حيدر علي لغاري
بحيثيت شاعر
مٺل جسڪاڻي
سائين حيدر علي لغاري هڪ لکيو پڙهيو، غير معمولي
انسان ته هو ئي؛ هو ڏاهو، مدبر، عالم، فيلسوف، انسان دوست، دانشور، اديب، تعليمي
ماهر، بهترين منتظم، گهڻ رخي شخصيت جو ڌڻي هو. سندس عام اٿڻ ويهڻ، هلڻ گهمڻ،
ڳالهائڻ، سفر ڪرڻ، خريداري جو رنگ ۽ ڍنگ، زندگي جو هر وهنوار، کيس نرالي سڃاڻپ
ڏيندڙ رهيو. ان ۾ ڪو شڪ شبهو، ڪو اجايو وڌاءُ نه آهي. شاهدي لاءِ ساڻس اٿندڙ
ويهندڙ، هر عام توڙي خاص جي واتان ٿيندڙ ڳالهيون، سندس وڇوڙي ۽ سالوار سار (ورسي)
تي ٿيندڙ تقريرن ۽ تحريرن وسيلي ملندڙ مواد به ڪافي آهي. آئون سائين کي اهو سڀ
ڪجهه به سمجهندو آهيان، پر انهن سمورين خوبين ۽ گُڻن کان الڳ، منهنجي نظر ۾ هو
شاعر به رهيو.
سائين حيدر علي سان منهنجي ڪا هڪ اڌ ملاقات، ڪي
چند هفتا ۽ مهينا واسطو نه رهيو، پر هڪ ڊگهي عرصي تائين، جيستائين واندو وڌيڪ
رهندو هئس، تيستائين سائين سان منهنجي ويجهڙائي رهي. ان کان پوءِ عملي زندگي، يعني
روزگار ۽ گهر ٻار جو فڪر وڌيو ته ملاقاتن ۾ گهاريون وڌي ويون ۽ پوءِ ڄڻ ته اسين
جيئري ئي وڇڙي وياسين، البت سائين وسريو ته اڃا به نه آهي ۽ شايد يا ڄمار نه وسري.
سائين سان اهڙي ويجهڙائي به رهي، جنهن کي حد کان وڌيڪ گهرائي وارو لاڳاپو چئجي ته
به وڌاءُ نه آهي. اها ٻيءَ ڳالهه آهي ته جيئن سائين گهڻو رولاڪ ۽ ججهو اٿندڙ
ويهندڙ، گهڻن ادبي ميڙاڪن ۾ شريڪ ٿيندڙ نه رهيو، مون ۾ به اهو ساڳيو عيب، شايد
سائين کان به سرس رهيو آهي. سائين جو پڪ سان پنهنجو ڪو نقطه نظر هوندو. منهنجون
پنهنجون ڪي سوچون، پاڻ ليکي ڪيل فيصلا، ڪي چند مجبوريون رهيون، جنهن ڪري اهڙن
ميڙاڪن کان اڪثر پري رهيو آهيان. سائين سان ”ڪي ويجها ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا
سپرين“ واري اهڙي ويجهڙائي ضرور رهي، جنهن جي آڌار تي آئون کيس شاعر طور متعارف
ڪرائڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه پيو سمجهان.
اوهان، اسان، شاعر ڪنهن کي ٿا چئون؟ شاعر جي وصف
ڇا آهي؟ ڇا رڳو اهو شاعر آهي، جيڪو گيت، غزل، وايون، ڪافيون، ڪلام لکي؟ جيڪو صرف
پابند شاعري ڪري ۽ جنهن کي هر ڪو شاعر چوي؟ نه. ڪنهن جو شاعر هجڻ يا نه هجڻ لاءِ
اهي معيار، اهي ماڻ ۽ ماپا، پنهنجي جاءِ تي وزندار سهي، پر اهي سڀ شرط هر ڪنهن سان
لاڳو نه ٿا ڪري سگهجن. ائين، جيئن ڪو گيت، غزل، وايون، ڪافيون، شاعري جي ڀلي ته
ڪهڙي به صنف تي طبع آزمائي ڪري، پر ان جي شاعري ۾، شاعري واري ڪشش ئي نه هجي، ڪنهن
کي وڻي ئي نه، ته اهڙي شاعري گهڙيندڙ کي شاعر نه ٿو چيو وڃي، نه ٿو مڃيو وڃي، ڀلي
ته کيس شاعر نه سڏڻ گهرجي.
اصل نقطي تي اچجي. منهنجي نظر ۾ سائين حيدر علي
لغاري انتهائي خوبصورت ۽ پرڪشش شاعر رهيو. ڇاڪاڻ ته هو جڏهن به ڪنهن موضوع جي
اونهائي، گهرائي، ڳوڙهائي ۾ وڃي ڳالهائيندو هو، ته سندس واتان اهڙي غير معمولي ۽
مٺڙي ٻولي ٻُڌبي هئي، جيڪا سندس اڻ قلمبند، لکجڻ کان رهجي ويل شاعري کان گهٽ نه
هئي.
مون کي خبر آهي ته عام ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ منهنجي هن
ڳالهه کي وزن نه ڏيندو، پر آئون سائين کي شاعر ڇو پيو چوان ۽ مڃيان، ان لاءِ مون
وٽ ڪيترائي دليل آهن. منهنجي نظر ۾ شاعر اهو آهي، جيڪو شاعري جي لفظن کي ئي نه، پر
شاعري جي روح کي سمجهي. شاعري جي گونانيت تائين پهچ رکي. سائين جي اهڙن شاگردن سان
ملو، انهن دوستن سان ملو، جن سان هن مختلف شاعرن جي شاعري تي ڳالهايو. رڳو سنڌي ئي
نه، اردو ۽ انگريزي شاعري تي به سائين ڳالهائيندو هو، ته مون کي لڳندو هو، سائين
ٻئي شاعر جي شاعري کي سمجهائڻ لاءِ، سندس منظوم، سليس شاعري ٻڌائي رهيو آهي.
جيءُ، ها. اوهان منهنجي ان دليل کي به اهميت نه
ڏيندا، ڀلي نه ڏيو. اوهان ڀلي سائين کي شاعر نه سمجهيو، نه ليکيو، پر ٿورو ٻڌايو
ته اعتراض ڪهڙو آهي؟ جيڪڏهن اوهان کي لکت ۾ ڪو اهڙو ثبوت کپي ته سائين جا مختلف
مضمون پڙهو، جيڪي نج پج نثر ۾ ئي لکيل آهن، پر جڏهن اوهان پڙهندا، ته اوهان کي اهو
نثر وڻندڙ، ڇهندڙ، گهڻين معنائن وارو، شاعري جي معيار تي پورو لهندڙ ملندو، شاعري
وانگر ئي پرڪشش، پرلُطف، شاعري کان ڪنهن به ريت گهٽ محسوس نه ٿيندو.
سائين حيدر علي لغاري جو شاعر هجڻ ته انهن مضمونن
۾ به پڌرو آهي، جيڪي سائين لطيف، سچل، استاد بخاري جي شاعري جي حوالي سان لکيا.
سائين علامه آءِ آءَ قاضي جي سڃاڻپ ڪرائيندي جيڪو تفصيلي مضمون لکيو آهي، ان ۾ به
گهڻن هنڌن تي شاعري ٿيل آهي. ”شاعر جي عظمت“ سنڌي ادب مان چونڊ مضمونن ۾ ڇو شامل
ٿيو، اهو ڪورس لاءِ ڪيئن منتخب ٿيو، اهو مضمون سائين حيدر علي جي شاهڪار تحريرن
مان هڪ آهي ۽ اهو هڪ مضمون به سائين کي شاعر مڃڻ لاءِ ڪافي آهي. اهڙي طرح ٻين به
کوڙ تحريرن جو مثال پيش ڪري سگهجي پيو.
ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ ڀلي نه مڃين، شاعر ڀلي اعتراض
وارين، پر منهنجي نظر ۾ سائين حيدر علي پختو شاعر هو، سندس ڇپيل ۽ ڇپجڻ کان رهجي
ويل مواد ڦلورڻ سان لکت ۾ اهڙا ثبوت به ملي ويندا، جنهن جي آڌار تي رواجي ماڻهو به
سائين کي شاعر مڃڻ کان انڪار نه ڪري سگهندا.
اوهان منهنجي هنن ٻن لفظن کي، هروبرو سائين حيدر
علي کي، زوري زبردستي شاعر مڃرائڻ جي غير ضروري ڪوشش سمجهڻ ۽ چوڻ جو حق نه ٿا رکو.
اهڙو حق جتائيندڙ کي عرض ڪندس، ته هو سائين کي پڙهن، سائين جي پهرئين ڪتاب ”اندر
ملهه املهه“ جي شروعاتي صفحن ۾ آيل مواد پڙهن. هن ڪتاب جي شروعات ”عيد“ جي عنوان
سان، هن نظم سان ٿيل آهي:
ماڻهو چون ٿا ته اڄ ڪا عيد آهي
اسان وٽ ته نه ڪو آيو آهي، ۽ نه اچڻ جي ڪا اميد
آهي
گل، گلدان جي بجاءِ آتشدان ۾ آهن
مون ۽ هن ۾ صدين جا فاصلا آهن
هو دل جي مام نٿو سمجهي
پوءِ به چون ٿا ته اڄ عيد آهي!
ٻئي حوالي طور سائين حيدر علي جي ساڳئي ڪتاب ۾،
سندس ٻيءَ تحرير ”احتساب جو احتساب، لڳي ماٺ مرن کي“ پڙهو، ان جون ڪجهه سٽون هي
آهن:
اچو ته خسيس کي تياڳيون
اچو ته پاڻ سنڀاريون
اچو ته ڳنڀير ٿيون
اچو ته مٿاهان ٿيون
اچو ته آڳاهان ٿيون
اچو ته آجا ٿيون
اچو- اچو ته آجا ٿيون
اچو ته نرواڻ ماڻيون
ٽئين شاهدي طور به سائين جي ساڳئي ڪتاب جي ٽيون
نمبر تحرير جو ئي حوالو ڏيان ٿو. آءِ آءِ قاضي جي الوداعي واردات واري موقعي تي
اُسري آيل اڌمو ”درياءَ توتي دانهن“ جون چند سٽون آهن:
شعور جي عظمتن پنهنجي
ساٿي، نحيف ۽ ضعيف جسم جي
رفاقت کي ترڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو
سوز نقطئه ڪمال تي پهتو
روح جي رڙ، جسم جي پڃري
کي هڻي ڀورو ڪيو...
اڄ خاموشين روئي ڏنو...
اڄ عقيدتن کي نئون درد
نئون سوز نصيب ٿيو.
هڪڙا ناتا ٽٽا ته ٻيا ڳنڍجي ويا
اڄ هڪڙي ئي وقت هجر ۽ وصال
جون ٻه وارداتون ٿيون...
نفي ۽ اثبات جون سرحدون
هڪ ٻئي سان ملي ويون...
شاهديون ٽي ئي ڪافي مڃيل آهن، اڃا به وڌيڪ گواهيون
پيش ڪري سگهجن ٿيون، پر اهي ڪنهن ٻئي ڀيري. ڇاڪاڻ ته سائين حيدر علي علم جو ڀنڊار
هو. قلم سندس محتاج هو. هن نثر گهڻو لکيو، شاعري ٿوري سرجي، پر بهرحال، سائين حيدر
علي پختو شاعر به رهيو...
No comments:
راءِ ڏيندا