; سنڌي شخصيتون: رزاق مهر

11 August, 2016

رزاق مهر

رزاق مهر
ڌيرج وند دوست
منظور ڪوھيار
سال ۱۹۷۴ جي روح رهاڻ ادبي سنگت، جيڪا ان زماني جي وات ڳاڙهن ڇوڪرن تي مشتمل هئي. تن لاڙڪاڻي جي ادبي حلقن ۾ هلچل مچائي ڇڏي. اڃا به ائين چئو ته ڌوڙ ڌڪا مچائي ڇڏي. پوءِ ان ادبي سنگت جي ميمبرن مان سواءِ هڪ اڌ جي، هڙ جو هڙ ڀلوڙ ليکڪ ۽ صاحبِ ڪتاب ٿيا. هر هڪ جون لکڻيون منفرد ۽ انداز الڳ. جن ۾ مرحوم افضل قادري، مرحوم ڪيهر شوڪت، مرحوم ملڪ آگاڻي، مرحوم واجد، مرحوم رزاق مهر؛ مرحيات سليم ڪورائي، مرحيات زيب سنڌي، مرحيات منظور ڪوهيار ۽ مرحيات محمد علي پٺاڻ، مرحيات ممتاز ابڙو جن قابلِ ذڪر آهن. توهان هروڀرو پريشان نه ٿيو. اھا ڪن زود رنج ماڻھن ان جي معنى، اڌ-مئو، اڌ-ڪٺل يا نيم زنده لکي آھي. جڏھن ته عبدالوهاب سهتي جي ’لوڪ آ، ٻوڪ‘ ڊڪشنري مطابق مرحيات جو اشتقاق آھي؛ مر + حيات. جنھن ۾ مر معنيٰ آھي؛ سدا، ڀلي. جيئن چوندا آھن؛ سڄڻ ھجن ساڻ، پوءِ مَرُ پيا مينھن وسن. جڏھن ته حيات جي معنيٰ آھي؛ جيئرو، زندھ. ھاڻي مرحيات جي معنى ٿي؛ سدا حيات، سدا جيئرو. سندس چوڻ مطابق ته لاڙڪاڻي جي چئن اديبن جي ته جيئري ئي ورسي ٿيڻ گھرجي. جن ۾ مرحيات عنايت ميمڻ، مرحيات منظور ڪوهيار، مرحيات محمد علي پٺاڻ ۽ مرحيات سليم ڪورائي. ڇو ته مئي کان پوءِ ماڻهو هٿ جي ٿا هڻن يا مبالغي آرائي ٿا ڪن. بهرحال جڏهن سهتو صاحب ان پروگرام کي آخري شڪل ڏيندو، ته اسان کيس گذارش ڪنداسي، ته پهريائين سليم ڪورائي جي ورسي ملهائي وڃي، جو سينئر ۽ روح رهاڻ ادبي سنگت جي بانين مبانين منجھان آهي. اسان کي به پهريائين سندس تعريف ۽ توصيف ڪرڻ جو يا ڇوڏا لاهڻ جو موقعو ملندو، ته ان ۱۹۷۹ ۾ روح رهاڻ جھڙي سرگرم ادبي سنگت مٿان، تماچي هوٽل ۾، هڪ ’جن جي ڀاءُ‘ سان ويهڻ کي ڇو ترجيح ڏني؟ منهنجو اشارو سمجھڻ وارا سمجھي ويا هوندا. وڌيڪ کول ورسي تي ڪبي، حالي في الحالي ته بابا ولي؛ ڍڪي ڀلي.


