; سنڌي شخصيتون: شاهه محمد لاشاري - ناصر بلوچ

13 September, 2012

شاهه محمد لاشاري - ناصر بلوچ


شاهه محمد لاشاري
هوشيار استاد ۽ بهترين منتظم
ناصر بلوچ
سائين شاهه محمد ولد الهه بچايو لاشاري، اپريل 1942ع ڳوٺ علي نواز بوزدار تعلقي ماتلي ۾ جنم ورتو. هن کي پرائمري تعليم لاءِ تڪليفون برداشت ڪرڻيون پيون. سال 1948ع ۾ کيس پرائمري تعليم لاءِ ڳوٺ ٺارو ڪوٽ اسڪول وڃڻو پيو، جيڪو سندس ڳوٺ کان ٻه ڪلوميٽر پري هو. اهڙي طرح هن ننڍڙي ٻار کي روزانو پرائمري تعليم لاءِ چار ڪلو ميٽر پنڌ ڪرڻو پوندو هو. انهي وقت اسڪولن ۾ پڙهائي صبح و شام ٿيندي هئي. هر ڪو شاگرد ٻنپهرن جي ماني گهران کڻي ايندو هو، جا ٻنپهرن جو هڪ ڪلاڪ جي وقفي ۾ کائڻي پوندي هئي، جيڪو ماني ۽ نماز لاءِ ڪيو ويندو هو. انهيءَ ڳوٺ جو وڏيرو سڀني شاگردن لاءِ جهڻ (لسي) پنهنجي طرفان مهيا ڪندو هو. شام جو موڪل کان اڳ، هڪ ڪلاڪ سڀني شاگردن کي استادن جي نگراني ۾ راند ڪرڻي پوندي هئي، جنهن ۾ دريون، ونجهه وٽي، ريس، ڦر ڦر سونٽو وغيره شامل هيون. شام پنجين وڳي بعد، ٻارن کي موڪل ملندي هئي ۽ سج لٿي تائين ٻارن کي پنهنجن گهرن ۾ پهچڻو پوندو هو. گهر ۾استاد طرفان ڏنل هوم ورڪ ڪري، رات جي ماني کائي عمومًا 8 وڳي اندر ٻار سمهي رهندا هئا، جو کين ٻي صبح سوير اٿي اسڪول وڃڻو پوندو هو. ان زماني ۾ بجليون ڪو نه هيون. شاهه محمد لاشاري ڳوٺ ٺارو ڪوٽ تعلقي ماتلي مان پرائمري پاس ڪري 1952ع ۾ 10 سالن جي عمر ۾ اڪيلو تلهار پنهنجي مامي وٽ، انگريزي پڙهڻ جي خيال سان آيو. هڪ درجو انگريزي پاس ڪري، وري کيس واپس وڃڻو پيو ۽ ٻه درجا ٽنڊو غلام علي هاءِ اسڪول ۾ پڙهي، ميٽرڪ مير غلام محمد اسڪول ٽنڊوباگو مان پاس ڪيائين. ان وچ ۾ ٻارهن سالن جي عمر ۾، سندس شادي پڻ ڪرائي وئي، جنهن ڪارڻ علم لاءِ وڌيڪ مسئلا پيدا ٿيا. تعليم نه ڇڏيائين.


ميٽرڪ بعد گورنمينٽ ڪاليج ڦليلي حيدرآباد ۾ داخلا ورتائين پر خرچ نه هجڻ ڪري، تعليم جاري نه رکي سگهيو ۽ 1962ع ۾ بطور ٽيچر پنهنجي عملي زندگي جو آغاز ڪيو ۽ سڄي ڄمار تعليم کاتي ۾ رهيو. جتان سن 2002ع ۾ بطور هيڊ ماستر رٽائر ٿيو. نوڪريءَ دوران، هن پڙهائي به جاري رکي ۽ M.A M.ED تائين پڙهيو.
سندس شمار پنهنجي وقت جي هوشيار استادن ۽ بهترين منتظمين ۾ ٿئي ٿو. انگريزي ۽ حسابن ۾ سائين ننڍي هوندي کان ئي هوشيار رهيو آهي. سندس پوسٽنگ بدين ضلعي جي مختلف اسڪولن ۾ رهي. البته رپ شريف هاءِ اسڪول کي هو پنهنجي زندگيءَ جو بهترين وقت شمار ٿو ڪري.
سائين شاهه محمد لاشاري رٽائرمينٽ بعد، پنهنجي ڳوٺ لڳ ساجن سوائي (وايا تلهار) ۾ رهي ٿو ۽ زمينداري ڪري، پنهنجو گذر سفر ڪري رهيو آهي. هو چوي ٿو ته؛ سن 2011ع جي تباهه ڪن برساتن سبب، کين زبردست نقصان پهتا آهن، جنهن سبب سندن مالي حالت اڃا تائين بهتر ڪونهي. شاهه محمد لاشاري پنهنجي بهترين ساٿي نياز محمد جتوئي جي لاڏاڻي تي افسرده رهي ٿو ۽ کيس ياد ٿو ڪري. پنهنجي بهترين استادن ۾ پرائمري جي استاد محمد اشرف جمالي ۽ انگريزي تعليم دوران سائين سراج الحسن نقوي مرحوم کي ڏاڍو ياد ٿو ڪري. سائين سراج الحسن علي ڳڙهه جو گريجوئيٽ هو ۽ اعليٰ درجي جو استاد هو.
اڳي ۽ اڄ جي تعليم تي ڳالهائيندي، سائين شاهه محمد لاشاري چوي ٿو ته؛ اڄ به جيڪڏهن استاد صحيح نموني پڙهائين ته تعليمي بهتري ممڪن آهي ۽ جيستائين پرائمري تعليم بهتر نه ٿيندي اعليٰ تعليم پڻ پست رهندي. ان لاءِ ضروري آهي ته پرائمري تعليم جو معيار بهتر بڻايو وڃي. تعليم کاتي مان سفارش ۽ ڪرپشن ختم ڪئي وڃي ۽ ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون وڃن. هن مائٽن تي به زور ڀريو ته هو تعليمي بهتريءَ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ٻارن جي سرگرمين تي نظر رکن. ور نه ته اسان جو مستقبل تاريڪ آهي. دعا آهي ته سائين محمد لاشاري، تندرستي ۽ وڏي حياتي ماڻي ۽ پنهنجي علم و دانش سان معاشري جي خدمت ڪندو رهي. آمين.

No comments:

راءِ ڏيندا