صوفي غوث محمد ثاني
المعروف صوفي ارشاد عباس
صوفي غلام مصطفيٰ
حضرت صوفي شاهه عنايت شهيد رح جيڪا حق ۽ سچ جي شمع روشن ڪئي هئي، اها
اڄ به روشن آهي. جنهن تي اڄ ڪيترا ئي پروانه جان نثاري ڪندي نظر اچن ٿا. باطل قوتن
انهي روشن شمع کي وسائڻ جون ته ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون پر جنهن جي حفاظت خود خدا
ڪري ته ان کي ڪابه قوت وسائي نه ٿي سگهي. شاهه عنايت شهيد بعد، سندن مسند تي جلوه
افروز ٿيندڙ سجاده نشين ۽ سندن جان نثار پروانن سندن مشن کي جاري رکيو.
حضرت عبدالستار ثاني جن جي بقا جي مقام تي پرواز ڪرڻ کانپوءِ سندن
فرزند صوفي غوث محمد ثاني المعروف صوفي ارشاد عباس جن درگاهه شاهه عنايت شهيد جا
سجاده نشين بڻيا. پاڻ نهايت خوش اخلاق، حسين ۽ اعليٰ تعليم يافته، صحتمند ۽ توانه
جسم رکندڙ هئا. مون سائين جن کي يونيورسٽي ۾ تعليم وٺڻ واري زماني ۾ ته ڪو نه ڏٺو
پر جڏهن پاڻ درگاهه جا سجاده نشين بڻيا ته سندن زندگي ۾ وڏو انقلاب اچي ويو.
يونيورسٽي جي تعليم، خوش پوشاڪ پهريندڙ ارشاد عباس جن بلڪل فقيري رنگ ۾ اچي ويا.
سندن جسم آهسته آهسته ڪمزور ٿيندو رهيو. هڪ ڏينهن مون سائين جن جي شاگردي واري جي
تصوير ڏٺي ته مان پڇڻ تي مجبور ٿي ويس ته هي تصوير ڪنهن جي آهي؟ ٻڌايو ويو ته اها
تصوير ارشاد عباس جن جي آهي. سچ پڇو ته يقين ئي نه پيو اچي. پاڻ فقيري رنگ ۾ بلڪل
تبديل ٿي چڪا هئا. پاڻ بلڪل سچا صوفي هئا. درگاهه جو نظام بهتر انداز ۾ هلايائون.
امير ۽ غريب جو وٽن امتياز نه هوندو هو. پاڻ سٺا شاعر به هئا. سندن ڪلام ريڊيو
پاڪستان تان به نشر ٿيندا رهيا. صوفي شاهه عنايت رح جي ميلي جي موقعي تي فقرائي
راڳ جي محفل ۾ شريڪ رهندا هئا. قوالي ٻڌڻ جا شوقين هئا. نالي واريون قوال پارٽيون،
سندن آستاني تي نظر اينديون هيون. استاد منظور علي خان، سندن خدمت ۾ گهڻو ايندو هو
۽ استاد منظور علي خان جو راڳ، نهايت غور سان ٻڌندا هئا. پڪو راڳ پسند ڪندا هئا.
استاد خورشيد علي خان، استاد اميد علي خان به سندن خدمت ۾ ايندا رهندا هئا. پاڻ
ڪلاسيڪي راڳ جا وڏا پارکو هئا. سالياني ميلي جي موقعي تي، مان به ميلي وارا ڏينهن،
سندس خدمت ۾ موجود هوندو هئس. جتي مون کي پاڪستان جي مشهور فنڪارن جي راڳ ٻڌڻ جو
پڻ موقعو ملندو هو. پاڻ منهنجي والد محترم، فقير لعل بخش ڪانڌڙو جي آستاني تي،
مورو ۾ تشريف فرما ٿيندا هئا ۽ ڪيترا ئي ڏينهن ترسيل هوندا هئا. مورو شهر جا ماڻهو،
سائين جن سان ملڻ لاءِ ايندا هئا. سنڌ جو نامور طبيب، احمد علي مغل به سائين جي
صحبت ۾ هوندو هو. جڏهن سائين جن سفر تي نڪرندا هئا ته حڪيم صاحب، سائين جن سان هم
سفر هوندا هئا. سائين ارشاد عباس جن کي حڪمت سان دلچسپي هوندي هئي. سندس بردار
سائين صوفي دلشاد عباس جن به حڪمت جا ماهر ۽ ڄاڻو آهن. سندن طالبن ۾ مسلمانن
کانسواءِ هندو ڌرم جا ماڻهو؛ ميگهواڙ ۽ ماڙيچا به شامل هوندا هئا. جن جو ٻاريون
جهوڪ شريف ۾ موجود آهن. هن وقت، سندن وڏا فرزند صوفي عطاءُ الله ستاري جن، درگاهه
عاليه جا سجاده نشين آهن. سندن ساليانو ڏهاڙو 16 ۽ 17 شوال تي، هر سال عقيدت ۽
احترام سان ملهايو ويندو آهي. جتي عرب امارات، هندستان ۽ سنڌ بلوچستان کان
عقيدتمند ايندا آهن.
”دل تو لڳي آ يار صنم، مونکي تنهنجو قسم، تنهنجي سر جو قسم“
No comments:
راءِ ڏيندا