حيدر علي لغاري
شاهه لطيف جو پارکو
الطاف ميمڻ
برک
عالم، استاد، اديب، نقاد ۽ شاهه لطيف جو پارکو سائين حيدر علي لغاري ۱۱ آگسٽ ۱۹۳۴ع ۾ تاجپور جي نواب گهراڻي ۾
نواب قمبر علي لغاري جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان مان نواب ولي محمد لغاري
ٽالپر دؤرِ حڪومت ۾ سنڌ جو وزيراعظم هو. حيدر علي لغاري پرائمري تعليم گورنمينٽ
پرائمري اسڪول تاجپور مان حاصل ڪئي، جتي سندس استاد غلام نبي لغاري راڳ جو وڏو
ڄاڻو ۽ هار مونيم جو ماهر هو. ميٽرڪ ۱۹۵۲ع نور
محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ڪيائين، جتي سندس استاد عبدالرحيم ڏيٿو، غلام محمد
شاهواڻي ۽ غلام حسين بالادي هئا. بي اي ۱۹۵۶ع ۽ ايم اي (مسلم هسٽري) ۱۹۶۰ع ۾
گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد مان ڪيائين، جتي ڪاليج جو پرنسپل ڊاڪٽر ايڊرين
دوارتي هو. بي ٽي (بي- ايڊ) ۱۹۶۱ع ۾
سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين، جتي پنهنجي استاد سيد اڪرام علي کان تمام گهڻو متاثر
ٿيا. پاڻ ”بي ٽي جي دؤر“ کي پنهنجو ”نئون جنم“ تصور ڪندا هئا.
ڪاليج
جي ئي زماني ۾ ۱۹۵۲ع کان علامه آءِ آءِ قاضي جا
ليڪچر ٻڌڻ شروع ڪيائين، جنهن سندس ذهني تربيت ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو. سندس فڪر
جي گهرائي، قول ۽ فعل جي سچائي تي قاضي صاحب جا چٽا عڪس نظر اچن ٿا.
سائين
حيدر علي لغاري مولانا غلام محمد گرامي جي شخصيت ۽ علم کان به گهڻو متاثر هئا ۽
پاڻ کي ان جو ”حبدار شاگرد“ لکيو اٿن. سندن گرامي صاحب سان ڪچهرين ۽ خط و ڪتابت جو
سلسلو تمام ڊگهو آهي.
سائين
حيدر علي لغاري پنهنجي خانداني نوابيءَ کي ڇڏي استاد ٿيڻ پسند ڪيو ۽ ۴۰ سال سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ استاد جي حيثيت ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام
ڏنيون. هو ۲۰ آگسٽ ۱۹۵۶ع ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿيو. ۱۹۵۶ع کان ۱۹۷۲ع تائين گورنمينٽ ٽريننگ ڪاليج
حيدرآباد ۾ رهيو. ان دوران ۱۹۶۱ع ۾
گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌرا (ضلعو سکر) ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٻنو (ضلعو ٺٽو) ۾ هيڊ
ماسٽر ٿي رهيو. آڪٽوبر ۱۹۷۳ع ۾
گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊوڄام ۾ هيڊ ماسٽر ٿي رهيو. ڪجهه مخالفن جي زور تي مارچ ۱۹۷۵ع ۾ جڏهن سندس بدلي ٽنڊوڄام کان نصرپور ڪئي وئي ته اسڪول جي شاگردن پنهنجي
هر دلعزيز محبوب استاد جي واپسيءَ لاءِ سخت احتجاج، جلوس ۽ هڙتالون ڪيون، حيدرآباد
۾ مظاهرا ڪيا ويا، ۱۷ ڏينهن
جي مسلسل ويڙهاند ۾ معاملو سنڌ اسيمبليءَ تائين پهتو ۽ انتظاميا مجبور ٿي حيدر علي
لغاري کي ٻيهر ٽنڊوڄام ۾ مقرر ڪيو. آڪٽوبر ۱۹۸۱ع کان فيبروري ۱۹۹۱ع
تائين گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن (مين) حيدرآباد ۾ ليڪچرر طور فرض
انجام ڏنائين. آگسٽ ۱۹۹۲ع
تائين هائير سيڪنڊري اسڪول سن ۾ پرنسپل ٿي رهيو. بيورو آف ڪريڪيولم ۽ ايڪسٽينشن ۾
سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ٿي رهيو. ان دوران گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج حيدرآباد جي پرنسپل
جي اضافي چارج به سندن حوالي رهي. ۱۰ آگسٽ ۱۹۹۴ع تي ملازمت کان رٽائر ٿيا.
سائين
حيدر علي لغاري جو شمار سنڌ جي انتهائي ڪميٽيڊ ۽ غير روايتي استادن ۾ ٿئي ٿو. سندس
مقناطيسي شخصيت، اخلاق ۽ علم ٽريننگ ڪاليج ۾ ٽريننگ لاءِ ايندڙ استادن تي اهڙو ته
اثر ڪندا هئا جو اُهي ٻين استادن جا ڪلاس وٺڻ بدران سندس ئي ڪلاسن ۾ ويٺا هوندا
هئا. هو هڪ ڪُل وقتي استاد هو. اسڪول ۽ ڪاليج جي سرڪاري ذميوارين کانپوءِ به سندس
گهر سدائين شاگردن جي هجومن سان ڀريو پيو هوندو هو. هو يونان جي سُقراط وانگر روڊن
تي، رستن تي، ٿلهن ۽ فوٽ پاٿن تي ويٺو شاگردن سان علم ۽ دانش جا ٻول ٻوليندو هو.
پاڻ نئين سنڌ جي نوجوان نسل جي فڪري اوسر ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيائون. ڪيترن ئي شاگردن
سان سندس خط و ڪتابت جو سلسلو هوندو هو. عبدالقادر جوڻيجو ڏانهن لکيل سندس هڪ خط
سنڌ يونيورسٽي جي بي اي جي سليبس ۾ به رکيل آهي. متڀيد جي فرقن کان آجو ٿي پاڻ ڪيترن
ئي غريب شاگردن جون مالي مددون به ڪندا هئا، جن جي خبر سندن وفات کانپوءِ پئي آهي.
جاگيردار
خاندان جو فرد هوندي به پورهيت دوستن جي ساٿ ۾ رهيو. هارين ۾ جاڳرتا پيدا ڪندڙ
کاٻي ڌر جي مشهور ڪردار عزيز سلام بخاري جون تنظيمي ڳجهيون ميٽنگون لغاري صاحب جي
گهر تي ٿينديون هيون، ان جي وفات به لغاري صاحب جي گهر تي ۷ فيبروري ۱۹۸۶ع ۾ هڪ ميٽنگ دوران ئي ٿي هئي.
۱۹۷۴ع کان ۱۹۷۸ع جي زماني ۾ سنڌ جي پهرين غير
قانوني سائيڪلوسيل ماهوار اخبار ”هلچل“ حيدر علي لغاري جي تعاون سان ڄام ساقي
ٽنڊوڄام هاءِ اسڪول جي سائيڪلومشين تان ڇاپيندو هو، جنهن ۾ سندس فرضي نالن سان
سندس ڪيترائي مضمون پڻ شايع ٿيا. ڄام ساقي جي روپوشي جي زماني ۾ اڪثر رهائش حيدر
علي لغاري جي گهر ۾ ئي هوندي هئي.
سائين
حيدر علي لغاريءَ جو پهريون مضمون ۱۹۵۸ع ۾
ملا اسڪول مخزن ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ شايع ٿيو. اخبار تعليم ۽ مهراڻ/ رسالن ۾
به ڪيترائي مضمون ڇپيا، سندس ٻه ڪتاب پهريون اندر ملهه املهه ۱۹۹۸ع ۽ ٻيو ڪتاب ڪُڇان ڪڄاڙو ۲۰۰۷ع ۾
شايع ٿيا.
تنقيد،
تعليم، تصوف، فلسفي ۽ لطيفيات جي حوالي سان سنڌي ادب ۾ نمايان حيثيت رکن ٿا. شاهه
لطيف تي لکيل سندس مضمونن کي شهناز شورو اردو ترجمو ڪري ڪتابي صورت ۾ ”سوزو سازِ
لطيف“ ۲۰۰۹ع جي نالي سان ڇپرايو آهي.
سنڌي
ٻولي جي بااختيار اداري حيدرآباد پاران غير مادري زبان وارن لاءِ پهريون ڪتاب به
حيدر علي لغاري پنهنجي دوست محمد نواز نوناري سان گڏ ”سنڌي ڪتاب“ ۱۹۹۵ع لکيو.
حيدر
علي لغاري سنڌي زبان جي ڪلاسيڪي ادب، صوفي شاعرن جي شاعريءَ ۽ خاص طور تي شاهه
لطيف جي احساسن جي نهايت ئي ڳوڙهي انداز ۾ شرح ڪئي. علمِ نفسيات ۽ فلسفي جي جديد
عالمي نظرين جي تناظر ۾ سندس ڪيل لطيف جي تنقيدي تشريح کيس علامه آءِ آءِ قاضي ۽
تنوير عباسي جهڙن نقادن جي فهرست ۾ آڻي بيهاريو آهي. اها خاصيت سنڌي ادب جي تنقيد
نگاريءَ ۾ نواڻ پيدا ڪرڻ جي پهرين لهر آهي.
سندس
خاص موضوع انسانيت جا اعليٰ قدر ۽ آدرش هئا. سندس انداز فلسفاڻو، طبيعت صوفياڻي ۽
ڳالهائڻ علمي ظرافت سان ڀرپور هو. هو صبر و تحمل ۽ قوتِ برداشت جو حيرت انگيز پيڪر
هو.
پنهنجي
ڳوٺ تاج پور ۾ ۱۹۵۳ع ۾ ”ينگ بلوچ سوسائٽي“ قائم
ڪيائين، جنهن جو مقصد ڳوٺ جي نوجوانن ۾ سجاڳي، تعليم جو واڌارو، سماجي ڪمن تي ڌيان
۽ ڳوٺ جي فلاح ۽ بهبود هو. پاڻ پنهنجي دوست امير علي قادري جي ٺاهيل ”سنڌ
فلاسافيڪل سوسائٽي“ جا صدر رهيا. هن سوسائٽي جو مقصد جديد فڪر کي سنڌ ۾ آڻڻ ۽
سجاڳي هو. ان سلسلي ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جو ڪتاب ”اوڪو ٻيو فهم“ ڇپرايو ويو ۽
ڪيترائي ليڪچر به ڪرايا ويا. ان کانسواءِ سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ حيدرآباد ۾ به ڪيترن
ئي موضوعن تي سندن ليڪچر ٿيا، جيڪي ٽرسٽ پاران ڇپيل صورت ۾ موجود آهن.
پاڻ
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي ٺاهيل تنظيمن ”اوسر پيڙهڪا حيدرآباد“ جا جنرل سيڪريٽري
۽ ”سنڌ ٽيچرس ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي“ جا صدر به رهيا.
سائين
حيدر کي چئن پٽن ۽ ڇهن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان اسرار لغاري آرٽ جي ميدان ۾ هڪ
مشهور نالو آهي. سائين حيدر علي لغاري ۲۵ آگسٽ ۲۰۰۸ع تي ۷۴ سالن جي عمر ۾ اختر ڪاٽيجز حيدرآباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي وفات ڪري ويو.
سندس قبر نواب ولي محمد لغاري جي مقبري جي ڀر ۾ پٺاڻ ڪالوني حيدرآباد ۾ واقع آهي.
سندس ڪجهه شاگردن مانجهند ۾ حيدر علي لغاري لائيبريري به قائم ڪئي آهي.
حيدر علي لغاري
سڄڻ کٿوري بُوءِ
غلام
حسين رنگريز
منهنجو
اُهو اڃا شاگرديءَ وارو دؤر هو ته هڪ ڀيري شهر جي بازار ڏانهن ويندي هڪ ماڻهوءَ کي
پينٽ شرٽ ۾ سامهون ايندي ڏٺم، جنهن جي چهري جي اڇي رنگت، ٿورا گهنگهريالا وار ۽
موچارا مهانڊا هُئس ۽ قدآور به هو. سوچيم ته اهو همراهه هن شهر جو ته نٿو لڳي،
غالبن ڪو اجنبي ڪنهن ڪم سانگي آيو هوندو.
