; سنڌي شخصيتون: October 2018

18 October, 2018

ڊاڪٽر غلام قادر سومرو


ڊاڪٽر غلام قادر سومرو
سنڌي ٻوليءَ جو برک عالم ۽ اُستاد
پروفيسر محمد هارون سومرو
تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ڌرتي جي سيني تي هر دور ۾ اهڙا مانائتا ۽ ملهائتا انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن جن نهايت محنت ۽ مشقت، جفاڪشيءَ ۽ جانشانيءَ سان بنا ڪنهن نمود ۽ نمائش، بغير اعلانن ۽ نعرن جي، هن قوم جي ترقي ۽ خوشحالي، تعليم ۽ تربيت ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو اهڙن ئي باصلاحيت، اورچ ۽ ايماندار شخصيتن ۾ هڪ نالو اسانجي محترم ۽ محبوب استاد سائين غلام قادر سومري جو به آهي. سائين جن جي شخصيت ان لحاظ کان به مثالي آهي ته هن هڪ ننڍڙي ڳوٺ م جنم ورتو ۽ هڪ مٿانهين مقام ۽ مرتبي تي پهتا ۽ اهو مثال قائم ڪري ڏيکاريائون ته قابل ۽ ڪارائتا انسان فقط وڏن شهرن ۾ ئي نه پيدا ٿيندا آهن پر ننڍين وسندين ۽ واهڻن ۾ جنم وٺڻ وارا به پنهنجي محنت ۽ مشقت سان اعليٰ ارفع مقام ماڻي سگهن ٿا ۽ اها روايت سنڌ اندر ته صدين کان جاري ۽ ساري آهي. مولانا ابوالحسن سنڌي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ماضي قريب ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽو علامه آءِ آءِ قاضي پير حسام الدين راشدي علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کان اهڙا ٻيا به اڻ ڳڻيا نالا ان صف ۾ شامل آهن جن جي علمي عظمت ۽ شهرت سنڌ جون سرحدون لتاڙي ڏورانهن ڏيهن تائين پهتي ڊاڪٽر غلام قادر سومرو به اهڙي ئي قيمتي مالها جو هڪ انمول موتي آهي جنهن سڄي زندگي سنڌ اندر مختلف ميدانن ۾ سنڌ جي ماڻهن کي علم جي روشني به پهچائي ته پنهنجين خداداد انتظامي صلاحيتن وسيلي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ نهايت همدرديءَ سان هتان جي عوام جي رهنمائي به ڪئي ته کين اڳتي وڌڻ لاءِ به همٿائيندا رهيا.
ولادت ۽ ابتدائي زندگي:
استاد غلام قادر سومري جي ولادت ۱۵ فيبروري ۱۹۳۳ع ڌاري ضلعي نوشهروفيروز (ان دؤر جي ضلعي نوابشاهه) اندر ٺاروشاهه ويجهو ”ڏيٿا“ نالي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ٿي سندن والد صاحب مرحوم نبي بخش ڊکاڻڪو ڪم ڪندو هو جيڪو مالي لحاظ کان ته تمام مسڪين شخص هو پر ڪردار جي حوالي سان تمام نيڪ ۽ ايماندار هو. جيتوڻيڪ ان دور اندر غربت ۽ تعليمي ادارن جي ٿورائيءَ سبب خاص طور ٻهراڙيءَ جي ٻارن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه هو ڇو ته معصوم ٻارن کي ميلن جا ميل پنڌ ڪري اسڪولن تائين پهچڻو پوندو هو، پر پوءِ به ڪي ٻار پيءُ ماءُ جي ڪوشش توڙي پنهنجي ذاتي شوق سبب اهي مصيبتون سهي اسڪولن تائين پهچندا هئا اهڙيءَ ريت ننڍڙي غلام قادر کي به والد صاحب ڏيٿا پرائمري اسڪول اندر داخل ڪرايو جتان هن سنڌي چار درجا پاس ڪري ٺاروشاهه جي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي ۽ اتان مئٽرڪ جو امتحان سٺين مارڪن سان پاس ڪيائين سندس شمار هميشه پنهنجي ڪلاس جي هوشيار ۽ ذهين شاگردن ۾ ٿيندو هو، جنهن ڪري ننڍڙي هوندي کان ئي هو استادن جي توجهه جو مرڪز رهيو.
علمي زندگيءَ جي شروعات:
مئٽرڪ کان پوءِ ستت ئي کيس ٺاروشاهه جي ان اسڪول ۾ اندر ئي استاد مقرر ڪيو ويو جتي هن ست ورهيه ساندهه هڪ ذهين شاگرد جي حيثيت سان گذاريا هئا اهڙيءَ ريت سندس علمي زندگيءَ جو آغاز ٿيو. استاد مقرر ٿيڻ کان پوءِ به سائين غلام قادر پنهنجي شاگرديءَ واري سلسلي کي ختم نه ڪيو جيئن ته ان دور ۾ ڪاليج عام نه هوندا هئا ۽ پرائيويٽ تعليم جي به اجازت فقط استادن کي ئي هوندي هئي باقي عام ماڻهو شاگرد جي حيثيت سان ئي تعليم حاصل ڪري سگهندو ان ڪري ئي ان دور ۾ يا ته وڏن شهرن جا رهاڪو ئي اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهندا هئا يا ته وري سکين ستابن گهراڻن جا اهي نوجوان جن جي تعليم ۽ بورڊنگ جا خرچ سندن والدين ادا ڪرڻ جي سگهه ساريندا هئا.
سائين جن جي استاد جي حيثيت سان پنهنجي علمي زندگيءَ جي شروعات ڪئي هئي ان ڪري سهولتن جو فائدو وٺندي هن پنهنجي تعليمي سلسلي کي وڌايو ۽ پوسٽ گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي ۽ پوءِ جڏهن سنڌ اندر پي ايڇ ڊي جو سلسلو شروع ڪيو ويو ته استاد غلام قادر به پنهنجي محنت سان تحقيقي مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ پنهنجي تعليمي سلسلي کي توڙ رسايو.
بحيثيت استاد:
سائين غلام قادر سومري پنهنجي ڪيريئر جو آغاز استاد جي حيثيت سان ڪيو ۽ سڄي زندگي سندن واسطو تعليم سان ئي رهيو جيتوڻيڪ هو ٻين وڏن انتظامي عهدن تي به قائم رهيو پر سندن اندريون استاد هميشه زندهه ۽ متحرڪ رهيو ڇو ته جڏهن به ڪو شاگرد وٽانس ڪجهه سمجهڻ ۽ سکڻ ويندو هو ته استاد محترم نهايت کليل دل سان پنهنجي علم جي اڻ کُٽ ذخيري مان کيس مطمئن ڪري ئي موٽائيندو هو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين سندس علمي فيض مان شاگرد مستفيض ٿيندا رهيا. انگريزي ۽ سنڌي ٻولين جي گرامر ۽ لغت تي کيس عبور حاصل هو ان کانسواءِ تاريخ، سوانح نگاري، سيرت سان گڏوگڏ طنز و مزاح به سندس پسنديده موضوع هئا انهن موضوعن تي هنن ڪيترا ئي ڪتاب به لکيا جن جا نالا هن ريت آهن. ”سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت، انگن جو ادبي ڪارج، .... ۽ ڌوڙيا پئجي ويا، ٽاڪوڙا، ور چڙهي وڃڻ جي پيڙاهه، سنڌيڪا انگلش ٽو سنڌي ڊڪشنري“ ۽ انکانسواءِ اخبارن ۾ سندس مضمون ڪالم اڪثر شايع ٿيندا رهندا هئا. هڪ استاد جي حيثيت سان سندس ڪيريئر جي شروعات ٺاروشاهه جي هاءِ اسڪول کان ٿي ۽ سنڌ جي مختلف هاءِ اسڪولن کان علاوه هتي پبلڪ اسڪول حيدراباد (لطيف آباد) ۾ به هڪ سينيئر استاد جي حيثيت سان پنهنجون ذميوارريون نڀايون سندس پڙهائيءَ جو طريقو اهڙو ته دلڪش ۽ عام فهم هوندو هو جو هر هڪ کي آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويندو هو. ڏکئي مان ڏکيو سبجيڪٽ به سائين اهڙي انداز ۾ شاگردن کي سمجهائيندو هو جو هر هڪ جي دماغ ۾ سندس ڳالهه گهر ڪري ويندي هئي اهو ئي سبب آهي جو استاد غلام قادر اڄ تائين پنهنجن شاگردن جي دلين ۾ زندهه آهي ۽ سندن دلين ۾ زندهه رهندو ۽ اها ئي هڪ سچي ۽ ڪامياب استاد جي نشاني آهي.
سائين جن ڪجهه وقت سنڌ جي مشهور ۽ قديم علمي مرڪز سنڌ مدرسته الاسلام ۾ به بحيثيت پرنسپال به ڪم ڪيو جتي هن نه فقط اتان جي تعيليمي ۽ تدريسي معيار کي برقرار رکيو پر ان ۾ ڪيترائي سڌارا به آندا.
مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ سائين ڊپٽي رجسٽرار جي ٿيو. هتي پڻ هنن نهايت ڪاميابيءَ سان پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪيو اهڙيءَ طرح هو ”قائدِ عوام“ يونيورسٽي ۾ به هڪ ڪامياب ايڊمنسٽريٽر ٿي رهيو ۽ هڪ همدرد ۽ هڏ ڏوکي آفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪيائين پنهنجن ملازمن توڙي شاگردن سان سندس رويو هميشه شفقت وارو ٿي رهيو. اهي عهدا هن نج ميرٽ جي بنياد تي حاصل ڪيا. هن ڪنهن وڏي ماڻهوءَ يا سياستدان کان مدد نه ورتي. هو تمام خوددار انسان هو جنهن ڪڏهن به ڪنهن جي آڏو هٿ نه ٽنگيو. هُو درسي ڪتابن جي تياري ۾ به معاون رهيو ۽ نهايت سٺي نموني پنهنجا فرائض ادا ڪيا. هن نه شراب ۽ نه نقل جو سهارو ورتو. هو جتي به رهيا اُتي پنهنجي قابليت همدردي ۽ ايمانداريءَ جا اهڙا مثال قائم ڪيا جيڪي وسارڻ جوڳا نه آهن.
استاد غلام قادر پنهنجي دور جو هڪ وڏو ماڻهو هو. حقيقت ۾ وڏا ماڻهو ٻن قسمن جا هوندا آهن هڪ Big man ۽ ٻيو Great man پهرين قسم جا ماڻهو پنهنجي ۽ پنهنجي عزيزن لاءِ جيئندا آهن ۽ خدمت ڪندا آهن جيئن وڏو زميندار زمين ۽ ملڪيت وڌائيندو آهي ڪارخانيدار پنهنجن ڪارخانن جو عدد وڌائيندا آهن ۽ وڏا آفيسر به پنهنجي اولاد لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندا آهن پر ٻين لاءِ خدمتون سرانجام ڏيڻ جو جذبو نه هوندو. اٿن Great man وري زندگي ٻين جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيندا آهن ٻين جون تڪليفون ۽ مسئلا حل ڪندا رهندا آهن، جيئن مسڪين جهان خان کوسو، مرحوم حيدربخش جتوئي وغيره پهرين قسم جي وڏن ماڻهن کي ٻٽو موت ايندو آهي ڇو ته موت کان پوءِ نه رڳو سندن جسم مٽيءَ ۾ دفن ٿيندو آهي پر ان سان گڏ سندن شان شوڪت سموريون خوبيون ۽ خدمتون نالو ۽ عزت به مٽيءَ ۾ دفن ٿي ويندا آهن. انهن کي مرڻ کان پوءِ ڪوبه ياد نه ڪندو آهي نه ئي ڪي شاعر انهن لاءِ قصيدا لکندا ۽ نه ئي تاريخ ۾ انهن جو ذڪر هوندو. Great man کي هڪ ئي موت ايندو هن جو جسم ته مٽيءَ ۾ ويندو پر هن جون خدمتون، هن جا ڪارناما، هن جون قربانيون جي ٻين لاءِ ڏنيون سي ياد رهنديون ماڻهو هن لاءِ روئندا شاعر قصيدا لکندا ۽ تاريخ ۾ هن جو ذڪر ڪيو ويندو. استاد غلام قادر جو شمار به انهن ئي شخصن ۾ ٿيندو جن کي “Great man” سڏيو ويندو آهي ڇو ته هنن جي زندگي پنهنجي لاءِ نه پر ٻين لاءِ وقف ٿيل هئي. وڏن عهدن تي رهڻ باوجود هنن غريبن واري زندگي گذاري هڪ ننڍڙي گهر ۾ رهندا هئا بيماري ۽ ڪمزوري جي حالت ۾ به علمي ۽ تحقيقي ڪمن ۾ پاڻ رڌل رهندا هئا ۽ جڏهن به ڪو شاگرد وٽن ايندو هو ۽ ڪڏهن به علمي سلسلي ۾ کانئن ڪا مدد گهرندو هو. ته پاڻ نهايت شفقت ۽ محبت سان مدد ڪندا هئا. آءٌ به ڪنهن ڪنهن علمي مسئلي ۾ منجهندو هوس ته رهنمائي حاصل ڪرڻ لاءِ سندن خدمت ۾ حاضر ٿيندو هوس، جتي سائين جن مرڪندڙ منهن ۽ کليل دل سان منهنجي مدد ڪندا هئا. علم جو هي آفتاب علمي خدمتون انجام ڏيندي آڪٽوبر ۲۰۰۵ع ۾ غروب ٿي ويو، کيس اباڻي قبرستان ٺاروشاهه ۾ دفن ڪيو ويو. سائين جن پنهنجي پويان پنهنجو خاندان ۽ هزارين شاگرد سوڳوار پويان ڇڏيا آهن.
اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين
آديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين
جي جيءَ کي جيئارين
سي لاهوتي لڏي ويا.

