; سنڌي شخصيتون: سيٺ ميٺارام - فقير سليم

13 September, 2012

سيٺ ميٺارام - فقير سليم


سيٺ ميٺارام
فقير سليم
اسان جي معاشري ۾ گهٽ خرچ ڪندڙ کي ٻن خاص ذاتين سان ڀيٽ ڪري ۽ طنزيه انداز ۾ چيو ويندو آهي ته هي ته صفا ميمڻ يا وري واڻيو آهي. انهيءَ پراڻي چوڻيءَ ۾ ڪيتري صداقت آهي اها ته مون کي خبر ناهي پر مون کي هڪ ٿر جي ڀٽن ۽ وارياسي علائقي ۾ جنم وٺندڙ ان شخص جي خبر آهي جنهن جو تعلق لهاڻه برادري (واڻيا) سان آهي.


سال 1932ع ۾ اسلام ڪوٽ ۾ جنم وٺندڙ سيٺ ميٺارام خانداني طور واپاري هو. سندس ڏاڏي مورو مل جو اسلام ڪوٽ ڀرسان، ڳوٺ لوڻيون سمان ۾، وڏو ريزڪي ۽ ڪپڙي جو دڪان هوندو هو. دڪان جي ڀرسان ئي، سيٺ مورو مل پاران، اوطاق قائم ٿيل هئي ۽ اتي ئي خيراتي پاڻيءَ جو کوهه ٺهرايو ويو هو. ڇاڪاڻ ته ان وقت سفري سهولتون گهٽ هونديون هيون ۽ هوٽلن جو رواج عام نه هو. انهيءَ ڪري ماڻهن کي سيٺ مورو مل جي اوطاق تي مفت ۾ چانهه ماني ۽ رهائش ملندي هئي.
اهڙيءَ ريت، سيٺ ميٺارام پنهنجي ڏاڏي جي صحبت ۾ مهمان نوازي جاري رکي ۽ اسلام ڪوٽ کان ننگر ڏانهن ويندي اٽڪل 55 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، واقع شهر ڏانو ڌانڌل ۾ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيائين ۽ اتي ئي اوطاق پڻ قائم ڪيائين. سندس اوطاق تي سياسي، سماجي توڙي زندگيءَ جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ڪيترا ئي مهمان، روزاني ايندا ويندا هئا.
سيٺ ميٺارام پنهنجي زندگي ۾ ئي پنهنجي وڏي پٽ سيٺ گرڌاري لعل کي ننگرپاڪر ويجهو پورڻ واهه ۾ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ وقت، اها هدايت ڪئي هئي ته اتي به شاندار اوطاق اڏائي وڃي ۽ اها اوطاق اڄ کان اٽڪل 20 سال کن اڳ تعمير ٿي. جنهن جو افتتاح ان وقت جي مشهور ڪرڪيٽر ۽ اڄ جي تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ڪيو هو.
سيٺ ميٺارام جي مهمان نوازي سبب، عبدالقادر منگي پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ کيس سخي مرد جو لقب ڏنو آهي. سيٺ ميٺارام جي اوطاق تي اٺ، گهوڙا ۽ ڍڳيون وڏي انگ ۾ موجود هوندا هئا. ٿر ۾ جڏهن ٿر سيمينار ٿيو تڏهن سيٺ ميٺارام سمورن مهمانن جي دعوت ڪئي هئي  ۽ ان دعوت ۾ ٿر جا 51 طعام، مهمانن لاءِ تيار ڪيل هئا. جيڪي مهمانن کي ڏاڍا پسند آيا.
سيٺ ميٺارام 18 ڊسمبر 2004ع ڌاري، اسلام ڪوٽ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ۽ اڄ به سندس پاران قائم ڪيل ڏانو ڌانڌل واري اوطاق، سندس پوٽو ڪمل ڪمار ۽ پورڻ واهه واري اوطاق سندس پٽ سيٺ گرڌاري لعل سنڀالين ٿا. جتي اڄ به مهمانن جي خاطري ٿيندي آهي. اسان جي دعا آهي ته الله سندس پونيئرن کي اهو سلسلو جاري رکڻ جي توفيق عطا فرمائي.

No comments:

راءِ ڏيندا