ڪجهه
هفتن بعد دوستن سرڪاري پرائمري اسڪول ميرپور بٺورو، جتي هن وقت گرلس پرائمري اسڪول
آهي ۾ هڪ تعليمي تقريب ۾ اچڻ جي نينڍ ڏني ته آئون ۽ سندم دوست عبدالحميد شاهين
(مرحوم) گڏجي تقريب ۾ وياسين. اسڪول جي ورانڊي ۾ تقريب جو اهتمام ڪيل هو، جنهن ۾
اڪثريت پرائمري استادن جي هُئي. مختلف استادن مقالا پڙهيا ۽ تقريرون ڪيون. آخري
ماڻهن مان هڪ کي مقالي پڙهڻ لاءِ سڏيو ويو ۽ هُو جڏهن اسٽيج تي آيو ته ڏٺم اُهو
ساڳيو ئي پينٽ شرٽ وارو همراهه هو. اُتي پهريون ڀيرو خبر پئي ته هو ٽريننگ اسڪول
جو استاد محترم حيدر علي لغاري هو. ساڻس بٺورو ۾ ڪا خاص قابلِ ذڪر ڪچهري نه ٿي. ان
بعد ڪافي سالن پُڄاڻان منهنجي ملاقات حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج ۾ سندم مرحوم دوست
عبدالفتاح عبد ذريعي ٿي. ڇاڪاڻ ته عبدالفتاح عبد، اُنهن ڏينهن ۾ ڪاليج طرفان
ڇپجندڙ ’اخبار تعليم‘ (ماهوار) جو ايڊيٽر هو ۽ محترم حيدر علي اُنهيءَ ڪاليج ۾
استاد هو. جيئن ته منهنجو ڪاليج ۾ اڪثر اچڻ وڃڻ ۽ هاسٽل ۾ رهڻ ٿيندو هو. انهيءَ
ڪري سائين حيدر علي کي تمام ويجهڙائيءَ سان ڏسڻ، ٻُڌڻ ۽ پرکڻ جو موقعو نصيب ٿيو ۽
پوءِ اها قربت آخر تائين قائم رهي.
سائين
حيدر علي لغاري، جيتوڻيڪ تاجپور جي نواب خاندان سان تعلق رکندو هو پر منجهس نوابيءَ
وارو ٺاٺ وغيره قطعي موجود نه هو. هو ٻين استادن جي ڀيٽ ۾ تمام نهٺو، سنجيده ۽
گهڻو پڙهيو انسان هو ۽ منجهس انسانيت جا سڀ گُڻ موجود هئا. سائين حيدر عليءَ کان،
علم ۽ ادب ۽ فلسفي جي حوالي سان، گهڻو ڪجهه پلئه پيوم.
سائين
حيدر علي فڪري طرح علامه آءِ آءِ قاضي کان ڪافي متاثر هو ۽ اڪثر قاضي صاحب جي دانش
جا حوالا ڏيندو هو. هو فڪري طرح هن دؤر جو هڪ ڏاهو فيلسوف هو جنهن فلسفي جي مختلف
نظرين ۽ فڪري وهڪرن مان فيضياب ٿي پنهنجي انفرادي واٽ ٺاهي ورتي هئي. ساڻس ڳالهين
ٻولين دوران ڪا به تلخي نه ٿيندي هئي ۽ هو انتهائي ڌيرج سان مدلل نموني پنهنجو
نقطئه نظر پيش ڪندو هو. هُن جي فڪري اُڻت ۾ تصوف، سيڪيولرزم، سماجواديت ۽ ڪي قدر
وجوديت جا عناصر شامل هئا ۽ پاڻ ترقي پسند هئڻ سان گڏوگڏ سنڌ دوست به هو ته
انسانيت پرست به.
مون
کيس ڪچهرين دوران اسلام ۽ مختلف مغربي ۽ مشرقي فيلسوفن تي توريل تڪيل راءِ ڏيندي
ڏٺو ۽ ٻُڌو. سنڌ ۾ ۽ خاص طرح تعليم کاتي ۾ ايڏي وڏي ۽ همه گير اڀياس رکڻ وارا
ماڻهو تمام گهٽ نظر ايندا، جيڪي صاحبِ علم به هجن ته صاحبِ ڪردار به. سائين حيدر
علي لغاري ڪافي قلمي پورهيو ڪيو ۽ سندس هڪ ڪتاب ”مُلهه املهه“ به ڇپيو ۽ آئون پاڻ
کي خوش قسمت ٿو سمجهان ته سندم لائبريري ۾ اُهو ڪتاب موجود آهي، جنهن ۾ مختلف
موضوعن تي سندس طبعزاد مضمون ۽ مقالا آهن. سندس مضمون سنڌي ٻوليءَ جي مختلف رسالن
جهڙوڪ ”اخبار تعليم“، ”ٽه ماهي مهراڻ“ ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ وقت بوقت شايع ٿيندا
هئا. سندس لکڻ جو به هڪ پنهنجو منفرد اسٽائل هوندو هو، جنهن ۾ فارسيءَ جا شعر،
لطيف سائين جا بيت ليک کي وڌيڪ حسُناڪ بنائي ڇڏيندا هئا. هُن جي فڪر و نظر ۾ هڪ
عجيب ڇڪ محسوس ٿيندي هُئي جيڪا ذهنن کي جهنجهوڙي ڇڏيندي هئي. هُو ڪنهن به سياسي ڌر
جو ماڻهو نه هو پر هُن جي دامن جي وسعت ۾ سڀ ڌريون سمائجي وينديون هُيون.
هو
سونهن، سنگيت ۽ ٻين فنونِ لطيفه جو پرستار هو يا ائين کڻي چوان ته ’سونهن ۽ سنگيت‘
سندس ڪمزوري هوندا هئا. هو طبعن حضور شرم، ڏيک ويک کان پري رهندڙ ۽ ڪتابن سان گڏ
چونڊ دوستن سان ميل ميلاپ رکندڙ هڪ آدرشي انسان هو. هو ٻئي جي راءِ کي سنجيدگيءَ
سان ٻڌندو ۽ قابلِ قبول استدلال کي تسليم ڪندو هو ۽ پنهنجي نقطئه نظر کي جارحاڻي
انداز ۾ ڪڏهن به پيش نه ڪندو هو. سائين شمس الدين عرساڻي سندس قريبي دوست رهيو.
سائين
حيدر علي لغاري هڪ انسائيڪلوپيڊڪ پد جو ماڻهو هو پر اسان جا اشاعتي ادارا کيس پرکي
۽ پروڙي نه سگهيا، جي نه ته اسان کي اهو احساس نه ستائي ها ته سنڌي ٻولي ۽ ادب
فلسفي جي دنيا ۾ گهڻو پوئتي رهيل آهي. سائين حيدر علي اسان جي درميان نه آهي پر
سندس ساروڻيون ساٿ آهن.
هُن تاري هُن روءِ، هُتي منهنجا سپرين
سڄڻ کٿوري بوُءِ، موُن کي موُر نه وسريا.
(لطيف
سائين)
سائين حيدر علي لغاري هڪ يگاني عالم جي ياد ۾!
تاريخ
۲۵ آگسٽ ۲۰۰۸ع تي اسان سنڌ واسين کان هڪ استاد، مفڪر، عالم، اديب ۽ لطيف جو پارکو
سائين حيدر علي خان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. ڪالهه سندن چوٿين ورسي هئي. سائين حيدر
علي لغاري بنيادي طور تي استاد هئا ۽ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ سنڌ جي ڪنڊ
ڪڙڇ مان ايندڙ هزارين ماسترن کي تربيت ڏئي کين صحيح معنيٰ ۾ استاد بڻائڻ ۾ سندن
اهم ڪردار رهيو. سائين حيدر علي جو سڀني تربيت وٺندڙ استادن سان شفقت وارو رويو
هوندو هو ۽ ٻيو اهو ته سائين جو پڙهائڻ ۽ ليڪچر ڏيڻ جو منفرد انداز هو. سائين جي
لکڻ جو انداز به ٻين ليکڪن کان مختلف آهي، ان ڪري کين يگانو عالم ڪوٺيو ويندو آهي.
سائين حيدر علي جي لکڻين جا ٻه ڪتاب ”اندر ملهه املهه“ ۽ ”ڪڇان ڪڄاڙو“ سندن جيئري ئي ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن ۽ اڃا
به گهڻو اڻ ڇپيل مواد موجود آهي، جنهن کي ڇپائڻ جي ضرورت آهي. سائين جي لکڻين جا موضوع
علم، تعليم، تدريس ۽ لطيف جي فن ۽ فڪر بابت آهن. سندن استاد ۽ رهبر علامه آءِ آءِ
قاضي هو. سائين حيدر علي ”سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽي“ جي صدر جي حيثيت سان، سندن
روحاني رهبر علامه آءِ آءِ قاضي جي تقريرن تي مشتمل ڪتاب ”اُو ڪو ٻيو فهم“ پڻ
ڇپايو هو ۽ ان جي مهورت سنڌ زرعي يونيورسٽي جي آڊيٽوريم ۾ ٿي هئي، جنهن جو مهمان
خاص تڏهوڪو وفاقي وزير تعليم سيد غلام مصطفيٰ شاهه هو. سائين ان تقريب ۾ به هڪ فڪر
انگيز تقرير ڪئي هئي، جيڪا رڪارڊ تي موجود آهي. سائين هڪ شخصيت نه پر هڪ مڪمل
ادارو هئا ۽ ڪنهن ڏاهي چواڻي ته پاڻ خاموش خدمت ڪندڙ هئا ۽ فرد تيار ڪندا رهيا،
جيڪو هڪ ڏکيو عمل آهي. اڄ سائين حيدرعلي ته اسان وٽ موجود ناهي پر سندن يادون
موجود آهن. سائين وٽ ڪتابن جو به تمام وڏو ذخيرو هو، اميد ته سائين جا پونيئر ۽
پوئلڳ انهن ناياب ۽ املهه ڪتابن جي ذخيري کي به سنڀاليو ايندا.
فقير
علي ڏنو جروار/حيدرآباد
حيدر علي لغاري
لطيف سائينءَ جو پارکو
علي ڏنو جروار
سائين حيدر علي لغاري اسان سنڌ واسين کان ۲۵ آگسٽ ۲۰۰۸ع تي وڇڙي ويو هو. هي
مضمون سندن ستين ورسيءَ جي نسبت سان لکي رهيو آهيان. سائين حيدر علي جي زندگي جا ڪيترا ئي
رُخ، پهلو ۽ قدر آهن. سڀ کان پهريون اِهو ته سندن تعلق تاجپور جي نواب گهراڻي سان آهي.
تاجپور جي نواب گهراڻي جي سڃاڻپ ”نواب ولي محمد لغاري“ جيڪو سنڌ ۾ ميرن جي صاحبي واري
دؤر ۾ سنڌ جو وزيراعظم هو، تنهن کانپوءِ وري انهيءَ خاندان مان هڪ ٻيو ”نواب ولي محمد
لغاري فقير“ پيدا ٿيو، جيڪو ڪافين جو بهترين شاعر آهي. اُن نواب ولي محمد فقير جو تاجپور
۾ ۴ رمضان
شريف تي هر سال ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. انهيءَ ڏهاڙي تي سڄي سنڌ مان صوفي راڳي اچي
گڏ ٿيندا آهن، جيڪي ٽن ڏينهن جي تقريبن ۾ صوفي راڳ ٻڌائي ٻڌندڙن تي وجد طاري ڪري ڇڏيندا
آهن. سائين ان فقير ولي محمد جي خاندان جو چشم چراغ هو.
سندن ٻي سڃاڻپ استاد هئڻ واري آهي. پنهنجي ملازمت جو ڳچ عرصو
ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ سنڌ جي پرائمري اسڪول ٽيچر، جونيئر اسڪول ٽيچر
۽ اورينٽل ٽيچر کي پڙهائيندي گذريو، جنهن کي سنڌيءَ ۾ استادن جي تربيت به چيو ويندو
آهي. ان کان علاوه پاڻ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٻنون ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊوڄام جا
هيڊ ماستر، گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول سن ۽ گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج فار ايڊيوڪيشن
حيدرآباد جا پرنسپل به رهيا. سبجيڪٽ اسپيشلسٽ بيورو آف ڪريڪيولم مان زندگي جا ۶۰ سال پورا ٿيڻ تي رٽائرمينٽ
ورتائون. ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙهائڻ سبب سائين حيدر علي جا سڄي سنڌ ۾ شاگرد موجود آهن،
جن مان ڪيترائي سي ايس ايس ۽ پي سي ايس ڪري تمام وڏن عهدن تي وڃي پهتا آهن.