ڊاڪٽر غلام قادر سومرو
ساهتيءَ جو هيرو
افتخار سومرو
ناليواري تعليمدان، محقق ۽ اديب ڊاڪٽر غلام قادر سومري ۱۵ فيبروري ۱۹۳۳ع تي ساهتي پرڳڻي جي ڳوٺ ڏيٿا لڳ ٺارو شاهه، ضلعي نوشهروفيروز ۾ جنم ورتو.
۱۹۵۰ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري ۱۷ ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجي مادر علمي ٺارو شاهه هاءِ اسڪول کان پنهنجي علمي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين.

ٻاجھي فقير لغاري


ٻاجھي فقير لغاري
صوفي شاعر
استاد لغاري
لغاري قبيلي جي، چوٽيِءَ جي صوفي شاعرن ۾، خليفي نبي بخش “قاسم” لغاري، حمل فقير لغاري ۽ فقير نواب ولي محمد خان لغاري جي نالن کان پوءِ، ٻاجھي فقير لغاريءَ جو نالو، ٻين مڙني صوفي شاعرن کان مٿاهون ۽ نمايان نظر اچي ٿو. ٻاجھي فقير لغاريءَ جي شاعريءَ واري ڪتاب “ڪُلياتِ ٻاجھي” ۾، وحدانيت ۽ رسالت واري ڪيفيت جي، روح پرور پالوٽ ٿيل آهي. فقير صاحب جي شاعري انتهائي آسان، روانيءَ واري، ردم ۽ رس سان ڀرپور آهي. جيڪا تجنيس حرفي تي آڌاريل، ماکيءَ جهڙي مٺي، يڪدم سمجھ ۾ ايندڙ ۽ موسيقيءَ سان مالا مال به آهي. “ٻاجھي ٻول، پردا کول، لب چول سُڻايا، عشق امام، بن هر مام، رو رام ريجھايا، دُوئِي دُور، ٿَئِي وهلور، حج حُضور پڙهايا”. هي اهڙا ٻول آهن، جن جي پڙهڻ، پروڙڻ ۽ ڳائڻ سان، انسان جي روح کي سراسر سُڪون ملي ٿو.

14 October, 2018

شيخ عزيز


شيخ عزيز
صحافت جو استاد، شيخ عزيز، دل جو دورو پوڻ سبب وڇڙي ويو.
ڪراچي (رپورٽر) سينيئر صحافي ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق شيخ عزيز، دل جو دورو پوڻ سبب وڇڙي ويو، ۸۰ سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري، سينيئر صحافي کي اڄ ڪراچي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. ان حوالي سان ڄاڻ موجب ته ڪالهه سينيئر صحافي شيخ عزيز پنهنجي گھر وارن سان گڏجي شادي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي کان حيدرآباد وڃي رهيو هو ته کيس رستي ۾ دل جو دورو پيو. جنهن بعد هنگامي بنيادن تي کيس حيدرآباد جي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ بعد ڪراچي جي اسپتال نيو ويو. جتي سندس فوري طور تي دل جو آپريشن ڪيو ويو هو. ڪالهه صبح جو سوير سندس طبيعت ٻيهر خراب ٿي پئي، جنهن سبب هُو هميشه لاءِ لاڏاڻو ڪري ويو. شيخ عزيز کي اڄ منجھند جو ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. سندس لاڏاڻي تي عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ، ڊپٽي ايڊيٽر ذلف پيرزادي، اقبال ملاح، سب ايڊيٽر جاويد بوزدار، سارنگ زين چانڊئي، رياض ابڙي، اي پي پي جي عبدالله سروهي، ڪرم علي شاهه ڪرم ۽ ٻين عزيز جي پٽ طارق عزيز شيخ سان ڏک جو اظهار ڪيو آهي. کاٻي ڌُر جي صحافين ۾ شمار ٿيندڙ صحافي شيخ عزيز پونيئرن ۾ بيواھ، ۲ پُٽ ۽ ۲ نياڻيون ڇڏيون آهن.

13 October, 2018

رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻي


رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻي
ڳالھيون ڪيئي ڪتاب واري رئيس جون
انور سولنگي
جرمن اسڪالر ڊاڪٽر اينميري شمل وصيت ڪئي هُئي ته؛ مون کي مرڻ کان پوءِ ماتلي ۾ دفن ڪيو وڃي. انهيءَ شهر ۾ شهزادي ۽ يتيم ٿي پلجندڙ ٻار کان “باباءِ ثقافت” جي لقب حاصل ڪرڻ تائين هو زندگي جون سموريون منزلون طئه ڪري پنهنجي يادگيرين جي مالها “ڪيئي ڪتاب” ۾ پوئي پهرين جنوري ۱۹۸۳ع ۾ هن دنيا ڏانهن روانو ٿي ويو، جتان اڄ تائين ڪو موٽيو ئي ڪونهي.

12 October, 2018

ڪريم بخش خالد - عبدالجبار عبد


ڪريم بخش خالد
ھڪ ناليرو عالم، اديب، محقق ۽ دانشور
عبدالجبار عبد
ڪريم بخش خالد، ۱۵ ڊسمبر ۱۹۲۸ع تي ضلعي شڪارپور جي شھر ڳڙھي ياسين ۾ ڄائو. سندس والد جو حاجي محمد عثمان ميمڻ ھو. جيڪو پڻ پنھنجي ھنڌ ھڪ چڱو سگھڙ ھو. ڪريم بخش خالد ابتدائي تعليم کان پوءِ، سن ۱۹۴۵ع ۾ سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪيو. ان کان علاوھ پاڻ ۱۹۴۵ع ۾ بمبئي مان انٽرميڊيٽ ڊرائينگ، ۱۹۵۲ع ۾ ڪراچي مان بي اي ۽ ۱۹۵۷ع ۾ پنجاب مان صحافت ۾ ڊپلومه جون ڊگريون حاصل ڪيون ھئائين. ساڳيءَ طرح ”سرڪاري ڪمن جي تشھير“ ۾ ڊپلومه (لنڊن ۱۹۶۹ع) جي سند پڻ حاصل ڪيائين. اطلاعات کاتي ۾ مختلف عھدن تي ڪم ڪندي، سنڌ اطلاعات کاتي ۾ ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات حڪومت سنڌ ڪراچي جي عھدي تي پھتو. جتان ”ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات حڪومت سنڌ ڪراچي“ جي عھدي تان رٽائر ڪرڻ کان پوءِ، ھو پوريءَ طرح علم و ادب جي خدمت ۾ مصروف رھيو.