ان دؤر کي تصور جي اک سان ڏسجي ٿو، ته گول دائري ۾ روح رهاڻ ادبي سنگت جون گڏجاڻيون؛ لاڙڪاڻي جي علي گوهر آباد محلي ۾، افضل قادري جي گھر جي ڪوٺي تي، وڇايل تڏن مٿان ٿي رهيون آهن. وڏن وارن وارو هڪ خوبرو نوجوان رزاق مهر پنهنجو شعر پڙهي رهيو آهي:
پريم نگر جو پنڇي آهيان،
نفرت جي پڃري ۾ پاپي،
ڇو ٿا مون کي قيد ڪيو،
آزاد ڪيو، آزاد ڪيو.
رزاق مهر جو هي پهريون شعر هيو ۽ اهو به ڀرپور. ادبي حوالي سان رزاق مهر پهريائين شاعر جي طور تي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي، پوءِ اوچتو هڪ طنز و مزاح سان ڀرپور ڪهاڻي، ”ڪرشن هاٿيءَ اڳيان“ لکي، نثر ۾ ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان اُڀريو، ڪهاڻي کي سورنهن سينگار ڪرائيندي، ’اَجھل هوا‘ جھڙي ڪلاسيڪل ڪهاڻي لکيائين. باوجود سليم ڪورائي جي تنقيد جي،  کيس نثر اهڙو رس ۽ چس ڏنو، جو ڪهاڻين سان گڏ ڊرامه لکڻ شروع ڪيائين. ڏسندي ڏسندي اسٽيج ڊرامن ۽ ٽي وي ڊرامن جي حوالي سان سنڌ جو سڄاڻ ۽ سرموڙ ليکڪ بڻجي ويو. ائين ناهي ته رزاق مهر شاعري صفا ڇڏي ڏني هئي، پر شرارتن ’نيما ڪوثر‘ جي نالي سان به ڪڏهن ڪڏهن شعر لکندو هو. جيڪي اخبارن ۽ ادبي پرچن جي زينت بڻبا هيا. جنهن کي اڳتي هلي ڊاڪٽر عبدالمجيد جھڙي محقق پنهنجي لکيل ڪتاب ’لاڙڪاڻو تاريخ جي آئيني ۾‘ لاڙڪاڻي جي سٺين شاعرائن ۾ جڳھ ڏني. اهو سلسلو هن تڏهن بند ڪيو، جڏهن هڪ وڏي اديب کيس خوبصورت ساڙهي وٺي موڪلي ۽ خط ۾ پنهنجي والهانه محبت جو اظهار ڪندي ساڻس ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.تڏهن رزاق مهر چيو، ته ’يار، منظور! هاڻي اها مذاق ڳچيءَ ۾ ٿي پوي‘. منهنجي ان مذاق ۾ صرف ايترو هٿ هيو، جو ’نيما ڪوثر‘ جو نالو مون تجويز ڪيو هو. زيب سنڌيءَ جو خيال هيو، ته اها سنڌ جي انٽيلڪچوئل ٿي اُڀري. ان زماني ۾ نيما ڪوثر جا تنقيدي خط به ڏاڍا مشهور ٿيا، جن ڪيترن جون کلان لاهي وڌيون. ڪافي اديب نيما ڪوثر کي اسان جي سامهون ويهي گھٽ وڌ ڳالهائيندا هيا ۽ اسان ڪڇي نه سگھندا هياسين. ڪڏهن ڪڏهن زيب سنڌي، نيما ڪوثر جو پاسو کڻندو هيو، پر رزاق ويٺو مشڪندو هيو.
 تنقيد جو ذڪر هليو، ته ادبي حلقن ۾ روح رهاڻ ادبي سنگت جي تنقيد جو ڏاڍو ڊيڄاريندڙ ۽ خطرناڪ تاثر ويٺل هو. پر پٺ ان دؤر جي رقيبِ رو سياهن ڇا ڇا نه هلائي ڇڏيو، اها هڪ الڳ ڪٿا آهي. پر اها انهن جي هڪ حوالي سان مهرباني به هئي، جو ڪافي ماڻهو تجسس وچان ٻڌڻ ايندا هيا ۽ ٻڌڻ کانپوءِ ٻي دفعي اچڻ جي آرزو ڪندا هيا. برابر ڊگھا بحث ٿيندا هيا، پر حوالن ۽ دليلن سان. خلافت، ملوڪيت، جھموريت، فاشزم ۽ ڪميونزم جي حوالي سان بحث ٿيو، ته ڊاڪٽر طٰحٰه حسين مصري، مولانا مودودي، علامه مشرقي، مولانا ابوالڪلام آزاد، مارڪس، اينگلس، ولفرڊ پريٽو جا حوالا اچي ويندا هيا. جي ناولن جي اسلوب  تي بحث ڇڙيو، ته ميخائل شولوخوف کان وٺي ايملي زولا تائين. جي ڪهاڻين جو موضوع ڇڙيا، ته موپاسان کان هلندي دنگ اچي منٽو تي ڪندا. شاعري جو ذڪر اذڪار هليو ته سانڊور پٽوفي کان شيخ اياز تائين. جي ادبي تنقيد جو تجزيو ٿيو، ته پلاٽو کان وٺي، رسول بخش پليجي جي ’سندي ذات هنجن جي‘ ۽ قربان علي بگٽي جي ڪتاب تائين. اهي بحث لاڙڪاڻي ۾ ايڏا مشهور ٿيا، جو  مختلف نظرياتي دانشور ۽ اديب سعيو ڪري اچي ٻڌندا هيا. ان مان اندازو ڪيو، ته روح رهاڻ ادبي سنگت جي گڏجاڻي ۾ علامه مشرقي جو ننڍو فرزند ظهيرالدين اظهر اچڻ لڳو ۽ ان جي بازگشت ’پنجابي سنگت لاهور‘ جي واءِ ايم سي هال مان ٻڌڻ ۾ آئي، جو هو ان جو سيڪريٽري هيو.بحيثيت مهمان جي جيڪو ان منهنجو اتي تعارف ڪرايو، اهو منهنجو نه پر روح رهاڻ ادبي سنگت جو هيو. لاڙڪاڻي جي ترقي پسند مصنفين اردو جا اديب جن ۾ رمز شاهجھان پوري جھڙا ڪهنه مشق شاعر، محمود شرف صديقي ۽ سليم صديقي جھڙا ڪيترا ئي نوجوان اديب ايندا رهندا هيا. هاڻي ئي ويجھڙ ۾ يعني ۱۲ مارچ ۲۰۱۶ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ۾ قادري قلم قبيلي جي طرفان پارسي جي ڪلاسيڪل شاعر ’سعيد ابو الاخير‘ جي شاعري جي حوالي سان ڇپايل ڪتاب تي، مونکي به ڳالهائڻ لاءِ موقعو ڏنو ويو. مون جيڪو ڪجھ ڳالهايو، اهو پنهنجي جاءِ تي. پر جڏهن مون ڳالهائي بس ڪئي ۽ اسٽيج تان هيٺ لٿس ته هڪ همراه اچي سيني سان لڳايو ۽ چيو؛ ”منظور! يار آپ ني تو روح رهان والي جلوي دکا ديئي، ڪيا حال هئي هماري همنام ڪا اور رزاق ڪا؟“
پهريان ته مون نه سڃاتو. پوءِ مونکي اندازو ٿيو، ته هي سليم صديقي آهي. مان چيومانس؛ ”رزاق دل مين تو هئي، مگر اس دنيا مين نهين، باقي سليم ڪورائي ڪي هماري طرح سانسين چل رهي هئين.“
سليم صديقي جون اکيون آبديده ٿي ويون ۽ ’غالب‘ جو اهو مشهور شعر سندس زبان تي اچي ويس:
”سب کہاں؟ کچھ لاله و گل ميں نماياں ہو گئيں،
خاک ميں کيا صورتيں ہونگيں، که پنہاں ہو گئيں
ياد تھيں ہم کو بھی رنگا رنگ بزم آرائياں
ليکن اب نقش و نگارِ طاقِ نسياں ہو گئيں“
نه صرف اهي دوستَ، پر بزم سچل جو باني و مشهور طنز و مزاح جو منفرد شاعر لقمان حڪيم ۽ نظرياتي دوست عطاءُالله انڙ ۽ مظفر شاھ جھڙا قوم پرست شاعر به ايندا هيا. بحث برابر جارحانه ٿيندا هيا. پر حوالي ۽ دليل کانسواءِ ڳالهائڻ کي ڇسائپ سمجھيو ويندو هيو. فرق صرف لهجي ۽ انداز جو هوندو هيو. ڪو تيز لهجي ۾ ته ڪو ڌيمي لهجي ۾ ڳالهائيندو هيو. ڳالهائيندو ڀلو هيو. پر سڀن کان وڌيڪ متوازن ۽ معتبر لهجو رزاق مهر جو هيو. سندس ڳالهائڻ ۾ ٺهراءُ، ڌيرج، سنجيدگي، بردباري مٿانهين درجي جي موجود هئي. ڪهاڻي، مضمون يا شعر جي ٻنهي پاسن تي ڳالهائيندو؛ اوڻاين پوڻاين تي به، ته خوبصورت پهلوئن تي به. نه ڪنهن کي طنز جا تيز نشتر هڻي. نه ڪنهن جي بي جا تعريف ڪري.نه بغاغو، نه هنبوشي.
سچ پڇو ته لاڙڪاڻي ۾، اها طوفانِ بد تميزي تڏهن ڪاهي پئي. جڏهن ادبي حوالي سان لاڙڪاڻي ۾ برَ جون بلائون ڪاهي پيون. جن وٽ نه تميز، نه فضيلت، رڳو گھوگھ. ان حوالي سان هڪ واقعو ذهن تي تري اچي ٿو. رزاق مهر جي  ٽي وي ڊرامو ”جياپو“ سنڌ اندر وڏي مشهوري ماڻي. سنڌي ادبي سنگت نئين ديرو شاخ جي سيڪريٽري ’منٺار سولنگي‘ رزاق مهر جي ان ڊرامي تي هڪ شايان شان ويهڪ ڪرائي. جنهن جي صدارت ’سهڻي‘ ميگزين جي ايڊيٽر ۽ ڪهاڻيڪارطارق اشرف پئي ڪئي، خاص مهمان ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار غلام نبي مغل هيو. مون کي ۽ محمد علي پٺاڻ کي اعزازي مهمان ڪري ويهاريو ويو. نئين ديري جي دوستن، خاص ڪري منٺار سولنگي پنهنجي دل سان ان ڊرامي بابت ڳالهايو ۽ چيو ته ’رزاق مهر‘ جي ان ڊرامي جو نه صرف گھرن ۾ هر هفتي انتظار ٿيندوآهي، پر ٻاهر هوٽلن تي به هشام ماڻهن جا بيٺا هوندا آهن‘
هڪ بر جي بلا اُٿي ۽ چوڻ لڳي؛ ”مان به ڳالهائيندس.“
اخلاقن کيس ڳالهائڻ ڏنو ويو. اُن گوهر افشاني ڪندي ٻڌايو، ته ”هڪ ته اهو لفظ ڊرامو نه پر ڊامو آهي. ان ڪري جن ڳالهائيندڙن به اهو لفظ ڊامي کي ڊرامو ڪري اچارن ٿا. تن کي ڪا خبر ئي ناهي. سي غلط آهن، جاهل آهن، ڄٽ آهن. مان انهن کي چيلينج ٿو ڪيان.“
سڀئي ان انڪشاف تي وائڙا ٿي ويا. منٺار سولنگي پڇيس؛ ”ڪهڙي ڊڪشنري ۾ ڄاڻايل آهي، ته اهو لفظ ڊرامو نه پر ڊامو آهي، ڪو حوالو ته ڏي؟“
وڏي نڪ جي پڪائي سان وراڻيائين؛ ”مان پاڻ ڊڪشنري آهيان.“
منٺار سولنگي کيس جواب ڏيڻ چاهيو، ته رزاق مهر کيس هٿ کان وٺي هيٺ ويهاريندي چيو، ”ڇڏيس، ايمڻان مٽيو تيل ٿي پيو ڇا؟“
خير ڊرامي تي سڀن سٺو ڳالهايو ۽ رزاق مهر کي داد مليو. ڊرامي جي حوالي سان اهو نتيجو ڪڍيو، ته هي ڊرامو سنڌ اندر نجي جيلن ۾ ٿيندڙ عقوبتن جو ڪچو چٺو آهي، جنهن ڏسندڙ جي ذهن ۽ ضمير کي جھنجھوڙيو آهي. جي هر ذي شعور ماڻهو  هن زنگيل معاشري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته گھڻو ڪجھ تبديل ٿي سگھي ٿو. مون ’سماجي شعور جي هڪ ڪڙي‘ جي عنوان سان تبصرو پڙهيو، پوءِ اهو عوامي آواز ۾ ڇپجندڙ پنهنجي ئي هفتيوار ڪالم ”لٽ لاهيندو ڪير“ ۾ پيش ڪيو ۽ پنهنجي ۲۰۰۸ ۾ ڇپيل ڪالمن جي ڪتاب ’فڪر ڦرهي‘ ۾ به ڏنل آهي.
پروگرام ختم ٿيڻ کانپوءِ مون رزاق کان پڇيو؛ ”تو منٺار کي ڇو جھليو؟“
رزاق مهر وراڻيو؛ ”اها بر جي بلا چاهي ئي اهو پئي، ته گند ٿئي. جيئن اردو جي شعر جي هڪ سٽ آهي، ته ’بدنام هونگي تو ڪيا نام نه هوگا‘ ۽ ڏسجانءِ ته جيئن جيئن اهي بر جون بلائون پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿينديون، ته لاڙڪاڻي ۾ علمي بحثن جي بجاءِ ڪج بحثي شروع ٿي ويندي. اديب دست و گريبان ٿي ويندا. “
 پوءِ ٿيو به ائين؛ لاڙڪاڻي جي ادبي ڪچهرين ۾ گار گند به ٿيو ۽ ڪرسيون به اُڀيون ٿيون.
اها هئي، رزاق مهر جي معامله فهمي. نه صرف معامله فهم هيو، پر جھان ديده ۽ جهان فهم به هيو. هر ڪنهن سان هر ڪنهن جي طبيعت ۽ نفسيات کي سامهون رکي پيش ايندو هو. ان ڪري هر ماڻهو اهو سمجھندو هيو، ته رزاق سندس دلي دوست، هم راز ۽ حال محرم آهي.
مان جي پنهنجي ڳالھ ڪيان، ته ان مان به سندس تنقيد ڪرڻ جو ڏانءُ اوهان کي معلوم ٿي ويندو. ۱۹۸۹ ۽ ۱۹۹۰ع ۾، هلال پاڪستان اخبار ۾ منهنجي ڪالمن جو سلسلو ”فڪر ڦرهي هٿ ۾‘ جي عنوان سان هلندڙ هيو.ان ۾ ٽي ڪالم ڇپيا. انهن ڏينهن ۾ منهنجي ملاقات ساڻس ’افضل قادري‘ جي سائيڪلن واري دوڪان تي ٿي. اتي به سمجھو ته ڄڻ غير دستوري گڏجاڻي پئي هلندي رهندي هئي. ٻه اديب مليا، ته ادبي ڪچهري شروع، ’جهان دو بوتلين رک دو، وهين ميخانه هوتا هئي‘ وارو جھان ٿي ويندو هو. خير و عافيت پڇڻ کانپوءِ چيائين؛ ”يار، تنهنجيون هلال پاڪستان ۾ ڇپجندڙ ٽي ڪهاڻيون زبردست هيون. بالڪل نئين انداز ۾ لکيل. عام زندگي جي ڪردارن ۽ بين الاقوامي ڪردارن ملائي ڳالھ ڪرڻ ۾ تو خوب نڀايو آهي“
مان حيران ٿي وراڻيو؛ ”رزاق، اهي ته ڪالم هيا.“
”اهو ته تون ٿو چئين، نه. پر مان ٿو چوان ته اهي مختصر مختصر ڪهاڻيون آهن، جن کي تو گڏائي لکيو آهي. پر لکيو تو ڪمال جو آهي.“
مون پڇيو؛ ”ڪي حوالا يا علمي دليل؟“
پوءِ هن به حوالا ۽ دليل ڏنا، مون به ڏنا. ان وقت اتي افضل قادري جا ڪجھ سياسي دوست اچي ويا. مون بحث کي مؤخر ڪندي چيو؛ ”ڪي علمي بحث ڊگھا ۽ طويل ٿيندا آهن، مان هاڻي هيئن ڪندس، جو انهن کي ڪهاڻين طور ڪهاڻين جي مجموعي ۾ شامل ڪندس ۽ ڪالمن جي ڪتاب ۾ ڪالم طور پيش ڪندس. پڙهندڙ ۽ نقاد وڏا منصف آهن، ڏسئون ته اهي ان کي شرف قبوليت ڪيئن ٿا ڏين“
رزاق مهر چيو؛ ”اها نِيتِ آ“
مان هڪڙي ڳالھ واضح ڪندو هلان ته اسان جي دؤر ۾ ڪج بحثي نه هوندي هئي. اسان علمي بحثن کي علمي بحث ڪري کڻندا هياسي ۽ علمي بحث طويل ٿيندا آهن.ان لاءِ تڪڙ يا هوڙيائپ جي ضرورت ناهي هوندي.
 خير، جن کي رزاق مهر ڪهاڻيون پئي سڏيو ۽ مان ڪالم، اهي ڪهاڻي طور تي اڪادمي ادبيات جي چونڊ سنڌي ڪهاڻين واري سيڪشن ۾ ڇپيل ڏٺم. مون دل ئي دل ۾ رزاق مهر جي فهم جو اعتراف ڪندي چيو؛ ”رزاق، تون صحيح هئين.“