ڪاليج ۾ سائين حيدر علي لغاري جي ليڪچر جو، شاگرد ايترو ته
اثر وٺندا هئا جو هو واقعي ڪاليج مان ”استاد“ بڻجي نڪرندا هئا. آئون پاڻ سائين جو شاگرد
رهيو آهيان. ڪلاس ۾ ليڪچر دوران ۽ نجي ڪچهرين ۾ سائين سدائين چوندو هو ته، ”اسان جي
وڌ کان وڌ اِها ڪوشش رهندي آهي ته هتان پڙهي نڪرندڙ يا ٽريننگ جو پاس سرٽيفڪيٽ وٺي
ويندڙ استاد کي حقيقي استاد ڪري موڪليون“ ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري اِهو به چوندا هئا ته ”ان
ڪوشش ۾ ڪيترا ڪامياب يا سوڀارا ٿيندا آهيون؟ اُهو وقت ۽ تاريخ طئه ڪندو“.
سائين تقريبن روزانو شام جو ٽريننگ ڪاليج جي لان ۾ اچي ويهندو
هو، جتي ڪجهه سلجهيل شاگرد به وٽس اچي ويهندا هئا. سائين جي ڪچهري جو موضوع هر جاءِ
تي علم ۽ ادب هوندو هو. لطيف جي شاعري، اياز جي شاعري، منشي ابراهيم جا گيت، آءِ آءِ
قاضي جا گفتا ڪچهري جي رونق هوندا هئا ۽ جڏهن شاگرد سال يا ٻن سالن جي تعليم ۽ تربيت
مڪمل ڪري واپس پنهنجن ماڳن ڏانهن روانا ٿيندا هئا ته سندن سامان جي ڳوٿري ۾ شاهه جو
رسالو، اياز، امر جليل، سراج ۽ ٻين ليکڪن جو ڪونه ڪو ڪتاب ضرور موجود هوندو هو، جيڪو
هو تلڪ چاڙهي تي آمريڪن ڪلچرل سينٽر جي هيٺان موجود ادبي ڪتاب گهر ادبيات يا حيدر چؤڪ
تي موجود ڪتابن وارن کان خريدي ڳوٺن ڏانهن کڻي ويندا هئا، جتي پاڻ به اُهي ڪتاب پيا
پڙهندا هئا ۽ پنهنجن عزيزن يا دوستن کي به پيا پڙهائيندا هئا. هڪ لحاظ کان اِها ادب
۽ ٻوليءَ جي خدمت هئي، جيڪا سائين حيدر علي لغاري خاموشيءَ سان ڪندو رهندو هو.
سندن ٽين سُڃاڻپ هڪ ليکڪ واري آهي. سائين حيدر علي جي لکڻين
۾ انفراديت هئي. اسلوب ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان انهن لکڻين جي الڳ حيثيت ۽ شناسائي آهي.
سندس لکڻين جا ٻه ڪتاب ”اندر مُلهُه اَمُلهه“ ۽ ”ڪڇان ڪڄاڙو“ ڇپجي چڪا آهن. ٻنهي ڪتابن
جا نالا لطيف جي بيتن مان کنيا ويا آهن.
(۱) جهڙا ڪڙڇ ڪَڪَرا، تهڙا جائن ڦُل،
تِن سامين جي سُڌ مران، جن جي گودڙين ۾ گُل،
اندر مُلهه اَمُلهه، ٻهر ڪوجها ڪاپڙي (لطيف)
۽ وري ٻئي ڪتاب جو نالو به لطيف جي سٽ مان ورتو ويو آهي.
(۲) ڪُڇان ڪڄاڙو، بري هِن ڀنڀور ۾. (شاهه)
ڪتابن جا نالا لطيف جي شاعريءَ مان چونڊڻ سندن لطيف سان انسيت
جو اظهار آهي.
سندن چوٿين خوبي يا سڃاڻپ لطيف جي شاعري سان چاهه هئن. پاڻ
لطيف جي شاعري تي ايترو ته عبور رکندا هئا ۽ اُن جو اهڙو ته ڇيد پيش ڪندا هئا جو ٻڌندڙ
محو ٿي ويندا هئا. پاڻ سنڌ ۾ لطيف جا پارکو سمجهيا ۽ سڏيا ويندا هئا. لطيف جا ڪيترا
ئي بيت سائين کي ياد هوندا هئا. اُن ڳالهه جو اعتراف ۽ اظهار سنڌ جي ڏاهي سائين محمد
ابراهيم جويي به ڪيو آهي.
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام عمرڪوٽ
سان تعلق رکندڙ شاگرد، ابراهيم جويي صاحب وٽ ويا ۽ چيائون ته سائين اسان عمرڪوٽ ۾ جشن
لطيف ٿا ملهايون، توهان هلي صدارت ڪريو، جنهن تي جويي صاحب طبيعت صحيح نه هئڻ ڪري انهن
کان معذرت ڪئي. جويي صاحب جو جواب ٻڌي هڪ شاگرد کين چيو ته سائين پوءِ لطيف بابت اسان
ڪنهن کان ٻڌون. جويي صاحب هڪدم ورندي ڏني ته ”ٽريننگ ڪاليج ۾ حيدر علي لغاري ويٺو آهي،
لطيف جي باري ۾ اُهو ڳالهائي سگهي ٿو، اُن کي وٺي وڃو.“
پاڪستان ٽيليويزن تي سنڌيءَ ۾ ”پرک“ پروگرام نشر ٿيندو هو،
جنهن ۾ هر دفعي ڪو ڏاهو، اديب يا لطيف جو پارکو گهرائي اُن کان لطيف بابت ٽن کان پنجن
منٽن تائين ڪنهن بيت، داستان يا سُر بابت ڳالهرائيندا هئا. اُن پروگرام ۾ هڪ دفعي سائين
حيدر علي کي به گهرايو ويو هو، جنهن ۾ سائين لطيف جون هيٺيون ٻه سٽون پڙهي انهن جي
تشريح ڪرڻ شروع ڪئي.
ڪين ڌر تتي ماءِ، ڪين ڄر سندي سڄڻين،
هلي ۽ واجهاءِ، ٻنهي ڄيرن وچ ۾. (شاهه)
اُهو پروگرام مون پاڻ ٽي وي تي ڏٺو پئي. اُن وقت سائين ڳالهائي
به رهيو هو ۽ بار بار پنهنجي واچ ۾ به ڏسي رهيو هو، پوءِ جڏهن اسان روبرو ملياسين ته
مون کانئس پڇيو ”سائين ڀلا توهان گهڙي ڇو پئي ڏٺي؟ چيائين ته ادا مون کي پروڊيوسر چيو
هو ته جيڪا به ڳالهه توهان کي ڪرڻي آهي، اُها ٽن کان پنجن منٽن اندر مڪمل ڪرڻي آهي،
تنهن ڪري وقت پئي ڏٺم.“ سائين جي اُها گفتگو ايتري ته متاثر ڪندڙ هئي جو اٺن منٽن تائين
هلي هئي، جنهن ۾ پروڊيوسر کيس اِشاري سان چوندو رهيو ته جاري رکو.
هي آهن سائين حيدر علي جي استقلال ۽ عظمت جون ڳالهيون. سائين
جي شخصيت جو هڪ عظيم ۽ اهم گُڻ انسان دوستي هئي، جنهن موضوع تي وري الڳ مضمون لکي سگهجي
ٿو. سائين حيدر علي جي روح کي سمجهڻ لاءِ اسان سنڌ واسين کي مٿي ذڪر ڪيل ٻئي ڪتاب بار
بار پڙهڻا پوندا، انهن ڪتابن پڙهڻ جي هينئر سنڌ جي ماڻهن کي تمام گهڻي ضرورت آهي.
حيدر علي لغاري
بحيثيت شاعر
مٺل جسڪاڻي
سائين حيدر علي لغاري هڪ لکيو پڙهيو، غير معمولي
انسان ته هو ئي؛ هو ڏاهو، مدبر، عالم، فيلسوف، انسان دوست، دانشور، اديب، تعليمي
ماهر، بهترين منتظم، گهڻ رخي شخصيت جو ڌڻي هو. سندس عام اٿڻ ويهڻ، هلڻ گهمڻ،
ڳالهائڻ، سفر ڪرڻ، خريداري جو رنگ ۽ ڍنگ، زندگي جو هر وهنوار، کيس نرالي سڃاڻپ
ڏيندڙ رهيو. ان ۾ ڪو شڪ شبهو، ڪو اجايو وڌاءُ نه آهي. شاهدي لاءِ ساڻس اٿندڙ
ويهندڙ، هر عام توڙي خاص جي واتان ٿيندڙ ڳالهيون، سندس وڇوڙي ۽ سالوار سار (ورسي)
تي ٿيندڙ تقريرن ۽ تحريرن وسيلي ملندڙ مواد به ڪافي آهي. آئون سائين کي اهو سڀ
ڪجهه به سمجهندو آهيان، پر انهن سمورين خوبين ۽ گُڻن کان الڳ، منهنجي نظر ۾ هو
شاعر به رهيو.
سائين حيدر علي سان منهنجي ڪا هڪ اڌ ملاقات، ڪي
چند هفتا ۽ مهينا واسطو نه رهيو، پر هڪ ڊگهي عرصي تائين، جيستائين واندو وڌيڪ
رهندو هئس، تيستائين سائين سان منهنجي ويجهڙائي رهي. ان کان پوءِ عملي زندگي، يعني
روزگار ۽ گهر ٻار جو فڪر وڌيو ته ملاقاتن ۾ گهاريون وڌي ويون ۽ پوءِ ڄڻ ته اسين
جيئري ئي وڇڙي وياسين، البت سائين وسريو ته اڃا به نه آهي ۽ شايد يا ڄمار نه وسري.
سائين سان اهڙي ويجهڙائي به رهي، جنهن کي حد کان وڌيڪ گهرائي وارو لاڳاپو چئجي ته
به وڌاءُ نه آهي. اها ٻيءَ ڳالهه آهي ته جيئن سائين گهڻو رولاڪ ۽ ججهو اٿندڙ
ويهندڙ، گهڻن ادبي ميڙاڪن ۾ شريڪ ٿيندڙ نه رهيو، موان ۾ به اهو ساڳيو عيب، شايد سائين کان به سرس رهيو آهي. سائين جو پڪ
سان پنهنجو ڪو نقطه نظر هوندو. منهنجون پنهنجون ڪي سوچون، پاڻ ليکي ڪيل فيصلا، ڪي
چند مجبوريون رهيون، جنهن ڪري اهڙن ميڙاڪن کان اڪثر پري رهيو آهيان. سائين سان ”ڪي
ويجها ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين“ واري اهڙي ويجهڙائي ضرور رهي، جنهن جي آڌار
تي آئون کيس شاعر طور متعارف ڪرائڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه پيو سمجهان.
اوهان، اسان، شاعر ڪنهن کي ٿا چئون؟ شاعر جي وصف
ڇا آهي؟ ڇا رڳو اهو شاعر آهي، جيڪو گيت، غزل، وايون، ڪافيون، ڪلام لکي؟ جيڪو صرف
پابند شاعري ڪري ۽ جنهن کي هر ڪو شاعر چوي؟ نه. ڪنهن جو شاعر هجڻ يا نه هجڻ لاءِ
اهي معيار، اهي ماڻ ۽ ماپا، پنهنجي جاءِ تي وزندار سهي، پر اهي سڀ شرط هر ڪنهن سان
لاڳو نه ٿا ڪري سگهجن. ائين، جيئن ڪو گيت، غزل، وايون، ڪافيون، شاعري جي ڀلي ته
ڪهڙي به صنف تي طبع آزمائي ڪري، پر ان جي شاعري ۾، شاعري واري ڪشش ئي نه هجي، ڪنهن
کي وڻي ئي نه، ته اهڙي شاعري گهڙيندڙ کي شاعر نه ٿو چيو وڃي، نه ٿو مڃيو وڃي، ڀلي
ته کيس شاعر نه سڏڻ گهرجي.
اصل نقطي تي اچجي. منهنجي نظر ۾ سائين حيدر علي
لغاري انتهائي خوبصورت ۽ پرڪشش شاعر رهيو. ڇاڪاڻ ته هو جڏهن به ڪنهن موضوع جي
اونهائي، گهرائي، ڳوڙهائي ۾ وڃي ڳالهائيندو هو، ته سندس واتان اهڙي غير معمولي ۽
مٺڙي ٻولي ٻُڌبي هئي، جيڪا سندس اڻ قلمبند، لکجڻ کان رهجي ويل شاعري کان گهٽ نه
هئي.
مون کي خبر آهي ته عام ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ منهنجي هن
ڳالهه کي وزن نه ڏيندو، پر آئون سائين کي شاعر ڇو پيو چوان ۽ مڃيان، ان لاءِ مون
وٽ ڪيترائي دليل آهن. منهنجي نظر ۾ شاعر اهو آهي، جيڪو شاعري جي لفظن کي ئي نه، پر
شاعري جي روح کي سمجهي. شاعري جي گونانيت تائين پهچ رکي. سائين جي اهڙن شاگردن سان
ملو، انهن دوستن سان ملو، جن سان هن مختلف شاعرن جي شاعري تي ڳالهايو. رڳو سنڌي ئي
نه، اردو ۽ انگريزي شاعري تي به سائين ڳالهائيندو هو، ته مون کي لڳندو هو، سائين
ٻئي شاعر جي شاعري کي سمجهائڻ لاءِ، سندس منظوم، سليس شاعري ٻڌائي رهيو آهي.
جيءُ، ها. اوهان منهنجي ان دليل کي به اهميت نه
ڏيندا، ڀلي نه ڏيو. اوهان ڀلي سائين کي شاعر نه سمجهيو، نه ليکيو، پر ٿورو ٻڌايو
ته اعتراض ڪهڙو آهي؟ جيڪڏهن اوهان کي لکت ۾ ڪو اهڙو ثبوت کپي ته سائين جا مختلف
مضمون پڙهو، جيڪي نج پج نثر ۾ ئي لکيل آهن، پر جڏهن اوهان پڙهندا، ته اوهان کي اهو
نثر وڻندڙ، ڇهندڙ، گهڻين معنائن وارو، شاعري جي معيار تي پورو لهندڙ ملندو، شاعري
وانگر ئي پرڪشش، پرلُطف، شاعري کان ڪنهن به ريت گهٽ محسوس نه ٿيندو.
سائين حيدر علي لغاري جو شاعر هجڻ ته انهن مضمونن
۾ به پڌرو آهي، جيڪي سائين لطيف، سچل، استاد بخاري جي شاعري جي حوالي سان لکيا.
سائين علامه آءِ آءَ قاضي جي سڃاڻپ ڪرائيندي جيڪو تفصيلي مضمون لکيو آهي، ان ۾ به
گهڻن هنڌن تي شاعري ٿيل آهي. ”شاعر جي عظمت“ سنڌي ادب مان چونڊ مضمونن ۾ ڇو شامل
ٿيو، اهو ڪورس لاءِ ڪيئن منتخب ٿيو، اهو مضمون سائين حيدر علي جي شاهڪار تحريرن
مان هڪ آهي ۽ اهو هڪ مضمون به سائين کي شاعر مڃڻ لاءِ ڪافي آهي. اهڙي طرح ٻين به
کوڙ تحريرن جو مثال پيش ڪري سگهجي پيو.
ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ ڀلي نه مڃين، شاعر ڀلي اعتراض
وارين، پر منهنجي نظر ۾ سائين حيدر علي پختو شاعر هو، سندس ڇپيل ۽ ڇپجڻ کان رهجي
ويل مواد ڦلورڻ سان لکت ۾ اهڙا ثبوت به ملي ويندا، جنهن جي آڌار تي رواجي ماڻهو به
سائين کي شاعر مڃڻ کان انڪار نه ڪري سگهندا.
اوهان منهنجي هنن ٻن لفظن کي، هروبرو سائين حيدر
علي کي، زوري زبردستي شاعر مڃرائڻ جي غير ضروري ڪوشش سمجهڻ ۽ چوڻ جو حق نه ٿا رکو.
اهڙو حق جتائيندڙ کي عرض ڪندس، ته هو سائين کي پڙهن، سائين جي پهرئين ڪتاب ”اندر
ملهه املهه“ جي شروعاتي صفحن ۾ آيل مواد پڙهن. هن ڪتاب جي شروعات ”عيد“ جي عنوان
سان، هن نظم سان ٿيل آهي:
ماڻهو چون ٿا ته اڄ ڪا عيد آهي
اسان وٽ ته نه ڪو آيو آهي، ۽ نه اچڻ جي ڪا اميد
آهي
گل، گلدان جي بجاءِ آتشدان ۾ آهن
مون ۽ هن ۾ صدين جا فاصلا آهن
هو دل جي مام نٿو سمجهي
پوءِ به چون ٿا ته اڄ عيد آهي!
ٻئي حوالي طور سائين حيدر علي جي ساڳئي ڪتاب ۾،
سندس ٻيءَ تحرير ”احتساب جو احتساب، لڳي ماٺ مرن کي“ پڙهو، ان جون ڪجهه سٽون هي
آهن:
اچو ته خسيس کي تياڳيون
اچو ته پاڻ سنڀاريون
اچو ته ڳنڀير ٿيون
اچو ته مٿاهان ٿيون
اچو ته آڳاهان ٿيون
اچو ته آجا ٿيون
اچو- اچو ته آجا ٿيون
اچو ته نرواڻ ماڻيون
ٽئين شاهدي طور به سائين جي ساڳئي ڪتاب جي ٽيون
نمبر تحرير جو ئي حوالو ڏيان ٿو. آءِ آءِ قاضي جي الوداعي واردات واري موقعي تي
اُسري آيل اڌمو ”درياءَ توتي دانهن“ جون چند سٽون آهن:
شعور جي عظمتن پنهنجي
ساٿي، نحيف ۽ ضعيف جسم جي
رفاقت کي ترڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو
سوز نقطئه ڪمال تي پهتو
روح جي رڙ، جسم جي پڃري
کي هڻي ڀورو ڪيو...
اڄ خاموشين روئي ڏنو...
اڄ عقيدتن کي نئون درد
نئون سوز نصيب ٿيو.
هڪڙا ناتا ٽٽا ته ٻيا ڳنڍجي ويا
اڄ هڪڙي ئي وقت هجر ۽ وصال
جون ٻه وارداتون ٿيون...
نفي ۽ اثبات جون سرحدون
هڪ ٻئي سان ملي ويون...
شاهديون ٽي ئي ڪافي مڃيل آهن، اڃا به وڌيڪ گواهيون
پيش ڪري سگهجن ٿيون، پر اهي ڪنهن ٻئي ڀيري. ڇاڪاڻ ته سائين حيدر علي علم جو ڀنڊار
هو. قلم سندس محتاج هو. هن نثر گهڻو لکيو، شاعري ٿوري سرجي، پر بهرحال، سائين حيدر
علي پختو شاعر به رهيو...
حيدر علي لغاري
مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو
پرينءَ کي.
علي ڏنو جروار
سائين
حيدر علي خان لغاري سنڌ جو هڪ اهڙو املهه سرمايو آهي، جنهن کي ڪنهن به ريت وساري نٿو
سگهجي. سائين حيدر علي سنڌ جي انهن ڪجهه اهم شخصيتن مان هڪ آهي جن کي هڪ ئي وقت
علم، ادب، تقرير جي ڏانءُ ۽ لطيفيات تي
عبور حاصل هو. ائين کڻي چئجي ته سائين حيدر علي خان هڪ گهڻي رُخي شخصيت هو. جيڪو
اسان سنڌ واسين کان ۲۵ آگسٽ ۲۰۰۸ع تي وڇڙي ويو. اڄ سندس نائين ورسي جي نسبت سان سندس چاهيندڙ ڏهاڙو ملهائي
رهيا آهن. سائين حيدر علي خان لغاري سنڌ جو هڪ اهڙو ليکڪ آهي جنهن جي لکڻ جو انداز
منفرد ۽ نرالو آهي. هي غير رواجي لکڻين جو ماهر تصور ڪيو ويندو هو. بنيادي طور تي
سائين حيدر علي خان هڪ استاد هو جنهن پنهنجي سڄي زندگي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج
حيدرآباد ۾ گذاري. جتي هن هزارن جي تعداد ۾ شاگردن کي پڙهائڻ جي تربيت ڏني ۽ طور
طريقا ٻڌايا ته شاگردن کي ڪهڙيءَ ريت سندن عمر ۽ دماغ جي لحاظ کان تعليم ڏني وڃي.
پاڻ هڪ بهترين استاد سان گڏ سٺو ليکڪ به هو. سندن لکڻين جا ٻه ڪتاب “اندر مُلهه
اَمُلهه” ، “ڪُڇان ڪڄاڙو” سنڌي ۾ جڏهن ته سندس لطيف بابت لکڻين جو اردو ترجمو جيڪو
محترمه شهناز شورو ترتيب ڏنو آهي اهو “سوز و ساز لطيف” جي عنوان سان فيصل آباد جي ڪنهن
پبليڪيشن پاران ڇپرايو ويو آهي.
حيدر
علي خان لغاري، لطيف سائينءَ جو پارکو، لطيف شناس ۽ لطيف جي بيتن جي بهترين تشريح ڪندڙ
هو. هُو جڏهن لطيف سائينءَ بابت ڪو ليڪچر ڏيندو هو يا ڪنهن سيمينار وغيره ۾ يا وري
ڪنهن نجي ڪچهري ۾ ڳالهائيندو هو ته سندس اهو انداز ۽ لهجو ڏسي ٻڌندڙ حيران ٿي
ويندا هئا. کيس لطيف سائينءَ جي شاعريءَ تي ايترو ته عبور حاصل هو جو سنڌ جي ڏاهي
ابراهيم جويي پڻ ان جو ڪيترن ئي هنڌن تي اعتراف ڪيو آهي. ٻي ڳالهه اها ته سائين جهڙن لطيف شناس ماڻهن
لاءِ خود لطيف سائين پنهنجن بيتن ۾ پار پتا ۽ اهڃاڻ ڏسيا آهن، جن مان اها خبر پوي ٿي
ته لطيف کي اڳ ئي پنهنجن پارکن متعلق علم هو.
مٿن ٽٻڪ
ٽٻڪڙا، چڪندڙا اچن،
کڙيون
کهه ڀڪليون پگهر سر پيرن،
ايءُ وڙ
ويڙهيچن، مون لوڏان ئي ليکيا. (شاهه)
لطيف
سائين جي مٿئين بيت مان ظاهر آهي ته اهڙا ماڻهو جيڪي مسلسل پنڌ ۽ جاکوڙ ۾ رهن ٿا،
انهن جي پيرن جي کڙين تي مختلف علائقن جي مٽي ۽ دز ڄميل آهي، انهن جي انداز ۽ لوڏ مان ئي پتو پوي ٿو
ته اهي ويڙهيچا ۽ جاکوڙي آهن. سو اهڙا ئي اهڃاڻ لطيف جي سڀني ساڃاهه وندن جا آهن،
جيڪي هر وقت جاکوڙ ۾ رهيا آهن ۽ ڪڏهن به خاموش ٿي نه ويٺا آهن. سائين حيدر علي هر
وقت علم، ادب ۽ ڄاڻ جي پرچار ڪندو رهيو. سندس شاگردن، دوستن ۽ چاهيندڙن جو به هڪ اهڙو
حلقو موجود آهي، جيڪو پڻ علم ادب سان لاڳاپيل آهي. سائين حيدر علي سان لاڳاپيل ڪيترا
ئي فرد محنت ڪري پڙهي وڏن وڏن عهدن تي وڃي پهتا آهن، جن مان ڪيترن سي ايس ايس جهڙا
امتحان پاس ڪيا ته ڪن وري پي سي ايس ۽ ٻيا امتحان پاس ڪيا ۽ مختلف عهدن تي فائز ٿيا.
اهو سڀ سائينءَ جي محبت ۽ صحبت جو نتيجو آهي.
جيئن
شيخ اياز جو هڪ بيت آهي ته:
مون
چيو مينديءَ کيت کي ڦٽي پئو،
مونکي ڪيئي
سو رتا گهرجن هٿڙا.
بلڪل
اهڙيءَ ريت سائين حيدر علي خان به هر وقت اهو چوندو رهندو هو ته پڙهو، محنت ڪريو ڪتابن
سان دوستي رکو. جيڪو ۱۸ کان ۲۰
ڪلاڪن تائين نٿو پڙهي، اهو ڄڻ پڙهي ئي ڪونه ٿو. پاڻ اهي ڳالهيون
ڪلاس، نجي محفلن ۾ يا وري مختلف سيمينارن ۽ پروگرامن ۾ تقريرن ۾ چوندو رهندو هو.
سندن اهو به چوڻ هو ته اسان کي پڙهيل لکيل ماڻهو گهرجن. علم دوست ماڻهو گهرجن، ادب
سان چاهه رکندڙ ماڻهو گهرجن، هٿ ۾ قلم رکندڙ نوجوان گهرجن. انهن جملن کي ورجائيندي
ڪيترا ئي دوست پنهنجون زندگيون علم، ادب، سياست، لطيف شناسي کي به ارپي چڪا آهن.
