; سنڌي شخصيتون: September 2012

28 September, 2012

فقير حسين بخش خادم - حاڪم علي جسڪاڻي

فقير حسين بخش خادم
حاڪم علي جسڪاڻي/نوشهرو فيروز
سنڌ سونهاري فن سان ڀري پئي آهي. حسين بخش خادم به فن جي دنيا ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايو.
حسين بخش ۱۵ جنوري ۱۹۳۰ع تي ڳوٺ آراضي، تعلقي سيوهڻ ۽ ان وقت جي ضلعي دادو ۾ پير بخش ڀنگر جي گھر ۾ جنم ورتو. ان وقت اهو ڪنهن نه ٿي ڄاتو ته؛ حسين بخش اڳتي هلي سنڌ جو هڪ وڏو فنڪار ٿيندو.

جميل سهتو - خالد ٻانڀڻ


جميل سهتو
هڪڙو هو ڀائي جان
خالد ٻانڀڻ
”ڀائي جان ڪٿي آهيو؟ اچو ته گڏجي ماني کائون؟“
”ڀائي جان ڪٿي آهيو؟ پريس ڪانفرنس ڪرڻي آهي؟“
”ڇو ڀلا ڀائي جان وساري ڇڏيو اٿئو؟ صفا رابطو ئي نٿا ڪيو؟“
”ڀائي جان سوچيان ٿو؛ مان به صحافت ڪيان! سياست مان دل ڀرجي وئي آهي!“
ها اهي جملا اسان سڀني جي پياري دوست جميل سهتو جا هوندا هئا. جڏهن سکر ۾ هيو ته هميشه متحرڪ، سياسي اڳواڻ وارو ڪردار ادا ڪندو رهيو. جميل سهتو نه رڳو منهنجو سٺو دوست ۽ ڀائري واري حساب ۾ رکندڙ ڀاءُ هيو پر سکر جي صحافين سان هونئن ته هن جي سڀني سان سٺي رهائي رسائي هوندي هئي. جڏهن پنهنجي اسٽيشن روڊ واري گهر تي ڪا به پريس ڪانفرنس ڪندو هيو ته اُها پر هجوم پريس ڪانفرنس هوندي هئي. پر خاص ڪري ان وقت سکر ۾ صحافت ڪندڙ اسان جي پياري دوست امداد سومرو ۽ منهنجي ڀائرن جهڙي دوست صحافي ۽ هن وقت سنڌ ٽي وي ۾ بيورو چيف طور ڪم ڪندڙ شوڪت نوناري سان جميل سهتو جا دوستي وارا ٻٽا ڀاڪر هئا.

سرفراز راڄڙ - امير بخش بڙدي


سرفراز راڄڙ
هڪ موتي داڻو آ
امير بخش بڙدي
Image result for ‫سرفراز راڄڙ‬‎هن ڪٺور دل معاشري ۾ ڪي انسان اهڙا به ٿين ٿا جيڪي پنهنجي ذات ۽ عوام لاءِ ادارا/ اڪيڊمي ٿين ٿا. سندن وجود تاريخ جو هڪ اڻمٽ باب بڻجي ٿو. اهڙو موتي داڻو ماڻڪ ماڻهو سرفراز راڄڙ به آهي، جيڪو سرسبز شاداب ۽ انقلابي سرزمين ضلعي سانگهڙ جي کپري تعلقي ۾ سنڌ جي صوفي شاعر منٺار فقير رحه جي گهراڻي حاجي نور محمد راڄڙ جي گهر کاڻي راڄڙ ۱۹۵۲-۰۳-۰۱ تي صبح جي ماڪ ڦڙي وقت سج جي ڪرڻن وانگي جنم وٺي نروار ٿيو.

27 September, 2012

پروفيسر ڌڻي بخش چانڊيو - وقار مٺل جسڪاڻي


پروفيسر ڌڻي بخش چانڊيو
هڪ جاکوڙي ڪردار
وقار مٺل جسڪاڻي
پروفيسر ڌڻي بخش ولد رسول بخش چانڊيو سندس بابت جيئن پاڻ ٻڌايو، پڙهندڙن جي خدمت ۾ عرض آهي.
ڄم: ڳوٺ علڻ شاهه، تعلقه ڪنڊيارو، تاريخ ۰۶. ۰۲. ۱۹۳۷.
قرآني تعليم: ڳوٺ هوت خان جلباڻي، لڳ لاکا روڊ.
پرائمري اسڪول: ۴ درجا، ڳوٺ علڻ شاهه، تعلقه ڪنڊيارو.
سيڪنڊري تعليم: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ڪنڊيارو.

23 September, 2012

خان صاحب منظور علي - ڪمال ڄامڙو

خان صاحب منظور علي
ڪمال ڄامڙو
خان صاحب منظور علي خان جيتري سنڌ موسيقي جي خدمت ڪئي اوتري شايد ئي ٻئي ڪنهن ڪئي هجي. هن کي اهو اعزاز به حاصل آهي ته وڌ ۾ وڌ سريلا راڳي خان صاحب ئي ٺاهيا. هن جي شاگردن نه رڳو سنڌ ۾ پر سنڌ کان ٻاهر به پنهنجو نالو ڪڍيو ۽پاڻ کي امر بڻائي ڇڏيو. استاد جي اهڙن شاگردن منجهان استاد گلزار علي خان به هڪ هو. هن راڳ جي تمام گهڻي خدمت ڪئي. هن جو اصل نالو گلاب هو. سندس مرشد مهدي شاهه مٿس گلزار علي نالو رکيو. ان وقت گلزار علي جي عمر ڏهه سال هئي. گلزار علي خان، محمد مراد خان دائي جي گهر ۾ 1934ع ڌاري ضلعي نوشهري فيروز جي شهر خانواهڻ ڀرسان ڳوٺ دهات ۾ ڄائو. هن پرائمري تعليم دهات مان پرائي.

22 September, 2012

نياز محمد جتوئي - ناصر بلوچ


نياز محمد جتوئي
قابل استاد، عالم، اديب ۽ شاعر
ناصر بلوچ
سائين نياز محمد جتوئي ۱۹۴۳ع ۾ ڳوٺ دريا خان جتوئي لڳ تلهار ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم تلهار، ميٽرڪ ۱۹۶۱ع ۾ هاءِ اسڪول سعيد پور مان پاس ڪري، تعليم کاتي ۾ ٽيچر طور ملازمت اختيار ڪيائين. هو نهايت ذهين، حاضر دماغ هو ۽ سدائين امتحانن ۾ پوزيشن حاصل ڪندو هو. نوڪري دوران هن پڙهائي جاري رکي ۽ ۱۹۶۷ع ۾ ايم اي پاس ڪئي. ٽيچر طور ملازمت ڪندڙ هي باشعور استاد ۲۰۰۳ع ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جي عهدي تان ۲۰۰۳ع ۾ رٽائر ٿيو.

طالب حسين مغل


طالب حسين مغل
ٽيلينٽيڊ براڊڪاسٽر
انسان اگر ڪوشش ڪري ته قسمت به انسان جو ساٿ ڏيندي آهي، قسمت ماڻهو کي اهو ڪجهه به ڏئي ڇڏيندي آهي جنهن جو انسان ڪڏهن سوچي به نه سگهندو آهي. طالب حسين مغل به اهڙن ئي خوش قسمت ماڻهن ۾ شمار ٿئي ٿو. جن تي قسمت اگر مهربان ٿئي ته اهڙو ڪم انهن جي ڪريڊٽ تي ڏئي ڇڏيندي آهي جو ڪير انهيءَ ڳالهه يا ڪريڊٽ کان انڪار نٿو ڪري سگهي.

ملوڪ لنڊ - عبدالجبار جوش


ملوڪ لنڊ
افاديت ماڻھپي کي آھي
عبدالجبار جوش
فن کان به وڌيڪ اوليت، اهميت ۽ افاديت ماڻهپي کي حاصل آهي. تڏهن ته ڪنهن ڏاهي چئي ڏنو هو؛ ”انسانيت تمام وڏو خزانو آهي.“ ان کي لباس ۾ نه پر انسان ۾ تلاش ڪيو. اها حقيقت آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو سٺي پوشاڪ وارو يا پنهنجي مڇي ماني وارو ٿي پيو ته ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي وڏي ڳالهه ته اها آهي جيئن نثار بزمي جي هيءَ سُهڻي سٽ آهي:
گذار  هيٺ کان ٿي هيٺ تون زماني ۾
يا لاکيڻي لطيف رح جي هن خوبصورت سٽ وانگر:
ڍول تنين جي گس هيٺاهيون هلن جي

جيا جادواڻي - پروفيسر نامديو تارا چنداڻي


جيا جادواڻي
سندس ادبي سفر- ھند مھا ساگر کان سنڌو نديءَ طرف
پروفيسر نامديو تارا چنداڻي
مان هنديءَ جو اڌياپڪ استاد رهيو آهيان. هندي پروفيسرن جي ٽن هفتن جي هڪ ڪورس هلندي، جوڌپور ۾ پروفيسر ويندر ڪاتياين دوست ٿي ويو. هڪ ڏينهن بزار ۾ اڍائي سئو روپيا خرچ ڪري ”تَتِوَمَسِي“ ناول خريد ڪري مون کي ڏيکاريائين؛ ”توهان هن کي سڃاڻو ٿا؟“ هن جو اشارو ناول جي ليکڪا طرف هو. لکيل هو؛ جيا جادواڻي. مون هٻڪندي چيو: ”نه! سڃاڻانس ته نٿو!“ هن مون تي چڙهت ڪندي چيو؛ ”ڏاڍو سٺو لکي ٿي، سنڌي آهي.“ هن ڪالر مٿي کڻندي چيو. مان ڄڻ مات ٿي ويس. دل ۾ چيم؛ ٻچو، مون کي گهر پهچڻ ڏي. مون وٽ سرچ انجڻ آهي، جيا کي ڳولهڻ ڏکيو نه هوندو.

آزاد جتوئي - رکيل مورائي


آزاد جتوئي
ٻاجهاريون اکيون رکندڙ شخصيت
رکيل مورائي
حسين دوست، صحافي، ڪهاڻيڪار ۽ سماج سڌارڪ آزاد جتوئي ٽي سال اڳ، اسان کان جدا ٿيو هو. پر هيءُ اکر لکندي ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته هن جون بيحد ٻاجهاريون اکيون اسان سڀني کي ڏسي رهيون آهن ۽ انهن ۾ اهو ئي پيار اها ئي پنهنجائپ موجود آهي. ان جي باوجود به ڪجهه کٽل کٽل محسوس ٿئي ٿو. هڪ بيحد همدرد، وطن دوست ۽ دلي دوست جي ڪمي جيڪا شايد رهجي ويل سوالن وانگر سدائين انهن شخصن ۽ ادارن وٽ رهي، جن سان هو زندگيءَ جي الڳ وقتن تي جڙيل رهيو. خاص طور پنهنجي ونيءَ ۽ اولاد جي ته هو اکين ۽ دلين مان ڪڏهن به نڪرڻ وارو نه آهي ۽ جيڪڏهن ماضيءَ ۾ وڃجي ته محرابپور ڳوٺ جون اهي ڪچيون گهٽيون جن ۾ گهمي هو وڏو ٿيو ۽ جتان ئي سندس پيرن پنهنجو سفر شروع ڪيو هو. اهي کيس سدائين ياد ڪنديون رهنديون.

روپلو ڪولهي - انجنيئر پرديپ ڪالاڻي

روپلو ڪولهي
اسانجو هيرو
انجنيئر پرديپ ڪالاڻي
خبر نه آهي ته سنڌ کي ڪنهن جي بددعا لڳي آهي يا سنڌي قوم ڪنهن جنم ۾ ڪهڙا گناهه ڪيا هئا، جو پنج هزار سال پراڻي موهن جو دڙو جهڙي ثقافت رکندڙ قوم جنهن مان ڦيٿو مليو ۽ انهي ڦيٿي تي اڄ سڄي دنيا جا سفر طئه ٿين ٿا، جنهن مان چرخو مليو ۽ انهي چرخي (گراڙي) تي اڄ سڄي دنيا جا ڪارخانا هلن ٿا، سڄي دنيا ۾ اهو چيو وڃي ٿو ته جنهن گهر جو ڪچن ۽ باٿ روم صاف نه آهي ته هو گهر مهذب نه آهي، اهي باٿ روم ۽ ڪچن موهن جي دڙي مان مليا. پر اڄ افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پنج هزار سال پراڻي ثقافت جا وارث جنهن وقت دنيا جا ماڻهون جهنگلن ۾ اگهاڙا رهندا هئا ۽ ڪچو گوشت کائيندا هئا، اڄ اها غلام آهي ۽ اُنهي سنڌي قوم لاءِ عطا محمد ڀنڀري جي لفظن مطابق ته ”منهنجي قوم ۽ منهنجا هٿ غلامي جي زنجيرن سان جڪڙيل آهن، تنهنڪري آئون هي ٻيو دفعو تمغه امتياز ايوارڊ نه وٺندس“ اڄ ڇو اهڙي شاهوڪار ثقافت جا مالڪ غلامن واري زندگي گذاري رهيا آهن؟ شايد اسان پنهنجا لڇڻ خراب ڪندي، پنهنجي شاهوڪار ثقافت جا هيرا شهيد روپلي ڪولهي جهڙا بهادر انسان وساري ڇڏيا آهن. 

19 September, 2012

محمد قاسم پنهور - گل حسن جانوري


محمد قاسم پنهور
ڳالهه ٻولهه: گل حسن جانوري
ڦلجي اسٽيشن جو ناميارو فنڪار محمد قاسم پنهور جنهن جو قلمي نالو شاداب پنهور آهي، پيشي جي حساب سان ڊاڪٽر آهي. سندس والد به ڊاڪٽر هو ۽ پاڻ به ڦلجي جي مين روڊ تي حڪمت جو ڌنڌو ڪندو آهي. هن وڏي عرصي کان سنڌي ڊرامن ۾ فن جو مظاهرو ڪري، ڪيئي مڃتا ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا آهن.

محمود مغل - عائشه جمالي

محمود مغل
خوابن کي حقيقت ۾ بدلائيندڙ
 ڳالهه ٻولهه: عائشه جمالي
محمود مغل جي شخصيت هر دلعزيز آهي. هن سدائين پيار ڪرڻ سکيو آهي. نفرت جو نالو سندس ڊڪشنري ۾ ناهي. هو خوابن تي گهٽ ۽ حقيقت تي وڌيڪ يقين رکندو آهي. منجهس خوابن کي حقيقت ۾ بدلائڻ جي صلاحيت آهي. سندس تعلق سيوهڻ شهر سان آهي. پاڻ ميان نور محمد مغل جي گهر ۲۷ نومبر ۱۹۶۱ع ۾ پيدا ٿيو. محمود مغل ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ڊرامه نويس، ڪالم نگار، ريڊيو ۽ ٽي وي جو بهترين ڪمپيئر آهي.

16 September, 2012

نسيم احمد کرل - عمر قاضي

نسيم احمد کرل
سنڌي ادب جو ’ڪرنٽ‘ ليکڪ
عمر قاضي
جهڙي طرح روسي ادب جو روشن ستارو پشڪن هڪ ذاتي جهيڙي سبب گولي کائي ان ادب کي فل اسٽاپ ڏئي ويو، جيڪو صرف پشڪن ئي تخليق ٿي ڪري سگهيو، تهڙي طرح سنڌي ادب جو اهو انداز به هڪ قبيلائي جهيڙي جو کاڄ ٿي نسيم کرل سان گڏ ختم ٿي ويو، جيڪو انداز فقط ۽ فقط نسيم کرل ئي اپنائي سگهندو هو.
مون اڪثر ان ڳالهه تي سوچيو آهي ته عظيم ادب ڇا آهي؟ ڇا اهو عظيم موضوع سبب پيدا ٿيندو آهي يا ان جو سبب اهو اسلوب آهي، جيڪو عام شيءَ کي به خاص ڪري ڇڏيندو آهي.

نسيم احمد کرل - رپڙائي ممتاز ملاح


نسيم احمد کرل
سنڌ جو برک ڪھاڻيڪار
رپڙائي ممتاز ملاح
سنڌ سونهاريءَ جي ڪک مان ڪيترن ئي بزرگن، ولين،  عالمن، مفڪرن، ڏاھن، اڪابرن، مجاھدن، شاعرن، ڪھاڻيڪان ۽ ٻين ھستين جنم ورتو آھي، انهن منجھان سنڌ جو ناليوار ڪھاڻيڪار نسيم احمد کرل به ھڪ آھي، نسيم احمد کرل سنڌو درياءَ جي ڀر، ڪامن، سنگرن، ٻيرن ۽ پيروئن جي ڳوٺ عبدالڪريم کرل ۾ حاجي عبدالڪريم کرل جي گھر ۾ ۲۹ جون ۱۹۳۹ع ۾ جنم ورتو، نسيم احمد کرل ھڪ ارڏو ۽ برک ڪھاڻيڪار ھو.

عاصم آخوند - محمد ابراهيم جويو


عاصم آخوند
سنڌ جو ڪامياب ۽ اصل هيرو
محمد ابراهيم جويو
هڪ ڏينهَن جو آزادُ جيئڻُ، سڄِيءَ عمر جي غلامُ جيئڻَ کان بهتر آهي، ڇو ته آزاديءَ جو جيئڻُ سجايو ۽ سَڦلُ ۽ غلاميءَ جو جيئڻُ اجايو ۽ بي ثَمُر هجي ٿو. آئون پنهنجي سڀَ پَرئين سُپاهتي دوست عاصم آخوند جي ۳۳ سالن جي ننڍيءَ وهيءَ کي، سندن نِبار اُمنگن ۽ سُرتوان ارادن ۽ ڪمن کي ياد ڪندي، حياتِ انسانيءَ جِي گذاريِلَ هڪ مثالي وَهيِ سمجهان ٿو.

ميهر فقير - خليل عارف سومرو


ميهر فقير
خليل عارف سومرو
اڄ اکڙين ۾ پاڻي ۽ قلم جي نوڪ تي لفظ آهن، ان فقير صفت انسان لاءِ جيڪو هيو ته سردار گهراڻي مان پر مجاز کان حقيقت ڏانهن عشق جو سفر ڪندي لوڪ پسند شاعر ٿي پيو هو.
محمد حسن لنڊ عرف ”ميهر فقير“ جو جنم ۱۲ ڊسمبر ۱۹۴۲ع ۾ ڳوٺ ميوو خان لنڊ ۾ پنهنجي والد سانوڻ لنڊ جي گهر ۾ ٿيو. سندن پاڙو گهنوراڻي آهي. ميهر فقير جا وڏڙا ڪاڇي جي مشهور شهر نوشهري تعلقه جوهي جا آهن.

14 September, 2012

سائين محمد عثمان کٽي - عبدالرحمان اوٺو


سائين محمد عثمان کٽي
ڏيپلو جو ماهر تعليم
عبدالرحمان اوٺو
ماهر تعليم محمد عثمان کٽي ۱۵ جون ۱۹۲۷ع ۾ ڏيپلو شهر ۾ پيدا ٿيو. خانداني پيشو، ڪپڙن جي رڱاوت ۽ ڌلائي هئن.

13 September, 2012

شاهه محمد لاشاري - ناصر بلوچ


شاهه محمد لاشاري
هوشيار استاد ۽ بهترين منتظم
ناصر بلوچ
سائين شاهه محمد ولد الهه بچايو لاشاري، اپريل 1942ع ڳوٺ علي نواز بوزدار تعلقي ماتلي ۾ جنم ورتو. هن کي پرائمري تعليم لاءِ تڪليفون برداشت ڪرڻيون پيون. سال 1948ع ۾ کيس پرائمري تعليم لاءِ ڳوٺ ٺارو ڪوٽ اسڪول وڃڻو پيو، جيڪو سندس ڳوٺ کان ٻه ڪلوميٽر پري هو. اهڙي طرح هن ننڍڙي ٻار کي روزانو پرائمري تعليم لاءِ چار ڪلو ميٽر پنڌ ڪرڻو پوندو هو. انهي وقت اسڪولن ۾ پڙهائي صبح و شام ٿيندي هئي. هر ڪو شاگرد ٻنپهرن جي ماني گهران کڻي ايندو هو، جا ٻنپهرن جو هڪ ڪلاڪ جي وقفي ۾ کائڻي پوندي هئي، جيڪو ماني ۽ نماز لاءِ ڪيو ويندو هو. انهيءَ ڳوٺ جو وڏيرو سڀني شاگردن لاءِ جهڻ (لسي) پنهنجي طرفان مهيا ڪندو هو. شام جو موڪل کان اڳ، هڪ ڪلاڪ سڀني شاگردن کي استادن جي نگراني ۾ راند ڪرڻي پوندي هئي، جنهن ۾ دريون، ونجهه وٽي، ريس، ڦر ڦر سونٽو وغيره شامل هيون. شام پنجين وڳي بعد، ٻارن کي موڪل ملندي هئي ۽ سج لٿي تائين ٻارن کي پنهنجن گهرن ۾ پهچڻو پوندو هو. گهر ۾استاد طرفان ڏنل هوم ورڪ ڪري، رات جي ماني کائي عمومًا 8 وڳي اندر ٻار سمهي رهندا هئا، جو کين ٻي صبح سوير اٿي اسڪول وڃڻو پوندو هو. ان زماني ۾ بجليون ڪو نه هيون. شاهه محمد لاشاري ڳوٺ ٺارو ڪوٽ تعلقي ماتلي مان پرائمري پاس ڪري 1952ع ۾ 10 سالن جي عمر ۾ اڪيلو تلهار پنهنجي مامي وٽ، انگريزي پڙهڻ جي خيال سان آيو. هڪ درجو انگريزي پاس ڪري، وري کيس واپس وڃڻو پيو ۽ ٻه درجا ٽنڊو غلام علي هاءِ اسڪول ۾ پڙهي، ميٽرڪ مير غلام محمد اسڪول ٽنڊوباگو مان پاس ڪيائين. ان وچ ۾ ٻارهن سالن جي عمر ۾، سندس شادي پڻ ڪرائي وئي، جنهن ڪارڻ علم لاءِ وڌيڪ مسئلا پيدا ٿيا. تعليم نه ڇڏيائين.

سيٺ ميٺارام - فقير سليم


سيٺ ميٺارام
فقير سليم
اسان جي معاشري ۾ گهٽ خرچ ڪندڙ کي ٻن خاص ذاتين سان ڀيٽ ڪري ۽ طنزيه انداز ۾ چيو ويندو آهي ته هي ته صفا ميمڻ يا وري واڻيو آهي. انهيءَ پراڻي چوڻيءَ ۾ ڪيتري صداقت آهي اها ته مون کي خبر ناهي پر مون کي هڪ ٿر جي ڀٽن ۽ وارياسي علائقي ۾ جنم وٺندڙ ان شخص جي خبر آهي جنهن جو تعلق لهاڻه برادري (واڻيا) سان آهي.

صوفي غوث محمد ثاني - صوفي غلام مصطفيٰ


صوفي غوث محمد ثاني
المعروف صوفي ارشاد عباس
صوفي غلام مصطفيٰ 
حضرت صوفي شاهه عنايت شهيد رح جيڪا حق ۽ سچ جي شمع روشن ڪئي هئي، اها اڄ به روشن آهي. جنهن تي اڄ ڪيترا ئي پروانه جان نثاري ڪندي نظر اچن ٿا. باطل قوتن انهي روشن شمع کي وسائڻ جون ته ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون پر جنهن جي حفاظت خود خدا ڪري ته ان کي ڪابه قوت وسائي نه ٿي سگهي. شاهه عنايت شهيد بعد، سندن مسند تي جلوه افروز ٿيندڙ سجاده نشين ۽ سندن جان نثار پروانن سندن مشن کي جاري رکيو.

11 September, 2012

مرزا قليچ بيگ - طارق عزيز شيخ


مرزا قليچ بيگ
سنڌي علم ۽ ادب جي افق جو سج
طارق عزيز شيخ
سنڌي ادب ۾ شايد ئي ڪو ايڏو وڏو نالو هجي، جيترو مرزا قليچ بيگ جو آهي. مرزا صاحب جي ڪري، سنڌي ادب تمام شاهوڪار بڻجي ويو. هر صنف کي ترقي ملي. هر شعبي ۾ واڌارو ڪيائين. هو واقعي علم جو سج هو، جنهن سان اڄ تائين سنڌي علم ادب کي روشني ملي رهي آهي. سنڌي ادب کي هر موضوع تي مالدار ٺاهڻ واري اها شخصيت، جنهن نثر جي ترقيءَ جي ڏاڪڻ جو ڪم ڏنو، انهيءَ ڪاڻ بعد ۾ اچڻ وارا عالم ۽ اديب نثر جون ڪيئي منزلون چڙهي مٿي آيا، انگريزن جي دور جي وڏي ۾ وڏي ادبي شخصيت، مرزا قليچ بيگ هو. انگريزن سندس علمي لياقت جي عيوض ڪيترا ئي لقب، انعام ۽ اعزاز ڏنس. هيءُ سنڌ جو پهريون ”شمس العلماءُ“ هو.

ڊاڪٽر ارجن سڪايل - رکيل مورائي

مني صدي سنڌ کي ڏسڻ لاءِ سڪندڙ
رکيل مورائي
هو ٽيانوي سالن جي ڄمار ۾ سنڌ کي ڏسڻ لاءِ سڪندي گذاري ويو. ڀارت جي مهانگري ممبئيءَ جي هڪ ڪالونيءَ ۾ رهندي ۽ پاڻ شاعر هوندي به سنڌي ٻوليءَ عظيم نارائڻ شيام جي هنن ستن جيان سنڌ ڏي ڏسندي ۽ ساريندي هليو ويو ته.
الائي ڪنهن گهڙيءَ ان مان شيام نڪتاسين
وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي.
ها! هن سنڌ هڪ ڀيرو ڏسڻ چاهي ٿي. نوشهروفيروز هڪ ڀيرو ڏسڻ چاهيو. مورو هڪ ڀيرو ڏسڻ چاهيو ٿي ۽ موري ڀرسان پنهنجو اهو ڳوٺ ڏسڻ چاهيو ٿي. جنهن ۾ هن جنم ورتو. بانبڙا پاتا ۽ پهريون وکون کڻي هلڻ سکيو. جڏهن هو هلڻ سکيو، بااعتماد ٿيو ته سندس پيرن هيٺان اها زمين ئي ڪڍي وئي. هن ڏاڍو ٻاڏايو، ته منهنجا پير ڪپيو، پر زمين نه ڪڍو. منهنجو هلڻ بند ڪيو، پر زمين مون کي ڏيو. پر هن جي هڪ به نه ٻڌي وئي. هن کي پنهنجي ان ڳوٺ کان جلاوطن ڪيو ويو، ان شهر کان جلاوطن ڪيو ويو، ان ڌرتيءَ کان جلاوطن ڪيو ويو، جنهن کي هن جي نسلن هزارن سالن کان ماتا ڪري پوڄيو هو. هن کي ان کوهه کان جدا ڪيو ويو، جنهن جو پاڻ پي هو وڏو ٿيو هئو ۽ جنهن جي سرن جي ديوار سان گڏ هو سڌوجن جو ئي اڻيل انگوشو ٻڌي وهنجندو به هو، ته انگريزن کان وطن آزاد ڪرائڻ جا خواب به اڻندو هو. هن کي اها خبر نه هئي ته انگريز هتان نڪرندا ته پويان ڪجهه به ڇڏي نه ويندا. هو هڪ اهڙي اڳ ٻاري ويندا جنهن ۾ سڀ ڪجهه سڙي خاڪ ٿي ويندو؛ خواب، آدرش، معصوم محبتون ۽ مرڪون، هزارين سالن جي شاندار تهذيب ۽ سڀ کان اهم شخص جو من به خاڪ ٿي ويندو. جنهن ڏينهن تي اهو سڀ ڪجهه ٿيو، اهو چوڏهين آگسٽ اوڻيهه سؤ ستيتاليهن جو ڏينهن هو. هن ڌرتي ڇڏي، ته سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنو ۽ پوءِ هر شيءِ لاءِ سڪايل بڻجي ويو. هو چوڏهين آگسٽ تي سنڌ کان جدا ٿيو ۽ ارڙهين آگسٽ تي پنهنجي زندگيءَ کان جدا ٿيو. وچ ۾ فقط چئن ڏينهن جي وٿي آهي، جنهن لاءِ اردوءَ ۾ هڪ نهايت خوبصورت شعر آهي.

استاد منظور علي خان - ابو رافع


استاد منظور علي خان
سنڌ جو سدا حيات راڳي
ابو رافع
جيئن سنڌ جي مٽيءَ ۽ ماڻهن جو مزاج پنهنجو رهيو آهي، ايئن سنڌي موسيقيءَ جو مزاج به پنهنجو رهيو آهي، برابر ان تي هِند جي موسيقيءَ جو اثر به رهيو آهي، جنهن کي موسيقيءَ جا ڄاڻو ڪلاسيڪل موسيقي سڏن ٿا، پر سنڌ جي ڪافيءَ کي ڳائڻ جو هڪ الڳ نج پنهنجو سنڌي طريقو آهي، جنهن ۾ موسيقيءَ جي باريڪين کان وڌيڪ جذبات جو عمل دخل رهيو آهي. سنڌي ڪافيءَ کي ڪلاسيڪل راڳ جي جنهن وڏي راڳيءَ سنڌي مزاج سان ٺهڪائي هڪ عروج تي پهچايو، اهو مان ڀايان ته استاد خانصاحب منظور علي خان ئي آهي، جنهن کانپوءِ ٻيا ڪيترائي نالا شماري سگهجن ٿا. استاد منظور علي خان بابت لکندي هن ننڍي ليک ۾ نه موسيقيءَ جي تاريخ بيان ٿي سگهندي ۽ نه ئي استاد منظور علي خان جي خاندان جي تاريخ ۽ نه ئي ان خاندان جو ننڍي کنڊ جي ڪلاسيڪل موسيقيءَ ۾ ادا ڪيل حصو، پر اهو چوڻ لازمي ٿيندو ته هن خاندان جو جيڪو به سنڌي موسيقيءَ ۾ حصو آهي، اهو نه فقط ڳڻائڻ جهڙو آهي، پر اهو موسيقيءَ جي تاريخ ۾ محفوظ رکڻ جهڙو پڻ آهي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته استاد منظور علي خان جو خاندان سنڌ ۾ پهرئين شڪارپور ان کان پوءِ خيرپور ميرس ۽ تنهن بعد استاد ٽنڊي آدم ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي، پر سندس جنم شڪارپور ۾، ممتاز مرزا صاحب جي لکڻ موجب ۱۹۲۷ع ۾ ۽ ڪن ٻين جي لکڻ موجب ۱۹۳۰ع ۾ ٿيو، ٽنڊي آدم ۾ هُن زندگيءَ جو آخري ساهه کنيو ۽ پنهنجي راڳ جي هڪ ڊگهي تاريخ ۽ سنڌي موسيقيءَ ۾ ڳڻائڻ جهڙن راڳين جي فهرست ڇڏي ويو، جنهن سڄي فهرست کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو اڄ به پنهنجي دلين ۾ جاءِ ڏين ٿا. استاد منظور جي خاندان جي سفر جي شروعات گواليار مان ٿي، جتان کانپوءِ هيءُ خاندان ضلعي گرداسپور ۽ پوءِ سنڌ ۾ آيو. استاد منظور علي خان جو مخدوم حسن جهانيان، جهان گشت جي گاديءَ سان عقيدت منديءَ جو تعلق رهيو، جنهن ڪري هو اڪثر مخدوم صاحب جي عرس مبارڪ تي شاهپور جهانيان ۾ سيد سعيد علي شاهه جهانيان جي نگرانيءَ ۾ ٿيندڙ راڳ جي محفل ۾ اچي حاضر ٿيندو هو، جتي کيس روبرو ڏسڻ جو ۽ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ٻڌڻ جو موقعو نصيب ٿيو هئو، ٻيءَ طرح ريڊيو تي ننڍپڻ کان ئي استاد منظور علي خان جي آواز جي گونج ۽ حمل فقير جي ان بيت جون سٽون، جنهن کي استا پنهنجي ڪمال مهارت سان ڪافيءَ جو روپ ڏيئي ڳايو هو ته

10 September, 2012

ڊاڪٽر عاشق حسين البدوي - رکيل مورائي


ڊاڪٽر عاشق حسين البدوي
رکيل مورائي
ڊاڪٽر عاشق حسين البدوي، گذاري ويو آهي. اهڙي فون منهنجي دوست اشوڪ اروڙا عيد واري ڏينهن مونکي ڪئي. تفصيل ايئن ٻڌايائين ته ڪنهن هوٽل ۾ هن جو لاش ٽن ڏينهن کان پوءِ هٿ آيو، پر پڪ نه آهي، ان لاءِ مان دوستن کان پڇي وٺان. پڇڻ چاهيم، پر موبائيل ڪم نه ڪري رهيا هئا ۽ ايئن شام ٿي وئي، دل کي اهو آٿت ڏيڻو پيو ته اڏندڙ خبر آهي، ممڪن آهي ڪوڙي هجي. پر ٻئي چئنلن خبر جي نه رڳو تصديق ڪئي، پر سندس ڪفن دفن جون تصويرون به ڏيکاريون جن ۾ ٽنڊو آدم حيدرآباد ۽ ٻين ڪن ويجهن شهرن جي اديبن شرڪت پڻ ڪئي. ايئن ڊاڪٽر عاشق البدويءَ جي وفات جي پڪ ٿي ته هو پنهنجي سالن جي اڪيلائيءَ مان آجو ٿي روحاني طور پنهنجي عزيز دوستن سان وڃي گڏيو..

09 September, 2012

الحاج حضرت مولانا مفتي عبدالرحيم لغاري - صوفي غلام مصطفيٰ


الحاج حضرت مولانا مفتي عبدالرحيم لغاري
صوفي غلام مصطفيٰ
هن ڌرتي ڪيترن ڪامل انسانن کي جنم ڏنو جن پنهنجون زندگيون اسلام ۽ خدا جي مخلوق جي خدمت ڪندي گذاري ڇڏيون. اهڙن نيڪ ۽ صالح انسانن مان الحاج حضرت مولانا مفتي عبدالرحيم صاحب جن به هڪ هئا. پاڻ مشهور بلوچ قبليي لغاريءَ جي عظيم ۽ نيڪ دل انسان حضرت حاجي فيض محمد جا صالح ۽ نيڪ فرزند هئا. پاڻ ۲۳ جمادي الاول سن ۱۳۴۸هه بمطابق ۲۷ آڪٽوبر ۱۹۲۹ع تي جمعي جي مبارڪ ڏينهن تي، ڳوٺ باگو خان جتوئي، لڳ نصرپور، ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيا. جيئن ته سندن اصل ڳوٺ، احمداڻي لغاري، تعلقي مورو ۾ واقع آهي پر جڏهن سندن ولادت ٿي هئي ته سندن والده پنهنجن مائٽن وٽ، ڳوٺ باگو خان جتوئي ۾ ترسيل هئي.

بئريسٽر رئيس غلام محمد ڀرڳڙي - غلام حسين قائمخاني


بئريسٽر رئيس غلام محمد ڀرڳڙي
غلام حسين قائمخاني
بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي هڪ ڳوٺ ڊينگاڻ ڀرڳڙي ۾ جنم ورتو. سندس والد محترم جو نالو رئيس مولوي ولي محمد ڀرڳڙي هو. برصغير جي هن عظيم انسان رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ابتدائي تعليم سندس ئي ڳوٺ جي مدرسي مان حاصل ڪئي. بعد ۾ پاڻ مشنري اسڪول ڪراچي سنڌ مدرسي ڪراچي مان مئٽرڪ پاس ڪري واپس ڳوٺ ڊينگاڻ ڀرڳڙي اچي زمين سنڀالي.

حيدر علي لغاري - مٺل جسڪاڻي


حيدر علي لغاري
بحيثيت شاعر
مٺل جسڪاڻي
سائين حيدر علي لغاري هڪ لکيو پڙهيو، غير معمولي انسان ته هو ئي؛ هو ڏاهو، مدبر، عالم، فيلسوف، انسان دوست، دانشور، اديب، تعليمي ماهر، بهترين منتظم، گهڻ رخي شخصيت جو ڌڻي هو. سندس عام اٿڻ ويهڻ، هلڻ گهمڻ، ڳالهائڻ، سفر ڪرڻ، خريداري جو رنگ ۽ ڍنگ، زندگي جو هر وهنوار، کيس نرالي سڃاڻپ ڏيندڙ رهيو. ان ۾ ڪو شڪ شبهو، ڪو اجايو وڌاءُ نه آهي. شاهدي لاءِ ساڻس اٿندڙ ويهندڙ، هر عام توڙي خاص جي واتان ٿيندڙ ڳالهيون، سندس وڇوڙي ۽ سالوار سار (ورسي) تي ٿيندڙ تقريرن ۽ تحريرن وسيلي ملندڙ مواد به ڪافي آهي. آئون سائين کي اهو سڀ ڪجهه به سمجهندو آهيان، پر انهن سمورين خوبين ۽ گُڻن کان الڳ، منهنجي نظر ۾ هو شاعر به رهيو.

پير محمد سعيد جان سرهندي - ذوالفقار چانڊيو


پير محمد سعيد جان سرهندي
ذوالفقار چانڊيو
پير محمد سعيد جان سرهندي ٽنڊو محمد خان ضلعي جي اهم شخصيت هئي. پاڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو بهترين ساٿي رهيو. پاڻ سن ۱۹۲۵ع ڌاري، ٽنڊو محمد خان جي لڳ ٽنڊو سائينداد ۾ ڄائو. هن شروعاتي تعليم، گهر ۾ پڙهن بعد، سائين پير محمد سعيد جان سرهندي، دادو ضلعي جي مشهور عالم سيد امير علي شاهه وٽ عربي سنڌي فارسي تعليم ورتي. ساڻس سنڌ جو اڳوڻو وزيراعليٰ سنڌ سيد عبدالله شاهه به گڏ پڙهيو ۽ سندس بهترين دوست پڻ هيو. باقي تعليم، پير محمد سعيد جان سرهندي، سنڌ جي مشهور عالم مولوي عبدالله وٽ پڙهيو. جنهن بعد انگريزي جي تعليم مڪمل ڪيائون.

حاجي محمد صديق شورو - عبدالرشيد سومرو


حاجي محمد صديق شورو
هڪ راڄيتو ماڻهو
عبدالرشيد سومرو
سنڌ جي سماٽ برادريءَ ۾ هڪڙو قبيلو شورن جو به آهي. ڪوٽڙي جي ڏکڻ طرف سنڌو درياءَ جي ڪناري تي شورن جا ڪيترائي ڳوٺ آهن. انهن ڳوٺن ۾ الهه بچايو شورو نالي هڪ ڳوٺ آباد آهي. شورن ۾ ڪيترا نالي وارا ماڻهو پيدا ٿيا، جن پنهنجو ۽ شورن جو ڳاٽ اوچو رکيو. انهن ۾ اسماعيل شورو، جهونجهار شورو، دائود شورو، شامل آھن جن ڌرتي تي انگريزن سان مهاڏو اٽڪايو.

08 September, 2012

سيٺ نهالچند پٻاڻي - فقير سليم


سيٺ نهالچند پٻاڻي
فقير سليم
هونئن ته سنڌ ڌرتي جي رهاڪن ۾ مهمانوازي واري روايت قديمي آهي پر ٿر ۾ جتي ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻي جي بنيادي سهولت اڄ به ميسر ناهي ته اڄ کان اٽڪل ۱۵ سال اڳ تائين ۵۰ سالن تائين مليل ٿر ۾ ذاتي ڪمن ڪارن يا گهمڻ ڦرڻ لاءِ ايندڙ مهمانن جي اسلام ڪوٽ ۾ بهترين خدمت ٿيندي رهي. انهي مهمان نوازي ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪندڙ اسلام ڪوٽ جي رهواسي روينيو کاتي جي هيڊ منشي رامچند لهاڻو جي گهر ۾ ۱۹۱۳ع ڌاري جنم وٺندڙ سيٺ نهالچند هو. سندس خاندان کي مکي جي حيثيت حاصل هئي. انهي ڪري سيٺ رامچند پنهنجي پٽ سيٺ نهالچند کي شهر واسين سان هر معاملي ۾ لهه وچڙ ۾ اچڻ  بابت تربيت ڏني هئي. سيٺ نهالچند ست درجا تعليم حاصل ڪرڻ بعد مقامي سطح جي سياست تان کان پنهنجي سياسي سفر جي شروعات ڪئي. سندس سياسي پاليسين کان مخالفت رکندڙ ماڻهو به انهي ڳالهه جا حامي آهن ته هو هڪ وڏو مهمان نواز هو. سيٺ نهالچند سياست ۾ پير رکڻ سان ئي ورهاڱي بعد ۱۹۴۰ع ۾ شهر جي سينٽري ڪاميٽي جو چيئرمين مقرر ٿيو. کيس عوامي خدمت ڪرڻ جو شوق هو. انهي ڪري هن شهر واسين جي ڀرپور خدمت ڪئي. جنهن جي عيوض کيس بعد ۾ يونين ڪائونسل ۽ ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين جون پڻ ذميواريون مليون ته انهي سموري عرصي دوران  سيٺ نهالچند سنڌ سميت پوري ملڪ جي سياستدانن ۽ ڪامورن ۾ پنهنجو نالو ڪمايو. سندس اوطاق تي ڏينهن رات مهمانن جا ميلا متل هوندا هئا. سمورن مهمانن کي کارائڻ ۽ رهائڻ جا بهترين انتظام هوندا هئا. سيٺ نهالچند جي اوطاق تي حر جماعت جي روحاني پيشوا پير پاڳاري سميت ملڪ جا اهم ترين سياستدان ايندا رهندا هئا. انهي ڪري ملڪي يا سنڌ سطح تي ٺهندڙ ڪنهن به ڪاميٽي يا ڪائونسل ۾ سندس نالو ضرور شامل ڪيو ويندو هو. اهو ئي سبب آهي جو سيٺ نهالچند سک ويلفيئر ڪائونسل، جسٽس آف پيس، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن ڪاميٽي، هيلٿ ڪاميٽي جو ميمبر رهيو ۽ هندو پنچائت جوصدر پڻ رهيو. سندس شاعري به  بهترين هوندي هئي. سندس لکيل ڀڄن ۽ شعر اڄ به اڪثر ڀڳت ڳائيندا رهن ٿا.

پروفيسر عبدالرحيم ڏيٿو مرحوم - خليل احمد ڏيٿو


پروفيسر عبدالرحيم ڏيٿو مرحوم
خليل احمد ڏيٿو
ڪراچي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ٻيلو ۾ هڪ غريب گهراڻي ۾ ۱۵ فيبروري ۱۹۱۹ع تي پيدا ٿيندڙ هڪ ٻارڙي جو نالو عبدالرحيم رکيو ويو. سندس پرائمري تعليم پيدائشي ڳوٺ ۾ ٿي ۽ وڌيڪ تعليم جيڪا ان زماني ۾ حرام سمجهي ويندي هئي يعني انگريزي. مرحوم نور محمد حيدرآباد ۾ اسڪول قائم ڪيو. غريب ۽ هوشيار شاگردن کي سڄي سنڌ مان ڳولهي اتي رهائشگاهه ۽ پڙهائڻ جو انتظام ڪيو ته علم جي شمع جي چوڌاري پروانا پهچي ويا. عبدالرحيم ڏيٿو غريب ۽ محنتي ماءُ پيءَ جو پٽ تعليم دوران شاهوڪار شاگردن جي ڪمرن جون صفائيون ڪري پاڻي جي دلا گهگيون ڀري ان مان ملندڙ پئسن مان پنهنجو خرچ پورو ڪري هتي جي استادن ۽ شاگردن ۾ به نمايان نظر اچڻ لڳو. ۱۹۳۹ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. مسلم ايجوڪيشن تحت هلندڙ هن ئي اسڪول استاد مقرر ٿيو. جتي پاڻ ۱۹۴۵ کان ۱۹۵۱ع تائين پڙهائڻ واري پيغمبري پيشي ۾ پيش رهيو ۽ اتان ڇپجندڙ ميگزين جي سنڌي شعبي جو ايڊيٽر به رهيو. انهي دوران پاڻ خاڪسار تحريڪ،. مسلم نيشنل گارڊ، سالار محله (مسلم هاسٽل) ۽ هوم گارڊ طور به ڪم ڪيو. ۱۹۴۸ع ۾ بي اي پاس ڪري انگريزي جي نوڪري بجاءِ هاري ٿي ڪم ڪيائون. تحريڪ پاڪستان ۾ ڀرپور حصو ورتو. خاص ڪري حيدرآباد آيل مهاجرن جي دل کولي مدد ڪئي. هڪ شخص جي ٽنگ ڪٽيل هئي ته ان کي پنهنجي ڪلهي تي کڻي ريلوي اسٽيشن کان اسپتال پهچايو. ان کان علاوه انهن جي علاج ۽ آبادڪاري ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. هندستان جي صوبي بهار جي مسلمانن تي ٿيندڙ ظلمن خلاف چندو گڏ ڪري اتي موڪليو. علي ڳڙهه کان آيل شاگردن کي ڇڪڙن ۽ ٽرڪن ۾ سوار ڪري ٻهراڙي ۾ وٺي وڃي آل انڊيا مسلم ليگ جي پيغام کان متعارف ڪرايو. پنهنجي شاگردن کي برصغير ۾ مسلم ليگ ڪانگريس جي گڏيل دور حڪومت ۾ لياقت بجيٽ بابت ڄاڻ ڏنائون، مخدوم طالب الموليٰ جي والد ۽ سهري جي تعاون انهن جي مريدن تي مشتمل هڪ لٺ بردار فورس تيار ڪيائون جنهن کي ملٽري ٽريننگ ڏياريائون. جيڪا فورس قائد اعظم جي ڊائريڪٽ ايڪشن جي سڏ تي لبيڪ چوڻ لاءِ گهر وقت تيار هئي. نور محمد هاءِ اسڪول ۾ غريب شاگردن لاءِ، غريب فنڊ قائم ڪيو، جنهن مان غريب شاگردن کي مدد ملندي هئي. ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ هن جي ڊيوٽي طبي امداد لاءِ بهاولپور ۾ لڳائي وئي. جنهن سان گڏ پاڻ اتي وڃي مفت تعليم ڏيڻ جو سلسلو به شروع ڪيو. ان کان علاوه اتي وچ شهر ۾ جلسو منعقد ڪري آزادي جي باري ۾ ليڪچر ڏنو ۽ حالات خراب ٿيڻ تي هندن ۽ مسلمانن کي هڪ ٻئي جي عزت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو ۽ پوءِ واپس سنڌ اچي خلقت القرآن جي نالي سان هڪ تحريڪ شروع ڪئي. جنهن ۾ هر شاگردن پنهنجو محاسبو ڪندو هو نه ڪرڻ جي صورت ۾ سزا طور نفل پڙهايا ويندا هئا ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ گار ڏيڻ جي صورت ۾ ڏنڊ ورتو ويندو هو.

ڊاڪٽر منظور قادر - عزيز گوپانگ


ڊاڪٽر منظور قادر
ديوانگي جتي دنگ ڪري ٿي!
عزيز گوپانگ
منهنجي ساڻس پهرين ملاقات ريڊيو پاڪستان جي گيٽ وٽ ٿي هُئي يا هيرآباد جي عظيم هوٽل ۾، اهو چڱي طرح ياد ڪونهي پر ٿِي اِتي ڪٿي هُئي، اِهي اسيءَ واري ڏهاڪي جا شروع وارا سال هئا جڏهن ريڊيو ۽ اسان جي سرمستي ٻئي عُروج تي هئا! اديبن ۽ فنڪارن جا هُجوم هئا جيڪي ريڊيو اسٽيشن تي پنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن ڇنڊي شام جو گهرن ڏانهن موٽندا هئا. ”هي ريڊيو پاڪستان آهي ۽ اوهان ٻڌي رهيا آهيو پروگرام سُرهي سانجهه“ اِهو چئي سموري سنڌ سان ڳنڍجي وڃبو هو! نه گهر ياد هوندو هو نه گهاٽ، هي به اُنهن ئي ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن منهنجي ساڻس ملاقات ٿي هُئي!

ثاقب ابڙو - محمد سليمان وساڻ


ثاقب ابڙو
محمد سليمان وساڻ
ريڊيو جي حوالي سان جڏهن به ڳالهه نڪرندي آهي ته نوجوان ۽ باصلاحيت ڪمپيئر ثاقب ابڙو کي ضرور ياد ڪيو ويندو آهي. ثاقب ابڙو جو تعلق، سنڌ جي علمي ادبي ۽ ثقافتي مخزن هالا نوان (نوح جي نگري) ۾ وسندڙ مشهور و معروف ابڙا خاندان سان آهي. اٺن سالن کان براڊڪاسٽنگ جي دنيا ۾ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏيندڙ، سنڌ جي نوجوان لڏي جو سرواڻ ڪمپيئر ثاقب ابڙو ناليواري شاعر ۽ اديب ابڙو عبدالرؤف منصور ويراڳي جو ڀائيٽيو ۽ رٽائرڊ ڊي ڊي او ريوينيو ۽ شاعر ابڙو عبدالرشيد ”رشيد هالائي“ جو چشم و چراغ آهي. سندس جنم ۵ سيپٽيمبر ۱۹۸۰ تي حيدرآباد ۾ ٿيو. هن پرائمري کان انٽرميڊيٽ تائين جي تعليم ماڊل اسڪول اولڊ ڪئمپس حيدرآباد مان ۽ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي اڪانامڪس ۽ پرسٽن يونيورسٽي ڪراچي مان مارڪيٽنگ جي شعبي ۾ ايم بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ اڄڪلهه پاڻ زيبسٽ ڪراچي مان سوشل سائنس ۾ ايم فِل ڪري رهيو آهي جتي سندس تحقيق جو موضوع ”ڪميونٽي ريڊيو“ آهي.

فوزيه سومرو - سليمان وساڻ


فوزيه سومرو
سنڌي راڳ جي مشهور گلوڪاره
سليمان وساڻ
”حال منهنجا ڪير پڇندو،
ڪير آ منهنجو هتي.“
جهڙا ڪيئي لازوال ڪلام ڳائي، مشهوري ماڻيندڙ سنڌ جي ڀلوڙ گلوڪاره محترمه فوزيه سومرو جي اڄ ڏهين ورسي آهي. سندس جنم ۱۹۶۶ع ۾ ٿر جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ويراواهه ۾ نٿو خان سومرو جي گهر ۾ ٿيو، جيڪو حمد ۽ نعت ڳائيندو هو. سندس ننڍپڻ ۽ جواني، ٽنڊو محمد خان ۾ گذريا. فوزيه سومرو کي گهروارن پاران، ڳائڻ جي اجازت ڪا نه ملندي هئي ۽ پرديدار هجڻ جي باوجود، فن ۽ ڳائڻ جو شوق کيس ريڊيو تي وٺي آيو. پهرين آڊيشن ۾ ئي هوءَ ناپاس ٿي پئي. جڏھن ته همت نه هاريائين ۽ نصير مرزا کيس ريڊيو تي متعارف ڪرايو. سندس ڳايل پهريون ڪلام؛
 بيقدرا قدر نه ڪيڙئي ڪو!

استاد وزير علي خان - آچر خاصخيلي


استاد وزير علي خان
آچر خاصخيلي
سنڌ ڪيترن ئي املهه ۽ ماڻڪ موتين کي جنم ڏنو آهي. جن ڌرتي، قوم ۽ ٻولي جو نانءُ اونچو ڪيو آهي. اهڙن املهه هيرن مان گواليار خاندان جي ڪلاسيڪل راڻي استاد منظور علي خان جو ڀاءُ ڪلاسيڪل راڳي استاد وزير علي خان به هڪ هو. جنهن پنهنجي ڪلاسيڪل رنگ ۾ سنڌ جو نانءُ روشن ڪيو. استاد وزير علي ۱۹۳۸ع ۾ استاد جمالو خان شاهه جي گھر، ٽنڊو آدم ۾ ڄائو. جنهن پنهنجي والد استاد جمالو خان ۽ ڀاءُ استاد منظور علي خان کان سکيا ورتي.

حسين شاهه فاضلاڻي - مصطفيٰ ملاح


حسين شاهه فاضلاڻي
پهرين سنڌي فلم جو هيرو!
مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
سنڌي فلمن جي هيرو ۽ فلم ساز حسين شاهه فاضلاڻي جي وڇوڙي کي ۲۰ سال مڪمل ٿي ويا آهن. مرحوم حسين شاهه فاضلاڻي اڏيرو لعل شهر جي ڀرسان ڳوٺ سعيد پور ۾ ۱۹۲۴ع ۾ محمد امين شاهه جي گهر ۾ اک کولي هئي. شروعاتي تعليم ڳوٺ مان پرائي. جنهن کان پوءِ پڙهڻ لاءِ حيدر آباد پهتا. اتان وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ بمبئي هليا ويا. جتي کيس بالي ووڊ جي فلمن کي ڏسڻ جو موقعو مليو.

05 September, 2012

قاضي عبدالمجيد عابد - طارق بلوچ


قاضي عبدالمجيد عابد
هڪ گهڻ رخي شخصيت
طارق بلوچ
قاضي عبدالمجيد عابد ۲ مارچ ۱۹۱۵ع ۾ ضلعي دادو جي مشهور شهر سيوهڻ شريف جي هڪ ديني گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. اردو، سنڌي ۽ انگريزي ۾ عبور سان گڏ فارسي سان به گهڻي شناسائي هئي. عبدالمجيد کان وڌيڪ لقب عابد سان پڪاريو ويندو هو. قاضي عابد جي خاندان ۾ رڳو پاڻ ۽ هن جو وڏو ڀاءُ قاضي اڪبر نامور شخصيت نه هئا بلڪه هن جو والد بزرگوار قاضي عبدالقيوم به پنهنجي وقت جو هڪ عظيم شخص هو. قاضي عبدالقيوم مشهور حڪماء ۾ شامل هو. هن سر غلام حسين هدايت الله جي خلاف بمبئي ڪائونسل جو اليڪشن وڙهيو. هن بلديه حيدرآباد جي صدر جي حيثيت سان به خدمت ڪئي ۽ ميونسپل اسڪول بورڊ جا چيئرمين رهيا. انهي جي ڪري قاضي عابد کي وراثت ۾ سماجي ۽ سياسي مرتبو مليو. انهيءَ ورثي کي قاضي صاحب ۽ سندن وڏي ڀاءُ قاضي اڪبر جدوجهد سان قائم رکيو. پاڻ ۲۱ سالن جي عمر ۾ يعني ۱۹۳۳ع ۾ بلديه حيدرآباد جا نائب صدر ۽ پوءِ صدر منتخب ٿيا.