نه صرف رزاق معياري تنقيد ڪري ڄاڻندو هيو، پر معياري تنقيد ڪندڙن جو قدردان به هو. رزاق جي ڪهاڻي هجي يا ڊرامو هجي، ڇپائڻ يا آن ايئر وڃڻ کان اڳ اهڙن دوستن کان راءِ وٺي، مطمئن ٿي پوءِ موڪليندو هو. جڏهن مان سکر نوڪري ڪندو هيس، ته هڪدفعي رزاق جي فون آئي. اتفاقن مان آفيس ۾ نه هيس، خيرپور ويل هيس. ٻي ڏينهن تي موٽي آيس، ته پي اي ٻڌايو؛ ”سائين، رزاق مهر جي حوالي سان چار فونون آيون هيون.“
ٿوري دير کانپوءِ گھران فون آئي، وڏي پٽ بالاچ ٻڌايو، ته ”ابو! چاچا رزاق مهر جي ٽي چار دفعا فون آئي آهي.“
مون پڇيو؛ ”ڪو ڪم ٻڌايائين؟“
”نه!“
مون چيو؛ ”فون اچي ته ٻڌائجوس، ته مان شام جو پنجين وڳي گھر پهچي ويندس.“
مان اڍائي وڳي منجھند جو سرڪاري وين ڪڍي نڪتس. چئين ڌاران لاڙڪاڻي پهتس. وين ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ بيهاريندو هيس. ان وقت ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ سهيل مڪاني گيمس انچارج به هيو. اتي پهتم ته سهيل ماني کائي رهيو هو. ٻه گرھ مون به کنيا، چانھ پيتي. سهيل ٻڌايو، ته ڪرڪيٽ جون نيون بيٽون گھرايون آهن، ڏس ڪيئن آهن؟“
مون چيو؛ ”اڳو پوءِ ٻاهر ڪڍين، ته پچ تي آزمايون.“
پچ تي مون بيٽنگ پئي ڪئي، سهيل بالنگ. ميونسپل هاءِ اسڪول جي ڪرڪيٽ اِليون جي رانيگرن فيلڊنگ، ڳالھ ئي وسري وئي ته پنجين وڳي گھر پهچڻو آهي. ڇهين وڳي ڌاران، رزاق مهر ۽ بالاچ سهڪندي پهتا. رزاق چوڻ لڳو:
”شابس ٿي، گھر پنجين وڳي جو چئي، هتي بيٺو راند ٿي کيڏين. تو واري پٽ ٻڌايو ته ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ گاڏي بيهاري پوءِ ايندو آ. اتي متان چاچا سهيل سان ڪچهري ڪندو هجي.“
مان شرمندو ٿي ويس، چيم؛ ”يار ڇا ڪيان، اندر جو ٻار اڃا ٽپي ڪڏي ٿو. تون ٻڌاءِ خير ته آهي، ايتريون فونيون؟“
”ها، خير آ، هي ’ايف آءِ آر‘ جي نالي سان آرٽ ڊرامو لکيو اٿم!“ هن هٿ ۾ جھليل پنا مون ڏانهن وڌائيندي چيو.
”چانهن پاڻي پي ته پوءِ پڙهونس ٿا.“
”پڙهڻ وارو ڪم تون ڪر، پاڻي ۽ چانهن پيئڻ وارو ڪم مان ٿو ڪيان. اهو اسڪرپٽ ممتاز ابڙي کي اڄ جو اڄ ڏيڻو آهي، جو کين ريهرسل شروع ڪرڻي آهي، تون او ڪي ڪر ته ڏيانس.“
بالاچ گھر واپس موٽيو. سهيل مڪاني ڇوڪري کي پريل هوٽل واري ڏانهن چانھن ۽ بسڪوٽ کڻي اچڻ جو چيو. پوءِ اچي سهيل مڪاني جي آفيس ۾ ويٺاسي. مون اسڪرپٽ پوري ڌيان سان پڙهيو.پڙهڻ کانپوءِ مون کيس چيو؛ ”رزاق ڪا گنجائش ڪونهي. هاڻي ته منهنجي به دل چوي ٿي، ته آرٽ ڊرامه لکان“
چيائين؛ ”وارو ڪر. مان ممتاز ابڙي کي چوان ٿو ته منظور جو ڊرامن لکڻ تي موڊ ٿيو ٿي، پٺيان لڳيس“
اهو ئي اتساه هيو جو مون ۶ آرٽ ڊرامه لکيا. جنهن جو ذڪر مون پنهنجي ڊرامن جي ڪتاب ’راج ڪرتھ‘ ۾ تفصيل سان ڪيو آهي.
رزاق مهر ۾ ريس، هوس، ساڙ، حسد واري ڪا شيءِ ئي ڪو نه هئي. هو اُتساه ڏيندڙ شخصيت هئي. سندس صحبت ائين هئي جيئن مولانا روم جو مشهور شعر آهي:
صحبت صالح، ترا صالح کند،
صحبت طالح، ترا طالح کند.
اها ئي سندس صحبت هئي، جنهن  محمد علي پٺاڻ کي سڃي سون ڪري ڇڏيو. نه ته سچ پڇو ته محمد علي پٺاڻ کي ڪو رڍون چارڻ لاءِ به نه ڏي ها.جيڏو هي طبيعتن تڪڙو هيو، سڀ وڃائي اچي ها. جي مالڪ پڇنس ها، ته ڪيڏانهن ڪيئي؟، ته چوين ها، ته نڀاڳيون تڪڙيون ئي نه پيون هلن، ته مان ڇا ڪيان. واٽ تي بگھڙ کي پارت ڪري آيو آهيانِ، اُميد آ ته هڪ نه هڪ ڏينهن پهچي وينديون. ائين نه هو، ته ڪو محمد علي پٺاڻ ٽيلينٽيڊ نه هيو يا کيس ادب جي الف ب جي خبر نه هئي. پر تڪڙي ڪتي به ايڏا گلر ناهي ڄڻيندي، جيترا هي ڄڻي ڍنگھرن تي اڇلائيندو هيو. جيئن ته رزاق مهر ڌيرج وان هيو، تنهن کيس صبر سيکاريو، ته تخليق کي ڪيئن ذهني گرڀ ۾ پالجي ۽ پورا مهينا ٿين ته پوءِ ڪڍجي. ڪچا نه ڪيرائجن. هن جي طبعيت ۾ جيڪو ٿورو ٿڪو صبر جو ذرو ڏسو ٿا، سو رزاق مهر جي عنايت آهي. رزاق مهر جي متوازن تنقيد ۽ مزاج، محمد علي پٺاڻ جي طبيعت ۽ تخليق ۾ توازن آندو. باقي اردو ٻوليءَ جي مشهور ڪهاوت ته سڀني ٻڌي هوندي (سڀني سنڌي پٺاڻن کان معذرت ڪندي) ته ’پٺان ڪا پوت؛ ڪڀي ولي، ڪڀي ڀوت.‘
 ائين ناهي، ته دوستي هڪ طرفي هوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن رزاق مهر ٿڌي مٽ جھڙو به ٿي ويندو هو. پڇبو هوس ته؛ ”ڇا ٿا لکو؟“
 چوندو هو ته؛ ”دل ئي نه ٿي چوي لکڻ تي؟“
وري ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ خبر پوندي هئي، ته ڊرامو لکي رهيو آهي. ان جو سبب سندس پٺيان، محمدعلي جو ٻاريل اهو ڍينڍو هوندو هو، ته ’لک يار، لک! وارو ڪر، دير نه ڪر!‘ جنهن رزاق مهر کي پئي گرمايو ۽ لکرايو. ان کانسواءِ رزاق مهر سان محمد علي پٺاڻ جيڪي ڳن وڍ ڏنا، مڃڻ مراد آ. آنڌي مانجھي، سردي گرمي،ڪراچي لاڙڪاڻو، ٻئي گڏ. اصلي نيبون آن دا جوڙا.
رزاق مهر جو اوچتو وڇڙڻ سنگت لاءِ وڏو ڌچڪو هيو، جو هڪ متوازن شخصيت سنگت مان هلي وئي، جيڪو سڀن کي ٿڌيون ٿائيون وجھندو هيو. پر اسان ڏٺو، ته محمد علي پٺاڻ بنھ اڌ ٿي پيو. اهي هاءِ بلڊ پريشر ۽ ٻيون بيماريون سيماريون به هن کي پوءِ لڳيون؛ نه ته پريم جو پيالو هنيون، پن جي ٻيڙي سان ’باه ڀڀوءَ جا دونهان دکايون، ڇھ ڇھ پيسا ٻه ٻه پايون ڪندو، هلندو وتندو هو. ڪو پڇندو هوس؛ ’ڪاڏي؟‘ ته وراڻيندو هو، ’مراد واهڻ‘. وچ تي پنهنجي مرضيءَ سان ڪنهن اسٽيشن تي ڇنڊ ڪيائين، ته ٺيڪ، نه ته اهو ٿو وڃيوَ تيزگام لڳو. سندس آخري اسٽيشن رزاق مهر جو گھر هوندو هيو. جتي هو ويهي سندس لکيل ڊرامو پڙهندو، اتاريندو ۽ صلاحون ڏيندو ويندو هوس يا کيس پنهنجي تازي ڪوتا يا ڪهاڻي ٻڌائي راءِ به وٺندو هوس.
جيتوڻيڪ رزاق مهر جي وفات کانپوءِ ۾ محمد علي پٺاڻ نيم بسمل هيو. انهيءَ حالت ۾، نفسياتي طور تي ماڻهو جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت تي برو اثر پوندو آهي. ماڻهو اڪثر راه فراريت اختيار ڪندا آهن. لکڻ پڙهڻ ڇڏي ڏيندا آهن. پر هن ان غم جي گھرائي کي به پنهنجي تخليقي صلاحيتن ۾ ڪتب آندو. هٿ هٿ تي رکي نه ويٺو، قلم جي گھوڙي کي، ادبي کيتر ۾ چؤتال ڀڄايائين. ڪالم، ڪهاڻي، ڊرامو، شاعري، ناول، مضمون، سفرنامه؛ مطلب ته ادب جي چُرندي رڳ نه ڇڏيائين. محمد علي پٺاڻ، اڄ نه صرف سنڌي ٻولي جو وڏو اديب آهي، پر اردو ۽ انگريزي ادب ۾ به ڪنهن جھڙي تهڙي کي وٺ ئي نه ٿو ڏي.
رزاق مهر سان منهنجي آخري ڊگھي ڪچهري ۳ اپريل ۲۰۰۲ ۾ تڏهن ٿي هئي، جڏهن جنرل پرويز مشرف وارو ريفرينڊم پئي ٿيو. پرزائيڊنگ آفيسر جي حيثيت سان ايم اي کهڙو اسپورٽس ڪامپليڪس سچل ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ عملي سان گڏ آيل هو. جتي ’اسٽنٽ ڊائريڪٽر اسپورٽس‘ ۽ ’اسٽنٽ ڊائريڪٽر ٽائون پلاننگ ڊپارٽمينٽس‘ جون آفيسون گڏهيون. نالي جو ريفرينڊم هيو. ووٽ ڏيڻ لاءِ ڪو ماڻهو ئي ظاهر نه پئي ٿيو. ٻارنهين وڳي کانپوءِ پوليس ٽريننگ سينٽر مان بسون ڀرجي آيون، پوليس وارا اچي جنرل پرويز مشرف کي وڌيڪ پنج سال صدر ٿي رهڻ جو مينڊيٽ ڏئي هليا ويا. ٻي وڳي کانپوءِ رزاق مهر واندو ٿيو، ته مون سان ڪچهري ڪرڻ آيو. مشڪندي چيائين؛ ”هي ملڪ جنرلن، وڏيرن ۽ سرمائيدارن جو آ. ڪوڙيون اليڪشنون، ڪوڙا ريفرينڊم، ڪوڙيون اسيمبليون، ڪوڙا اڳواڻ. خبر ناهي ته سچ جو وارو ڪڏهن ورندو؟“
منهنجي ۽ سهيل مڪاني جي، اڍائي وڳي پٽيوالو ماني کڻي ايندو هيو. ان سان منهنجو چئن سالن جو ننڍو پٽ شيراز به گڏيو ايندو هيو. گڏجي ماني کاڌيسين. زماني جي ٻين گفتن سان گڏ ريفرينڊم جو به ذڪر پئي هليو. شيراز ڪن ڏئي ٻڌندو رهيو ۽ پوءِ چوڻ لڳو، ته ”ابو، ريفرينڊم ڪيئن ٿيندو آ؟“
”اڙي بابا، ريفرينڊم ڏسڻ جھڙي شيءِ ناهي“، مون کيس سمجھائيندي چيو.
”نه مان ڏسندس!“
”ها، بابا مان ڏيکاريانءِ ٿو.“ رزاق مهر مشڪندي وراڻيو.
چانھ پيئڻ کان پوءِ شيراز کي هٿ کان وٺي، هڪ بوٿ تي آيو. پولنگ آفيسر کان بيلٽ پيپر ۽ ٺپو وٺي، شيراز جي هٿ ۾ ڏنائين ۽ اِنڪ پيڊ ڏانهن اشارو ڪري چيائينس ته؛ ”ان ۾ ٺپي کي ٻوڙي ڪاغذ تي هڻ ۽ پوءِ دٻي ۾ وجھ!“ شيراز جو پيو ته ٺپو ٻوڙيندو ويو ۽ بيلٽ پيپر تي هڻندو ويو. ڀرسان اسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر به بيٺو هيو، سو پريشان ٿي چوڻ لڳو؛ ”سائين، ننڍڙي ته بيلٽ پيپر جو مهڪارو ڪري ڇڏيو. مسئلو ته نه پيدا نه ٿيندو؟“
رزاق مهر وراڻيس؛ ”ڪو ته هجي جيڪو انهن جو مهڪارو ڪري، اسان ته نوڪري جي ڪري مصلحتن جا شڪار آهيون. باقي تون پريشان نه ٿي. ووٽنگ لسٽ ۾ شيراز نالي يا منظور نالي همراه تي ٽِڪ ڪري ڇڏ. اهو نالو نه ملئي ته رزاق جي نالي کي ٽڪ ڪري ڇڏجانءِ. هڪڙو ووٽ خارج ڪري رزلٽ ٺاهي ڇڏبي.“
شام جو پنجين وڳي ريفرينڊم جو ٽائيم ختم ٿيو ۽ رزاق مهر موڪلائي هليو ويو. مون کي ان وقت ضياءُالحق جو ريفرينڊم ياد پئي آيو، جيڪو ۱۹ ڊسمبر ۱۹۸۴ تي ٿيو هيو. مان خيرپور ميرس ۾ لقمان پاڙي جي پولنگ اسٽيشن تي پرزائيڊنگ آفيسر هيس. ڪل ووٽ ۱۲ پيا هيا. جڏهن رزلٽ کڻي اليڪشن آفيس ۾ آيم، ته اتي ايس ڊي ايم ۱۲ کي ۱۲۰۰ ڪري ڇڏيو ۽ مونکي قهر آلود نظرن سان ڏسندي چيائين؛ ”مارائيندي ڇا؟“ پوءِ رات جو ٽي وي تي وڏي فخر سان ٻڌايو پئي ويو، ته ۶۲.۲ في صد ماڻهن ووٽ وڌا. جن ۾ ۹۸.۵ ماڻهن جنرل ضياالحق جي اسلامي پاليسين جي حمايت ڪئي ۽ باقين مخالفت.
اهڙي طرح مشرف واري ريفرينڊم جو به نتيجو اهو نڪتو، ته ۹۷.۹۷ في صد ماڻهن روشن خيال جنرل پرويز مشرف جي حق ۾ ووٽ وڌا ۽ باقي ۲.۳ في صد ماڻهن مخالفت ۾، جن کي سرڪاري ٻولي ۾ ’مُٺي ڀر آدمي‘ سڏيو ويند آهي.
سچ پڇو ته هاڻي جڏهن لکڻ ويٺو آهيان، ته رزاق مهر جي حوالي سان ذهن ۾، نه کٽڻ جيتريون ڳالهيون ۽ قصا شروع ٿي ويا آهن. جنهن مان اندازو ٿئي ٿو، ته سندس ويجھن ۽ عزيزن وٽ ڇا هوندا؟
برابر موت بر حق آهي. پر زندگي جي وچ رستي ۾ وڇڙي وڃڻ جو درد ڌوڏي ڇڏي ٿو. گھر وارن، پاڙي وارن، دلي دوستن ۽ مداحن کي وائڙو ڪري ڇڏي ٿو. اهڙي قسم جي حيرانگي وارا سوال ۽ احوال هر ڪنهن جي زبان تي هجن ٿا:
”يار ڪلھ ته مليو هو!...ٽيون ڏينهن ته ڪچهري ڪئي هيائين.... چوٿون ڏينهن ته چيائين پئي، ته وري ملنداسين!“
۱۵ آگسٽ ۲۰۰۲ جي على الصباح رزاق مهر جي وفات جي خبر ٻڌي، مون کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ زمين پيرن هيٺان کسڪي وئي هجي. دل مان از خود دانهن نڪتي، ته ’اهو شخص به هليو ويو، جيڪو سڄي سنگت کي پنهنجي مٺڙي مزاج سان سڳي ڌاڳي ۾ پويون ويٺو هو!؟....
سچ ته اهو ڏينهن ڏاڍو ڏکوئيندڙ ڏينهن هيو. جڏهن اسان مراد واهڻ سندس گھر جي ٻاهران ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ جو انتظار پئي ڪيو. ذهن ۾ ڄڻ ساڻس گهاريل گھڙيون ڪنهن ڊرامه سيريل جيان هلڻ لڳيون هيون.
ڪنهن کي ڏک ڪيترو ٿيو هوندو، ان جو اندازو ته نه ٿو لڳائي سگھجي. پر جيترو سندس وني ۽ ٻچڙن کي ٿيو هوندو يا سليم ڪورائي کي، بحيثيت سڳي ماسات جي؛ تنهن جي ڪٿ ڪرڻ ناممڪن آهي.
پر قصو ڪوتاه، ته جيستائين زندگي آهي، ته ماڻهو بي قدرو آهي. ڪنهن سٺي دوست يا احباب جي وڃڻ کانپوءِ احساس ٿئي ٿو، ته ’هائو ٻيلي! هم راز، حال محرم ۽ حال ڀائي جي حيثيت ڇا آهي.‘ ۽ خواجه فريد جي ان شعر جي گھرائي ۽ گيرائي جي به پوءِ پروڙ پوي ٿي:
’ڪيا حال سڻاوان دل دا، ڪو ئي محرم راز نه ملدا.‘


رزاق مهر
انور پيرزادو
رزاق مهر لاڙڪاڻي لڳ هڪ ننڍڙي شهر مراد واهڻ جو رهندڙ آهي. هن پنهنجي مختصر زندگيءَ ۾ جاکوڙ ۽ تخليقي عمل سان لاڙڪاڻي جي ادبي زندگيءَ کي ڪافي متاثر پئي ڪيو آهي.
رزاق مهر ترقي پسند سنڌي ڪهاڻيءَ جو نوجوان ليکڪ آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ ستايل ڪردارن ۽ غريبن سان نه رڳو همدرديءَ جو اظهار ڪيل آهي پر انهن کي ”هيرو“ ڪري پڻ پيش ڪيو ويو آهي. رزاق پنهنجي ڪهاڻين ۾ غير جانبدار نه آهي. ڦورو ۽ پرماري ڪردارن کان نفرت هن جي ڪهاڻين ۾ برابر موجود آهي.
رزاق سنڌي هيٺئين/ وچولي طبقي جو هڪ اهڙو فرد آهي جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏکن ڏوجهرن، محرومين، ۽ خواهشن جي قتلام جهڙن ڪيترن ئي ظلمن جو مقابلو ڪيو آهي. ذهني دٻاء، قديم سنڌ وڏيرڪي قدرن سان جڙيل فيملي، ان جون پراڻيون روايتون ۽ هن نئين ٽهيءَ جي نوجوان جون نيون حرڪتون. ٽڪراءُ لازمي هو. سيڪس ۽ مذهب ۾ به اهڙا عنصر آهن جيڪي اڄ جي نوجوان کي ڌونڌاڙي، هن کي مصيبتن ۾ وجهي، هن جي روحاني قوت جي آزمائش ڪندا آهن. نارمل سنڌي نوجوان مذهب يا سيڪس تان ڪاوڙبو ۽ باغي ٿي ويندو. سو رزاق به مذهبي ڪٽرپڻي ۽ پابندين واري سماجي ۽ جنسي زندگيءَ کان بيزار ٿي ڪجهه سوچڻ لڳو ۽ پوءِ انهن سوچن کي لفظن جو روپ ڌارڻ واري علم يعني ادب جي تلاش ۾ لڳي ويو.
رزاق جي لکڻين جي سونهن تڏهن چڱيءَ طرح محسوس ٿي سگهي ٿي جڏهن لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ ”نئين دنيا“ رسالي ۾ لکيل هن جا ايڊيٽوريل پڙهيا ويندا. ايبسٽريڪٽ، فيلسوفانا، اُتساهه ڏيندڙ حقيقتون، اُگهاڙيون ۽ علامتي انداز سان جارحانا حملا ۽ سماجي تنقيد، بي ڊپائي، باغي ۽ جوشيلي اسٽائل.
رزاق، سريش ۽ واجد وارو سٻنڌ لاڙڪاڻي جي ادبي حلقن ۾ چڱيءَ طرح ڄاتل سُڃاتل آهي. هي ۽ ڪجهه ٻيا دوست جهڙوڪ ڪيهر شوڪت، ملڪ آگاڻي، زيب سنڌي، ممتاز ابڙو ۽ امان شيخ انٽيليڪچوئل ماحول ۾ جوشيليون ۽ انتهاپسند (ڪڏهن ڪڏهن) لهرون اُڀاريندا رهيا آهن. رزاق پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻين باشعور سنڌي نوجوانن وانگي اڄ جي دنيا ۾ رائج مڙني ادبي ۽ سياسي نظرين جي ڄاڻ رکندڙ آهي پر پنهنجي فن ۽ تخليق جي سلسلي ۾ رزاق آبجيڪٽوٽي يا معروفيت جو قائل آهي.
لاڙڪاڻي جي هڪ مشهور ادبي روايت يعني اسٽيج ڊرامن ۽ ٿيٽرن لاءِ پڻ رزاق مهر ڊراما لکيا ۽ جڏهن زندگيءَ جي طرف کان ڏکايل ۽ سنجيدي اديب جي قلم مان طنز ۽ مزاح جنم ورتو ته ائين پئي لڳو ڄڻ ڏسندڙ به کلي رهيا هئا ۽ هنن جون اکيون ڳوڙهن سان تر به لڳيون پيون هيون.
رزاق لاڙڪاڻي ۾ سرگرم ادبي تنظيمن جو خاص ميمبر آهي. سنڌي ادبي سنگت جيڪا سنڌي اديبن جي سڀ کان پراڻي ۽ بالغ تنظيم آهي اُن کي لاڙڪاڻي ۾ آرگنائيز ڪرڻ جي سلسلي ۾ رزاق جون خدمتون اهميت واريون آهن. هونئن به لاڙڪاڻي جي نوجوان اديبن ۽ ليکڪن کي اهو Natural Previlege آهي. اتي سوڀي گيانچنداڻيءَ، جمال الدين بخاريءَ ۽ ا ح جئسنگهاڻي جهڙا دانشور رهن ٿا. انهن جي صحبت مڪمل زندگيءَ لاءِ اُتساهه ڏياري ٿي.
رزاق اڄڪلهه لاڙڪاڻي کان گهڻو ڏور لاڙ طرف پبلڪ اسڪول ميرپور خاص ۾ ليڪچرار آهي. رزاق کي اڃا تائين انٽيليڪچوئل ماحول ميسر آهي. هن ۾ لکڻ جو ڏانءُ ۽ فن موجود آهي. جاکوڙ ڪرڻ، مطالعو وسيع ڪرڻ ۽ مشاهدي سان رزاق سنڌي افساني جو بيسٽ سيلر ٿي سگهي ٿو.

انور پيرزادو
۱۸هين جنوري ۱۹۸۳ع
ڳوٺ ٻلهڙيجي لڳ موهن جو دڙو
ڪتاب ”سڪون ڪٿي آھي“ تان ورتل..



رزاق مهر
 هڪ سج جيڪو الهي ويو!
مير نادر علي ابڙو
سال ۱۹۸۷ع ڌاري، مون ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتي. خبر پئي ته؛ پاڪستان ٽيلي ويزن تي مشهور ڊرامه لکندڙ رزاق مهر هتي ليڪچرار آهي. وڏي شوق سان وڃي ساڻس مليس. طبيعتًا ماٺيڻو ماڻهو، صبر تحمل وارو، ٿڌي زبان استعمال ڪندڙ، ڪچهريءَ ۾ رڳو ادب تي پئي ڳالهايائين. ويٺس ته اٿڻ تي دل ئي ڪو نه پئي چيو. سندس مٺڙي ڪچهريءَ پيرن ۾ ڄڻ زنجير وجهي ڇڏيا. اهڙيون ڪچهريون ساڻس ڪاليج ۾ تعليم دوران ٿينديون رهيون. آخرڪار مون به تعليم مڪمل ڪري، لاڙڪاڻي ۾ ئي وڪالت شروع ڪئي ۽ پوءِ جلد ئي وري اينٽي ڪرپشن ۾ سرڪل آفيسر ٿي ويس. هڪ دفعي مون وٽ رات جو رزاق مهر اچي پهتو ۽ چيائين ته؛ ادا اسٽيٽ لائيف انشورنس ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان. اوهان جيئن ته سرڪل آفيسر آهيو ۽ اوهان جا لاڙڪاڻي ۾ ذاتي واسطا تمام گهڻا وسيع آهن. تنهنڪري مهرباني ڪري پنهنجن دوستن يارن کي چوندا ته؛ مون کي پاليسيون ڏين. انهيءَ سلسلي ۾ مون کيس ڪجهه دوستن ڏانهن موڪليو، جن سندس مدد ڪئي.
مطلب ته رزاق مهر ڏينهن رات پنهنجي حلال جي روزي ڪمائڻ ۾ رڌل رهيو. رزاق مهر، سنڌ جي سياسي، سماجي، ادبي ۽ تاريخي شهر لاڙڪاڻي ۾ ۲۰ جولاءِ ۱۹۵۴ع تي مراد واهڻ محلي ۾ ڄائو. رزاق مهر ڪنهن جاگيردار سرمائيدار گهراڻي جو ڪو نه هو، پر غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو. پنجن سالن جي عمر ۾ سندس والد فوت ٿيو، جنهن بعد سندس چاچا سندس مٿان شفقت جو هٿ رکندا آيا. پنهنجي محنت ۽ شوق ڪري ئي، هو ليڪچرار ٿيو. هن ننڍپڻ ۾ ڏاڍا ڏکيا ڏينهن به ڏٺا، انهي ڪري هن هڪ دفعي ننڍپڻ ۾ خودڪشي جي ڪوشش به ڪئي پر وڏڙن جي سمجهائڻ تي هن زندگي سان وري پيار ڪرڻ شروع ڪيو ۽ زندگي ۾ محنت ڪيائين ۽ پنهنجي محنت جي زور تي ئي هن شخص ننڍي عمر ۾ ئي وڏي شهرت حاصل ڪري ورتي. سندس ادب سان بيحد پيار هو.
هن پهرين ڪهاڻي ۱۹۷۴ع ڌاري لکي. رزاق مهر کي پنهنجي ڌرتي جي غريب پيڙهيل طبقي سان وڏي محبت هئي. اهو ئي سبب هو جو هن پنهنجي ڪهاڻي ۾ سنڌ ۽ سنڌين سان ٿيندڙ  ناانصافين کي پيش ڪري هڪ تاريخي ڪم ڪيو. رزاق مهر پهرين ڪهاڻي ”ڪرشن هاٿي جي اڳيان“ لکي ۽ سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”سڪون ڪٿي آهي“ ۱۹۸۳ع ۾ ڇپيو.
هن کي ننڍپڻ ۾ ئي فلمن ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. تنهن شوق ئي هن کان اسٽيج لاءِ به ڪيترا ئي ڊراما لکرايا. ٽي وي لاءِ هن ۱۹۸۴ع کان ڊراما لکڻ شروع ڪيا. سندس لکيل ڊراما سيريل ”جياپو“ سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿي. سندس ٻي ڊراما سيريل ”وڇوٽيون“ بادل جمالي پيش ڪئي. ٽين ڊراما سيريل ”پاتال“ هئي ۽ چوٿين ڊراما سيريل ”نبيرو“ جيڪا پڻ مشهور ٿي. هن ۵۰ جي لڳ ڀڳ ڪهاڻيون لکيون ۽ ۳۵ جي لڳ ڀڳ آرٽ پلي لکيا. ”ڏسي ڏکوئين کي“ جي عنوان تحت ڪالم پڻ لکيا. سندس هڪ ناول ”ٽارچر ڪئمپ مان نڪرندڙ دانهن“ اڻ ڇپيل آهي.
سنڌي ادبي بورڊ پاران ڪهاڻي ”آڙاهه“ ڪلچر ايسوسيئيشن پاران ڊرامي ”جياپي“ تي کيس ايوارڊ ملي چڪا آهن. هن جا ٽي وي ڊراما؛ ۱. زندگي ڏانهن ڦيرو، ۲. ڇوٽڪارو ۽ ۳. راهه جو پٿر، به تمام گهڻا مقبول ٿيا.
هن ئي سنڌ ۾ پهريون وڏيرن طرفان قائم ڪيل نجي جيلن کي وائکو ڪيو، جنهن کان پوءِ ئي ڪيترن وڏيرن جا نجي جيل ظاهر ٿيا. سندس ڊرامو ”فاصلو“، ڪراچي سينٽر تان رڪارڊ ٿيو آهي. اردو ڊرامو سيريل ”تاريڪ راهون ڪي مسافر“ به رڪارڊ ٿيو آهي، جيڪو پڻ جلد پيش ٿيندو.
رزاق مهر جي سنگت تمام گهڻن ماڻهن سان هئي. جڏهن رزاق مهر ايندو هو ته محمد علي پٺاڻ ساڻس ضرور گڏ هوندو هو. محمد علي پٺاڻ، منهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي زندگي تي هڪ مضمون لکيو هو ۽ رزاق مهر کي به شوق هو ۽ چوندو ھيو ته؛ ”اوهان جي والد تي مان به هڪ تفصيلي مضمون لکندس.“ مگر حياتيءَ وفا نه ڪيس ۽ هيءُ سنڌ جو نوجوان اديب، شاعر، ڊراما نويس ۽ يارن جو يار، ايترو جلد اسان کان جدا ٿي ويو جو اهو وهم گمان ۾ به ڪو نه ٿو اچي.
اڄ رزاق مهر اسان جي وچ ۾ ڪو نه رهيو آهي پر، هن جي ادب ۽ ٽيليويزن تي ڪيل خدمت، هميشه هن کي زنده رکندي ۽ هن جو سنڌ جي تاريخ ۾ هميشه نالو سنهري لفظن ۾ زنده رهندو.
”موت شل موت پوئي اهڙا پيارا ماڻهو سنڌ کان جلد کسيو ڇڏين.“

(سچ، تعمير سنڌ، عبرت، هلال پاڪستان، مهراڻ، هلچل، عوامي آواز، سنڌ)



رزاق مهر
(۲۰ جولائي ۱۹۵۴- ۱۵ آگسٽ ۲۰۰۲ع)
رضوان گل
موت، ڪڏهن ڪڏهن ڪي اهڙا پيارا ماڻهو کسي ويندو آهي، جن جي جدائي جيءُ جهوري وجهندي آهي. محبت، دوستي، خلوص، پنهنجائپ ۽ ڪَسُ کائڻ وارا ماڻهو ڏاڍا گھٽ هوندا آهن. دوستن تي سِرُ ڏيڻ وارن ۽ رشتن جي نزاڪتن کي ڄاڻڻ وارن اهڙن ئي محبتي انسانن مان رزاق مهر به هڪ هو.
رزاق مهر ۲۰ جولاءِ ۱۹۵۴ع تي لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ محلي ۾ رانجهو خان مهر جي گھر جنم ورتو. پرائمري تعليم مراد واهڻ جي پرائمري اسڪول ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ ڊي سي هاءِ اسڪول مان ڪيائيـن. بي اي آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۱۹۷۴ع ۾ ۽ ايم اي سنڌي ادب ۱۹۷۹ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين.
ملازمت جي شروعات، بلڊنگ ڊپارٽمينٽ لاڙڪاڻي مان، ڊرافٽسمين جي حيثيت سان ڪيائين. جنهن کان پوءِ پبلڪ اسڪول ميرپور خاص ۾ سنڌي جو ليڪچرار ٿيو ۽ ۱۹۸۹ع ڌاري ليڪچررشپ لاءِ ڪميشن جو امتحان پاس ڪيائين. جنهن بعد سندس پوسٽنگ جوهي، قمبر ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور رهي. هو آخر تائين، پڙهڻ پڙهائڻ جي شعبي سان وابسته رهيو.
کيس لکڻ جو شوق ۱۹۷۴ع ڌاري پيدا ٿيو. هن پهرين ڪهاڻي ”ڪرشن هاٿيءَ جي اڳيان“ لکي. جنهن بعد هن باضابطا طور ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. جن تي کيس ڀرپور موٽ ملي ۽ انهيءَ همت افزائي جي نتيجي ۾ هن ڊرامن ڏانهن پڻ لاڙو ڪيو.
رزاق مهر جو پهريون ٽي وي ڊرامو ”زندگيءَ ڏانهن“ آهي. جڏهن پي ٽي وي تي رزاق جا ڊراما هلڻ شروع ٿيا ته کيس تمام گهڻو ساراهيو ويو. سندس ڊرامو ”جياپو“ هن جي خاص سڃاڻپ بڻيو. جڏهن ”جياپو“ پي ٽي وي تان نشر ٿيندو هو ته ماڻهو دڪانن ۽ هوٽلن جي ٻاهران به ڊرامو ڏسڻ لاءِ بيهجي ويندا هئا ۽ سنڌ جي وڏيرڪي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف روڊن تي نعرا هڻڻ لڳندا هئا. رزاق مهر ان ڊرامي ۾ پهريون ڀيرو خانگي جيلن تي قلم کڻي هڪ سماجي ناسور تان پردو کنيو، جنهن تي بعد ۾ ٻين به ڪيترن ئي ليکڪن ڪهاڻيون ۽ ڊراما لکيا. ان کان علاوه ”وڇوٽيون، ”پاتال“، ”زخم زندگيءَ جا“، ”اعتراف“، ”ڦيرو“، ”ڇوٽڪارو“، ”راهه جو پٿر“ ۽ سندس ٻيا ڊراما به تمام گهڻو مقبول ٿيا. جنهنڪري رزاق مهر جي هڪ تمام برجستي ڊرامي نگار طور به سڃاڻپ ٿيڻ لڳي. هن جا اسٽيج ڊراما ”بدحواس ڪلارڪ“، ”ٽي خانداني بي روزگار“، ”مولوءَ مت وڃائي“ ۽ ”ايف آءِ آر“ پڻ ڪافي مقبول ٿيا.
سال ۱۹۸۲ع ڌاري رزاق مهر جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”سڪون ڪٿي آهي“ پڌرو ٿيو. جنهن ۾ موجود اڪثر ڪهاڻين جو موضوع سماجي حقيقت نگاري تي مشتمل آهي. هن فرد جي انفرادي احساسن تي به ڀرپور ڪهاڻيون سرجيون آهن. سندس اڪثر ڪردار جيئرا جاڳندا اسان جي ارد گرد گهمندڙ ڦرندڙ آهن. هن هروڀرو خيالي ڪردارن کي جنم ناهي ڏنو. سندس ڪهاڻين جو هيرو غريب ماڻھو آهي. ڪهاڻين ۽ ڊرامن کان علاوه پاڻ هڪ ناول ”ٽارچر ڪئمپ مان نڪتل دانهن“ به لکيائين، جيڪو اڃا تائين شايع ٿي ناهي سگهيو.
رزاق مهر فقط ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ ناول نويس ئي نه، پر شاعر ۽ ڪالم نگار پڻ هيو. شاعريءَ ۾ اصلاح امير علي چانڊيو کان ورتائين. غزل، نظم ۽ آزاد نظم جي صنفن ۾ طبع آزمائي ڪيائين ۽ خاص طور تمام خوبصورت نظم ۽ آزاد نظم پڻ لکيائين. پاڻ ۱۹۷۶ع ۾ لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ رسالي ماهوار ”نئين دنيا“ ۽ ماهوار ”ڪونج“ لاڙڪاڻو جي ايڊيٽر طور به ڪم ڪيائين. جنهن ۾ ڏاڍو ڪارائتو مواد ڏئي ۽ ڀرپور ايڊيٽوريل لکي، پاڻ کي هڪ سيبتي ايڊيٽر طور به مڃرايائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”سڪون ڪٿي آهي“ ڪهاڻيون ۽ ”ڊهندڙ ليڪا“ ڪهاڻيون شامل آهن.
رزاق مهر جي ڪهاڻي ”آڙاهه“ کي ۱۹۸۷ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران بهترين ڪهاڻيءَ جو ايوارڊ ڏنو ويو ۽ سندس ڊرامي ”جياپو“ کي سنڌ ڪلچرل ائسوسيئيشن پاران ايوارڊ ۽ ڊرامي جي مڪمل ٽيم کي آجياڻو پڻ ڏنو ويو. ڪيترين ئي ادبي، سماجي ۽ ڪلچرل تنظيمن پاران رزاق مهر سان رهاڻيون رچائي کيس مانُ ڏنو ويو.
رزاق مهر جي ڪهاڻين، ڊرامن، ڪالمن ۽ ٻين لکڻين ۾ سماج جي نظر انداز ڪيل طبقي جي نمائندگي ٿيل آهي. هن غريب کي ڪنهن سِرَ ڦِريي سردار يا مير کان وڌيڪ مانائتو ڏيکاريو آهي. هن جا لکيل لفظ، ظالم ۽ جابر لاءِ باهه جا شعلا به آهن، ته ڪنهن مسڪين ۽ محتاج لاءِ آٿت به آهن. سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي لکيل سندس ڪالم، هڪ دؤر جي تاريخ ۽ سچائي پيش ڪن ٿا. سندس قلم ڌمڪي ۽ دڙڪي کان ڊڄڻ وارو نه، پر سماج لاءِ ناسور بڻجي ويل رشوت خورن ۽ بدمست وڏيرن لاءِ تلوار بڻيل رهيو.
مون کي خوشي آهي ته مان سندس حياتيءَ جي آخري ٻن سالن ۾، ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾، ساڻس گڏ استاد رهيس. سندس ڀاڪر وجهي ملڻ جي انداز ۽ ڪچهرين مان، ڪڏهن به ائين محسوس نه ٿيو ته؛ آءٌ ڪو کانئس ادبي عمر ۾ ننڍو آهيان. هو دوستن جي وچ ۾ اختلافن کي اُڀرڻ نه ڏيندو هو. دوستن جي درميان، سندس ڪردار پُل جهڙو هو. هو هڪ بهترين ليکڪ سان گڏ تمام وڏو ماڻهو هو، جنهن وٽ پيار ۽ پنهنجائپ هئي. کيس اوچتو دل جي تڪليف ٿي ۽ ۱۵ آگسٽ ۲۰۰۲ع تي بي رحم موت هن کي ڇني، اسان کان ڌار ڪري ڇڏيو. پر اسان جي دلين ۾ سندس يادون ۽ محبتون هميشه تازيون آهن.



رزاق مهر
نامياري ڪهاڻيڪار جي ياد ۾
ابراهيم لاشاري
سنڌي ادب جي تاريخ ۾ پنهنجي علمي ۽ ادبي خدمتن جي ڪري ڪي ماڻهو علم ۽ و ادب جو روشن مينار هوندا آهن. جيڪي پري کان ئي پنهنجي روشني جي وسيلي واٽون پيا ڏسيندا آهن، جيڪي وقت بوقت خوبصورت سوچن ۽ حسين منظر نگاري کي لفظن جي مالها ۾ پوئي سموئي، دلڪش لفظن کي جملن جي تريب ڏئي سماج جي عڪاسي کي دلفريب ڪهاڻين جو روپ ڏئي لاجواب ادب تخليق ڪندڙ ۾ لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ محلي ۾ رانجهي خان مهر جي گهر ۾ ۲۰ جولاءِ ۱۹۵۴ع اڱاري ڏينهن مطابق ۱۸ شوال ۱۳۷۳هجري ۾عبدالرزاق مهر پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو. رزاق مهر کي ننڍپڻ کان پڙهڻ جو وڏو شوق هيو، سندس والد کيس ڦرهي هٿ ۾ ڏئي مراد واهڻ لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو. ابتدائي پنج درجا مراد واهڻ منجهان پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ مئٽرڪ (ڊي سي هاءِ اسڪول) لاڙڪاڻي منجهان امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪيائين تنهن بعد انٽر سائنس جو امتحان پاس ڪري، بي اي آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻو مان سال ۱۹۷۴ع ۾ پاس ڪيائين.
رزاق مهر صاحب تعليم منجهان هٿ نه ڪڍيو وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو منجهان سال ۱۹۷۹ع ڌاري ايم اي سنڌي ادب جي ڊگري به حاصل ڪري ورتي. رزاق مهر صاحب بلڊنگ ڊپارٽمينٽ لاڙڪاڻو منجهان ڊرافٽس مين جي حيثيت سان ملازمت اختيار ڪئي، ڪجهه عرصي بعد ان نوڪري مان هٿ ڪڍي هي درس ۽ تدريس جي شعبي سان سلهاڙجي ويو، ۽ رزاق مهر صاحب پبلڪ اسڪول ميرپورخاص ۾ سنڌي جو ليڪچرر مقرر ٿيو.
ٿوري عرصي بعد رزاق مهر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو سال ۱۹۸۹ع امتحان پاس ڪري سنڌي ادب جو ليڪچرر مقرر ٿي ويو. سندس سنڌ جي مختلف شهرن جي ڪا ليجز جوهي ڊگري ڪاليج، قمبر ڪاليج، ۾ ليڪچرار ٿي رهيو ۽ آخر ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور تعليم ۽ تدريس سان لاڳاپيل رهيو، رزاق مهر کي ڪهاڻين لکڻ جو شوق سال ۱۹۷۴ع ۾ ٿيو هن پهريان پهريان ڪهاڻي (ڪرشن هاٿي جي اڳيان) لکي ادبي دنيا ۾ پير پاتو، سندس ان وقت ڪهاڻين کي گهڻي موٽ ملي. هن کي وڌيڪ لکڻ جو شوق جاڳيو، ان سلسلي ۾ (سڪون ڪٿي آهي، آڙاهه، وئرٿ زندگي، ٽٽل انسان، جنم جلي، هڪ شخص جو موت، شڪست، پيڙا جي ڪوهيڙن ۾، اهم ۽ نراليون ڪهاڻيون آهن. سندس ڪهاڻين جا ڪردار سماجي بي وسي اڪيلائي جو احساس، وغيره جو شڪار هوندا آهن هن اڳتي هلي ڊراما لکڻ طرف قلم کنيو، ۽ پنهنجي دور ۾ ڪيترائي زبردست شاهڪار ڊراما لکيائين. رزاق مهر ڊراما نگاري جي شروعات اسٽيج ڊراما لکڻ سان ڪئي، جن ۾ (بدحواس هيڊ ڪلارڪ، ٽي خانداني بيروزگار، ايف آءِ آر، مولوءَ مت وڃائي جهڙا زبردست لاجواب ڊراما سنڌي ادب کي ڏنا.
رزاق مهر صاحب پاڪستان ٽيليويزن لاءِ به ڪيترا ئي ڊراما لکيا جيڪي اڪثر قسطوار نشر ٿيا. رزاق مهر صاحب جي پي_ ٽي_ وي جي ڊرامن منجهان جهڙوڪ جياپو، وڇوٽيون، پاتال، زندگي ڏانهن، ڦيرو، ڇوٽڪارو، راهه جو پٿر، سفر، زخم زندگي جا، اعتراف، ڌرتي ڌڻي، ۽ درد، واقعي پنهنجو مٽ پاڻ ڊراما آهن.
رزاق مهر جو پهريون ڊرامو جيڪو پي ٽي وي تي نشر ٿيو سو هو (زندگي ڏانهن) رزاق مهر جا ٽيليويزن تي جڏهن ڊراما نشر ٿيا ته سندن مقبوليت ۾ بي پناهه واڌارو ٿيو. سندس پي_ ٽي_ وي تي ڊرامي (جياپو) رزاق مهر جي سڃاڻپ ۾ بي انتها اضافو ڪيو. جياپو ڊرامي سال ۱۹۹۱ع ۾ نشر ٿيو سنڌ جي هر ننڍي وڏي ڳوٺ ۽ شهر مطلب ته جهر جهنگ ۾ مشهوري ماڻي. سندس ٻي سيريل (وڇوٽيون سال ۱۹۹۴ع ۾ ٽيليڪاسٽ ٿي، جنهن ۾ هن زندگي ۾ ملندڙ جلندڙ ڪهاڻي ڏيکاري وئي، هڪ شڪي مزاج شخص پنهنجي نوڪري ڪندڙ زال تي شڪ رکي ٿو.
نتيجتن هو زال کي تمام گهڻو پريشان ڪري ٿو، ۽ خود کي به سڪون نٿو مليس. سندس ٽيئن سيريل (پاتال) جيڪا سال ۱۹۹۶ع ۾ نشر ٿي، هن ڊرامي ۾ هيروئن ڪلچر ۽ وياج خوري جهڙن سماجي مسئلن تي لکي ڪردارن کي نروار ڪيو آهي. ان کان علاوه رزاق مهر صاحب فقط ڊرامانگار، ڪهاڻيڪار، ناول نويس نه هو مگر ان سان گڏ هن شاعري به ڪئي ڪالم نگار ٿي سوين موضوعن تي سماجي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ قلم وسيلي مضمون لکڻ ۾ ڪا به ڪمي نه ڇڏي هن شاعري جي مختلف صنفن جهڙوڪ نظم، آزاد نظم، غزل ۾ پڻ طبع آزماني ڪئي، عمومن هن نظم ۽ آزاد نظم لاجواب نموني لکي سنڌي ادب جي زينت ۾ اضافو ڪيو، نموني طور سندس شاعري پيش ڪجي ٿي
منهنجن گيتن ۾ آ بک،
گهربا آهن توکي سک،
منهنجا گيت روئاري توکي،
ڏيندا رهندا هر دم ڏک.
رزاق مهر صاحب سال ۱۹۷۶ع ۾ لاڙڪاڻي منجهان ماهوار شايع ٿيندڙ رسالي (نئين دنيا پبليڪيشن) ۽ ماهوار (ڪونج) رسالي لاڙڪاڻي جي ايڊيٽر طور فرض سرانجام پڻ ڏنا. رزاق مهر جي ڪهاڻي (آڙاهه) کي سال ۱۹۸۷ع ڌاري سنڌي ادبي بورڊ طرفان بهترين ڪهاڻي جي ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو. رزاق مهر بهترين ليکڪ ڊراما نگار ۽ ڪهاڻيڪار کان علاوه بهترين انسان پڻ هو. هي عظيم انسان ۱۵ آگسٽ ۲۰۰۳ع دل جي تڪليف سبب لاڏاڻو ڪري، هميشه هميشه لاءِ ڦوهه جوانيءَ ۴۹ ۾ سال ۲۶ ڏينهن زندگي جا گذاري جمعي جي ڀلاري ڏينهن پنج نياڻيون، هڪ پٽ، ۽ هزارين دوستن کي سوڳوار ڪري اسان کان ڌار ٿي ويو. سندس اڄ لاڙڪاڻي شهر ۾ ۱۴هين ورسي وڏي شان شوڪت سان ملهائي پئي وڃي، سنڌ جا مختلف اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار سندس فن ۽ ڪيل ادبي پورهئي تي روشني وجهي کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪندا.



عبدالرزاق مھر
انور ابڙو
ادا رزاق مهر، ڏاڍا ياد اچو ٿا. اُهي ادبي ڪچهريون، محمد علي پٺاڻ سان ڀوڳ، لاڙڪاڻي جي جيلس بازار ۾ چاچا قادريءَ سان اوهان، محمد علي ۽ منٺار سولنگيءَ سان گڏجي ڪيل ڪچهريون، لاڙڪاڻي شهر ۾ عبدالحميد ابڙي سان ٿيل گڏيل ڪچهريون، ڪينجهر ڍنڍ تي اوهان جي هڪ ڊرامي جي رڪارڊنگ دوران (جنهن جو پروڊيوسر بادل جمالي صاحب هو) اوهان سان گڏجي هلي ان جي رڪارڊنگ ڏسڻ، ۽ اهڙيون بيشمار يادگيريون، ڄڻ ته ڪلهه جي ڳالهه آهن.
اوهان جڏهن ۱۹۹۳ع جي هڪ ڏينهن ريگل چوڪ، ڪراچيءَ تان نئين ڪئميرا ورتي هئي ته ان وقت مِينهن وسي رهيو هو ۽ اوهان ان ۾ ڀڄِندا ۽ ڀَڄندا، ڀرسان ئي الفلاح مارڪيٽ ۾ اسان جي روح رهاڻ رسالي واري آفيس آيا هئا، جتي اوهان وڏي خوشيءَ مان اها ڪئميرا ڏيکاري هئي. ان وقت گهڻو ڪري اوهان جا ٻه ننڍڙا پٽ آصف ۽ ٻيو به اوهان سان گڏ هئا. اُتي جامي چانڊيو صاحب به اچي ويو هو، ۽ پوءِ اسان اوهان جي ان نئين ڪئميرا سان پنهنجون ڪجهه تصويرون ڪڍيون هيون. انهن مان هڪ تصوير اُها به آهي، جيڪا هِتي ڏني وئي آهي.
هڪ رمضان جي مهيني ۾ سهراب ڳوٺ واري پاسي (گهڻو ڪري معمار ڪامپليڪس) اوهان، محمد علي ۽ مان اوهان جي هڪ مائٽ ڏي هليا هئاسين. پوءِ گڏجي، اُتي ڀرسان ئي ڪيهر شوڪت جي فليٽ تي هليا هئاسين، هو پاڻ ته نه هو، پر اُتي اسان بک کان آنا پچائي اهي سلائس سان کاڌا هئا.
اوهان جڏهن شانتي نگر ۾ ڪا سيريئل لکڻ لاءِ صلاح الدين تنيي جي گهر ۾ اچي اسماعيل چانڊيي سان گڏ رهندا هئا ته اُتي صبح جو چانهه مون سان گڏ اچي پيئڻ پسند ڪندا هئا، ڇو ته مان به انهن ڏينهن ۾ اُتي رهندو هوس.
۽ ادا، اوهان ئي ته ۱۹۸۰ع جي ڏهاڪي جي آخر ۾ هڪ ڏينهن مون کي چيو هو ته، ”شاعري بدران ڪهاڻيون لک.“ پوءِ مون ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون هيون. پي ٽي وي تي به ڊراما لکڻ لاءِ اوهان ۽ محمد علي پٺاڻ مون کي همٿايو هو. اوهان منهنجي وڏي ڀاءُ وانگر هئا، پر جلدي هليا ويا.
اڄ اوهان جو جنم ڏينهن آهي، ۽ اسان سمجهون ٿا ته اوهان اسان سان اڄ به گڏ آهيو، سو جنم ڏينهن مبارڪ ادا.



رزاق مهر
سنڌي ٽيلي ناٽڪ ۾ حقيقت جا رنگ ڀريندڙ - ۲۸ اپريل ۲۰۱۹ع
ڊاڪٽر قاسم راڄپر
پاڪستان ٽيلي ويزن لاءِ “جياپو” جهڙو سماجي ۽ مقصدي ڊرامو لکڻ واري رزاق مهر جو واسطو لاڙڪاڻي سان آهي. هن ۲۰ جولاءِ ۱۹۵۴ تي لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ پاڙي ۾ رانجهو خان مهر جي گھر جنم ورتو. پرائمري تعليم مراد واهڻ جي پرائمري اسڪول ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ ڊي سي هاءِ اسڪول مان ڪيائيـن. بي اي آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۱۹۷۴ع ۾ ۽ ايم اي سنڌي ادب ۱۹۷۹ ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. نوڪري جي شروعات بلڊنگ کاتي لاڙڪاڻي ۾ ڊرافٽس مين جي حيثيت سان ڪيائين، جنهن کان پوءِ پبلڪ اسڪول ميرپور خاص ۾سنڌي جو ليڪچرار ٿيو ۽ ۱۹۸۹ ۾ ڪميشن پاس ڪري سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. هن سنڌ جي مختلف علائقن ۾ استاد جي حيثيت سان ٻار پڙهايا. هن پنهنجي حياتيءَ جا آخري ڏهاڙا گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور گذاريا. رزاق مهر کي لکڻ جو شوق ۱۹۷۴ ڌاري پيدا ٿيو. هن پهرين ڪهاڻي “ڪرشن هاٿيءَ جي اڳيان” لکي. ۱۹۸۲ع ۾ رزاق مهر جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو “سڪون ڪٿي آهي” پڌرو ٿيو، جنهن ۾ موجود اڪثر ڪهاڻين جو موضوع سماجي حقيقت نگاري تي مشتمل آهن.هن جي ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو “ڊهندڙ ليڪا” جي نالي سان شايع ٿيو. رزاق جو لکيل ناول “ٽارچر ڪئمپ مان نڪتل دانهن” اڃا تائين شايع ٿي ناهي سگهيو آهي، ڪهاڻين جي مجموعي “سڪون ڪٿي آهي” ۾ سندس ڪهاڻين جو جائزو مرحوم انور پيرزادي هن ريت ورتو هو. “رزاق مهر ترقي پسند ڪهاڻيءَ جو نوجوان ليکڪ آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ ستايل ڪردارن ۽ غريبن سان نه رڳو همدرديءَ جو اظهار ڪيل آهي، پر انهن کي هيرو ڪري پڻ پيش ڪيو آهي. ڦورو ۽ پرماري ڪردارن کان نفرت هن جي ڪهاڻين ۾ برابر موجود آهي”. رزاق مهر سنڌ جو وڏو ڪهاڻيڪار ته هو پر کيس شهرت ٽيلي ويزن ناٽڪن وسيلي ملي. هن پهريون ٽي وي ڊرامو “زندگيءَ ڏانهن” جي نالي سان لکيو. جيڪو ۱۹۸۶ع ۾ پروڊيوسر ذوالفقار نقوي پيش ڪيو. هن سماجي حقيقتن تي ڊراما لکي، سنڌي ٽي وي ناٽڪ کي نئون موڙ ڏنو. جنهن کانپوءِ گهڻن ليکن سماجي مسئلن تي قلم کنيو. هونئن ته رزاق پنهنجي سمورن ڊرامن ۾ نج عوامي مسئلن کي بحث هيٺ آندو آهي، پر “جياپو” اهو ڊرامو هو، جنهن کيس شهرت جي بلندن تائين رسايوجڏهن “جياپو” ٽي ويءَ تان نشر ٿيندو هو ته ماڻهن جا انبوهه دڪانن ۽ هوٽلن جي ٻاهران به ڊرامو ڏسڻ لاءِ بيهجي ويندا هئا ۽ سنڌ جي وڏيرڪي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف روڊن تي نعرا هڻڻ لڳندا هئا. رزاق مهر ان ڊرامي ۾ پهريون ڀيرو خانگي جيلن تي قلم کڻي هڪ سماجي ناسور تان پردو کنيو. جبري پورهئي خلاف سنڌ ۾ اهو پهريون ناٽڪ هو. سندس لکيل ان ڊرامي سنڌي سماج ۾ هڪ تبديلي آندي ۽ ان کان پوءِ سنڌ ۾ جبري پورهئي ۽ خانگي جيلن جي خلاف جدوجهد شروع ٿي. سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پوليس خانگي جيلن تي ڇاپا هڻي جبري پورهيو ڪندڙ هاري آزاد ڪرايا. سندس مڪالمن ۾ انسانن جو درد هو. هن وڏيرڪي سماج جا اهڙا ته ڇوڏا لاٿا، جو تنهن دور ۾ وڏيرن ان ڊرامي سخت اعتراض واريندي پريس ڪانفرنسون ڪيون. اها سندس پورهئي جي مڃتا هئي.
رزاق ڪجهه مقصدي اسٽيج ڊراما به لکيا، جن ۾ “بدحواس هيڊ ڪلارڪ”، “ٽي خانداني بي روزگار”، “مولوءَ مت وڃائي” ۽ “ايف آءِ آر” گهڻو مقبول ٿيا. رزاق مهر جو ويجهو دوست ڪيهر شوڪت هڪ هنڌ لکيو آهي ته “ويجهي ڏهاڪي ۾ جيڪڏهن ڪنهن معياري اسٽيج ناٽڪ ڏنا آهن ته انهن ۾ رزاق مهر ئي شايد سنڌ جو اڪيلو اسٽيج ناٽڪ ڪار آهي. جنهن سطحي ۽ بازاري ناٽڪن کان هٽي گهرائيءَ ۽ سنجيدگيءَ سان ناٽڪ لکي پيش ڪرايا آهن. هن جو لکيل ناٽڪ (بدحواس هيڊ ڪلارڪ) اڄ جي اسٽيج جي گدلي سينور ۾ ڪنول جو گل آهي”. رازق مهر نه رڳو سٺو ڪهاڻيڪار پر سٺو شاعر ۽ ايڊيٽر هو، سندس ايڊيٽ ڪيل رسالو “نئين دنيا” پنهنجي دور جو بهترين رسالو هو. جنهن ۾ سندس لکيل ايڊيٽوريل ڪافي مشهور ٿيا.سنڌ جو هي ڀلوڙ ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار ۱۵ آگسٽ ۲۰۰۲ ع تي دل بيهڻ سبب وفات ڪري ويو. سنڌ جي هن منفرد ناٽڪ نويس جي ٽيلي ناٽڪن ۾ زندگيءَ ڏانهن، ڇوٽڪارو، راهه جو پٿر، سفر، جياپو (سيريل) زخم زندگيءَ جا، وڇوٽيون (سيريل) اعتراف شامل آهن.


رزاق مهر
سنڌي ٽيلي ناٽڪ ۾ حقيقت جا رنگ ڀريندڙ
ڊاڪٽر قاسم راڄپر
پاڪستان ٽيلي ويزن لاءِ “جياپو” جهڙو سماجي ۽ مقصدي ڊرامو لکڻ واري رزاق مهر جو واسطو لاڙڪاڻي سان آهي. هن ۲۰ جولاءِ ۱۹۵۴ تي لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ پاڙي ۾ رانجهو خان مهر جي گھر جنم ورتو. پرائمري تعليم مراد واهڻ جي پرائمري اسڪول ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ ڊي سي هاءِ اسڪول مان ڪيائيـن. بي اي آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۱۹۷۴ع ۾ ۽ ايم اي سنڌي ادب ۱۹۷۹ ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. نوڪري جي شروعات بلڊنگ کاتي لاڙڪاڻي ۾ ڊرافٽس مين جي حيثيت سان ڪيائين، جنهن کان پوءِ پبلڪ اسڪول ميرپور خاص ۾سنڌي جو ليڪچرار ٿيو ۽ ۱۹۸۹ ۾ ڪميشن پاس ڪري سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. هن سنڌ جي مختلف علائقن ۾ استاد جي حيثيت سان ٻار پڙهايا. هن پنهنجي حياتيءَ جا آخري ڏهاڙا گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور گذاريا. رزاق مهر کي لکڻ جو شوق ۱۹۷۴ ڌاري پيدا ٿيو. هن پهرين ڪهاڻي “ڪرشن هاٿيءَ جي اڳيان” لکي. ۱۹۸۲ع ۾ رزاق مهر جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو “سڪون ڪٿي آهي” پڌرو ٿيو، جنهن ۾ موجود اڪثر ڪهاڻين جو موضوع سماجي حقيقت نگاري تي مشتمل آهن.هن جي ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو “ڊهندڙ ليڪا” جي نالي سان شايع ٿيو. رزاق جو لکيل ناول “ٽارچر ڪئمپ مان نڪتل دانهن” اڃا تائين شايع ٿي ناهي سگهيو آهي، ڪهاڻين جي مجموعي “سڪون ڪٿي آهي” ۾ سندس ڪهاڻين جو جائزو مرحوم انور پيرزادي هن ريت ورتو هو. “رزاق مهر ترقي پسند ڪهاڻيءَ جو نوجوان ليکڪ آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ ستايل ڪردارن ۽ غريبن سان نه رڳو همدرديءَ جو اظهار ڪيل آهي، پر انهن کي هيرو ڪري پڻ پيش ڪيو آهي. ڦورو ۽ پرماري ڪردارن کان نفرت هن جي ڪهاڻين ۾ برابر موجود آهي”. رزاق مهر سنڌ جو وڏو ڪهاڻيڪار ته هو پر کيس شهرت ٽيلي ويزن ناٽڪن وسيلي ملي. هن پهريون ٽي وي ڊرامو “زندگيءَ ڏانهن” جي نالي سان لکيو. جيڪو ۱۹۸۶ع ۾ پروڊيوسر ذوالفقار نقوي پيش ڪيو. هن سماجي حقيقتن تي ڊراما لکي، سنڌي ٽي وي ناٽڪ کي نئون موڙ ڏنو. جنهن کانپوءِ گهڻن ليکن سماجي مسئلن تي قلم کنيو. هونئن ته رزاق پنهنجي سمورن ڊرامن ۾ نج عوامي مسئلن کي بحث هيٺ آندو آهي، پر “جياپو” اهو ڊرامو هو، جنهن کيس شهرت جي بلندن تائين رسايوجڏهن “جياپو” ٽي ويءَ تان نشر ٿيندو هو ته ماڻهن جا انبوهه دڪانن ۽ هوٽلن جي ٻاهران به ڊرامو ڏسڻ لاءِ بيهجي ويندا هئا ۽ سنڌ جي وڏيرڪي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف روڊن تي نعرا هڻڻ لڳندا هئا. رزاق مهر ان ڊرامي ۾ پهريون ڀيرو خانگي جيلن تي قلم کڻي هڪ سماجي ناسور تان پردو کنيو. جبري پورهئي خلاف سنڌ ۾ اهو پهريون ناٽڪ هو. سندس لکيل ان ڊرامي سنڌي سماج ۾ هڪ تبديلي آندي ۽ ان کان پوءِ سنڌ ۾ جبري پورهئي ۽ خانگي جيلن جي خلاف جدوجهد شروع ٿي. سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پوليس خانگي جيلن تي ڇاپا هڻي جبري پورهيو ڪندڙ هاري آزاد ڪرايا. سندس مڪالمن ۾ انسانن جو درد هو. هن وڏيرڪي سماج جا اهڙا ته ڇوڏا لاٿا، جو تنهن دور ۾ وڏيرن ان ڊرامي سخت اعتراض واريندي پريس ڪانفرنسون ڪيون. اها سندس پورهئي جي مڃتا هئي.

جياپو ڊرامي جو هڪ منظر
رزاق ڪجهه مقصدي اسٽيج ڊراما به لکيا، جن ۾ “بدحواس هيڊ ڪلارڪ”، “ٽي خانداني بي روزگار”، “مولوءَ مت وڃائي” ۽ “ايف آءِ آر” گهڻو مقبول ٿيا. رزاق مهر جو ويجهو دوست ڪيهر شوڪت هڪ هنڌ لکيو آهي ته “ويجهي ڏهاڪي ۾ جيڪڏهن ڪنهن معياري اسٽيج ناٽڪ ڏنا آهن ته انهن ۾ رزاق مهر ئي شايد سنڌ جو اڪيلو اسٽيج ناٽڪ ڪار آهي. جنهن سطحي ۽ بازاري ناٽڪن کان هٽي گهرائيءَ ۽ سنجيدگيءَ سان ناٽڪ لکي پيش ڪرايا آهن. هن جو لکيل ناٽڪ (بدحواس هيڊ ڪلارڪ) اڄ جي اسٽيج جي گدلي سينور ۾ ڪنول جو گل آهي”. رازق مهر نه رڳو سٺو ڪهاڻيڪار پر سٺو شاعر ۽ ايڊيٽر هو، سندس ايڊيٽ ڪيل رسالو “نئين دنيا” پنهنجي دور جو بهترين رسالو هو. جنهن ۾ سندس لکيل ايڊيٽوريل ڪافي مشهور ٿيا.سنڌ جو هي ڀلوڙ ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار ۱۵ آگسٽ ۲۰۰۲ ع تي دل بيهڻ سبب وفات ڪري ويو. سنڌ جي هن منفرد ناٽڪ نويس جي ٽيلي ناٽڪن ۾ زندگيءَ ڏانهن، ڇوٽڪارو، راهه جو پٿر، سفر، جياپو (سيريل) زخم زندگيءَ جا، وڇوٽيون (سيريل) اعتراف شامل آهن.



ناليواري ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ شاعر رزاق مهر بابت اديبن جا تاثرات
سهيڙ: رضوان گل
رزاق مهر ترقي پسند سنڌي ڪهاڻيءَ جو نوجوان ليکڪ آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ ستايل ڪردارن ۽ غريبن سان نه رڳو همدرديءَ جو اظهار ڪيل آهي پر انهن کي ”هيرو“ ڪري پڻ پيش ڪيو ويو آهي. رزاق پنهنجي ڪهاڻين ۾ غير جانبدار نه آهي. ڦورو ۽ پرماري ڪردارن کان نفرت، هن جي ڪهاڻين ۾ برابر موجود آهي. رزاق سنڌي هيٺئين/ وچولي طبقي جو هڪ اهڙو فرد آهي، جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏکن ڏوجهرن، محرومين، ۽ خواهشن جي قتلام جهڙن ڪيترن ئي ظلمن جو مقابلو ڪيو آهي. ذهني دٻاءَ، قديم سنڌ وڏيرڪي قدرن سان جڙيل فيملي، ان جون پراڻيون روايتون ۽ هن نئين ٽهيءَ جي نوجوان جون نيون حرڪتون. ٽڪراءُ لازمي هو. سيڪس ۽ مذهب ۾ به اهڙا عنصر آهن جيڪي اڄ جي نوجوان کي ڌونڌاڙي، هن کي مصيبتن ۾ وجهي، هن جي روحاني قوت جي آزمائش ڪندا آهن. نارمل سنڌي نوجوان، مذهب يا سيڪس تان ڪاوڙبو ۽ باغي ٿي ويندو. سو رزاق به مذهبي ڪٽرپڻي ۽ پابندين واري سماجي ۽ جنسي زندگيءَ کان بيزار ٿي، ڪجهه سوچڻ لڳو ۽ پوءِ انهن سوچن کي لفظن جو روپ ڌارڻ واري علم يعني ادب جي تلاش ۾ لڳي ويو.
(انور پيرزادو ــ ڪتاب ”سڪون ڪٿي آهي“ تان ورتل)
جيتوڻيڪ سنڌ رزاق مهر کي هڪ ڪهاڻيڪار ۽ ايڊيٽر جي روپن ۾ سڃاڻي ٿي ۽ هن پيش لفظ ۾ مون کي ڇڙو رسم ۽ روايت طور هن جي ڪهاڻين تي ئي لکڻو آهي پر هن جا ٻيا به روپ آهن. هن سٺيون ۽ خوبصورت ڪهاڻيون ۽ معياري رسالو ”نئين دنيا“ ئي نه ڏنو آهي پر هن تمام سٺي شاعري به ڪئي آهي ته ويجهي ڏهاڪي ۾ جيڪڏهن ڪنهن معياري اسٽيج ناٽڪ ڏنا آهن ته انهن ۾ رزاق ئي شايد سنڌ جو اڪيلو اسٽيج ناٽڪ ڪار آهي جنهن سطحي ۽ بازاري ناٽڪن کان هٽي گهرائيءَ ۽ سنجيدگيءَ سان ناٽڪ لکي پيش ڪرايا آهن. هن جو لکيل ناٽڪ بدحواس هيڊ ڪلارڪ اڄ جي اسٽيج جي گدلي سينور ۾ ڪنول جو گل آهي ۽ هڪ وڏو جتن پڻ جنهن سان شايد سنڌي ناٽڪ اُردو سطحي ناٽڪن ۽ فارمولائي پنجابي فلمن جي نقالي ڇڏي وري پنهنجي پراڻي شاندار روايت (ورهاڱي کان اڳ واري) تي هلڻ شروع ٿو ڪري. اوور ٽائيم رزاق مهر جي اها ڪهاڻي آهي جنهن پهريون ڀيرو ادبي پارکن جو ڌيان ڇڪائي وڌو ۽ ان ئي ڪهاڻيءَ سان رزاق پهريون ڀيرو سيکڙاٽ ڪهاڻيڪارن جي ڊگهيءَ قطار مان ٻاهر نڪري نروار ٿيو ۽ نه رڳو سجاڳ پڙهندڙن جي دل ۾ جاءِ جوڙي ورتائين پر ان ڪهاڻيءَ سان سنڌ جا سڄاڻ ڪلاڪار به هن کي عزت ۽ اُميد جي نظرن سان ڏسڻ لڳا. رزاق جي لکڻين جي سونهن تڏهن چڱيءَ طرح محسوس ٿي سگهي ٿي جڏهن لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ ”نئين دنيا“ رسالي ۾ لکيل هن جا ايڊيٽوريل پڙهيا ويندا. ايبسٽريڪٽ، فيلسوفانا، اُتساهه ڏيندڙ حقيقتون، اُگهاڙيون ۽ علامتي انداز سان جارحانا حملا ۽ سماجي تنقيد، بي ڊپائي، باغي ۽ جوشيلي اسٽائل. رزاق، سريش ۽ واجد وارو سٻنڌ لاڙڪاڻي جي ادبي حلقن ۾ چڱيءَ طرح ڄاتل سُڃاتل آهي. هي ۽ ڪجهه ٻيا دوست جهڙوڪ ڪيهر شوڪت، ملڪ آگاڻي، زيب سنڌي، ممتاز ابڙو ۽ امان شيخ انٽيليڪچوئل ماحول ۾ جوشيليون ۽ انتهاپسند (ڪڏهن ڪڏهن) لهرون اُڀاريندا رهيا آهن. رزاق پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻين باشعور سنڌي نوجوانن وانگي اڄ جي دنيا ۾ رائج مڙني ادبي ۽ سياسي نظرين جي ڄاڻ رکندڙ آهي پر پنهنجي فن ۽ تخليق جي سلسلي ۾ رزاق آبجيڪٽوٽي يا معروفيت جو قائل آهي.
( ڪيهر شوڪت ــ ڪتاب ”سڪون ڪٿي آهي“ تان ورتل)
رزاق مهر سان منهنجو ويجھو تعلق رهيو اسان هڪ ئي ڪاليج ۾ گڏجي ڪم سين، هو هڪ محبوب شخصيت رکندڙ پيارو انسان هو، هن پنهنجي محبتي رويي جي ڪري ماڻهن جي دلين ۾ جايون جوڙيون. سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ به اسان گڏ رهيا سين جن ۾ رزاق مهر، ڪيهر شوڪت، سليم ڪورائي، واجد، افضل قادري، عنايت ميمڻ، ڪيهر شوڪت ۽ ٻيا دوست شامل ٿيندا ها. ان ئي دور ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ انيس انصاري به انهن گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندا ها. هن زندگيءَ ۾ ڏاڍا ڏک ڏٺا، سندس مزاج ۾ برداشت تمام گھڻي هئي، دوستن کي گڏ کڻي هلڻ وارو ماڻهو هو سندس شاعري به اهميت رکندڙ آهي. سندس ڪهاڻين ۾ حقيقت نگاري جو رنگ نمايان آهي هن جا ڊراما تمام گھڻا مقبول ٿيا هن بيباڪي ۽ بي ڊپائي سان لکيو. قلم سان سندس ناتو آخري ساهن تائين رهيو سنڌي ادب ۾ سندس نالو اڻ مٽ لڪير جيان آهي.
(ڊاڪٽر بشير احمد شاد)
رزاق مهر وڇڙي ويو آهي پر هو هر وقت اسانکي ياد آ. ستر واري ڏهاڪي ۾ منهنجي ساڻس دوستي ٿي جيڪا ڀائپي ۾ تبديل ٿي وئي. هو منهنجي وڏي ڀاءُ جيان هو، هن جيون جي تلخ حقيقتن کي تمام ويجھو کان ڏٺو يتيم هو ۽ يتيم واري زندگي گذاريندي به هو ايڪٽو رهيو. واجد، ڪيهر شوڪت، ملڪ آگاڻي ۽ رزاق مهر اسان سڀ گڏجي ڪچهريون ڪندا هئا سين. ڪيهر شوڪت جي ڳوٺ آگاڻين ۾ زيتونن جي باغن جي وچ ۾، ڍنڍن جي ڪنارن تي، لوڪ ڏاهپ تي ڳالهائيندي اسان تمام گھڻو خوبصورت وقت گذاريو. اهي سڀ تجربا رزاق مهر پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڏنا. هو تمام وڏو ۽ شاندار ڪهاڻيڪار هو، هو سڪون جي ڳولها ۾ ئي رهيو. رزاق جڏهن ڊرامو ”جياپو“ لکيو ته ڊرامي جي حوالي سان هو تمام وڏي ڏاڪي تي پهچي ويو. هن جديد ڊرامه لکيا نون موضوعن کي ڇُهيو.
(اخلاق انصاري)
رزاق مهر هڪ انتهائي مهربان، شفيق ۽ پرخلوص دوست هو، هن جا ليکڪ طور ڪيترائي ئي حوالا آهن. هن لکڻ جي شروعات شاعري سان ڪئي، سندس پهريون شعر ”سهڻي“ رسالي ۾ ڇپيو. جنهن کانپوءِ هو ڪهاڻي طرف آيو، سندس پهريون ڪهاڻيون امر جليل جي رنگ ۾ لکيل آهن جنهن کانپوءِ هن پنهنجي رنگ ۾ لکڻ شروع ڪيون ”ڪرشن هاٿيءَ جي اڳيان“ سندس پهرين ڪهاڻي آهي. رزاق مهر جو پهريون ڪتاب ”سڪون ڪٿي آهي“ ۾ بهترين ڪهاڻيون شامل آهن. رزاق مهر جو ڪهاڻيڪارن ۾ قد تمام اتاهون آهي.سندس ڪهاڻيون ”سڪون ڪٿي آهي“، ”جنم جلي“، ”پيڙا جي ڪوهيڙن ۾“، ”هڪ شخص جو موت“، ”شڪست“ ۽ ٻيون ڪافي ساريون ڪهاڻيون سنڌي ادب جون بهترين ڪهاڻيون آهن، سندس ٻيو ڪتاب ”ڊهندڙ ليڪا“ مون پنهنجي ڪوششن سان ڪاڇو پبليڪيشن کان ڇپرايو، ان ۾ اٺ ڪهاڻيون شامل آهن جيڪي پڻ انتهائي شاندار ڪهاڻيون آهن. هو هڪ ٽرينڊ سيٽر ڪهاڻيڪار هو. رزاق ڊرامن جي شروعات سولو پليز کان ڪئي، هن پهريون ڊرامو ”زندگيءَ ڏانهن“ لکيو جيڪو پي ٽي وي تان نشر ٿيو هو جنهن کانپوءِ ”سهرو“، ”راهه جو پٿر“ ۽ کوڙ سارا ڊراما لکيا ”جياپو“ سندس ڊرامه سيريل هو هن جياپو لکي خانگي جيلن جي نشاندهي ڪئي. سندس ٻيو ڊرامه سيريل ”وڇوٽيون“ ٽيون سيريل ”پاتال“، چوٿون سيريل ”نبيرو“ هو. رزاق جو اڃا به ڪيترو ئي مواد موجود آهي سندس اڻ ڇپيل مواد کي ڇپرائڻ گھرجي. مان هڪ دوست جي حيثيت ۾ ساڻس ٽيهه سال گڏ گذاريا هاڻي مونکي زندگيءَ جي هر وک تي سندس ڪمي محسوس ٿيندي آهي.
(محمد علي پٺاڻ)
رزاق مهر منهنجو انتهائي ويجھو دوست هو، هن خاموش ٿي ڪم ڪيو هو هڪ فل ٽائيم ليکڪ هو. هن پنهنجي سموري زندگي ادب کي ارپي ڇڏي هئي. هن جي شاعر وارو حوالو پڻ اهم آهي. هن ڀرپور ڊرامه لکيا. زندگي هن سان ساٿ نه نڀايو وقت کان گھڻو اڳ ۾ هو اسان کان وڇڙي ويو. هن ڪاميابين جا سفر تيزيءَ سان طئي ڪيا هن سنجيدگيءَ ۽ محنت سان ڪم ڪري مڃتا ماڻي. اسان رزاق کي مري ويل نه ٿا سمجھون هو اسان جي دلين ۾ زنده آهي. هو بهترين ڪهاڻيڪار به هو ته تمام بهترين انسان ۽ پيارو دوست به هو.
(عنايت ميمڻ)
رزاق مهر خاموش طبع انسان هو، سندس اها خوبي هئي ته هر ماڻهو کيس پنهنجو ويجھو دوست سمجهندو هو، هن جي تڏي تي هر ماڻهو جي اک آلي هئي، هو هڪ مخلص ماڻهو هو. سندس ڪهاڻيون پڙهي احساس ٿيندو هو ته هو ڪيڏي بلند پايي جو ڪهاڻيڪار هو. اسان جو اسٽيج سان تعلق هو رزاق صاحب جا به اسٽيج ڊرامه ٿيندا هئا، مان پاڻ کي رزاق مهر جي پيٽرن تي هلائڻ جي ڪوشش ڪندو هيس مان کانئس متاثر هيس هو هڪ بيباڪ ليکڪ هو. سندس ڪهاڻين جا موضوع سماجي حقيقت نگاري تي مشتمل هئا.
(احمد علي صابر چانڊيو)
رزاق کي مان دوست جي حيثيت ۾ ائين محسوس ڪيو ته هو هڪ معصوم ٻار جيان هو، سندس مزاج ۾ حساس پڻو شدت سان موجود هو، اسان اڄ به رزاق جي ڪمي محسوس ڪريون ٿا، هو هڪ هڪ دوست هو جيڪو هر پل صلاحن مشورن ۾ شامل رهندو هو. هن هڪ ٽو ايڪٽ ڊرامو ”بد حواس ڪلارڪ“ لکيو جنهن کي مان ڊائريڪٽ ڪيو اهو ڊرامو مزاحيه انداز ۾ لکيل هو. رشين ليکڪن جا ڪتاب اسان هڪ ٻي کي پڙهائيندا هئا. اسان هڪ وڊيو فلم ”رڻ جو مسافر“ ٺاهڻ لاءِ به ڪوشش ورتي هئي جيڪا ڪن حالتن سبب اسان کان نه ٺهي سگھي. رزاق جون محبتون سڀني سان هيون پر مونسان سندس پيار بي انتها هو. واجد، انور پيرزادو، رزاق ۽ مان راتين جون راتيون ويهي ڪچهري ڪندا هئا سين جنهن جو اڪثر موضوع ادب هوندو هو. منهنجي جيون ۾ سندس ڪردار هڪ راهه ڏيکاريندڙ وارو رهيو اهو ئي سبب آهي جو مان اڄ به سندس ڪمي شدت سان محسوس ڪري رهيو آهيان.
(ممتاز ابڙو)
رزاق مهر جھڙا ماڻهو وڇڙندا ضرور آهن پر وسرندا ناهن، اهو ئي سبب آهي جو هيڏا سال گذرڻ باوجود به هو اسان جي دلين ۾ ڌڙڪي ٿو، هن جون يادون، هن جون لکڻيون اسان وٽ موجود آهن اهي ڪتابي صورت ۾ هجن يا ڊرامي جي صورت ۾ هجن اسان انهن کي پڙهون به ڏسون به ٿا. هو ٻاجھاري طبيعت جو انسان هو سندس اهم خوبي اها هئي ته هو دوستن جي وچ ۾ پُل وارو ڪردار ادا ڪندو هو دوستن جون رنجشون ختم ڪري محبتن سان گڏ ويهاريندو هو. سندس ڪتاب ”سڪون ڪٿي آهي“ ڇپيو ته کيس هڪ ٽرينڊ سيٽر ڪهاڻيڪار واري سڃاڻپ ملي، سندس ڪهاڻين جو بنياد سماجي حقيقت نگاري آهي. سندس ڪهاڻيون ”سڪون ڪٿي آهي“، ”تڏي تي ويٺل ماڻهو“، ”اَجھل هوا“، ”هڪ شخص جو موت“، ”ڊهندڙ ليڪا“ اهڙيون ڪهاڻيون آهن جن جا موضوع سماج جي ڪک مان جنم وٺن ٿا، هن اڇوتن موضوعن تي ڪهاڻيون ۽ ڊرامه لکي پاڻ مڃرايو. هن جيڪي اسٽيج ڊراما لکيا اهي پڻ ان زماني ۾ تمام گھڻا مقبول ٿيا بعد ۾ هن پي ٽي وي تي ڊرامه لکيا جن جو ماڻهو پورو هفتو انتظار ڪندا هئا، رزاق صاحب کي هڪ ڊرامه نگار طور سڄي سنڌ ۾ تمام گھڻي مقبوليت ملي ۽ ”جياپو“ ڊرامي کانپوءِ ساڻس سڄي سنڌ ۾ رهاڻيون ملهايون ويون هيون اسان به سچل ادبي مرڪز پاران ساڻس رهاڻ رچائي هئي. 13 آگسٽ تي ڪاليج ۾ ٿيل هڪ گڏجاڻي ۾ مان ساڻس آخري ڀيرو مليو هيس اسان هڪ ئي ڊپارٽمينٽ ۾ گڏجي ڪم ڪيو سين، رزاق مهر جڏهن گذاري ويو هو ته ائين محسوس ٿيو هو ته ڄڻ وقت بيهجي ويو آهي پر وقت ظالم آهي اهو هلندو رهي ٿو.
(ڊاڪٽر احسان دانش)
ڪجهه ماڻهن جي وڇڙڻ بعد به اهو احساس هوندو آهي ته اهي ڪنهن سفر تي ويل آهن ۽ وري واپس اچي اسان سان ملندا رزاق مهر جي وڇڙڻ بعد به ئين ئي محسو ٿيندو آهي ته هو اسان سان واپس اچي ملندو. هن جي شخصيت ۾ نماڻائي، صبر ۽ بردباري هئي هو جنهن سان به ملندو هو ان جو دوست ٿي ويندو هو. رزاق صاحب جونيئر لکندڙن کي اتساهه ڏيندو هو. حقيقت نگاري جي حوالي سان سندس لکيل ڪهاڻين جا ڪردار درد جي علامت آهن انهن ڪردارن جون ڪيفيتون پڙهندڙ کي محسوس ٿيڻ لڳن ٿيون هن جي قلم مان نڪتل لفظ گھرو اثر ڇڏيندڙ آهن.
(ڊاڪٽر فياض لطيف)
رزاق مهر جو انداز ۽ لهجو پيار ڀريو هوندو هو، سندس لکيل ڊرامي ”جياپو“ تي تما گھڻا سوال اٿيا، ماڻهن چيو ته شايد اهو تصوراتي ڪهاڻي تي مشتمل آهي پر پوءِ اهڙا ظالم وڏيرا بي نقاب ٿيا ۽ الائي ڪيترا خاندان خانگي جيلن مان آزاد ٿيا جنهن جو ڪريڊٽ رزاق مهر ڏانهن وڃي ٿو.
(انور ڏنگڙائي)
رزاق مهر جو ڪم ۽ ڪردار ڀرپور رهيو آهي ليکڪ جي تحرير ڳالهائيندي آهي اها تحرير ئي اصل ۾ ليکڪ جي زبان هوندي آهي هن جي ڪهاڻين جي ڪردارن جي گفتگو سماج جي مجموعي دردن جي ڪٿا آهي. رزاق صاحب پنهنجو آواز ان دور جي واحد ميڊيا پي ٽي وي تي ڊرامن ذريعي اٿاريو ۽ اهڙن موضوعن تي لکيو جيڪي ان دور جي اڀرندڙ مسئلن جي نشاندهي ڪندڙ هئا.
(رياضت ٻرڙو)
رزاق صاحب پنهنجي لکڻين ۾ هڪ منفرد ليکڪ هو هن پاڻ کي نکارڻ لاءِ نه لکيو پر هن سماج ۾ موجود مسئلن کي نروار ڪرڻ لاءِ لکيو. جيڪو ماڻهو دل سان ڪم ڪري ٿو ان کي موٽ به ملي ٿي هن دل سان ڪم ڪيو ۽ کيس بهترين موٽ ملي. هن جا ڪردار معصوم، نهٺا ۽ عام طبقي سان تعلق رکندڙ آهن هن پنهنجي پذيرائي نه چاهي پر هن سماجي اجتماعي ڏکن کي قلم جي ذريعي بيان ڪري پنهنجو فرض نڀايو.
(عزيز منگي)
موت، ڪڏهن ڪڏهن ڪي اهڙا پيارا ماڻهو کسي ويندو آهي، جن جي جدائي جيءُ جهوري وجهندي آهي. محبت، دوستي، خلوص، پنهنجائپ ۽ ڪَسُ کائڻ وارا ماڻهو ڏاڍا گھٽ هوندا آهن. دوستن تي سِرُ ڏيڻ وارن ۽ رشتن جي نزاڪتن کي ڄاڻڻ وارن اهڙن ئي محبتي انسانن مان رزاق مهر به هڪ هو. سندس ڊرامو ”جياپو“ هن جي خاص سڃاڻپ بڻيو. جڏهن ”جياپو“ پي ٽي وي تان نشر ٿيندو هو ته ماڻهو دڪانن ۽ هوٽلن جي ٻاهران به ڊرامو ڏسڻ لاءِ بيهجي ويندا هئا ۽ سنڌ جي وڏيرڪي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف روڊن تي نعرا هڻڻ لڳندا هئا. رزاق مهر ان ڊرامي ۾ پهريون ڀيرو خانگي جيلن تي قلم کڻي هڪ سماجي ناسور تان پردو کنيو جنهن تي بعد ۾ ٻين به ڪيترن ئي ليکڪن ڪهاڻيون ۽ ڊراما لکيا. ان کان علاوه ”وڇوٽيون، ”پاتال“، ”زخم زندگيءَ جا“، ”اعتراف“، ”ڦيرو“، ”ڇوٽڪارو“، ”راهه جو پٿر“ ۽ سندس ٻيا ڊراما به تمام گهڻو مقبول ٿيا، جنهنڪري رزاق مهر جي هڪ تمام برجستي ڊرامي نگار طور به سڃاڻپ ٿيڻ لڳي. هن جا اسٽيج ڊراما ”بدحواس ڪلارڪ“ ، ”ٽي خانداني بي روزگار“، ”مولوءَ مت وڃائي“ ۽ ”ايف آءِ آر“ پڻ ڪافي مقبول ٿيا. رزاق مهر جي ڪهاڻين، ڊرامن، ڪالمن ۽ ٻين لکڻين ۾ سماج جي نظر انداز ڪيل طبقي جي نمائندگي ٿيل آهي. هن غريب کي ڪنهن سِرَ ڦِري سردار يا مير کان وڌيڪ مانائتو ڏيکاريو آهي. هن جا لکيل لفظ ظالم ۽ جابر لاءِ باهه جا شعلا به آهن، ته ڪنهن مسڪين ۽ محتاج لاءِ آٿت به آهن. سندس سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي لکيل ڪالم هڪ دؤر جي تاريخ ۽ سچائي پيش ڪن ٿا. سندس قلم ڌمڪي ۽ دڙڪي کان ڊڄڻ وارو نه، پر سماج لاءِ ناسور بڻجي ويل رشوت خورن ۽ بدمست وڏيرن لاءِ تلوار بڻيل رهيو. مون کي خوشي آهي ته مان رزاق مهر سان سندس حياتيءَ جي آخري ٻن سالن ۾ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ساڻس گڏ استاد رهيس. سندس ڀاڪر وجهي ملڻ جي انداز ۽ ڪچهرين مان ڪڏهن به ائين محسوس نه ٿيو ته آءٌ ڪو کانئس ادبي عمر ۾ ننڍو آهيان. هو دوستن جي وچ ۾ اختلافن کي اُڀرڻ نه ڏيندو هو، دوستن جي درميان سندس ڪردار پُل جهڙو هو. هو هڪ بهترين ليکڪ سان گڏ تمام وڏو ماڻهو هو، جنهن وٽ پيار ۽ پنهنجائپ هئي.
(رضوان گل)
سائين رزاق مهر جنهن دور ۾ لکڻ شروع ڪيو ان دور تي امر جليل جا تمام گھڻا اثرات هئا، پر جڏهن اسان رزاق مهر جا افسانا پڙهون ٿا ته سواءِ هڪ اڌ جي هن جو پنهنجو ڊڪشن ۽ پنهنجو انداز آهي سندس موضوع ۽ انهن ۾ پيش ڪيل ڪردارن جي اذيت، زندگي ۾ انهن سان پيش ايندڙ واقعا ۽ انهن ڪهاڻين جو ڪلائيميڪس جيڪو رزاق مهر ڏيکاريو آهي اهو ڏاڍو اميد ڏيندڙ ۽ اتساهه ڀريو آهي، سندس اڪثر ڪردار ڀوڳنائن ۾ ورتل آهن جيڪي زندگيءَ ۾ ويساهه گهاتين جو شڪار آهن ۽ تذليل ۾ زندگي گذارن ٿا، هن انهن ڪردارن جي اندر جو درد ايڏي مهارت سان بيان ڪيو آهي جو انهن ڪردارن سان پڙهندڙ وٽ همدردي جو جذبو پيدا ٿي پوي ٿو. رزاق جون ڪهاڻيون پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکندڙ آهن انهن تي ڪنهن جي به ڇاپ نه آهي. رزاق صاحب جي ڊرامي ”جياپو“ کان پوءِ کيس مستقبل جي ليکڪ طور سڃاڻپ ملي جو هن انهن مسئلن تي قلم کنيون جيڪي مستقبل ۾ سامهون اچڻا آهن يا ته لڪيل آهن جن کي هن ڊرامن ۽ ڪهاڻين ذريعي اجاگر ڪيو. هن خودڪشي جي به ڪوشش ڪئي پر پنهنجي لکڻين ۾ وري به سماج کي اتساهه ڏنو.
(ممتاز لوهار)
جن ماڻهن زندگيءَ کي تمام ويجھڙائيءَ سان ڏٺو ۽ زندگيءَ جي تلخين ۽ شيرينين جي ڪٿ ڪئي رزاق مهر انهن ليکارين منجھان هيو. هن جي سمورين لکڻين، پوءِ اهي ڪهاڻيون هجن يا ڊراما، اخباري ڪالم هجن يا ادبي رسالي جا ايڊيٽوريل، انهن لکڻين ۾ زندگيءَ جون سموريون سچايون پنهنجي مڪمل تاثر سان ملن ٿيون. ڇو ته رزاق پنهنجي نجي زندگيءَ ۽ فن ۾ هميشه سچائيءَ ۽ حقيقت پسنديءَ سان قربت رکي. هن پنهنجي فڪشن ۾ به زندگيءَ جي ٺوس سچائين کي پنهنجي فن جي ڪمال انداز سان اهڙي طرح چٽيو آهي جو انهن منجھان تلخ حقيقتن جي ڪڙاڻ شدت سان محسوس ٿئي ٿي. جنهن جو مثال هن جا ڊراما (خاص طور اسٽيج ڊرامو ”ايف آءِ آر“ ۽ ٽي وي ڊراما سيريل ”جياپو“) ۽ سندس ڪهاڻيون آهن. رزاق مهر پنهنجي ذاتي لڳ لاڳاپن ۾ به انهيءَ ساڳي سچائيءَ ۽ حقيقت پسنديءَ جو قائل رهيو، انڪري هو اڄ ڏينهن تائين دوستن جي دلين ۾ زندھ رهي ٿو، مرشد ڀٽائيءَ جي هنن سٽن وانگر ته؛
جڏهان ڪر ٿيام، ساڃاھ سپرين سين،
تڏهان ڪر تر جيترو، وير مَ وسريام،
اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.
(قاسم ڪيهر)


No comments:

راءِ ڏيندا