سائين
حيدر علي جو بنيادي طور تي سنڌ جي نواب گهراڻي سان تعلق هو پاڻ ميرن واري دور جي
وزيراعظم نواب ولي محمد لغاري جي خاندان مان هئا. جنهن جو پوٽو سنڌ جو مشهور صوفي
شاعر فقير ولي محمد لغاري هو. سائين به انهيءَ خاندان جو هڪ چشم و چراغ آهي، پاڻ ڪڏهن
به پنهنجي خاندان متعلق ڪا وڏائي وغيره بيان نه ڪئي. پاڻ سدائين هڪ استاد جي حيثيت
۾ رهڻ پسند ڪيائين. سائينءَ وٽ ڪتابن جو هڪ بهترين ذخيرو موجود هو ٻين لفظن ۾ ائين
کڻي چئجي ته سائينءَ جي زندگي جي سڄي موڙي يا ڪمائي اهي ڪتاب هئا، جيڪي سندس ڊرائنگ
روم جي سونهن بڻيل هئا. مون سميت ڪيترا ئي سائينءَ جا شاگرد انهن ڪتابن مان مختلف
وقتن تي فيضياب ٿيندا رهيا آهن. حيدر علي خان وٽ علم جا اُملهه موتي موجود هوندا
هئا، جيڪي هو هر هنڌ ورهائيندو رهندو هو ۽ چوندو هو ته علمي ڄاڻ جيتري ورهائي سگهو
اوتري گهٽ آهي. سندس شاگرد به سندس ئي نقش قدم تي هلندي اهو ئي عمل ورجائي رهيا
آهن، جنهن ۾ سائين هر وقت مصروف رهندو هو ۽ اڄ جيڪو هي علمي ادبي ميڙاڪو مچايو ويو
آهي، اهو سڀ سائينءَ جي ڪردار ۽ عمل جو سلو آهي، جيڪو سندس شاگردن، پوئلڳن پاران ڀيٽا
طور سائينءَ کي پيش ڪيو ويو آهي.
سائين
حيدر علي جيئن ته گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو، تنهن ڪري اسان سڀني کي گهرجي ته کيس
انهيءَ حيثيت ۾ رهڻ ڏيون ۽ ان کي مخصوص ماڻهن تائين محدود رکڻ کان بچايون. هونئن
ته سائين حيدر علي لاءِ سنڌ جي سڀني ساڃاهه وندن، علم، ادب دوست ماڻهن، استادن،
صحافين ۽ سول سوسائٽي جي فردن وٽ دل ۾ جايون آهن پر سائينءَ جي چاهيندڙن ۽ سائينءَ
جي روح ۾ وٿيون پيدا ڪندڙن کي احترام طور پنهنجن روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. ڇو ته
سائين پنهنجي سڄي زندگي غير تڪراري شخصيت طور موجود رهيو. ڪڏهن به ۽ ڪٿي به هن ڪنهن
جي نه مخالفت ڪئي ۽ نه وري ڪنهن کان ڪا نفرت ڪئي. اسان کي به سندس زندگي جي انهن سڀني
پهلوئن مان مستفيض ٿيڻ گهرجي. اسان کي ڪنهن به حالت ۾ سائينءَ جهڙي شخصيت کي هڪ هنڌ
بيهارڻ نه گهرجي. سائين جي شخصيت وسيع شخصيت آهي، جنهن جو لحاظ ڪرڻ اسان سڀني سنڌ
واسين جو فرض آهي.
آئون
سائين حيدر علي خان جي هڪ ادنيٰ شاگرد جي حيثيت سان هي گذارش ڪندس ته سائين کي
اسان سڀني جي دلين ۾ رهڻ ڏيو، اسان کان سائين جون محبتون، صحبتون ۽ يادون نه کسيو،
اسان سائين جي يادن ۽ محبتن جي سهاري جي رهيا آهيون. اسان کان اهو جيئڻ جو حق ڪنهن
به ريت نه کسيو وڃي.
سائين
حيدر علي، لطيف سرڪار جي سُر کاهوڙيءَ جو هڪ ڪردار هو، جيڪو سدائين اسان کي ياد
رهندو.لطيف جون سٽون آهن ته:
سُڪا
سُنڍ هٿن ۾ کرڪڻا پيرين
ٽمندي
نيڻين اهان ڪي کاهوڙي گڏيا؟
يا وري
ائين به چئي سگهجي ٿو ته:
مون سي
ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرين کي.
تنين
سندي ڪا، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.
حيدر علي لغاري
علمي اداري جي حيثيت
رکندڙ
امتياز احمد عرساڻي
انساني
سوچ ۽ فڪر جو سفر صدين کان جاري آهي، طبعي بيهڪ اندر فڪري سوچ جو محور جڏهن جڏهن
دائرن کان ٻاهر نڪري لامحدوديت ڏانهن هليو ويندو آهي، تڏهن تڏهن انسان جا تصورات ڪائنات
جي هر پاسي کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اندر جو مانڌاڻ هجي يا ظاهري چانڊاڻ، قلب ڏانهن
قائل هجي يا عقل ڏانهن مائل، سندس سوچ جو محور سمورين بندشن کان بالاتر ٿي محرڪات
کي لوچيندو آهي. حيدر علي لغاري به انهن ئي يگاني شخصيتن مان هڪ آهي، جيڪي حقيقت ڳوليندي
ڳوليندي پنهنجون لامحدود سوچون پنهنجي چاهيندڙن کي ارپي ويا. حيدر علي لغاري ۱۱ آگسٽ ۱۹۳۴ع ۾ هڪ اهڙي مڪتبه فڪر اندر جنم
ورتو، جنهن جون روايتون ڪن بندشن ۾ رهندي هڪ خاص رخ ڏانهن سفر ڪندي نظر اينديون.
سندس جنم ڀومي، تاجپور پنهنجي نالي ۾ ئي لازوال، تاريخ رکندڙ ۽ ڪنهن مخصوص فڪر جي
دائري ۾ رهندڙ مردمخيز زمين آهي. سندن ذهني اوسر حيدرآباد جي خاص مزاج رکندڙ تاريخي
درسگاهن ۾ ٿي، ان وقت اهي درسگاهون پنهنجي اوج تي رسيل هيون ۽ پنهنجي تعليمات سان
سماجي جوڙجڪ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيون هيون، پر حيدر علي لغاري جي سوچن
جي اڏام تڏهن شروع ٿي، جڏهن هن عملي زندگي اندر ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين
حيدرآباد ۾ پهريون پير پاتو. هن کي مون هوش سنڀاليندي ئي ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي
يعني منهنجي بابا سائين سان هميشه گڏ ڏٺو. مسڪرائيندڙ چهرو، شفيقانه مزاج، سندس هر
لفظ مٺاس سان ڀريل ۽ بامعني!
سچ جي
مٺاس هجي يا ڪوڙاڻ، حيدر علي لغاري جي اندر ۾ ڄڻ ته ٻئي حقيقتون جذب ٿيل هجن. ڪنهن
جي ڪوتاهي هجي يا غلطڪاري، ڪوڙ هجي يا نخرو، ادا هجي يا سدا، سندس جواب ۾ اهڙي ته
تاثير ۽ سبق هوندو هو، ڄڻ ته سامهون واري کي ناگوار به نه گذري ۽ سبق به پرائي
وجهي. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي اڪثر ذڪر ڪندو هو ته محفل، آفيس، گهر، دڪان يا ڪنهن
به سرڪاري توڙي غير سرڪاري تقريب ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون ڳالهيون ٿينديون
هيون، جيڪي هن جي وات مان نڪرندي ئي مزاح ۽ سبق جو شاخصانو لڳنديون هيون. سامهون
وارو انهن کي محسوس ڪندو هو ۽ بنا ڪنهن جواب جي پنهنجي اصلاح ڪرڻ لاءِ ضرور سوچڻ
تي مجبور ٿيندو هو. انهن ڳالهين مان ڪيترين جو ذڪر بابا حيدر علي لغاري تي لکيل
پنهنجي مضمونن ۾ اڳ ئي ڪري چڪو آهي. آئون هتي ان جو مثال ڏيندس ته: ڪنهن ڪتاب گهر
۾ هڪ معتبر شخصيت ڏاڍي اتساهه سان ڪنهن ڪتاب جي ڳولا ڪري رهيو هو. حيدر علي لغاري
به اتي موجود هو، هن معتبر شخصيت جو اتساهه ڏسي سندس مدد ڪرڻ جي نيت سان کانئس
سوال ڪيو ته “سائين اوهين ڪهڙي ڪتاب جي ڳولا ڪري رهيا آهيو؟ سوال تي معتبر شخصيت هڪدم
جواب ۾ وارڻيو ته آئون “قيامت جون نشانيون” ڪتاب جي تلاش ۾ آهيان. حيدر علي لغاري
هڪدم ٻيو سوال ڪيو ته “سائين اوهان ڇا ڪندا آهيو؟” تنهن تي وري جواب مليو ته “آئون
فزڪس جو پروفيسر آهيان”. تنهن تي حيدر علي لغاري جواب ڏنو ته “سائين اوهين ڪتاب جي
هرو ڀرو ڳولا ڪري رهيا آهيو، ان کان وڌيڪ ٻي
ڪهڙي قيامت جي نشاني ٿيندي ته هڪ فزڪس جو پروفيسر قيامت جون نشانيون ڪتاب جي تلاش
۾ هجي...ٰ!”
حيدر
علي لغاري وٽ عمر جي ڪابه بندش نه هوندي هئي، ڪير ڪيترو به کڻي عمر ۾ ننڍو يا وڏو ڇونه
هجي هو پنهنجي ڏاهپ جا ڏيئا هر هنڌ روشن ڪندي نظر ايندو هو. اهو ئي سبب هو جو هن
جي چاهيندڙن جو وڏو تعداد نوجوان شاگردن جو هو، جيڪي هر وقت سندس پراثر ساعتن مان
پرائيندا رهندا هئا.
اندر
جون حسرتون، اڌما، خواهشون، محبتون، جستجو ۽ ٻيا احساس انسان لاءِ هڪ وقت راحت به
آهن ته ساڳي وقت عذاب به بڻيل آهن. مليل جليل ڪيفيتون هر وقت انسان جي اندر ۾ هلچل
۽ اڻ تڻ مچائينديون رهنديون آهن. اهي ئي احساس انسان کي نه هڪ هنڌ ويهڻ ٿا ڏين ۽
نه سک سان رهڻ ٿا ڏين. انسان جي اندر جو
اهو خلفشار ترقي ۽ خوشحاليءَ جو به باعث آهي ته بي چيني ۽ پيڙهه جو به....! حيدر
علي لغاري پڻ ان ئي نڪتي تي شاهه سائين جي ڪل ڪلام جو نچوڙ ان ئي شعر کي سمجهي ٿو. “سو ئي عين عذاب، سو ئي
راحت روح جي”.
حيدر
علي لغاري پنهنجي اندر ۾ هڪ اداري جي حيثيت رکندو هو هن سڄي عمر خاص اصولن تحت گذاري، هو سرڪاري عهدن، بي معنيٰ
شهرت، بي وقعت مشهوري کان هميشه بالاتر رهيو. هن سموري زندگي سچائي، اورچائي ۽ فڪري
آزادگي سان گذاري. هن ڪڏهن به پنهنجي مرضي، سوچ يا فڪر ٻئي تي مسلط ڪونه ڪيو، بلڪه
هن هميشه پنهنجي اخلاق، ڪردار ۽ عمل سان پنهنجي فڪري سوچ کي ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش
ڪئي. هن اسان سڀني کي لامحدود سوچ جي دائرن جو دڳ ڏيکاريو آهي. حقيقت به اها ئي
آهي ته ڪائنات جي ڪنهن به شيءِ کي فل اسٽاپ نه ٿو اچي سگهي، ڇاڪاڻ ته فل اسٽاپ اختتام
جي نشاني آهي ۽ مڪمل ٿيڻ خاتمي جي علامت.
ڳوليان
ڳوليان م لهان، شال م ملان هوت
من
اندر جا لوچ، مڇڻ ملڻ سان ماٺي ٿئي.
حيدر علي لغاري
ڪڏهن ڪڏهن ته سارجو!
علي ڏنو جروار
سنڌ جو هڪ يگانو
عالم، اديب، استاد ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پارکو سائين حيدر علي لغاري جي
يارهين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي. ياد رهي ته سائين حيدر علي لغاري لطيف جي شاعري جو
انتهائي اعليٰ پارکو ۽ هڪ غير رواجي استاد ۽ نقاد رهيو آهي. هن ۱۱ آگسٽ ۱۹۳۴ع ۾ حيدرآباد جي تاجپور شهر ۾ نواب خاندان ۾
جنم ورتو. تاجپور جو اهو خاندان ٽالپرن جي دؤرِ حڪومت ۾ سنڌ جي حڪمراني ۾ ٽالپرن
سان ڀاڱي ڀائيوار هو، سندن تڙ ڏاڏو نواب ولي محمد لغاري ان وقت ۾ سنڌ جو وزيراعظم
هو، جڏهن ته ان جو پوٽو نواب فقير ولي محمد لغاري سنڌ جو هڪ عظيم صوفي شاعر هو.
سائين حيدر علي لغاري به سندس ئي نقشِ قدم تي هلندي علم، ادب، فلسفي، لطيفيات سان
چاهه رکيو ۽ زندگي جي آخري گهڙين تائين ان سان نڀائيندو رهيو. سائين حيدر علي
لغاري سنڌ جي هڪ عظيم فلاسافر علامه آءِ آءِ قاضي جو شاگرد رهيو ۽ گڏوگڏ مولانا
غلام محمد گرامي جهڙي مفڪر جي صحبت ۾ رهيو، جنهن سبب پنهنجي نوابي ڇڏي استاد مقرر ٿيو،
سو به سنڌ جي ايليمينٽري ڪاليج ۾ جتي استادن کي تربيت ۽ تعليم فراهم ڪئي ويندي
آهي.
سائين حيدر علي خان
لڳ ڀڳ ۴۰ سال سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ استاد جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون.
پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي ڪلاسيڪي ادب، صوفي شاعرن جي شاعري ۽ شاهه لطيف جي شاعري ۽
احساس جو نهايت ئي ڳوڙهي انداز ۾ مطالعو ڪيو ۽ ان جي شرح ڪيائين. علم نفسيات ۽
فلسفي تي جديد عالمي نظرين جي تناظر ۾ سندس ڪيل لطيف جي تنقيدي تشريح کيس علامه
آءِ آءِ قاضي ۽ تنوير عباسي جهڙن نقادن جي فهرست ۾ آڻي بيهاريو آهي. اها خاصيت سنڌي
ادب جي تنقيد نگاريءَ ۾ نواڻ پيدا ڪرڻ جي پهرين لهر آهي. سنڌ جي علمي ادبي کيتر ۾
سندس مضمونن، خاڪن ۽ لطيف شناسي بابت لکيل مضمونن جا ٻه ڪتاب ”اندر ملهه املهه“ ۽
”ڪڇان ڪڄاڙو“ شايع ٿيل آهن، جيڪي سنڌ جي علمي ادبي ماحول ۾ انتهائي اهميت جوڳا
آهن. ان کان سواءِ شاهه لطيف بابت لکيل مضمونن کي شهناز شورو اردو ۾ ترجمو ڪري ڪتابي
صورت ۾ آندو آهي ۽ ان کي سوز ۽ ساز لطيف جي نالي سان شايع ڪرايو آهي.
سائين حيدر علي
لغاريءَ جا سنڌ ۾ هزارين شاگرد موجود آهن، جيڪي جڏهن استادي جي ٽريننگ وٺڻ
حيدرآباد جي ٽيچرز ٽريننگ ڪاليج ايندا هئا ته سندن خيال ۽ سوچون بلڪل ٻهراڙي واري
انداز تي مبني هونديون هيون، پر جڏهن هو تربيتي مدو پورو ڪري واپس ڳوٺن ڏانهن
روانا ٿيندا هئا ته سندن سامان واري ڳوٿري ۾ لطيف سائين جو رسالو، شيخ اياز جو ڪو ڪتاب،
امر جليل جو ڪتاب، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ٻين ليکڪن جو ڪو ڪتاب ضرور موجود هوندو
هو، جيڪو سائين حيدر علي لغاري جهڙي استاد جي صحبت ۽ تربيت جو ئي نتيجو هوندو هو.
سائين هر وقت پنهنجن شاگردن کي اهو ذهن نشين ڪرائيندي ۽ ٻڌائيندي نظر ايندو هو ته
جيڪڏهن ڏينهن ۾ ۱۹-۱۸ ڪلاڪ نه پڙهنداسين ته پوءِ پڙهڻ مان ڪوبه فائدو يا لاڀ
حاصل نه ٿيندو. اهو ئي سبب آهي جو سائين جا ڪيترائي شاگرد تربيت پوري ڪرڻ کان پوءِ
پي سي ايس ۽ سي ايس ايس جهڙين امتحانن جي تياري ۾ مصروف ٿي ويندا هئا ۽ ڪيترائي پي
سي ايس ۽ سي ايس ايس جا امتحان پاس ڪري ملڪ جي اعليٰ عهدن تائين پهتا آهن. انهن ۾
سلام ميمڻ، سبحان ميمڻ، مناف ميمڻ، اڪبر لغاري، علي ڏنو ڳاهوٽي، الطاف ميمڻ، شوڪت
اڄڻ ۽ ٻيا ڪيترائي نالا شامل آهن، جن اعليٰ ذهانت وارا امتحان پاس ڪري سول سروسز
جوائن ڪئي ۽ اڄ انهن مان ڪيترائي رٽائرڊ ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترائي اڃا موجود آهن.
لطيف سائين جي
شاعري بابت سائين حيدر علي لغاري کي ايتري ته ڄاڻ ۽ واقفيت هئي جو ان جو اعتراف
مختلف وقتن تي مرحلن دوران سنڌ جو هڪ اديب، دانشور ۽ ڏاهو سائين محمد ابراهيم جويو
پڻ ڪري چڪو آهي. مون به سائين جا ڪيترائي ليڪچر ٻڌا ۽ انهن کي دل سان هنڍايو، جنهن
جي نتيجي ۾ اڄ آئون ڪجهه سِٽون ۽ لفظ لکڻ پڙهڻ جي قابل بڻيو آهيان. جيڪڏهن مون کي
سائين حيدر علي خان جي تربيت ۽ صحبت حاصل نه ٿئي ها ته اڄ آئون هن لائق نه هجان ها
جو هن بابت يا ٻين موضوعن متعلق ڪجهه لکڻ جي قابل هجان ها. سائين هڪ اهڙو پارس
هوندو هو، جنهن سان جنهن جي به صحبت ٿي ويندي هئي اهو علم، ڏاهپ ۽ شعور ۾ پاڻڀرو ٿي
ويندو هو.
سائين حيدر علي
لغاري ۲۵ آگسٽ ۲۰۰۸ع ۾ حيدرآباد جي اختر ڪاٽيج واري رهائشگاهه تي وفات ڪئي، سندس مزار نواب
ولي محمد لغاري جي مقبري جي ڀر ۾ پٺاڻ ڪالوني واري قبرستان ۾ آهي. جس آهي سندس
شاگردن کي جيڪي کيس هر سال سندس ورسيءَ جي موقعي تي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ياد
ڪن ٿا. گذريل ڪجهه سالن کان حيدر علي لغاري يادگار ڪميٽي پاران علمي ۽ ادبي ايوارڊ
ڏيڻ جو سلسلو پڻ جاري ڪيو ويو آهي. هن سال اهو ايوارڊ سندس هڪ انتهائي بهترين
شاگرد سائين لائق سنڌي جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي، جيڪو پڻ هڪ بهترين استاد ۽
ناليوارو صحافي هو. اميد آهي ته ايوارڊن ۽ ورسي ملهائڻ وارو سلسلو سدائين جاري
رهندو، جنهن سان سائين کي هر سال عقيدت ۽ احترام سان ياد ڪرڻ جو موقعو به فراهم ٿيندو
ته گڏوگڏ اسان سڀني ۾ هڪ نئون جوش، جذبو ۽ ولولو پڻ پيدا ٿيندو، جنهن سان اسان سڀئي
پنهنجي پنهنجي حصي جو علمي، ادبي ۽ سماجي ڪم ڪري سگهنداسين، ڇو ته اسان جي محترم
استاد جو عقيدو، ايمان ۽ عمل انسانيت سان محبت ڪرڻ هو ۽ اسان کي به سندس ان ئي
رستي تي گامزن ٿيڻ گهرجي، جنهن سان اسان انسانيت جي ڪا ٿوري گهڻي خدمت ڪري سگهون ۽
اطمينان حاصل ڪري سگهون.
حيدر علي لغاري
فڪري زاوين جو شخصيت جي
آدرشن سان سنگم:
الطاف ميمڻ
زندگيءَ
جي ڪُل کي پلن جا ڪرڻا ڪيئن ٿا روشن ڪن!
”جن اندر ٻري
باهھ، سُڌ تنين کي سڀڪا!“
سائين
حيدر سوال اٿاري ٿو:
”انسان ھيترو
ڪجه ”حاصل“ ڪندي، ڇا وڃائيو آھي؟
ھو ھڪ
ٻئي کي ايترو ويجھو ھوندي ڇو ھڪ ٻئي کان ھيترو پري آھي؟ اڃان به پري ٿيندو ٿو وڃي.
“
(اقتباس:
ڪڇان ڪڄاڙو، ص ۱۴۰)
معنيٰ
ته انسان ويجھي جي نظر وڃائي آھي، اندر ۾ جھاتي پائڻ وساري آھي، جڏھن ته اسان جي
شاعر روحل فقير چئي ڇڏيو ھو؛
”پنھنجون
اکيون پاڻ ۾، جوڙي رکيون جن،
سي سؤ
ڀيرا ساعت ۾، پل پل پرين پسن،
تن
تحصيلون تمام ڪيون، محب جنين جي من،
روحل
مٿئون تن، لٿا حُرف حساب جا“
پر
انساني رشتن ۾ موجود ڍونگ ۽ رِيا، انساني عظمت جي دعويٰ تي اڄ سوڌو آڱر کڻيو بيٺا
آھن.
سائين
حيدر لکي ٿو:
”انسان
پنھنجي ذات، پنھنجي خودي جي پستين ۾ گم آھي، لهذا هو خود شناسي، توسيع ذات ۽
تسخيرِ ذات جي نصاب جو ضرورتمند آهي، جنهن جو هن کي احساس ۽ ادراڪ ناھي. اهو نصاب،
جو هن جي اڪيلي خودي جي اڪيلائي ۽ تنهائي جو علاج آهي- جو هن جيِ خودي جو باقي
خودين سان انساني رشتو، اتحاد ۽ خير سگالي جو رشتو بحال ڪري سگھي ٿو- جو ھن کي ذات
کان ڪائنات ڏانهن ۽ ذات کان انسانذات ڏانهن مائل ۽ متوجهه ڪري سگھي ٿو- ھن جي اھڙي
ساڃاه جي تجديد ۽ توسيع ۾ سندس مددگار ٿي سگھي ٿو- اِھا اُھا بابرڪت خودي ۽ خود
شناسي جي منزل هوندي جا انسان کي عدل ۽ امن، سونھن، سُرت ۽ سڪون جي حقيقي ذائقن
ماڻڻ جي قابل بنائيندي. “
(اقتباس :
ڪڇان ڪڄاڙو، ص ۱۴۰، ۱۴۱)
اصل ۾
ھڪ نڪاح جي ضرورت آهي؛ شعور ۽ ضمير جي نڪاح جي ضرورت- جيڪڏھن ٻنهي جو سنگم اڻٽُٽ
بڻجي وڃي ٿو، ته ماڻهو کي ماڻهو ٿيڻ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگھي. اھا ترتيب ئي حسن
کي جنم ڏيندي، سائين لکي ٿو:
”اسانکي رڳو
ذهين انسان نٿو گهرجي،
رڳو
بهادر طاقتور انسان به نٿو گهرجي،
اسان
کي اڌورو انسان ۽ اڻپورو انسان- جزوي انسان نه، پر مڪمل انسان، پورو انسان کپي.. .
باشعور، باضمير، باعمل، غيرجانبدار، خود مختيار تشخص وارو انسان ٿو اسان سڀني کي
گھرجي“
(اقتباس:
ڪڇان ڪڄاڙو، ص ۱۹۷، ۱۹۸)
”تصوف“ سائين
جي پنھنجي لفظن ۾ ”ھر د-ر جو پيغام ۽ ھر مرض جو علاج نه آھي، پر ان جي اڪثر وصفن ۽
قدرن ۾ ايترو جٽاءُ ۽ دم خم آھي جو انسان کي شرافت، حُريت، محويت، رواداري ۽ خود
قرباني جي جذبي ۽ عمل لاءِ آماده ڪندا رھيا آھن. “
(اقتباس:
اندر مله املھ، ص ۴۵)
تصوف
ڪنھن فارسي جو درس ناھي، جو ماڻھن کي سمجه ۾ نه اچي. اھو ته صرف ۽ صرف ماڻھو جي
قول ۽ فعل جي ھڪجھڙائي جو درس آھي ۽ بس! ماڻھو جو قول جيترو سالم ھجي، اوترو ئي ان
جو عمل به سچو ھجڻ گھرجي. ماڻھو بس پنھنجي ڳاله تي ئي بيھي ۽ اھا ڳاله انساني سماج
لاءِ ڪارگر ھجڻ گھرجي.
ان
سادي ڳاله کان وڌيڪ تصوف ماڻھن کان ٻي ڪا ڳاله طلبي ئي ڪون ٿو. تصوف نه صرف اھو
درس ڏنو، پر سکيا جي تعليم ۽ ”اک الٽي ڌار“ جي انقلاب لاءِ اتساھي ٿو. سائين حيدر
موجب:
”صوفيءَ جي
پنھنجي نفس جي غير صالح حصي سان بغاوت به دراصل سماج سان بغاوت آھي، ھو انھيءَ
بغاوت کي جيڪڏھن ترڪ ۽ تياڳ جِي بعضي ڪا صورت ڏئي ٿو ته اھو به ھن جو احتجاجي
بائيڪاٽ يا واڪ آئوٽ آھي. “
(اقتباس:
اندر مله املھ، ص : ۱۰۵)
”شاعري“
سائين حيدر جي لفظن ۾ فڪري بلوغت جو مُترنم ردعمل آھي. “
(اقتباس:
اندر مله املھ، ص: ۱۷۹)
شاعر
جي ”فڪر ۽ ويچار جا محاذ ايترو ته وسيع ۽ رفيع آھن، جن ۾ حيرت زده ٿيڻ کانسواءِ
شعر جو خمير ٺھي نٿو سگھي. وڏي ڳاله ته شاعري )نفسِ شعر( شاعر جو اختيار نه بلڪه
اضطرار آھي، ھن جي عالمِ محسوسات جو والھانه ۽ بي اختيارانه اقرار ۽ اظھار!“.
(اقتباس:
اندر مله املھ، ص: ۱۷۸)
ان ڪري
سائين حيدر ڪنھن به احساس ڪمتري جو شڪار ٿيڻ بدران شاعر کي صرف شاعر سمجھِي سندس
عظمت کي سلام پيش ڪري ٿو. ھن کي شاعر لاءِ ”شاعر“ کان وڌيڪ ڪو ٻيو لفظ سُجھي ئي نه
ٿو. ان ڪري ھو لطيف جي شاعري جا روحاني راز نه ٿو سمجھائي. ھن کي تصوف، فلسفي،
سياست، سائنس وغيره وغيره جي چوغن ۾ ويڙھي پيش ڪرڻ ھن جي عظمت کي گھٽائڻ جي مترادف
سمجھي ٿو. پاڻ لکي ٿو:
”ھونئن ائين
چوڻ ۾ ڪھڙو ھرج آھي ته لطيف بنيادي طور تي شاعر آھي، موسيقار آھي، شاعر ھجڻ صوفي
ھجڻ کاڻ ڪمتر ته نه آھي. جيڪڏھن ڪو ائين سمجھي ٿو ته پوءِ ائين چوڻ حق بجانب آھي
ته شاعر جي عظمت ۽ اھميت جي عالمي ڪسوٽي اڃا اسان ماڻھن کي ميسر ڪانهي ٿي. “
(اقتباس:
اندر مله املھ، ص: ۱۰۰، ۹۹)
”شاعريءَ جي
اثر ۽ نفوذ جو دائرو پاڻ ڪنھن فلسفي ۽ نظرئي جي ڀيٽ ۾ گھڻو وسيع آھي، ڇاڪاڻ ته ان
جا منصبي ۽ فني موضوع ماڻھن جي اڪثريت لاءِ قابل فھم آھن، ۽ قابل عمل به. ان حوالي
سان تصوف تي جھڙوڪر لطيف جو احسان آھي، جو ان جا اغلاف ۽ اشڪال ھن جي ڏات جي ڪري
قابل فھم بنجي پيا آھن. “
(اقتباس:
اندر مله املھ، ص: ۱۰۰)
”جِي پوء مرڻ
“ وارو عمل ته ھر حياتيءَ سان چُھٽيل آھي. سڀ ڪو ڄمي ٿو، جيئي ٿو ۽ نيٺ مريو وڃي،
پر لطيف انھي روايتي چڪر ۾ پوڻ بدران ھڪ انقلابي استعارو پنھنجي شاعري ۾ بار بار
استعمال ڪري سائين حيدر پارن عظيم انسانن کي ڇرڪايو وجھي، اھو آھي ”مري پوءِ جيئڻ“
”مري جيءُ ته
ماڻين، جانب جو جمال“
آخر
اھو ڪيئن ممڪن ٿيندو ته مري پوءِ به جيئجي!؟
سائين
حيدر موجب؛
”اھو طبعي
موت نه بلڪه معنوي موت آھي. “
(اقتباس:
اندر مله املھ، ص: ۱۰۵)
”اھو موت،
لوڀ، ڪيني، رِيا ۽ طمع واري تشخص جو موت آھي. انھن کي دفن ڪري، بي لوثيءَ، بي
ريائيءَ، ۽ لاطمع واري نئين نرالي وجود کي ماڻڻو آهي. “
(اقتباس:
اندر مله املھ، ص: ۱۰۹)
آخر ان
نئين نرالي وجود ماڻڻ سان ماڻھن کي ڪھڙيون نعمتون پلئه پونديون؟ لطيف جي شاعريءَ
مان سائين حيدر ڳاله جي ڳرڀ کي واضح ڪري ٿو؛
”لطيف نه رڳو
نئين صحتمند انسان جي سرجڻ جو متمني آھي، بلڪه پوءِ ان جو ڪردار ھڪڙي فولادي انسان
جي روپ ۾ نروار ٿئي ٿو. ھڪڙي سپرمئن)Super
Man( جي صورت ۾، جنھن کي نه ڪا قدرتي آفت ھيسائي
۽ ھٽائي، ماري يا مڃائي سگھي ۽ نه ڪي دنيا جھان وارن جا ھٿرادو مانڊاڻ ھن جي لاءِ
ڪا رڪاوٽ بنجي، ھن جي آڏو ڪو جٽاءُ ڪري سگھن ٿا. !“
(اقتباس:
اندر مُله املھ، ص ۱۱۳، ۱۱۴)
مٿيون
ڳالھيون سمجھڻ کان پوءِ اھا ڳاله ته چٽي ٿي وڃي ٿي ته سائين حيدر جو لطيف ڏانھن
رويو انتھائي غير روايتي آھي. ھن جو ھڪ Remark ته مون کان نظر انداز ٿئي ئي نه ٿو، جڏھن ھو شاه لطيف جي ھڪ بيت؛
”ماءُ!
کاھوڙي آئيا، ڏوري ڏوري ڏيھ،
مَيَنِ
پيرين کِھ، ڪُه ڄاڻان ڪنھن پارجي“ (سر کاھوڙي)
جي
تشريح ڪندي ڪندي هيئن به لکي ٿو:
”دوست! جيڪا
لذت ۽ راحت انھيءَ بيت کي اُچارڻ ۽ ان جي تاثرات کي سڃاڻڻ ۽ انھي کي سيني ۾ سمائڻ
۾ آھي، ان جو مقابلو زندگيءَ جي ڪا ٻي لذت ڪري نٿي سگھي. “
(اقتباس:
اندر مله املھ، ص ۱۸۰)
لطيف
جي حيرت انگيز ڪلام جو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ سائين حيدر انسان ذات جي ان الميي
ڏانھن اشارو ڪري ٿو )ندر مله املھ، ص ۱۰۱( ته اڍائي سؤ سال گذرڻ باجود اڃا تائين لطيف اسان لاءِ اَڇتو ۽ ڪئنارو ئي
آھي، جنھن کي ڪو وسيع نظر شارح ۽ مفسر ئي ميسر ناھي ٿيو. اھا ڪا لطيف جي کوٽ نه
بلڪه اسان جي بدقسمتي آھي.
ھڪ
ڀيري سائين حيدر جي محفل ۾ شاه لطيف جو ھڪ بيت پڙھيم:
”جوڳيءَ تي
جڙاءُ، نِسورو ئي نينهن جو،
پتنگ
جئن پيدا ٿيو، سامي سِڄ وَڙاءُ،
آيو
ڪاڪ تڙاءُ، ڪُنئارن ڪڪوريو. “
سائين
کان پڇم اھو ”ڪُنئارن ڪڪوريو“ ڇا آھي؟
سائين
جواب ڏنو؛
ڪنواري
معنيٰ اڻ ڇُھيل، ڪنوارا رڳو ماڻھون ناھن ھوندا، پر آدرش به ڪنوارا ھوندا آھن، اصول
۽ قدر به ڪنوارا ھوندا آھن، جيڪي تاريخ جي ڪنھن دور ۾ ڪنھن سوچي، چئي ۽ لکي ته
ڇڏيا، ٻين ماڻھن کي ٻڌائي ته ڇڏيا، پر انھن تي عمل اڃا سوڌو انسان ذات لاءِChallenge آھي، پر لطيف جو ھي جوڳي، جنھن
تي ”نينھن“ جي بيوٽي پارلر جو سينگار ٿيل آھي، ان کي انساني قدرن جي ڪنوارين اھڙو
ته ڪڪوري ريٽي ڳاڙھو لال ڪري ڇڏيو آھي، جو ھن جو تاءُ، سِڄَ جيان سڄي ڪائنات کي
روشن ۽ منور ڪري بيٺو آھي.
سائين
حيدر وٽ ته اھو ”ڪُنئارن ڪڪوريو“ ڀلي شاه لطيف ئي ھجي، پر اسان لاءِ اھو ”ڪُنئارن
ڪڪوريو“ سائين حيدر ئي آھي. جيڪو پنھنجي روايتي خانداني خولن کي ٽوڙي، اعلي انساني
قدرن ۽ آدرشن جي ڪُنئارن سان ڪڪورجي، سڄي زندگي ھي درس ڏيندو رھيو؛
”اچو ته ڪي
گھڙيون شرمسار ٿيڻ جي باعزت مشق ڪريون. “
”اچو ته اڇي
اُجري من جي ميراث جو در کڙڪايون ۽ اٽڪل سٽڪل، لوڪ رياءَ ۽ پاڻ پڏاءَ جي بي پاڙي
وڻ ويڙھيءَ مان ”پاڻُ“ ڇڏايون. “
اچو ته
امن ۽ حُسن جي دل نواز وادين ۽ اَننت سوز ۽ سُرور جي سير ۽ سواد جو پاڻ کي اھل
بنايون.
اچو ته
خسيس کي تياڳيون.
اچو ته
پاڻ سنڀاريون.
اچو ته
گنڀير ٿيون.
اچو ته
مٿاھان ٿيون.
اچو ته
آڳاھان ٿيون.
اچو ته
آجا ٿيون.
اچو –
اچو ته آجا ٿيون.
اچو ته
نرواڻ ماڻيون“
(اقتباس:
اندر مله املھ، ص ۲۲، ۲۳)
(ماھوار
ھمسري حيدرآباد آن لائين جي مارچ ۲۰۲۴ع واري
پرچي ۾ ڇپيل)
حيدر علي لغاري
سڀاءُ ۽ فڪر
امتياز احمد عرساڻي
اھي
انسان به عجيب احساس ۽ مزاج جو امتزاج آھن، جيڪي من کي ماٺار ڪرڻ واري ڪوشش ۾ ساري
عمر گذاريو ڇڏين. پر سندن اندر ھميشه ماندو ئي رھي ٿو. سندن خيال آسمانن جي بلندين
کي به ڇھيو اچن ته سندس نظر سمنڊن جي پاتال کان به ھيٺ لھيو پوي. ھو زندگيءَ جي
لاھن چاڙھن ۽ اوڀارين لھوارين مان گذرندي، زندگيءَ جي حقيقتن کي سيني اندر
ساڍيندي، ھر پل ھر ساعت نئين منظر ڪشيءَ سان اڳتي وڌندا ٿا رھن. سندن لوڙ، تجسس،
اڻتڻ وارو احساس ڪڏھن به اختتام پذير نه ٿو ٿئي. تبديل ٿيل جڳ ميسر نه ٿئي ته سندن
نظر ساڳي نظاري منجھان به ھر پل نت نئون لطف وٺڻ لاءِ آسائتي ھوندي آھي. ھو ھڪ ئي
جوءِ روزانو وڃن ٿا، مگر ھر ساعت سندن نظر ان منجھان ڪا نئين راحت وٺيو اچي. محبوب
جو حسن ھجي يا گلشن جون رعنايون، قدرت جا رنگ ھجن يا فطرتي دلڪشيون سندن ڏسڻ واري
اک ھميشه ان مان نئين رنگ ۽ ڍنگ سان محظوظ ٿيڻ چاھيندي آھي. اھو شخص جيڪو ساڳي
شيءِ مان نت نئين لذت وٺڻ جو قائل نه ٿو رھي ته نئين شيءِ جي عنوان آسري سندس
زندگيءَ مان اتساھ به ختم ٿيو وڃي. تڏھن ئي ته شاھ صاحب فرمايو آھي؛
کامان، پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچيان،
تن ۾ تئونس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان!
