; سنڌي شخصيتون: ڪريم بخش خالد - عبدالجبار عبد

12 October, 2018

ڪريم بخش خالد - عبدالجبار عبد


ڪريم بخش خالد
ھڪ ناليرو عالم، اديب، محقق ۽ دانشور
عبدالجبار عبد
ڪريم بخش خالد، ۱۵ ڊسمبر ۱۹۲۸ع تي ضلعي شڪارپور جي شھر ڳڙھي ياسين ۾ ڄائو. سندس والد جو حاجي محمد عثمان ميمڻ ھو. جيڪو پڻ پنھنجي ھنڌ ھڪ چڱو سگھڙ ھو. ڪريم بخش خالد ابتدائي تعليم کان پوءِ، سن ۱۹۴۵ع ۾ سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪيو. ان کان علاوھ پاڻ ۱۹۴۵ع ۾ بمبئي مان انٽرميڊيٽ ڊرائينگ، ۱۹۵۲ع ۾ ڪراچي مان بي اي ۽ ۱۹۵۷ع ۾ پنجاب مان صحافت ۾ ڊپلومه جون ڊگريون حاصل ڪيون ھئائين. ساڳيءَ طرح ”سرڪاري ڪمن جي تشھير“ ۾ ڊپلومه (لنڊن ۱۹۶۹ع) جي سند پڻ حاصل ڪيائين. اطلاعات کاتي ۾ مختلف عھدن تي ڪم ڪندي، سنڌ اطلاعات کاتي ۾ ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات حڪومت سنڌ ڪراچي جي عھدي تي پھتو. جتان ”ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات حڪومت سنڌ ڪراچي“ جي عھدي تان رٽائر ڪرڻ کان پوءِ، ھو پوريءَ طرح علم و ادب جي خدمت ۾ مصروف رھيو.


ڪريم بخش خالد جو شمار، ملڪ جي وڏن ليکڪن ۾ ٿيندو ھو. سندس لکڻين ۾ اسلام، پاڪستان ۽ قائد اعظم لاءِ عقيدت ۽ محبت نظر اچي ٿي. سندس علمي، ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي مضمون ۽ مقالا، سنڌي ٻوليءَ جي مڙني معياري رسالن ۾ ڇپجندا رھيا آھن. ڪريم بخش خالد مختلف قلمي نالن جھڙوڪ: حاجي بغلول سنڌي، جبرئيل ارضي، الھيار، سيف عثماني، غزالي فقير، محمود غزنوي، طالب الحق ۽ اجرڪ پوش وغيرھ جي نالن سان پڻ لکيو.
ڪريم بخش خالد سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر، سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي جو جوائنٽ سيڪيٽري، پي اي اين (P.E.N) ڪراچي جو ميمبر ۽ پاڪستان رائٽرس گلد جو پڻ ميمبر رھيو. سندس لکيل ڪتاب ”نظارو نينھن جو“ کي ۱۹۸۲ ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پاران ”پير حسام الدين راشدي گولڊ ميڊل“ ملي چڪو آھي.
ڪريم بخش خالد مرحوم پنھنجي سڄي ڄمار تصنيف تاليف ۾ گذاري. سندس ڇپيل ڪتابن جو وچور ھن طرح آھي:
(۱) شاھ عبداللطيف ڀٽائي (لطيفيات ۱۹۵۴ع) (۲) سنڌ ۾ تعليم ۽ امداد باھمي (سماجيات ۱۹۵۳ع) (۳) سنڌي صحافت (۱۹۵۵ع) (۴) خوشحاليءَ جو دور (عمرانيات ۱۹۵۵ع) (۵) خيرپور جو نئون دور (عمرانات ۱۹۵۹ع) (۶) بنيادي جمھوريتون، حيدرآباد ڊويزن ۾ - انگريزي (عمرانيات ۱۹۶۱ع) (۷) آثار لطيف (انگريزي ۱۹۶۷ع) (۸) سچل سر مست (انگريزي) (شخصيات ۱۹۷۱ع) (۹) قلندر شھباز (انگريزي ۱۹۷۱ع) (۱۰) سنڌ جو سالنامو (انگريزي) (عمرانيات ۱۹۷۱ع) (۱۱) عوامي دور (يارھن ڪتاب سنڌي ۾) (سماجيات ۱۹۷۲) (۱۲) ڳوٺاڻي ترقي (پنج ڪتاب- سنڌي) (سماجيات ۱۹۷۲-۷۳ع )(۱۳) نظارو نينھن جو (سنڌي) (سيرت حسين ۱۹۸۲ع) (۱۴) سچل سائين (شخصيات ۱۹۸۳ع) (۱۵) سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس ۱۹۳۸ع (اردو) ۱۹۸۳ع.
ساڳيءَ طرح ڪريم بخش خالد جيڪي ڪتاب ترتيب ڏنا ۽ مدون ڪيا، ان جي ڪجھ لسٽ ھن طرح آھي:
(۱) ون يونٽ خلاف جدوجھد )سنڌ يوٿ فرنٽ سان گڏجي)، انگريزي (۱۹۵۴ع) (۲) ماھنامو وادي مھراڻ، سنڌي (۱۹۵۶ع) (۳) اولھ پاڪستان جو سالنامو- انگريزي (تحقيق/ تنقيد ۱۹۵۶ع) (۴) اولھ پاڪستان جو سالنامو- انگريزي (تحقيق/ تنقيد ۱۹۶۰ع) (۵) اولھ پاڪستان جو سالنامو- انگريزي (تحقيق/ تنقيد ۱۹۶۱ع) (۶) ھاڪي سووينيئر- انگريزي (رانديون رونديون ۱۹۶۱ع) (۷) پوييٽ لاريٽ آف سنڌي (انگريزي) (لطيفيات ۱۹۶۱ع) (۸) گلستان لطيف- سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ ٽي جدا ڪتاب (۱۹۶۲ع) (۹) معرڪه سيپٽمبر (سنڌي رزميه ساعري ۱۹۶۵ع) (۱۰) آزاديءَ لاءِ جدوجھد جو تصويري آلبم (انگريزي ۱۹۷۰ع) (۱۱) سچل سر مست (سنڌي ۽ اردو ۾ ۱۹۷۰ع) (۱۲) پيام لطيف سنڌي، اردو ۽ انگريزي (الڳ الڳ ۱۹۷۱ع) (۱۳) دي پوئيٽ آف پيپل- انگريزي (لطيفيات ۱۹۷۲ع) (۱۴) نئون پاڪستان (سنڌي ۾ پنج ڪتاب ۱۹۷۲ع) (۱۵) لطيفي تحريڪ (سنڌي ۱۹۷۷ع) (۱۶) شاھ جو رسالو: سنڌ جي تاريخ جو ماخذ- سنڌي، اردو (الڳ الڳ) (لطيفيات ۱۹۸۰ع) (۱۷) لطيف نامو- سنڌي، اردو (الڳ الڳ) (لطيفيات ۱۹۸۰ع) (۱۸) شاھ عبداللطيف ڀٽائي: احوال ۽ افڪار، سنڌي ۽ اردو (الڳ الڳ) (لطيفيات ۱۹۸۱ع) (۱۹) سچل سرمست- سنڌي، اردو (شخصيات ۱۹۸۲ع) (۲۰) نذر لطيف (سنڌي ۽ اردو) (لطيفيات ۱۹۸۲ع).
انھن کان علاوھ ڪريم بخش خالد مرحوم جا ٻيا به ڪيترا ئي ڪتاب لکيل آھن. جن سڀني جو تعداد ۹۰ جي لڳ ڀڳ آھي. محترم ڪريم بخش خالد اردو ٻوليءَ جي ٻارن جي مشھور ليکڪا ثاقبه رحيم الدين جي ٻاراڻين ڪھاڻين جو ڳٽڪو ”جاڳو جاڳو“ جي عنوان سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ھو، جيڪو سن ۱۹۹۲ع ۾ ”اڪادمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد“ طرفان شايع ٿي چڪو آھي. اھو نھايت معياري ۽ عام فھم ترجمو آھي.
ڪريم بخش خالد مرحوم ڪيترن ئي رسالن سان پڻ لاڳاپيل رھيو، جھڙوڪ: پاڻ ماھوار ”پيغام“ سنڌي، ماھنامه ”پيغام“ اردو، ماھنامه ”اظھار“ اردو، ٽماھي ”خبرنامه زڪوٰة“  (اردو- سنڌي) ۾ ايڊيٽر، نگران يا سرپرست طور ڪم ڪيائين.
ڪريم بخش خالد مرحوم نھايت ئي اعليٰ پائي جو محقق ھو. خاص ڪري لطيفيات، شخصيات ۽ تحريڪ پاڪستان جي موضوعن تي ڳوڙھي ڄاڻ رکندو ھو. بي شمار ٽيليويزن پروگرامن ۾ تحريڪ پاڪستان ۽ ٻين موضوعن تي روشني وڌائين. سنڌي زبان جو ھي صدارتي ايوارڊ ماڻيندڙ ۽ گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ ڏات ڌڻي ۽ برک ڏاھو، ۱۷ مارچ ۲۰۰۳ع تي، ۷۴ ورھين جي ڄمار ۾، پنھنجي ڪراچيءَ واري گھر ۾ گذاري ويو. انا لله و انا اليہ راجعون. ڪريم بخش خالد مرحوم پنھنجي علمي، ادبي ۽ قومي خدمتن سبب سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ھميشہ زندھ رھندو.

(ماھوار السنڌ اسلام اباد، شمارو ۹۷، سال تيرھون، جولاءِ- آگسٽ ۲۰۰۳ع، ص ۵۸ کان ص ۶۹ تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا