; سنڌي شخصيتون: ميهر فقير - خليل عارف سومرو

16 September, 2012

ميهر فقير - خليل عارف سومرو


ميهر فقير
خليل عارف سومرو
اڄ اکڙين ۾ پاڻي ۽ قلم جي نوڪ تي لفظ آهن، ان فقير صفت انسان لاءِ جيڪو هيو ته سردار گهراڻي مان پر مجاز کان حقيقت ڏانهن عشق جو سفر ڪندي لوڪ پسند شاعر ٿي پيو هو.
محمد حسن لنڊ عرف ”ميهر فقير“ جو جنم ۱۲ ڊسمبر ۱۹۴۲ع ۾ ڳوٺ ميوو خان لنڊ ۾ پنهنجي والد سانوڻ لنڊ جي گهر ۾ ٿيو. سندن پاڙو گهنوراڻي آهي. ميهر فقير جا وڏڙا ڪاڇي جي مشهور شهر نوشهري تعلقه جوهي جا آهن.


شهر نوشهري ۾ سندن پڙ ڏاڏي سردار گهنور خان جا جنگي قلعه ۽ اُتي انگريزن جي جيل خانن جا نشان اڄ به تاريخ طور موجود آهن. ميهر فقير جو والد سانوڻ خان لڏي اچي ڳوٺ ميوو خان ۾ ويٺو ۽ ائين پوءِ سندن مسقبل رهائش تاريخي شهر خدا آباد ڀر ۾ ”ڦڪا“ شهر ويجهو ڳوٺ ميهر فقير ۾ ٿي، جيڪا اڄ تائين قائم آهي. ميهر فقير ۱۹۶۴ع کان شاعري شروع ڪئي، جيڪا گهڻو ڪري محبت جي ماڻ ۽ ماپي سان ڀرپور آهي. تنهن ڪري هرو ڀرون علم عروض جي پابندين ۾ مڪمل طور نه ٿي اچي. حالانڪ علم عروض (بحر وزن) جي ابتدائي ڄاڻ به کيس حاصل هئي. سندس شاعري ۾ استاد حاجي مير محمد ”ميرل“ جويو هو، جيڪو ڪاڇي ڪنڌيءَ جي حمل طالب لغاري جو شاگرد هو. ان کان علاوه ميهر فقير جي جڳ مشهور اولياءَ الله سيد نجف علي شاهه لڪياري، دادن فقير، سنڌ جي سوموڙ شاعر استاد بخاري شهيد احمد خان آصف مصراڻي، سنڌ جي سدا بهار شاعر احمد خان مدهوش، نواز رڪڻائي، تاج صحرائي، حافظ محمد بخش خاصخيلي، انقلابي عوامي شاعر راشد مورائي، احمد مجتبيٰ غالب، محسن ڪڪڙائي، اسحاق راهي، ناظم منگي، عاجز سرگاڻي ۽ ٻين ڪهنه مشق استاد شاعرن سان صحبت ۽ سنگت رهي، جن جون محبتون ۽ صلاحون به ميهر فقير جي اصلاح ۽ رهنمائي ڪنديون رهيون. ائين سندس عوامي لهجي واري شاعري ۾ من موهيندڙ خوبصورت ۽ رنگيني ايندي وئي ۽ هو سنڌ جي ادبي آسمان تي چنڊ وانگر چمڪندو رهيو. هيل تائين سندس ٽي ڪتاب (۱) ڪليات ميهر فقير، (۲) وارن ونگي جند، (۳) باهه بڀڙ ٻل پئي، ڇپجي عوام ۾ مقبوليت ماڻي چُڪا آهن.
کيس مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ، شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ مليا.
شاعري شاعر جي اندر جو آئينو هوندو آهي، جيڪو سندس دل ۾ ايندو آهي، اهو ئي ٻاهر نڪرندو آهي. محبوب شاعر ميهر فقير جي شاعري ۾ اسان کي هيترو ميٺاج انهيءَ ڪري ملي ٿو جو سندس دل ۾ ايترو ميٺاج ماپيل آهي. هي ان ڪري به ماڻهن کي پيارو لڳو جو هِن پيارو لکيو. سندس شعرن ۾ مُکڙين جهڙو حُسن ۽ گلڙن جهڙي خوشبو آهي. سندس ٻولن جو رس چس چوسولن ۾ پيو ٿو ڳائجي وڄائجي. سندس اُڌمن ۾ آوارگي ۽ احساسن ۾ نغمگي آهي. هن جي ڪلام جي ٻولي سادي ۽ سلوڻي آهي. سندس ڪلام تي ڀٽائي ڀرجهلي جو رنگ به چڙهيل آهي. اهو ئي سبب آهي سندس شاعري جي پهرين مجموعي ”ڪليات ميهر فقير“ جي ٽائيٽل تي ڀٽائي سرڪار جو روضو مبارڪ نمودار نظر اچي ٿو. ڀٽائي جي رهبري سان گڏ سندس مادري زبان سرائيڪي هئڻ ڪري خواجه غلام فريد، بابا بلهي شاهه، سلطان باهو ۽ حمل فقير جون جهلڪيون به سندس ڪلام ۾ ملن ٿيون.
بُلي شاهه جون باتيون، حمل فقير جي عشق جا حملا، فريد سائين جو فراق ته مُلڪان ملڪ مشهور آهي، پر گهٽ ته ميهر فقير به ڪانه ڪئي آهي. فراق جي ڦوڙائي ۽ وصال جي اميد جو اندازو ته لڳايو.
لوڪ سُتا سارا ننڊ ڪري، آتي نيڻان ننڊ نه آئي سئين
سُتي، گهردي ڀاتي ساري، رووان پاند ولائي مئين
ڳڻ ڳڻ تاري ڪتيان ٽيڙوُ ساري رات نڀائي مئين
ميهر محب ڪڏان آ ملسي، ونڊان ڳُڙ مٺائي مئين.
اديب شاعر ۽ ليکڪ کڻي ڇا به چون، پر ميهر فقير جو مرڪزي خيال سُر سُهڻي ۾ ئي آهي، هي سندس لفظ آهن ته سُهڻي پنهنجو پارٽ پورو ڪري سُرڪي جي ساءُ ۾ لڙهي وڃي پنهنجو وصال ماڻيو، سُهڻي جي تڪليف جو دور ختم ٿيو ۽ پوءِ ميهر تاريخ جا ورق ورايا، سندس شاعري ۾ ڏسو ورق ورائبا نظر ايندا. اهي لفظ، اهي فُقرا سندس وفا جي ساک رکن ٿا، ساک به اهڙي جو پاڻ سهڻي بڻجيو وڃي. اِهو عمل هن انهيءَ ڪري ڪيو جو هر عارف ۽ سالڪ شاعر سهڻي سان طلبي ۽ ميهر سان مطلوب جي مُراد ورتي آهي.
ميهر فقير چواڻي:
سُهڻي ستي لوڪ پئي ساهڙ سنڀاري
چِت چريو جنهن جوڪيو چڙن چونگاري
سدا دل درياهه سين، قول پريان پاري،
منڌ وڌي ماري، ميهر عشق ميهار جي.
ميهر فقير جو سُر سُهڻي رڳو سنڌي تائين محدود ناهي بلڪه سرائڪي ۾ به سُهڻي ۽ سندس سَس جي سهڻي چٽا ڀيٽي چِٽي اٿس. چاشني طور ٻه ٽي بيت ڏسو. سَس جڏهن فريب ڏئي دلاسن سان کانئس انور جو حال پُڇڻ گهُري ٿي، تڏهن سُهڻي مٿس اعتبار ڪري جواب ڏئي ٿي ته:
آکي سَسَ تينون ترس هويا لک لک هووئي ڪاجُس امان
ميهار ڪيتي هنجها هار دوران ڪو ڏاڻ ملڻ دا ڏس امان
غم الم اُتم هو يا ڪتا برهه هُڻي بي وَس امان.
جڏهن ڏائڻ جهڙي سس سندس دل جو اونت ڪڍي ڏَم جا دڙڪا ڏيڻ لڳي ٿي ته جواب ۾ سُهڻي کيس چوي ٿي ته منهنجي ميهر کي ايترو گهٽ وڌ نه چئو ۽ ايتري گستاخ نه ٿي.
آکي سَس تيڏا هي وَس ڪيها جو ايجها حُڪم هليندي ئين
پا شور اکيان ڏي زور زبان ڪيون نڙي ڦاڙ اليندي ئين
جي سَت هِوي گهت مار ڀلي ڪيون، ماڻهو مفت کليندي ئين
ميهر يار ميهار ڪيتي، ڪيون اپڻي قيام وڃيندي ئين.
سُهڻي جي سَس مٿس اڃان به زير زبر ڪرڻ لڳي ٿي، ڇڙٻون، دڙڪا دهمان ۽ خوف ڏئي کيس باز رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته ان کي ٺهه پَهه ۽ ٺُپ جواب ڏئي چوي ٿي ته:
آکي سَس سؤ وَس ڪرين ته به، جهليئي مول نه جهلسان مئين،
نه ڪناري محب پُڪاري، نال ميهر وڃ ملسان مئين،
روز ميثاقون نينهن نيسنگ ٿيا، ڀول ڪهين نان ڀُلسان مئين،
مار هزار آزار ڏيوين پر، بِن يار ميهار نه جيسان مئين.
اهو روز ميثاق وارو حوالو ڏيڻ مان مراد فقير صاحب جو اشارو قالو بليٰ جي قول وارو آهي.
جڏهن روحن اقرار ڪيو هو.
انهيءَ نقطه نگاهه کان ڏسجي ٿو ته ميهر فقير جو عشق مجاز جون منزلون طئه ڪري حقيقت جي راهه جو دڳ وٺندڙ آهي.
دنيا جا رنگبرنگي درياهه کيس حقيقي محبوب سان مِلڻ کان روڪي نٿا سگهن. جيئن لطيف سائين سسئي کان چوائي ٿو ته:
ملي ته ملنداسين نه ته گهوري جان جتن تان
تيئن ميهر فقير به سهڻي کان چوائي ٿو ته:
لاش سهڻي دا ويک ڪي آئي مانگر مِل بحردي
سڻي آکيا آ کائو ڀرا، تُسي بخش هي ڏينهن حشردي،
پهلون عرض سڻو هڪ ميڏا، مئين ماري موت هجر دي
مُنهن ميڏا محفوظ رکو، مئين تڪدي گهيڙ ميهر دي.
سهڻي اهڙي نموني ميهر جا گهيڙ تڪيندي تڪيندي ميهر جو وِرد پچائيندي پچائيندي، ميهر جو تصور ڪندي ڪندي نيٺ پاڻ ميهر بڻجي وئي. اهڙو ميهر هي اسان جو ميهر به هُيو، جيڪو عاشقي جو طوفان اُڪري ۽ شاعري جو درياهه پار ڪري پنهنجي سهڻي يعني شاعري سان نڀايو ۽ ان محبت، خدمت ۽ رياضت جي عيوض کيس نانءُ ۽ ناموس نصيب ٿيو.
سنڌ جي مشهور راڳين، جلال چانڊيو، ممتاز لاشاري، ديبا سحر، منظور سخيراڻي، صائمه منظور، همت فقير، عرس چانڊيو، رحمان مغل، گلشير تيوڻو، ثمينه ڪنول، شبير شاهاڻي، معشوق کوکر ۽ ٻين کيس خوب ڳايو ۽ داد ڪمايو.
پيار پوکيندڙ ۽ پيار ورهائيندڙ هي انمول انسان ۱۶ سيپٽمبر ۲۰۱۰ع تي اسان سڀني کي وڳ جو روڳ ڏئي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو. الله پاڪ کيس جنت ۾ جاءِ ڏي. (آمين ثم آمين)

No comments:

راءِ ڏيندا