جي سمنڊ منهن ڪيان ته، سُرڪيا ئي نه ٿئي.
سائين
حيدر علي لغاري به، انھن ئي شخصيتن منجھان ھو، جنھن ھميشه پنھنجي اندر جي اڌمن کي
ماٺو ٿيڻ نه ڏنو. ھو ھر پل ھر لحظي نواڻ سان ملاقاتي ھوندو ھو. سندس جمالياتي حس
کان فطرت جو ڪو به لقاءُ ڇپيل ڪونه رھندو ھو. ننڍڙو ٻار ھجي يا سنگت ۽ ساٿ، مائٽ ۽
مٽ ھجي يا حسن و جمال سندس تراري مزاج کان ڪنھن جو به ڳــر ڳجھو نه رھي سگھندو ھو.
ملڻ واري جو ھر بار ڪو نه ڪو نئون رخ سندس نظر منجھ لھندو ھو. جيئن ڪتاب کي ورائي
ورائي پڙھڻ سان ان جو نئون پھلو ۽ مطلب سامھون اچي، تيئن ئي سائين حيدرعلي ھر تصور
کي پنھنجي نئين اسم سان منسوب ڪري اظھار ڪندو ھو. فطرت جي حسن کي پروڙڻ، پرکڻ ۽
نئين انداز ۽ تخيل سان جانچڻ ئي سائين حيدر عليءَ جي فڪر جو اصل ماخذ ھو. سندس ڪيل
ڪچھريون ۽ گفتار اسان جي سماج جو اثاثو آھن. سندس فڪر جا گرويده اڄ به پنھنجي عملي
زندگيءَ ۾ سائين حيدر علي جي نظر سان زماني کي ڏسي رھيا آھن. ھر عام نظارو اسان جي
سامھون اچي ۽ گذري ويندو آھي. موسم جي لطافت، فطرت جا منظر ھر وقت اسان جي اکيون
پسنديون آھن، ليڪن ان لقاءُ کي نظر منجھ قيد ڪرڻ ۽ ان جي سونھن کي پسڻ جو احساس ۽
اظھار جي وسعت صرف سائين لغاري صاحب جي ديد ۽ مشاھدي ۾ سمويل ھوندي ھئي. روزمره
اسين ڪيترن ئي شخصيتن سان ملاقات ڪندا آھيون ۽ گھڻن ئي فردن سان محوگفتگو رھندا
آھيون، مگر ان ڳالھ ٻولھ جا فقرا اسين توريندا آھيون نه ئي ان منجھان حاصلات
پرائيندا آھيون. سائين حيدر جو گفتو مھل، موقعي جي نزاڪت پرکيندي بيان ڪندڙ کي
اھڙي تز نڪتي انداز سان موٽ ڏيندو هو جو ڳالھ ڪندڙ کي لاجواب ڪري ڇڏيندو هو. موضوع
ڪيڏو ئي سنجيدو ڇو نه ھجي، سائين حيدر جي گفتار مان محفل جو ھر فرد سرور وٺندو ۽
سندس لبن مان بي اختيار مسڪراھٽ ڦٽي نڪرندي هئي. اسان گھڻن ئي واقعن جي منھن
سامھون ٿيندا آھيون. مگر ڪڏھن به ان ماحول جي لاڙن سان شناسائي حاصل ڪري نه سگھندا
آھيون. سائين حيدر جو احساس ھر معمولي واقعي ۽ عام رواجي اسم منجھان به اھڙو رخ
عيان ڪندو هو جو ٻڌندڙ جو دماغ سوچڻ تي آماده ٿي ويندو ھو.
سائين
حيدرعلي لغاريءَ جي ڏسڻ، سوچڻ، پرکڻ ۽ اظھارڻ جو پنھنجو انداز ھوندو ھو. ھو عام
رواجي نظريئي ۽ ڍنگ سان شين کي پروڙڻ واري استعداد کان بالاتر ھو. ھن پنھنجي
تحريرن ۾ برملا ان جو اظھار رکيو آھي. جتي علامه اقبال ”عظمت ۽ شجاعت“ جي تصور کي
ھڪ عظيم قوم سان منسوب ڪري چوي ٿو ته ”سبق پڙھ صداقت کا عدالت کا شجاعت کا، ليا
جائي گا تجھ سي کام دنيا کي امامت کا“ اتي سائين حيدر علي جي تحرير ڪيل ڪتاب ”ڪڇان
ڪڄاڙو“ جي عبارت آھي ته:
”سنڌي قوم
ويچاري پنجن ھزارن سالن جي تاريخ ۾ ڪڏھن به پنھنجي عظمت جي دعويٰ ڪانه ڪئي آھي.
عظمت جي جنھن تصور کي اڪثر جارحيت ۽ جارحيت کي شجاعت جي قدر سان سلھاڙي پيش ڪيو
ويندو آھي، خبر ناھي اسان جا سماج شاستري پنھنجي شاسترن ۾ مھذب قوم ۽ متمدن سماج
جا ڪھڙا معيار ٿا بيان ڪن. موھن جي دڙي جا ماڻھو به ٻين ملڪن تي ھلان ته ڇا پر
پنھنجي دفاع ۽ حفاظت کان ايترو غافل ھئا جو ھنن جي ورثي ۽ سرمايي جي باقيات مان ڪو
موثر ھٿيار دستياب نه ٿيو آھي. اسان وٽ ھنن جي مھذب ھجڻ جون سوين ثابتيون ۽
علامتون آھن، پر اھي سڀ انھيءَ ڪري بيڪار ۽ بي اثر آھن ۽ انھن جي ڪنھن ڪم ڪونه
آيون جو اھي ان نام نھاد ”عظمت ۽ شجاعت“ جي معيار کي انھيءَ ڪري ماڻي نه سگھيا جو
انھن ۾ پنھنجي بستيءَ کان ٻاھر نڪري ڏوراھين بستين تي ھلان ڪرڻ يعني جارح ھجڻ يعني
”بھادر“ ھجڻ جي اھليت ڪانه ھئي“.
سائين
حيدر علي اعتقادي نظرين کي پڻ پنھنجي ئي نگاھ سان پروڙي پنھنجي چاھيندڙن کي
فڪرانگيز ڪيو. انسان جي قبل تاريخ جي موضوع تي سندس بيان پڻ روايتي نظرين کان
جداگانه ۽ نئين نسل لاءِ اڄ مشعل راھ آھي. سندس مختلف مضمونن جون تحريرون ان حقيقت
جون گواھ آھن ته ھن ھميشه بيٺل ذھنن جي تند کي ڇيڙي انھن اندر جنبش پيدا ڪئي ۽
سندس ڪيترائي چاهيندڙ ان نظريئي جا پيروڪار ٿي نئين ۽ آزاد سوچ جا بنيادرکيائون.
سائين
حيدر علي پنھنجي سوچ و فڪر کي ڪنھن تي مسلط ڪرڻ جو خواھان ھرگز نه رھيو. سندس فڪري
سوچ اتي ئي براجمان ٿيندي ھئي جتي ھم خيال دوست گڏ ٿيندا ھئا. سوال جواب ۽ ان جا
نڪرندڙ نتيجا ھميشه ھڪ اڻ کٽ بحث جو موضوع رھندا ھئا. ھو پنھنجي بيان سان ڪنھن جي
به دل آزاري ٿيڻ جو ھميشه خيال رکندو ھو. سائين سمجھندو ھو ته ھر ڪو پنھنجي ماحول
۽ موروثيت منجھان ڄاڻ کڻي پھتو آھي، ھن جي سوچ، سمجھ ۽ خيال سندس روايتن جا اسير
آھن، تنھن ڪري ڪنھن به سڌي سئين طريقي سان بيان ڪرڻ سندس عقيدن کي ڇيڙڻ دل آزارڻ
برابر آھي. اھو ئي سبب آھي جو سائين جا گفتا ھميشه زو معني ۽ سمجھڻ ۽ پاڻ سوچڻ تي
مجبور ڪندا ھئا. سائين حيدر علي جي شخصيت جي ڪشش ۾ ڪيترائي چاهيندڙ گرويده ٿيا،
سندس طبعي زندگي پوري ٿيڻ کانپوءِ به سندس شاگردن ۾ ايتري ئي چاهت ۽ اڪير نظر اچي
ٿي، جيتري سندس زندگيءَ ۾ هئي. سندس شاگردن جو وڏو حلقو شيرين گفتگو، حسن اخلاق ۽
سندس شخصيت جي تاثير ۾ گم آهي. جيتوڻيڪ سائين حيدر پنهنجي ڀوڳ واري انداز فڪر سان
سڃاتو وڃي ٿو پر اهو فڪر هڪ خاص سماجي رخ جي عڪاسي ڪري ٿو. سائين حيدر جي انتخاب ۾
اهو ئي ڀوڳ رچيل هوندو هو. هُو پنهنجا خيال ۽ فلسفي جي منتقلي پنهنجي قول و فعل
ذريعي ڪندو هو، جيڪو سندس درس تدريس جو خاص انداز هو. پاڻ جيڪڏهن ايئن چئون ته
حيدرعليءَ جي گفتار، سندس درسگاهه جو عڪس هئي ته غلط نه ٿيندو. ڊاڪٽر شمس الدين
عرساڻي، سائين حيدر لغاري جي تحرير کي فرانس جي سارتر جي لکڻين ۽ رجنيش جي تعليمات
سان تشبيھ ڏيندي ڪڇان ڪڄاڙو ۾ سندس فن بابت ويچار وڊيندي لکيو آھي ته:
”منھنجي
اندازي ۾ حيدر علي جي تحرير سنڌي معاشري ۾ اھو ئي وزن رکي ٿي، جيڪو سارتر جي لکتن
کي فرانس ۾ آھي يا وري رجنيش جي فلسفي جي تعليم يافته فردن ۾ مقبوليت آھي. منھنجي
چوڻ جو مقصد اھو ناھي ته حيدر علي لغاري سارتر يا رجنيش جي تقليد ۾ لکيو آھي، جيڪي
ھن دور ۾ جديد فسفي جا داعي مڃيا وڃن ٿا ۽ جن زندگيءَ جي فسفيانه مسائل تي تسلسل ۽
تعقل سان لکيو آھي. آئون ايترو چوان ٿو ته حيدرعلي جا موضوع ۽ مضمون ۽ بعضي اٿاريل
سوالن ۽ جوابن ۾ سمايل فھم جي نوعيت به فلسفيانه ٿئي ٿي، جنھن ۾ سندس حيات آفرين
پيغام ھوندو آھي“.
سائين
حيدر لغاريءَ پنهنجا معتقد پيدا ڪرڻ يا پنهنجي سوچ جو ڪاروان جاري رکڻ جي خواهش کي
پڻ هو ائين ئي سمجهندو ھو، جيئن ڪو ”پير“ پنهنجو چيلو پيدا ڪري. سندس پنهنجو زاويو
سامهون رکڻ واري ڪرت زندگي جو حصو رهي. هو هميشه صوفيت ۽ عقيدت تي انحصار ڪرڻ
بجاءِ پنهنجي عمل وسيلي زندگي جي حقائق تي غور ڪرڻ ۽ سوچڻ جي ترغيب ڏيندو رهيو.
سائين حيدر لغاري ڪڏهن به روايتن تي ٻڌل اخلاقي اقدارن ۽ صحيح غلط جي معيارن کي
حتمي تصور نه ڪيو. سائين جي فڪر ۽ سڀاءُ جو سلسلو اڻٽٽ آھي، سندس ويچار ۽ فلسفو
نسل در نسل ھلندو رھي ٿو. ھزارين طالب سندس فلسفي جي اثر ھيٺ پنھنجي تعليمات کي
اڳيان وڌائي رھيا آھن. انھن شاگردن ۾ محترم سلام انڙ، محترم الطاف ميمڻ ۽ محترم
شوڪت اڄڻ کان علاوه ڪيترائي ٻيا شاگرد قابل ذڪر آھن، جن جو ذڪر مضمون جي گھرجن
لاءِ اضافي ٿيندو.
(ڏھاڙي عبرت
حيدرآباد ۾ ۲۶ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا