪري ادارا تباهه ڪن ٿا. ڪراچي
جي ڪاليجن ۾ سنڌي پڙهائڻ اسيمبليءَ مان
منظور ٿيل آهي پر ڇو نٿي پڙهائي وڃي. جڏهن ته سنڌي شاگرد انٽر ۾ اردو پڙهن ٿا. ته
پوءِ ڪراچي بورڊ ۾انٽر ۾آسان سنڌي ڇو نٿي
پڙهائي وڃي. ارباب رحيم جي دور ۾ سنڌيءَ ليڪچرر جون ڏيڊ سئو ويڪنسيون آيون هيون
انهيءَ ڪري ته ڪراچي ۾ آسان سنڌي پڙهائي ويندي. پر وري ان تي عمل نه ٿيو. البته ڀرتيون ته ٿيون هيون. پيپلزپارٽي ۾ دم آهي ته عمل ڪرائي
نه؟؟
نئين آس: سوشل ميڊيا
تي اوهان ظاهري طور ڪميشن جو تحفظ پئي ڪيو، اوهان جي سامهون اچڻ تي اوهان ڏانهن آڱريون
کنيون ويون، اوهان ان باري ۾ ڇا چوندا؟؟؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ: ڳالهه
اها آهي ته ڪميشن ٽن ماڻهن کان پيپر ٺهرائيندي آهي پوءِ ان مان ماڊريشن ڪري هڪ
پيپر ٺاهيو ويندو آهي. ماڊريشن ۾ ٻه ٽي
غلطيون ضرور هيون اهو ماڊريشن ڪرڻ واري جي
غلطي آهي. پر هڪ ماڻهو چيو ته ۲۵ سوال غلط آهن ٻئي
چيو ته ۱۸ سوال غلط آهن. جيڪي فيل ٿيا تن
چيو ته سڄو پيپر غلط هو. اصل ۾ گهوڙا گهوڙا ڪرڻي آهي. باقي پوءِ توهان ڏٺو ڪميشن کي
ئي ختم ڪيو ويو. جيڪي پاس ٿيا انهن جو تعداد به سون ۾ هو. اهي ويچارا ڪيڏانهن وڃن.
انهن ڪهڙو ڏوهه ڪيو جن رات ڏينهن هڪ ڪري ڪميشن جو پيپر پاس ڪيو. پر نه اسان کي صرف
گهوڙا گهوڙا ڪرڻي آهي. اهو اسان جو رويو آهي!! پوءِ چون ٿا قوم تباهه پيئي ٿئي. جتي گهوڙا گهوڙا ڪرڻي آهي اتي چپ لڳي پئي آهي.
توهان سنڌ جا شهر ۽ ڳوٺ ڏسو روئڻ ٿو اچي ڇا تباهي اچي چڪي آهي. هر طرف ڪرپشن آهي ٻيو
ته ٺهيو ٻيلي کاتي جون زمينون ٻيلا وڍائي وڏيرا قبضا ڪري ويا. ڪير آهي جو ڳالهائي. مان انهن فيس بڪي دانشورن
کان پڇان ٿو حق سچ جي ڳالهه تي چپ ڇو ؟ گهوڙا گهوڙا ڪري وري ڳاڙهو ٻوڙ ملي ٿو ته ماٺ!!
نئين آس: هر اداري
۾ ويٺل ماڻهو ٻين به ٻن ٽن ادارن جو به سربراهه آهي، هر وس وارو ماڻهو رٽائرمينٽ
کان پوءِ به ڪٿي نه ڪٿي وڏي عهدي جو مالڪ آهي، اها پاليسي رڳو علمي ادبي ادارن ۾
نه پر مٿي تائين لاڳو آهي آخر ڇو؟ اهو سماجي ڏيوالپڻو آهي، يا نئين ٽهيءَ سان ويڌن؟؟؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ: اهو سوال ته اسٽيبلشمينٽ وارن کان پڇو سوين ادارا
اهڙا آهن جن جا سربراه رٽائرڊ ماڻهو آهن. طاقتور رٽائرڊ ٿيندو ئي ڪونهي.اهو
رٽائرڊ ٿيندي ئي کيس ڪنهن ٻئي اداري جو سربراهه بنايو ويندو آهي باقي مون ته
هزارين ايماندار غريبن کي رٽائرڊ ٿيندي ڏٺو جيڪي وڃي گهر ويهي رهيا.
نئين آس: توهان ڪهاڻيون
به لکيون، شاعري به ڪئي، تحقيق به ڪئي، توهان پروفيسر به آهيو. توهان پاڻ کي ڪهڙي
ميدان تي آسان سمجهيو يا پاڻ کي ڳولي لڌو؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ:
مان پڙهائڻ کي ترجيع ڏني آهي، سڀ ڪجهه انهيءَ ۾ آهي، اهو پيغمبري پيشو آهي. پر مان
نه اديب آهيان نه وري دانشور. مان ته
سوچيندڙ آهيان. جيڪو سوچيندو آهيان اهو لکندو آهيان.
نئين آس: توهان
مذهبي آهيو، سيڪيولر يا لاديني؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ:
حقيقت اها آهي ته جيڪي چون ٿا خدا ناهي ۽ وري جيڪي خدا جي هئڻ جي دعويٰ ڪن ٿا ٻئي
هڪ پيج تي آهن. ٻنهي وٽ عقيدو آهي، ڇو ته ڪوبه سائنسي دليل ٻنهي وٽ ناهي.
اسان ڪائنات جو صرف
هڪ پاسو ڏسون ٿا. سائنس مادي دنيا کي تسخير ڪري ٿي. پر ڪوائنٽم ٿيوري جي اچڻ کان
پوءِ خود سائنس اڻ تڻ ۽ حيراني جي دنيا متعارف ڪرائي ٿي. بس ڪجهه آهي جو هُن پاسي
اسان ڏسي نٿا سگهون، يا ائين چئجي ته زمان و مڪان کان ٻاهر نڪري ڪونه ٿا سگهون.
مذهب عقيدي جو
سماجي پهلو آهي. اصل ۾ مذهب زرعي سماج ۾ پليسيبو هو. ڪارپوريشنز جي دور ۾ واپار بنجي
ويو آهي. اهو به اڻ ڇهندڙ intangible واپار.
مذهب هڪ ئي آهي، انسانيت جو مذهب. جيڪو اسان جي
صوفين ڏنو هو.
نئين آس: اڄ جي
جديد دور ۾ به لطيفيات ماڻهن لاءِ امتحان آهي، لطيف کي شاعر گهٽ مذهبي وڌيڪ سمجهيو
وڃي ٿو، هر مذهبي ڌڙو لطيف کي پنهنجي سوچ سان ڳنڍي ٿو. اوهان جو ڇا خيال آهي ته
لطيف ڪهڙي پاسي آهي. سندس فڪر تي روشني وجهو.
ڊاڪٽر غفور ميمڻ: اهو سوال تمام گهڻو تفصيل سان جواب گهري ٿو. جيڪو
هتي نٿو ڏيئي سگهان لطيف تي منهنجو ڪتاب لکيل آهي”شاهه لطيف جا فڪري رخ” اهو پڙهڻ
لاءِ چوندس.
باقي جتي ماءَ جي
ممتا به ڪمرشلائيز ٿي چڪي آهي اتي لطيف تي به وڏو ڪاروبار ٿئي ٿو.
نئين آس: موجوده
سماج ۾ هر ماڻهو شهرت چاهي ٿو. هر ماڻهو چاهي ٿو نمبر ون هجي. سندس جئه جيڪار هجي.
ڏوڪڙ ڪمائي ڪهڙي به ٻه نمبري ڪري. ڇا اهو اخلاقي زوال آهي يا نفسياتي؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ:
انهيءَ جو سبب پلوٽوڪريسي آهي، جنهن کي ڌن راڄ چئبو آهي. هن وقت دنيا ۾ اهو نظام
هلي پيو. نه ته ڪا ڊيموڪرسي آهي! نه آمريت آهي. نه بادشاهت آهي. “جنهن جي گندئي ۾
داڻا، تنهن جا چريا به سياڻا” مقابلي بازي جو دور آهي. هن دور کي پوسٽ هيومن دور
چيو وڃي ٿو. ڇو ته انسان جي جڳهه مارڪيٽ ورتي آهي. زندگي، عزت، شهرت، وقار، رشتا،
دوستيون مارڪيٽ جو وکر ٿي ويا اهن، جيڪڏهن تو وٽ پئسا آهن ته سڀ خريد ڪري وٺ. هاڻي
سڀڪو ڊوڙ ۾ لڳي ويو آهي ته دولت هٿ ڪري ته سندس سٺا دوست هجن، ماڻهو سندس عزت ڪن.
