; سنڌي شخصيتون: عبدالغفار قمر جوڌپوري - تاج الاحرار چندريگر

05 September, 2012

عبدالغفار قمر جوڌپوري - تاج الاحرار چندريگر


عبدالغفار قمر جوڌپوري
تحريڪ پاڪستان جو جوشيلو ڪارڪن ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جو جان نثارورڪر
تاج الاحرار چندريگر
عبدالغفار قمر، جنهن قمر جوڌپوري جي نالي سان شهرت ماڻي. سو ڀارتي صوبي راجسٿان جي رياست جوڌپور ۾ ۱۹۱۰ع ۾ پيدا ٿيو ۽ اتي ئي وڌي وڏو ٿيو. هن نوجواني ۾ تحريڪ پاڪستان جي جوشيلي ڪارڪن جو ڪردار ادا ڪيو ۽ نوجوانن ۾ جوشيلي تقرير ڪري، آزادي جي جذبي جي روح کي پروان چڙهايو. مسلمان نوجوانن کي منظم ڪري، انهن ۾ حربي ۽ عسڪري صلاحيتن کي بيدار ڪيو. جنهن جي ڏوهه ۾ جوڌپور انتظاميه طرفان نه صرف سندس زبان تي تالا لڳايا ويا پر انگريز حڪومت جي چوڻ تي مها راجه جوڌپور کيس شهر بدر ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا.

جوڌپور بدر ٿيڻ کان پوءِ هن مرد مجاهد اوڌيپور شهر ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي ۽ اتي به تحريڪ پاڪستان ۾ سرگرم رهيو ۽ پنهنجون سرگرميون جاري رکيون. اوڌيپور انتظاميه به تحريڪ پاڪستان جي حق ۾ سرگرميون روڪڻ لاءِ وارننگ بار بار جاري ڪيون پر هن جوشيلي ڪارڪن وڏي بهادري ۽ جرائت منديءَ سان پنهنجون سرگرميون جاري و ساري رکيون، جنهن تي اوڌيپور جي انتظاميه به ڏيهه نيڪالي جا حڪم جاري ڪندي کيس پوليس ذريعي راجسٿان جي سرحد تي آڻي سنڌ ڏانهن ڌڪي روانو ڪري ڇڏيو.
اپريل ۱۹۴۰ع ڌاري حيدرآباد لڏپلاڻ ڪري اچي ويٺو ۽ حيدرآباد جي علائقي مارڪيٽ ٽاور ڀرسان جيل روڊ تي رهائش اختيار ڪئي ۽ اتي به تحريڪ پاڪستان جي حق ۾ پنهنجون سماجي ۽ سياسي سرگرميون جاري رکيون. پاڪستان ٺهڻ جي موقعي تي ۱۴ آگسٽ ۱۹۴۷ تي حيدرآباد جي پڪي قلعي واري علائقي تان برطانوي حڪومت جو جهنڊو لاهي پاڪستان جو سائو چنڊ تاري وارو جهنڊو کوڙڻ جو سڀ کان پهريون اعزاز حاصل به هن ئي ڪيو، نه صرف پڪي قلعي تي پاڪستان جو جهنڊو جهولايو پر ان موقعي تي موجود انگريز ڪليڪٽر کي پرجوش ۽ ڌمڪي واري انداز ۾ چيو ته ’سليوٽ ٽو اور فليگ‘۽ اهڙي طرح ان پرجوش پاڪستاني قيادت ۾ برطانوي ڪليڪٽر به سوين ماڻهن سان گڏجي پاڪستاني جهنڊي کي سلامي پيش ڪئي، قيام پاڪستان کان پهرين جڏهن سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ آيو. ته هتي پهرين کان موجود ڪيترائي ماڻهو گروهن جي شڪل ۾ سماجي ۽ سياسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا هئا ۽ تحريڪ پاڪستان هلائي رهيا هئا. انهن مان هڪ گروپ قاضي ڀائرن جو به هو جن ۾ قاضي محمد اڪبر، قاضي عبدالمجيد عابد  ۽ قاضي محمد اعظم شامل هئا ۽ اهي ماڻهو نه رڳو حيدرآباد پر سڄي سنڌ ۾ تحريڪ پاڪستان هلائيندڙ ماڻهن جي قيادت ۾ پهريان اڳواڻ هئا، خاص طور تي هن انهن ئي ماڻهن ۽ ٻين ماڻهن سان ملي راقم الحروف تاج الاحرار چندريگر جي والد قمر جوڌپوري به نهايت جوشيلي ۽ بهادري سان دل ۽ جان سان حصو ورتو ۽ قيام پاڪستان کان پوءِ به پاڪستان ۾ آيل مسلمانن جو استقبال، انهن جي طعام، عارضي پناهه گاهن ۽ رهائش جا انتظام به انهن ئي ماڻهن جي ڀرپور تعاون سان حصو وٺندو رهيو ۽ هندستان کان آيل مسلمانن جي ڀلائي لاءِ ڊگهي عرصي تائين مسلسل جدوجهد ڪندو رهيو. صدر ايوب خان جي دور ۾ صدارت ۾ ٻه ڀيرا ميمبر بنيادي جمهوريت منتخب ٿيا، پهرين ڀيري جيل روڊ مارڪيٽ ٽاور جي علائقي سان ۽ ٻئي ڀيري سرفراز ڪالوني جي علائقي مان چونڊيو ۽ پنهنجي سماجي خدمتن جو تسلسل قائم رکيو.
انهيءَ دوران پاڪستان جو هڪ سچو مجاهد عوام جو هيرو پاڪستاني عوام جو هردلعزيز، بهادر، بيخوف اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽو جي صورت ۾ پاڪستاني سياست جي اُفق تي پنهنجي پوري آب ۽ تاب سان گڏ اڀريو جنهن کي ٻين ماڻهن وانگر راقم الحروف جي والد ۽ ٻين شخصيت شناس ۽ هيرا شناس ماڻهن سان گڏ ان وقت ئي ڄاڻي ورتو هو جڏهن هو پاڪستان جي آبپاشي بجلي ۽ قدرتي وسيلن جو وزير مقرر ڪيو ويو ۽ جيڪو بعد ۾ پنهنجي قابليت ۽ اعليٰ صلاحيتن جي ڪري وزير خارجه جي اهم عهدي تي رهيو. راقم الحروف جيئن ته ان دور جو هڪ سرگرم سياسي سماجي ورڪر ۽ اڳواڻ جو پٽ آهي ۽ ان تعلق جي بنياد تي ننڍپڻ کان ئي اخبارن ۽ رسالن جو مطالعو ڪرڻ جو عادي ۽ شوقين رهيو آهي، بهرحال اهو چوڻ ڪو عار نٿو سمجهان ته ذوالفقار علي ڀٽو جهڙو ذهن دبنگ ۽ بين الاقوامي لحاظ کان دنيا تي پنهنجي سياسي ذهانت جو سڪو ڄمائڻ وارو وزير خارجه ڪڏهن ملي سگهندو. منهنجو والد مرحوم به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو زبردست مداح ۽ ڪارڪن هو ۽ چوندو هو ته ڀٽو صاحب ۾ رهنمائي ڪرڻ جون خداداد صلاحيتون آهن ۽ ٻڌائيندو هو ته ۱۹۶۵ع ڌاري پاڪ ڀارت جنگ ۾ ڀٽو صاحب بين الاقوامي دنيا ۾ پاڪستان جي موقف کي جنهن انداز ۾ پيش ڪيو، ڪو ٻيو وزير خارجه هجي ها ته ان انداز ۾ پيش نه پئي ڪري ٿي سگهيو. ڀٽو صاحب جنگ جي دوران عوام ۽ مسلح فوج جي حوصلن کي وڌايو ۽ جڏهن وزير اعظم ٿيو ته ملڪ سان گڏ دين اسلام ۽ اسلامي دنيا جي جنهن خدمت جي غير جانبدار مورخ ان کي سنهرن لفظن ۾ تاريخ جو هڪ سنهري باب تحرير ڪندو. ڀٽو صاحب دين اسلام جي هڪ طرح زبردست خدمت هن طرح به ڪئي ته وڏن ۽ جيد عالم دين جي تعاون سان قرآن پاڪ جي زير زبرن جي اڻ ڄاڻائي ۾ ٿيندڙ غلطين کان پاڪ ڪرايو. نبي آخر الزمان حضرت محمد ﷺ کي آخري نبي نه مڃڻ وارن کي ديني عالمن کان متفقه راءِ وٺي قومي اسيمبلي ۾ مسلمانن کان الڳ فرقو قرار ڏياريو. عالم اسلام جي خدمت ان طرح سان ڪئي جو اسلامي ملڪن جي حڪمرانن کي جنجهوڙي ان ۾ اسلامي اتحاد جي لاءِ بيداري پيدا ڪئي ۽ انهن کي دنيا ۾ مسلمانن جي اهميت جو احساس ڏياريو ۽ غيرن جي طرفان مسلمانن جي خلاف ٿيندڙ سازشن کان آگاهه ڪيو ۽ اسلامي ملڪن کي متحد ڪندي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ۽ مسلمانن ۾ ٺوس اتحاد جي بنياد وڌي. ڀٽو صاحب جي دل ۾ اسلامي ملڪن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ جو جذبو انتهائي ڀريل هو ۽ انهي جذبي تحت اسلامي ملڪن جون ٻيون ۽ ڪامياب ترين سربراهه ڪانفرنس پاڪستان ۾ منعقد ڪرائي. ان کان سواءِ اوڀر پاڪستان جي ورهاڱي موقعي تي به هن اقوامي متحده ۾ وزير خارجه ۽ نائب وزير اعظم جي حيثيت ۾ جيڪا ولوله انگيز تقرير ڪئي ان ۾ پاڪستان جي بهادر فوج کي عالم اسلام جي فوج قرار ڏنو، جنهن سان ڀٽو صاحب جي اسلامي ملڪن سان گڏ خاص محبت جو شاندار اظهار هوندو آهي ۽ جڏهن الله تعاليٰ هن کي هڪ وڏي ۽ اهم مملڪت جو وزير اعظم بڻايو ته پنهنجي پهرين فرصت ۾ پاڪستان جي دفاعي ايٽمي پروگرام جي بنياد رکيو، باوجود ان جي ته ان وقت جي آمريڪي يهودي وزير خارجه سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي ايٽمي پروگرام کي روڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون پر ڀٽو صاحب فولادي عزم سان گڏ پاڪستان کي هڪ طاقتور ايٽمي ملڪ بڻائڻ واري موقف تي مضبوطي سان بيٺو رهيو ۽ ملڪ جي اندرين ۽ ٻاهرين هر سطح تي ملڪ جي ايٽمي پروگرام جو دفاع ڪندو رهيو. ان ڪري غير مسلم طاقتون پاڪستان جون دشمن بڻجي ڳجهن سازشن ۾ مصروف ٿي ويون. پهرين عالم اسلام جي مقبول ترين اڳواڻ شاهه فيصل کي مارايو ويو جيڪو مسلم اتحاد جي سلسلي ۾ ڀٽو صاحب سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي جدوجهد ڪري رهيو هو. ان کان پوءِ هنن سازشن جو تسلسل جاري رکندي پاڪستان جي هردلعزيز بهادر ۽ بيباڪ وزير اعظم جو تختو اونڌو ڪرايو ۽ جنهن کان پوءِ پنهنجن سازشن کي مڪمل ڪندي ڀٽو صاحب کي ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويو ۽ اهڙي طرح پاڪستان کي هڪ محبِ وطن ۽ ايٽمي پروگرام جي روح روان وزير اعظم کان محروم ڪيو ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا