; سنڌي شخصيتون: سيد سليمان شاهه - محمد سليمان وساڻ

25 August, 2016

سيد سليمان شاهه - محمد سليمان وساڻ

سيد سليمان شاهه
سنڌ جو منفرد لوڪ راڳي
محمد سليمان وساڻ
پرائمري تعليم پاس سيد سليمان شاهه 20 جولاءِ 1933ع ۾ ضلعي ٺٽي جي جاتي واري شهر ۾ سيد عبدالله شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. 200 کان وڌيڪ گيت ڳائيندڙ هن جو استاد بچو شيخ هو جنهن راڳ ۽ رقص جي سکيا ڏني. پنهنجي انوکي رقص ۽ گائيڪي جي انداز ذريعي شاعري جي لفظ لفظ ۾ زندگي ڀريندڙ هن درويش صفت راڳي جي جيئڻ جو به انداز نرالو هو. هو پنهنجي انداز ۾ صوفياڻي ڪلامن تي رقص به عبادت جيان ڪندو هو. ان وقت وجد جي حالت ۾ نچندي ڳائيندو هو. پيرن ۾ ڇيرون ٻڌي جڏهن سيد سيلمان شاهه محفل ۾ نچندو هو ته هن جي آواز تي هر محبت ڀري دل به ڪنهن درويشن جي مزار جو آڳند بڻجي ويندي هئي. سيد سليمان شاهه جو بدن راڳ ۽ ساز جي لئه تي لهر لهر تي مڙڻ لڳندو هو. سيد سليمان شاهه سنڌ جو اڪيلو راڳي هو. جنهن جو انداز به فقيراڻو هوندو هو. هو لباس سادو ۽ ڀرت ڀريل پهراڻ اڪثر ڪري پهريندو هو ۽ منفرد نموني سان ناچ ڪندو هو. ناچ ۽ راڳ دوران ويٺلن تي وجد طاري ٿي ويندو هو. هن جو ناچ هن جي جسم جي ڄڻ شاعري هوندي هئي نه صرف پيرن جا گهنگهرو پر هٿن ۽ اکين جا پڻ راڳ ڳائڻ دوران اشارا ڪندو هو. هن جو پورو وجود ناچ دوران محبت جو سمنڊ بڻجي ڇلڪڻ لڳندو هو. خاص طور تي جڏهن هو ”سهڻا پنهنجي اکين کي جهل تون“ ڳائيندو هو ته سندس رقص جو پورو اظهار چپن تي مرڪ بڻجي ٽڙي پوندو هو.


سيد سليمان شاهه کي اسٽيج تي ڳائڻ جو وڏو ڏانءُ هو، ڳائڻ دوران نچڻ ۽ موضوع جي مناسبت سان سمجهائڻ خاطر ڪن جملن جو استعمال ڪرڻ ۽ اشارن وسيلي اداڪاري ڪرڻ سندس خاصيت ۾ شامل آهن، ماڻهن جي مزاج کي ڏسي اهڙو ڳائيندو هو جو ٻڌندڙ منڊجي ويندا هئا، ان جي ڳائڻ جي انداز کي ڀڳتي انداز سڏيو وڃي ٿو، هو گهنگهرو يا ڇير ٻڌي نچندو هو، هن ان انداز ۾ ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ شروع ڪيو هو، ننڍيءَ عمر ۾ اسان وٽ ميلن ملاکڙن تي ناچو ته عام طور تي ڇير ٻڌي نچندا آهن پر ان کي آخري عمر تائين جاري رکندڙ سائين سليمان شاهه واحد فنڪار هو، هو ڏاڍو سهڻو لباس پائيندو هو، وڏا وار رکندو هو ۽ گهڻي ڀاڱي ڀرت ڀريل ريشمي ڪپڙا پائيندو هو.

سيد سليمان شاهه ننڍي پئماني تي ته مقبول ٿي چڪو هو پر کيس وڌيڪ مقبوليت ٽيليويزن تي سائين بلي شاهه جي ڪلام ”اسان نون عشق مريندا، ڍولڻ ول ول قتل ڪريندا“، ڳائڻ کان پوءِ ملي. ان نغمي سبب کيس پوري پاڪستان ۾ مڃتا ملي، اهو ڪلام هن جي سڃاڻپ بڻجي ويو، ٽي ويءَ تي 1970ع ۾ کيس عبدالڪريم بلوچ آندو، ان کان پوءِ ريڊيي پاڪستان ڪراچيءَ تي تڏهوڪي سينيئر پروڊيوسر خواجه امداد عليءَ کيس متعارف ڪرايو، خواجه صاحب سندس ڳوٺائي آهي، سيد سليمان شاهه جا ڳايل نغما ايترا ته مقبول آهن سليمان شاهه 18 آگسٽ تي دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو.

No comments:

راءِ ڏيندا