هن کي شهرت هجي. هن جي واه واه ٿئي. مان لئنگويج اٿارٽي جو چئرمين هوس ته ماڻهو
مونسان فوٽو ڪڍائڻ چاهيندا هئا. ماڻهو چوندا هئا وڏي لئي لست اٿس. پر مون کي گهٽ ٻوسٽ
ٿيندي هئي. مصنوعيت کان. مون کي خبر هئي طاقت جا پوڄاري ماڻهو آهن ڪريي جو ڪير ڪونهي.
ڌن وتي ڪو ڪانٽا لگا، دوڙي غير هزار،
اور نرڌن گرا پهاڙ سي، ڪوئي نه آيا يار.
ڏٺو وڃي ته
موجوده سماج لامرڪزيت جو سماج آهي، جنهن ۾
ڪو به ڊسيپلين ناهي نه وري ڪو قانون آهي. جنهن کي جيئن وڻي سو ڪري. سنڌي سماج ۾ وڏي اٿل پٿل ٿي آهي. احساس ڪمتري ڦهليل
آهي. هڪ طبقو جيڪو سياست کان مايوس ٿيو انهن مان گهڻن ماڻهن صحافت ۾ پناهه ورتي، ڪجهه
ماڻهو چاپلوسي ڪري ڪرسي وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ڪي وري بيوروڪريٽ ٿي پنهنجي ڪٽنب کي ٻاهر
شفٽ ڪري ويا. هي اخلاقي بحران به آهي ته نفسياتي بحران به آهي.
هر طرف افراتفري ڦهليل
آهي. ائين سمجهو ته خانه جنگي لڳل آهي.
نئين آس: اوهان ڳالهه
ڪئي هر ماڻهو پيسا گڏ ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي، اهو الميو غريب لاءِ مايوسي جو سبب آهي يا
مالدار لاءِ... اهو فڪر ۽ فرق وضاحت گهُري ٿو...
ڊاڪٽر غفور ميمڻ:
شخصيتون ٻن قسمن جون ٿينديون آهن ۱. TO HAVE ٻيو ۲ TO BE جيڪو ٽو هيو يعنيٰ حصول ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ پوي ٿو اهو هميشه پريشان آهي. ڀلي
اربين رپيا وٽس هجن. باقي ٽو بي يعني ڪجهه بنجڻ جي شخصيت جيڪا دولت جي بنياد تي نه
هجي. انهيءَ لاءِ ڪا به پريشاني ناهي.
نئين آس: نئين پيڙهي
جنهن کي الفا پيڙهي چيو وڃي ٿو اها اڃا به خطرناڪ ثابت پيئي ٿئي؟ ڇا جي ڪري؟؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ:
اسان جي ٻهراڙين واري زندگي ختم ٿي ويئي. هن موبائل سماج کي ائٽمي ڌماڪي سان اڏائي
ڇڏيو. جنهن جي تباهي اڃا ظاهر ٿيندي.
اسان پنهنجا باغ، ٻنيون،
نديون، رانديون، نانين ڏاڏين جون آکاڻيون، نهرون، گس، پيچرا، رشتا، ڪچهريون، ريتون
۽ فطرت ڏيئي هي سوڙها فليٽ، بدبو ڌار گهٽيون ورتيون آهن. جنهن ۾ ڏيکا پرستي آهي.
ويڳاڻپ آهي. ٻار ننڍڙو ڪيڏانهن وڃي؟ ماءُ ان کي وقت نٿي ڏي. ناني، ڏاڏي ان کي آکاڻي
نٿي ٻڌائي. ٻار کي کيڏڻ لاءِ ميدان ڪونهن، رانديون ڪونهن، پيءُ چوي ٿو پهرين
پوزيشن کڻي اچ، توکي ڊاڪٽر يا سي ايس پي آفيسر ٿيڻو آهي. کيس پيزا، برگر وٺي ڏنا
ويندا آهن. وڌيڪ تنگ ڪندو ته کيس موبائل هٿ ۾ ڏني ويندي، يا ڪمپيوٽر گيمز جي دنيا جو رخ ڪندو. جتي رت ئي رت
آهي. ان وٽ نه ٻڌڻ جي سگهه آهي نه برداشت ڪرڻ جي، نه هارائڻ جي. هو صرف ويڙه سکي ٿو،
جوشيلو ڪاوڙيل، مڇريل، اوباش نوجوان پيدا ٿئي ٿو.
نئين آس: علم ڏاهپ
فلسفي ڏانهن موجوده دنيا جو رويو ڏسي لڳي ٿو ايندڙ دور ۾ صرف ٽيڪنالوجي هوندي ڏاهپ
نه هوندي، سوچڻ جي صلاحيت ختم ٿي چڪي هوندي.؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ:
دنيا تي حڪمراني چريي واپار ۽ مقابلي بازي
جي آهي، دنيا ۾ تبديلي ايندي هي سڀ جڳاڙي،
ڪرپٽ لڙهي ويندا، ڪڏهن به ڏاهپ جو دور ختم ٿي نٿو سگهي. فرق صرف اهو آهي ته هن وقت
ڪرپٽ ماڻهن جو دنيا تي قبضو آهي. ڪوڙن ٺڳن ماڻهن جو وقت ٿورو آهي. لئي لست ڀلي ڪن
پر تاريخ ۾ گمنام ٿي ويندا. توهان ٿورو غور ڪريو. سگمنڊ فرائيڊ جڏهن جديد نفسيات
جا بنياد رکيا ته ان وقت ساڻس ذلت آميز سلوڪ ڪيو ويو. يهودي هئڻ جي ڪري کيس مخالفت کي منهن ڏيڻو پيو هو. ان وقت ويانا ۾
جرمن نازين قبضو ڪيو ته فرائيڊ جي لائبيرري ساڙي ڇڏي. گرفتار ٿيڻ کان اڳ يونان جي شهزادي ميرين ڏهه
لک شيلنگ ادا ڪري فرائيڊ کي بچائي ورتو پر
ان کان به وڌيڪ صدر روز ويلٽ فرائيڊ کي بچائي لنڊن ۾ شفٽ ڪرايو. ٻئي طرف جان پال
سارتر جي موت جي سزا صدر ڊيگال اهو چئي
معاف ڪري ڇڏي ته سارتر فرانس آهي ۽ فرانس سارتر آهي فرانس کي ڦاسي ڪيئن ڏيئي سگهجي ٿي.؟
اهو علم دوست رويو
هو، جنهن يورپ کي بلندين تي پهچايو. صرف ٽيڪنالوجي واپارين جي هٿ ۾ آهي ان ڪري استعمال
درست نه پئي ٿئي. فطرت ۽ انسان کي تباهه ڪيو
پيو وڃي.
نئين آس: گوبند
مالهي واري سنڌي ادبي سنگت اوهان کي ڪنهن ڪنڊ ۾ نظر اچي ٿي؟؟ موجوده سنگت کي اوهان
ڪيئن ٿا ڏسو؟؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ: ادبي سنگت ۾ نه ادب رهيو نه سنگت. اها ترقي
پسند دور جي ضرورت هئي ته ادب کي نظرياتي بنائجي ان جو ڪردار طئي ڪجي. ان ڪري ادبي
سنگت ٺاهي ويئي. هاڻي ادبي سنگت ۾ رڳو ڄنڊا پٽ لڳي پئي آهي.
نئين آس: سنڌ ۾
ادب، ٻولي، ثقافت، سياحت سميت اديبن جي واهر ڪرڻ ثقافت کاتي جي ذميواري آهي، ان
سلسلي ۾ کاتو ڪيترو متحرڪ آهي؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ: ڪو
وقت هو جو اديب سرڪاري مدد وٺڻ پسند نه ڪندو هو. بلڪ ڪنهن کي سرڪاري ماڻهو چوڻ گار
هئي. هاڻي اديب ئي انهيءَ ڪري ٿيڻو آهي جو
سرڪاري ڪو چسڪو وٺڻو آهي.
اصل ۾ ثقافت کاتي
جو ڪم رڳو اديب سنڀالڻ ناهي. سنڌ ۾ سياحت کي فروغ ڏيڻ به آهي. سنڌ جون روايتون، سنڌ
جون سوکڙيون، هينڊي ڪرافٽ، قديم آثار سڀ ثقافت کاتي جي ذميداري آهي. پر اهو
ڪم تمام گهٽ ٿئي پيو. اسان جو دوست ناز سهتو چوندو هو سنڌ ۾ اديب گهڻا هوندا وڌ ۾ وڌ ۰.۵ سيڪڙو به نه پر چُون چُون ايتري اٿن جو لڳي ٿو سڄي سنڌ
اديبن مان ڀري پيئي آهي. ثقافت کاتو پنهنجي وس آهر واهر ڪري پيو. باقي ته هر شهري
جي واهر ڪرڻ حڪومت کي ڪرڻ گهرجي،رڳو اديب
جي ڇو؟ اهو ويلفيئر رياست جو ڪم آهي پر سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ ويلفيئر رياست
جو تصور ختم ٿي ويو.
نئين آس: سنڌ ۾ امر
جليل معامرو، بحريا ٽائون معامرو، ان کان علاوه سنڌي پٺاڻ ۽ ٻيا ڪيترائي مسئلا ڪر
کڻن ٿا، ۽ وري يڪدم ختم ٿي وڃن ٿا، ان جو قوم تي ڪهڙو اثر پوي ٿو؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ: توهان اهو ٻڌو هوندو ته create the issue، kill the issue
هڪڙن اشوز کي ختم ڪرڻ لاءِ ٻيا اشوز پيدا ڪيا
ويندا آهن، ڌيان هٽائڻ لاءِ معمولي اشوز پيدا ڪيا ويندا آهن. امر جليل سنڌ جو
ليجينڊ آهي، هي ان دور جي پيدا وار آهن جڏهن سنڌ پنهنجي جياپي جي جنگ وڙهي پي. جڏهن
دنيا ۾ نظريا عروج تي هئا. اصول خاطر ڦاهي قبول ڪبي هئي. سرڪاري مرعات يا سرڪاري
دلالي ڪرڻ کان بهتر قيد قبول ڪبو هو.
امرجليل ان دور جو اهم ماڻهو آهي جنهن سنڌ جي شعور کي اجاگر ڪيو. سنڌي
نوجوان کي سڪيولر بنايو. پر هن وقت امر جليل جي
پراڻي وڊيو کڻي کيل کيڏيو ويو. اسان
جو اڄ جو نسل يا ڦٻئون صرف هاءِ گهوڙا ڪري ڄاڻي. ان کي سوشل ميڊيا جهڙو هٿيار هٿ ۾
اچي ويو آهي. مجموعي طور لاقانونيت هٿ وٺي
ڦهلائي ويئي آهي. جاهل ڪردار هٿ ڪري انهن کي اڳتي وڌايو ويو آهي. هر طرف جنون ڦهلايو ويو آهي. هر طرف افراتفري پيدا ڪئي ويئي آهي. بحريا ٽائون جو معاملو ايترو سولو ناهي. هڪڙا
اهي ماڻهو آهن جن پنهنجون زمينون پاڻ وڪيون آهن. ٻيا اهي آهن جن بحريا جي معاملي
کي اٿاري اتي فليٽ ورتا. بحريا ٽائون جي خلاف مظاهرا ڪندڙ اتي اسٽيٽ جو ڪاروبار به
ڪن پيا. مسئلو صرف ملڪ رياض جو ناهي ملڪ رياض ته منشي آهي، سڄي سنڌ جي هر پاسي
قبضو ٿي چڪو آهي سمنڊ جي سڄي پٽي وڪجي چڪي آهي. سپر هاءِ وي جو سڄو پاسو لنڪ روڊ
کان وٺي ڪنهن وٽ آهي؟ ڊي ايڇ اي سوسائٽي ڪنهن وڪي؟ اها سنڌ جي زمين ناهي ڇا ؟ سنڌ جي سڄي مارڪيٽ پٺاڻن وٽ آهي، فصل
زميندار پاڻ منڊي کڻي ڪونه ٿو وڃي اهو زمين تي پٺاڻ کي وڪڻي ڏي ٿو. بدين ضلعي جي ماتلي لنڪ روڊن تي ماڻهو پنهنجون زمينون وڪڻي پٺاڻن
کي ڏين پيا هلي ڏسو. اتي پٺاڻن جا پيٽرول پمپ، هوٽلون کلي چڪا آهن. اسان جا پنهنجا
ماڻهو ڪن ڪجهه ڪونه زمينون وڪڻي وري گهوڙا گهوڙا ڪن. ٿر سڄو پٺاڻن مان ڀرجي ويو
آهي. مستقبل ۾ لاڙ سنڌ يا وفاق جي حوالي ٿيندي يا الڳ صوبو ٿيندو پر اسان جا ماڻهو
ڳاڙهو ٻوڙ کائڻ جي ڊوڙ ۾ هوندا!!
نئين آس: اوهان
موسيقي ٻڌندا آهيو؟ جي ٻڌندا آهيو ته ڪهڙي موسيقي؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ:
جي ها بلڪل ماڻهو چوندا آهن موسيقي روح جي غذا آهي پر مان چوان ٿو ته موسيقي فطرت
جي زبان آهي. ماڻهو به فطرت جو حصو آهي پر شعور جي ڪري فطرت کان الڳ ٿيڻ جو کيس
احساس آهي. جنهن ڪري ويڳاڻپ محسوس ڪندو آهي. موسيقي وري اهو آرٽ آهي جو کيس فطرت سان جوڙي ٿو.
موسيقي جيڪڏهن سٺي ڌن ۽ خيال سان هجي. سٺي شاعري هجي. ته روح کي تازو توانو ڪندي آهي. ڇو ته روح فطرت
جي ويجهو ٿي ويندو آهي. مونکي ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل راڳ کان وٺي جديد موسيقي ٻڌندو
آهيان جيڪي طبعيت کي وندرائي ۽ روح کي جهومائي ڇڏي. ڪڏهن ڪا سٺي فلم ڏسي وٺندو
آهيان پر فڪر فلسفي واري هجي.
نئين آس: اوهان
پروفيسر آهيو، يقينن بي حد مصروف هوندا، ٻيو ڪراچيءَ جي زندگي، ان جي باوجود ڪڏهن
پاڻ کي تنها محسوس ڪيو؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ: اڪيلائي ! تنهائي هن مٽي جي خمير ۾ آهي. انسان زنده محرڪ شعور رکندڙ فطرت آهي جيڪا جز
بنجي ڪل کان وڇڙيل آهي. اها تنهائي اهي جو
انسان رشتا جوڙي ٿو پاڻ کي مصروف رکي ٿو. پاڻ کي ڪنهن تخليق ذريعي وندرائي ٿو. جيترو توهان وڏي شهر ۾ ويندا جيترو وڏي عهدي تي
ويندا اوترا اڪيلا ٿيندا. هڪ شعر يادا اچي
ٿو.
If I have describe the life in one word،
I would say “loneliness” twice.
نئين آس: شاعر کي
سدائين محبوب جي زلفن جو طعنو ملي ٿو، مزاحمت وارو سوال عجيب نموني سامهون اچي ٿو،
اوهان جو ان حوالي سان ڪهڙو خيال آهي، مزاحمت رويو آهي، يا ڪجهه ٻيو؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ: زندگي جو بنياد ئي مزاحمت آهي. بقول انور
پيرزادي جي ته “ محبوب جو مک چمڻ جي خواهش به انقلابي خيال آهي” ڳالهه صرف ايتري
آهي ته شاعري جو قالب جماليات آهي جيتري تخليق جمالياتي هوندي اوترو تاثر وجداني ڇڏيندي. باقي شاعر آزاد آهي سڄي ڪائنات هن جي محبوب
آهي. زلفن وارو طعنو انهيءَ ڪري آهي ته ماضي ۾ شاعر سياست کي نعرا ڏيندا هئا، جلسن جلوسن کي گرمائيندا هئا. عوام کي انقلابي
شعور ڏيندا هئا. اڄ صورتحال ٻي آهي.
نئين آس: دنيا
الاءِ ڪٿي پهتي آهي، اسان وٽ اڃان دانشورن کي پوسٽ ماڊرنزم سمجهه ۾ نه آيو آهي،
اوهان ان بحث کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ: پڙهائي ڪرڻ بنا ڳالهه ڪيئن سمجهه ۾ ايندي؟ جيڪي
دنيا جو ادب پڙهن ٿا جيڪي اپڊيٽ رهن ٿا
انهن کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي. هن وقت دنيا جو وهنوار ڪنفيوزڊ ۽منجهيل بنايو ويو
آهي. دنيا هڪ انڌي سرنگ ۾ ڦاٿل آهي. دنيا ۾ اونڌائي وارا دور ايندا آهن. ان کان
پوءِ سجاڳيءَ وارا دوربه ايندا آهن. باقي فيس بڪي دانشور، مافيائي دانشور، لابنگ وارا دانشور، مفادن جي ڊوڙ
وارا دانشور، ڳاڙهو ٻوڙ کائڻ وارا دانشور ڪيترا
قسم اٿو دانشورن جا. جيڪڏهن انهن جي ڳالهه ڪريو ٿا ته پوءِ انهن کي سمجهه ۾
اچي يا نه ڪهرو ٿو فرق پوي!.
نئين آس: پڙهندڙن
لاءِ ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندا!؟
ڊاڪٽر غفور ميمڻ:
اختلاف راءِ کي ٻڌو صبر تحمل سان برداشت ڪريو. جڳاڙي ٿيڻ ڇڏي ڏيو، سماج کي فرد بدلائيندا آهن. تاريخ جا ڪردار ٿيو، واپاري
دنيا جا ڪردار مٽجي ويندا. پنهنجي اولاد کي فطرت کان پري نه ڪريو. انصاف ڪريو، ڪوڙ،
ٺڳي ۽ چاپلوسي توهان کي منافق ۽ جانور ٺاهيندي. دنيا جا وڏا علمي ڪتاب پڙهو. ننڍڙي
ننڍڙين ڪهاڻين ۾ پاڻ کي نه منجهايو. علم حاصل ڪريو. سوچيو. غور فڪر ڪريو. ڊگرين جي
حصول پٺيان نه ڀڄو، ٽيڪنالوجي جي سکيا وٺو، سنڌ جو واپار پنهنجي هٿ ۾ آڻيو. پنهنجي
اولاد کي نوڪري جي دنيا ۾ نه مونجهايو. جيڪڏهن وڌيڪ پڙهائي نٿو ڪري سگهي ته بزنيس ۾ لڳايو.
پنهنجي اولاد کي
موبائل جو مثبت استعمال سيکاريو. دنيا هن وقت خطرناڪ ترين بنجي چڪي آهي ڌيان سان
سرت سان پاڻ بچايو. ۽ مثبت ڪردار ادا ڪريو. ڏيکاءَ، نقلي واپاري دنيا جا کيل تماشن
جي همٿ افزائي نه ڪريو. مثبت ڪلچر، روايتون نه وساريو. موبائل ۾ ڪلاڪ گم رهڻ بدران
ڪو ڪتاب پڙهو، ڪنهن وڻ هيٺان ويهي رهو بهتر آهي، ڪنهن ندي جون لهرون ڏسو، ڪنهن پکي
جو آواز ٻڌو، ڪنهن ٻار سان گڏ ٽهڪ ڏيو، ڪنهن بزرگ سان وقت گذاريو بهتر آهي.
(نئين آس مئگزين ۾ شايع
ٿيل، چنا لائبرري درٻيلو جي فيسبڪ پيج تان ۱۰ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا