; سنڌي شخصيتون: رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻي

13 October, 2018

رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻي


رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻي
ڳالھيون ڪيئي ڪتاب واري رئيس جون
انور سولنگي
Image result for ‫رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻي‬‎جرمن اسڪالر ڊاڪٽر اينميري شمل وصيت ڪئي هُئي ته؛ مون کي مرڻ کان پوءِ ماتلي ۾ دفن ڪيو وڃي. انهيءَ شهر ۾ شهزادي ۽ يتيم ٿي پلجندڙ ٻار کان “باباءِ ثقافت” جي لقب حاصل ڪرڻ تائين هو زندگي جون سموريون منزلون طئه ڪري پنهنجي يادگيرين جي مالها “ڪيئي ڪتاب” ۾ پوئي پهرين جنوري ۱۹۸۳ع ۾ هن دنيا ڏانهن روانو ٿي ويو، جتان اڄ تائين ڪو موٽيو ئي ڪونهي.


هو هڪ اداري جهڙو شخص هو، جنهن کي پاڻ رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻي جي نالي سان ڄاڻون ۽ سڃاڻون ٿا. دنيا جي قيد ۽ بند کان انڪاري هن آزاد روحَ پنهنجي تخليقي عمل جي اظهارَ خاطر پنهنجي اُٿڻ ويهڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ کائڻ پيئڻ مطلب ته زندگيءَ جي هر پهلوءَ کي عوامي ثقافت ۽ آرٽَ ۾ سموئي ڇڏيو. پاڻ پنهنجي مشاهداتي زندگي کي هڪ شاهڪار ڪتاب جي صورت ۾ پوئتي ڇڏيو. جنهن ۾ پنهنجا عيبَ ثواب اهڙي ته ديانتداري ۽ بيباڪيءَ سان لکيا اٿس جنهن جو ڪو به مِثال نٿو ملي. رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻي جي وچور وار ڪٿا کي پڙهڻ، سندس ساٿين ۽ پيار ڪرڻ وارن سان ڪچهريون ڪرڻ کان پوءِ تصوراتي طور ڏِسان ٿو ته سنڌ جي ثقافتي سرواڻ جي زندگيءَ جو ڪيڏو نه شاهڪار دؤر آهي. اِجهو هي ڏِسو بمبئي فلم انڊسٽريءَ جو “واڊيا” اِسٽوڊيو آهي، جنهن ۾ ماتليءَ جو هي ملوڪ نوجوان ڪُجهه گونگين فلمن ۾ ڪم ڪرڻ کان پوءِ اڄ هيرو جي روپ ۾ من موهيڻي هيروئن ڪوشليا سان گڏ مذهبي مت ڀيدَ کي مات ڏيڻ لاءِ هندو-مسلم يڪجهتي متعلق پهرين سنڌي فلم “ايڪتا” جي سيٽَ تي ڪيڏو نه خوبصورت پيو لڳي. رئيس ماتليءَ جو نه پر سڄي سنڌ جو ثقافتي ڪُمار هو. جيڪو حُسنَ ۾ نُور، عِشقَ ۾ سُرور، ۽ فن ۾ ظهُور ڏِسي، ساز ۽ آواز کي ساڻ ڪري، جُستجوءِ ڪائنات ۾ نِڪتو هو. کيس ڪيترا ئي مڪانَ مِليا جيڪي لامڪان ٿي ويا، ڪيترا ئي ڪنارا حاصل ٿيا ۽ بي ڪنار ٿي ويا پر سندس لوڪ رَسَ سان مُحبت، راڳ رنگ، ناچ ناٽڪ، ۽ رُوحَ رهاڻين ۾ ڪا به ڪمي نه آئي. پاڻ اُهو ئي ساڳيو هيڪلو هوڏِي، رُلڻو مِلڻو، دردمند دِل رکندڙ، باغِي مومِن، بيقرار يڪجائِي، آسِ نِراس جو عَجيب ميل ۽ شهزادو فَقِير رهيو.
رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻي اهڙِي گهڻَ رُخي شخصيت جو مالڪ هو. ساڻس مِلندڙ هر شخص چوندو هو ته هي مُنهنجو دوست آهي. ظاهري طور عام فقير کان وَٺي سنڌ جي پايي جي دانشور اديبن، فاضلن ۽ سياستدانن سان محفلون ۽ مجلسون جاري ۽ ساري رکيائين. ۱۹۸۰ع ۾ مهراڻ آرٽ ڪائونسل ۾ “ڪيئي ڪتاب” جي مهورتي تقريب جو هڪ يادگار پروگرام ترتيب ڏِنو هُئائين، جنهن جي صدارت پير حسام الدين راشديءَ ڪئي. مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب پنهنجي عالمانه تقرير ۾ ٻه يادگار جملا چيا جنهن ۾ “ڪيئي ڪتاب” لکندڙ قلم مون کي مِلي ته مان ان کي ضرور چُمان ها. رئيس جي ڪيل ڪم کي سنڀالڻ، سهيڙڻ ۽ ان مان پِرائڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي ۽ اسان کي هن ثقافت جي بابا کي ضرور ياد ڪرڻ کپي.




رئيس ڪريم بخش نظاماڻي
اورڻ اهو ئي ٿيو
شعبان وسطڙو
زندگي ۾ ڪي ڪي شخص پنهنجي محنتن ۽ ڪاوشن سان تاريخ ۾ تاريخي حيثيت مڃرائي ويندا آهن ۽ اهڙن سچن کرن ۽ کاهوڙي ماڻهن جو نانءُ تاريخ ۾ تاحيات پيو ڳائبو آهي، نه ته ڪي اهڙا ماڻهو به آهن، جيڪي ڏينهن رات جي وٺ وٺان کان پوءِ اها مڃتا نه ماڻي سگهندا آهن، جيڪو هڪ سچ کرو ۽ بي لوث ماڻهو حاصل ڪري ٿو، اهڙو هڪ ٻار جنهن جو جنم اميراڻي خاندان ۾ ٿئي ٿو پر هن جي سموري پرورش معاشري جي هر مڪتب فڪر واري ماحول ۾ ٿئي ٿي جتان هو پڙهي پرجي سکي لکجي هڪ اهڙي مقام تي اچي بيهي ٿو جتي هر ماڻهو کيس محبتي نظرن سان پنهنجي من ۾ سمائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، اهڙو ارڏو کاهوڙي سچو ۽ محنتي ماڻهو رئيس ڪريم بخش نظاماڻي هو.
رئيس ڪريم بخش نظاماڻي زميندار گهراڻي ۾ رئيس غلام احمد جي گهر ۾ ۱۹۱۰ع ۾ جم ورتو، رئيساڻي ٻار هئڻ جي ناتي هن بنيادي پرورش مدرسي ۾ پنهنجي چاچي جي هيٺ ورتي، جتي هند ۽ سنڌ جا ڪيترائي عالم ۽ علماءَ فيض حاصل ڪري وڏي منصب تي رسيا، وڌيڪ تعليم سنڌ مدرسه اسلام مان حاصل ڪيائين.
ڪريم بخش نظاماڻي ننڍي هوندي کان فنون لطيف سان واڳيل رهيو، علم، ادب، موسيقي، راڳ رنگ ڊراما، ٿيٽر، فلم، ملهه ملاکڙو شوق سينگار جوڳين سنياسين سان گڏ سفر ڪيا، جيڪي سندس زندگي جو حصو رهيا آهن. سچ چوڻ ۽ لکڻ ٻئي اڻانگا عمل آهن، ڇوته سچ چوڻ سان منصور سقراط، تبريز، مخدوم بلاول ۽ شاهه عنايت شهيد کي جيڪو ڀوڳڻو پيو، اهو اوهان جي سامهون آهي ۽ اهڙو سچ اسان جي سائين ڪريم بخش نظاماڻي ڳائي وڄائي ڪري ڏيکاريو ته لکي به ڏيکاريو، جيڪا هڪ ثابتي ڪيئي ڪتابن جي نانءُ سان اسان وٽ موجود آهي ۽ انهي سچ جي بدلي کيس جيڪي تڪليفون برداشت ڪرڻيون پيون،ا هي به اسان کان لڪل ناهن، سندس سمورا حروف، حق ۽ سچ جي گواهي ڏين ٿا ۽ انهن سمورن لفظن کي پاڻ ڪيئي ڪتاب جهڙي وزنائتي آتم ڪٿا ۾ لکي پڙهندڙن جي آڏو رکي آهي ته، اها اٿو منهنجي حق ۽ سچ جي ڪهاڻي، سندس اهو پورهيو عام فهم ۽ سادي سلوڻي ٻولي سان سندس وسيع مشاهدي جي ثابتي ڏي ٿو ته سندس ڪيل سمورو وسيع مشاهدو هن ڪيئن نه پنهنجي قلم ذريعي ٻولي ۾ سمويو آهي، جيڪا ٻولي فهم ۽فراست واري آهي ۽ هر ماڻهو جي سمجهه ۾ ايندڙ، جنهن کي عوامي ٻولي سڏي سگهجي ٿو.
آئون جڏهن پهريون ڀيرو ساڻس هڪ ادبي گڏجاڻي ۾ پاڪستان نيشنل سينٽر ۾ مليو هيس، جيڪو تلڪ چاڙهي تي موجود هو، تنهن سمي هن جي ديومالائي شخصيت ڏسي دنگ رهجي ويو هيس، ململ جو پهراڻ ۽ سفيد شلوار سندس ڳوري ۽ پروقار جسم تي ڏاڍي پئي سونهين، هن پهرين ملاقات ۾ مون کي پنهنجو مريد ڪري ڇڏيو، جنهن سندس عشق ۾ قابو ڪري ڇڏيو ۽ ماتلي ۾ ماءِ نيسٽ تي ملاقات ٿي، جتي پاڻ بي پناهه عزتون ۽ محبتون ڏنائين.
سائين سان جڏهن ويجهڙائپ ٿي سندس گهڻ رخي شخصيت منهنجي سامهون اچي وئي ۽ سچ به ته مون کي رشڪ اچڻ لڳو، اهڙي مهان ماڻهو تي ته هن پنهنجي زندگي کي ڪئين نه مختلف رخن ۾ آڻيو آهي ۽ ڪيئن پنهنجي زندگي گذاري آهي، جنهن ۾ هن هر عمل نهايت خوشي سان نڀايو آهي ۽ ڪڏهن به عار محسوس نه ڪيو، هڪ وقت اديب به آهي ته ڏاهو به آهي، موسيقي ۽ راڳ سان ايتري چاهت ۽ راڳ جي ڄاڻ جو چڱن ڀلن فنڪارن کي سندس سامهون ڳائيندي ڏکيائي محسوس ٿيندي هئي، پاڻ ڳائيندو به هو ۽ مختلف ساز به وڄائيندو هو، پر ڊفلي به ڏاڍي سٺي وڄائيندو هو، رئيس صاحب ايڪتا نالي سان سنڌي ۾ پهرين فلم ٺاهي، جهڙو سنڌي ماڻهن ۾ هڪ اتساهه پيدا ڪيو ۽ ٿيٽر  ۽ فلم ۾ سنڌي ماڻهو به دلچسپي وٺڻ لڳا. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جهڙو خوددار شخص مون گهٽ ڏٺو، جيڪا ڳالهه ڪندو هو تنهن کي سنڌ جي ثقافت سمجهي پورو ڪندو هو، منهنجون ساڻس گهڻيون ملاقاتون ته نه هيون پر جيڪي به ڪچهريون ٿيون انهن ۾ آئون کانئس ڏاڍو متاثر ٿيس خاص طرح هن جي مهمان نوازي کان، ائين نه ته آيلن لاءِ ست طعام تيار ڪرائي کين کارائي، پر جيڪو ڪجهه به کارائيندو هو، انهي ۾ سندس اهو خلوص ۽ محبت شامل هوندو هو جيڪو ڪڏهن به وساري نه وسارجي.
رئيس صاحب جو حافظو به نهايت ئي بهترين هو، جنهن ماڻهو سان سندس پهرين ملاقات ٿي، ٻئي دفعي ڀلي سالن کانپوءِ ٿئي کيس نالو وٺي سڏيندو هو. هن جهڙو کل مک طبيعت رکندڙ ماڻهو جو به مثال ناهي هميشه خوش گوار لمحن کي خوشي سان گذاريندو هو، ڪڏهن ڪو ڪنهن تي غصو ڪيائين به ته ائين ڀائنبو هيو ته انهي ۾ جهڙي سندس محبت ڇلڪندي نظر ايندي هجي ائين جيئن سندس شوقن جو سنڌو ئي نه هيو. منهنجي نظر ۾ انسان جي اها خوشقسمتي آهي ته هو پنهنجو سڄو جيون پنهنجي مرضي سان گذاري، جنهن ۾ ڪنهن به ٻئي ماڻهو جو عمل دخل نه هجي، سندس زندگي آزاد ۽ پاڻمرادو هجي ۽ نيڪ تجربن سان ٽمٽار هجي، ڏک ۽ سک، تخليق ۽ سهپ جو عمل سانڍيل ۽ سلهاڙيل هجي، واهڻ، وستي ۽ ڳوٺ جي سفر کان وٺي وڏن شهرن ۽ ملڪن جا سفر طئي ڪيل هجن ته اتي زندگي جي آپ بيتي ڪيئي ڪتاب جي نانءَ سان روپ ڪيئن نه وٺندي.
ادب، ڪلا، ساهت ۽ ثقافت سان واڳيل هر ماڻهو، من جو ڏاڍو حساس ٿئي ٿو، تڏهن ته ڪا ٿوري جهڻڪ به زندگي ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيندي آهي، جيئن رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جي پيءُ جي طعني سندس ڪايا ئي مٽائي ڇڏي ۽ سندس زندگي خودداري جو هڪ روپ ڌاري اڳيان وڌي ته ڪنهن کان به ڪجهه گهرڻو ناهي جيڪي ڪجهه ڪرڻو آهي پنهنجي همت ۽ محنت سان ڪرڻو آهي پوءِ الله تعاليٰ رئيس کي اها سگهه عطا ڪئي جنهن سندس رئيساڻي حيثيت کي برقرار کيو. ڪڏهن ڪڏهن زندگي ۾ انسان جون ڪي حسرتون رهجي وينديون آهن ته يار مان هي ڪم نه ڪري سگهيس، پر رئيس ڪريم بخش نظاماڻي اهو شخص هو، جنهن کي ڪڏهن به ڪو ملال نه رهيو ته يار جيون جي ڏاڪڻين تي چڙهندي مون کان هي ڏاڪو رهجي ويو ته نه، ڪڏهن به نه، پر هن ته زندگي مان وري وري لطف ۽ مزا ماڻيا، هو ڪڏهن به ڪٿي ٿڪي ٿڪ ڀڃڻ لاءِ به پريشان نه ٿيو، پر انهي آسري تي زندگي گذاري ته زهر کي به زم زم ڪري پي ڏٺوسين....! زندگي جو هر شوق ۽ شڪار هن اسان جي سنڌ جي ڪلاسيڪل رئيس کان گٿو نه هوندو. جي ڪو ماڻهو حجت ڪري رئيس کان پڇي ته رئيس جواني ۾ حسن پرست رهيو؟ ته رئيس جو ٺپ اهو جواب ته جواني ڇا آئون ته اڄ سوڌو حسن کي پوڄنيدو پيو اچان انهي شعر جيان ته:
زندگي تي ناهي ڪوئي ڀروسو،
حسن کي پوڄي وٺو پوڄي وٺو.
اهو سندس سچائي جو ڪمال آهي، پاڻ پنهنجي زندگي ۾ آيل واقعا اهڙي ته سچائي سان بيان ڪيا اٿئين ماڻهو حيران ۽ دنگ رهجي وڃي ٿو ته مار اهڙا سچا انسان جيڪي حق ۽ سچ چوندي پنهنجو پاڻ کي به نه ٿا بخشين، بلڪل استاد بخاري جي انهن سٽن جيان ته:
اسان جو عشق ڪيو هو، اهو نٿو وسري،
مچن ۾ شوق نچيو هو، اهو نٿو وسري،
بلا تي پير نه پيو هو، جو ڇال ڏئي بچجي،
کنوڻ کي ٻانهن ٻکيو هو، اهو نٿو وسري.
سائين ڪريم بخش نظاماڻي جي سخي دل هن جي ڳالهه ته آئون مٿي ڪري آيو آهيان پر وري به ٿوري وضاحت سان اهو ضرور چوندس ته سنڌ ۾ جيڪي سخي مرد مومن سڏجن ٿا، نظاماڻي صاحب انهن کان مٿانهون هو ڪنهن جي مدد ڪندي واعظ نه ڪندو هو پر اهڙي نموني غريبن مسڪينن ۽ يتيمن جي پرگهور لهندو هو ته جيئن اهي پنهنجي غربت تي اهو محسوس نه ڪن ته اسان گهرجائو ٿي ڪنهن کان مدد وٺون پر هو به سندس مدد ڪرڻ مهل کين محسوس ئي نه ڪرڻ ڏيندو هو، هو دوست بنجي سندن مدد ڪندو هو ۽ اهڙي انهن تڪليف ۽ ڏکن ۾ ڪڙهندڙ ماڻهن کي احساس ئي نه ٿيندو هو، اها رئيس جي جادوگري هئي يا سندس زندگي جو تجربو. محبتي ماڻهن جي کوٽ ناهي پر مون رئيس جهڙو محبت ۾ به سخي ماڻهو گهٽ ڏٺو، سنڌ جو ڪهڙو پير، مير، وڏيرو، نواب علم ۽ ادب جو ذوق رکندڙ ۽ ائين چئجي ته هر مڪتب فڪر وارو شخص جيڪو رئيس جو مهمان نه ٿيو هجي ۽ هن آيل هر مهمان جي اندر جي اٿاهه گهرائين سان آجيان نه ڪئي هجي. رئيس ڪريم بخش کي مون وضعداري ۾ به ڪلاس جو وضعدار ماڻهو ڏٺو پر جڏهن پنهنجي رنگ ۾ ايندو هو ته چڱن ڀلن جا پٽڪا ڌوڙ ڪري ڇڏيندو هو، تڏهن ته چڱو ڀلو ماڻهو به ساڻس ڳالهائڻ ۾ لفظن کي تڪي توري استعمال ڪندو هو، هو هرو ڀرو ڪنهن جي دل آزاري نه ڪندو هو پر اهو ته دل بهلائڻ وارو شخص هو، جيڪو سنگت کي ساڻ کڻي پيو سنڌ جي واهڻ وستين جا دورا ڪندو هو.
رئس ڪريم بخش جهڙا ماڻهو، هڪ سچي ۽ حقيقي تاريخ آهن، جن جا باب حق ۽ سچ سان ڀريل آهن، هن سنڌ ۽ سنڌ واسين سان حقيقي ۽ سچو عشق ڪيو، هن پنهنجو پاڻ سان به عشق ڪيو، هن پنهنجي پورهئي سان به عشق ڪيو ۽ هن کي هر جاءِ ۽ هر هنڌان موٽ ۾ عشق مليو ته هو عشق مان سرهو نظر ايندو هو ۽ هن ڪڏهن به اهو نه چيو ته عشق هاڻي ڪجي ته ڪنهن سان.....؟ نه هن ته هر ڪنهن سان ڳائي وڄائي عشق ڪيو ۽ ويندي ويندي ۳۱ ڊسمبر جو رات عشق سان ڀرپور اهي لفظ آلاپيا هئائين ته پاڻ، جي اڄوڪي رات بچي وياسين ۽ نئون سال ڏٺوسين ته پوءِ ائين عشق اوتبا ۽ ورهائبا ۽ عشق وارن سان جيئبو ۽ پوءِ محبتن جا سفر ڪجهه سال ڪڍي وڃبا.
پر ههڙي سنڌ جي سچي عاشق، جيئدار ماڻهو کي موت مهلت نه ڏني ۽ سندس لفظن ۾ ته جي اڄوڪي رات بچي وياسين ته پر پاڻ ته نه بچيو پر بچي سندس محبت ۽ سچائي جيڪا اڄ ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪري پئي ڇوته هن ڪنهن سان ڪڏهن به ٻاڙو نه ٻُوليو هو تڏهن مون کي ائين محسوس ٿئي ٿو ته رئيس جو سمورو زندگي جو عرصو هر عبادت جي قضا ٿيندي آهي پر ڪنهن جي دل ٽوڙڻ جي قضا ناهي ٿيندي، بر ٽرينڊرسل جي انهن لفظن جيان ته زندگي کانسواءِ ٻي ڪابه دولت ناهي ڇوته ان ۾ محبت، خوشي ۽ تعريفن جون بيشمار قوتون موجود آهن.
رئيس پنهنجي ڄمار پنهنجن ماڻهن ۽ فن کي بخشي ڇڏي هن ڪڏهن به پنهنجو پاڻ کي ماڻهن کان جدا نه ڪيو هميشه مجمعن ۾ ڪچهريون ڪندي نچندي ڪڏندي هنن جا ۽ پنهنجا ڏک سور هڪٻئي سان ونڊيندي گذاريو. بلڪل شاهه جي انهن سٽن جيان ته:
حبيبن هيڪار، منجهان مهر سڏ ڪيو،
سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اهو ئي ٿيو.

No comments:

راءِ ڏيندا