; سنڌي شخصيتون: رئيس حاجي غلام محمد زنئور - ولي محمد زنئور

05 September, 2012

رئيس حاجي غلام محمد زنئور - ولي محمد زنئور


رئيس حاجي غلام محمد زنئور
ولي محمد زنئور
سنسار جي سدا بهار سڳنڌ ۾ وادي سنڌ به پنهنجي من موهيندڙ مهڪ ۽ مي ۾ مخمور نيڻن جهڙي دلربا نازنين جيان نقشي ۾ نمودار آهي. جنهن پنهنجي تاڪيل تهه مان بيشمار، بي بها خزانا ۽ مالهه ماڻڪ اپٽيا آهن. جن جي جوت ۽ جلوي سان هي جهان جڳمڳ آهي. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه کان حاجي احمد ملاح تائين، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان سائين جي ايم سيد تائين، دودي سومري کان دولهه درياهه خان تائين، مرزا قليچ بيگ کان ڊاڪٽر نبي بخش تائين، ڄام سپڙ کان ڄام ڪانڀو خان تائين، حاجي امير بخش جوڻيجي کان حاجي خدا بخش درس تائين، اهڙن عظيم انسانن، شاعرن، سياستدانن، بهادرن، محققن، سخين ۽ مهمان نواز ماڻهن جي موتين جي لڙهي پويل آهي. جن جو ڪوبه ڇيڙو نظر نٿو اچي. انهن مالائن کي سهيڙڻ لاءِ وڏي وت، وقت، همت ۽ سوڳت جي ضرورت آهي. ان ڪم لاءِ روزاني عبرت حيدرآباد هنج بڻجي پنهنجي چنج سان اهڙا موتي چئي تاريخ جي تاريڪ ورقن کي تجلي ذريعي روشن ڪري رهي آهي.


اهڙن ئي منور ماهتاب مٿين ۽ شهيدن رئيس حاجي غلام محمد زنئور پڻ هڪ هو. رئيس حاجي غلام محمد  زنئور، ٽن ضلعن جي سنگهم ضلع ٽنڊو الهيار، ضلعو ٽنڊو محمد خان ۽ ضلع بدين جي حدن اندر ايندڙ ڳوٺ محمد خان زنئور جيڪو پوءِ سندئي ئي نالي حاجي غلام محمد زنئور نالي سڏجڻ لڳو ۾ اٽڪل ۱۹۵۲-۵۳ع ڌاري هڪ غريب ملهه پهلوان حاجي محمود جي گهر ۾ اک کولي.
سنڌي پنج درجا پاس ڪرڻ کانپوءِ غربت سبب وڌيڪ پڙهي نه سگهيو ۽ پنهنجي والد محنت مزدوري ۾ هٿ ونڊائڻ لڳو. پنهنجي محنت ۽ مزدوري مان ڪمائي ۽ بچائي ڳوٺ ۾ هڪ ننڍڙو ريزڪي دوڪان کوليو. پنهنجي سياڻپ، ڏاهپ ۽ عقلمندي ڪري آهستي آهستي دوڪان مان ترقي ڪري ترجو هڪ سٺو زميندار بڻجي ويو. غريب هئڻ جي ناطي هي غريبن مسڪينن ۽ اٻوجهه ماڻهن جي مسئلن کي خوب ڄاتو ٿي. تنهن ڪري سندس پهرين ترجيح انهن جا مسئلا حل ڪرڻ هو. روزانه صبح جي وقت زمينداري جي ڪمن مان فارغ ٿي عوامي مسئلن کي منهن ڏيندو هو. روزانو ڪيترائي تڪرار، تنازعه نبيري راڄوڻي فيصلا ڪندو هو. اڙيلن جي اڙي چڏائڻ بي پهچ ماڻهن جي رسائي ڪرڻ، بي يارو مدار ماڻهن جي مدد ڪرڻ بي واهن جي واهر ڪرڻ، مهمانن جي ميزباني ڪرڻ، آئي ويئي کي مان ڏيڻ، ننڍن وڏن جي عزت ڪرڻ، حقدارن کي حق وٺي ڏيڻ. سندس خاص مشغلا هئا. ان کان سواءِ ڳوٺ توڙي علائقي جي سماجي ڪمن ۾ به اڳيان اڳيان رهيا. ڳوٺ الءِ پڪو رستو، بجلي، ڪميونٽي سينٽر، ڊسپينسري، بوائز پرائمري اسڪول ۽ گرلس پرائمري اسڪول منظور ڪرايائين. انهن ڳالهين رئيس کي فرش تان عرش تي پهچائي ڇڏيو. سندس مقبوليت ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳي. اهڙي مقبوليت ۽ شهرت ڏسي تر جي وڏيرن، زميندارن، چڱن مڙسن، حاسدن ۽ ساڙيولين جون ننڍيون ڦٽي ويون. انهن سازشيون ڪري رئيس کي جاني توڙي مالي نقصان رسائڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون. ڪيترائي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا. برادري ۾ ڦوٽ وجهي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جهڙا ڪيس ڪيا. پوليس فوج ۽ رينجرزذريعي ڇاپا هڻائي انسلٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هڪ ڀيري فوج ڳوٺ تي چڙهائي ڪري رئيس جي حويلي ۽ بنگلي تي ڪڙو چاڙهي مسجدن جي لائوڊ اسپيڪرن ذريعي اعلان ڪري اڻ اعلانيل ڪرفيو جهڙي صورتحال پيدا ڪئي پر هن دلير بهادر ۽ غيور مرد انهن سڀني ڳالهين کي منهن ڏيئي پاڻ ملهايو. رواتي  وڏيرن وزير اعظم نواز شريف جي حيدرآباد دوري دوران رئيس حاجي غلام محمد زنئور جي خلاف پمفليٽ ۽ بيئر ڇاپي احتجاج ڪيو ۽ جلوس ڪڍيا. پر هن بهادر، باڪردار باطن جون وايون بتال ڪري ٿي ويون. خونن جا ڪيس مڙهيا ويا. ڪيترائي خوني حملا ٿيا پر  هي بي باڪ ۽ صاف گو ماڻهو الله سائين جي مدد سان ڪامياب ٿيو ۽ دشمن ڪک پن وانگر لڙهي ويا. ان هوندي به ڪڏهن به دل نه لاهي نه مايوس ٿيو. هميشه حق جي راهه ۾ مضبوطي سان بيٺو رهيو ۽ عوام جي خدمت ۾ ڪسر ڪانه ڇڏيائين. دشمن جڏهن هر طرف کان مايوس ۽ نااميد ٿيو تڏهن هڪ خطرناڪ کيل کيڏڻ جو ٽاسڪ جوڙيو. ۲۹ جولائي ۲۰۰۶ع تي ماتلي شهر مان لنگهندي دشمنن جي هڪ ٽولي موٽر سائيڪلن تي سوار هٿياربندن ڪار تي فائرنگ ڪرڻ شروع ڪري ڏني. مقابلي لاءِ رئيس به جهڪي ڪلاشنڪوف کڻڻ جي ڪوشس ڪئي پر دشمنن جو وار ڪم ڪري چڪو هو. رئيس کي فوري طور اسپتال نيو ويو پر اسپتال پهچڻ کان اڳ شهيد ٿي ويو. رئيس جي شهادت هڪ عظيم انسان جي شهادت هئي. برادري ۽ قوم جي شهادت هئي. الله پاڪ کيس جوار رحمت ۾ جڳهه ڏي. آمين.

No comments:

راءِ ڏيندا