; سنڌي شخصيتون: سيد مصري شاهه رضوي

05 September, 2012

سيد مصري شاهه رضوي


سيد مصري شاهه رضوي
ڪافين جو بادشاهه
سيد مصري شاهه جو پورو نالو ”مصري شاهه رضوي“ آهي، سندس ولادت ۱۲۴۵هجري بمطابق ۱۸۲۸ع ۾ سنڌ جي شهر نصرپور ۾ ٿي.
سندس والد سيد بلند شاهه جي پنهنجي هڪ الڳ حيثيت آهي.
مصري شاهه کي ڪافين جو بادشاهه چيو وڃي ٿو ڇو ته سنڌي موسيقي ۾ ڪلاسيڪل موسيقي جو پنهنجو ئي رنگ آهي. ڪافي هڪ اهم ۽ ڏکي صنف آهي پر جتي به ڪافي جو ذڪر ايندو اتي مصري شاهه ياد ايندو.


مصري شاهه ننڍو ئي هو ته سندس والد جي وفات ٿي وئي ۽ سندس وڏي ڀاءُ سندس پرورش ڪئي ۽ ابتدائي تعليم ”قاضي گل محمد“ جي مدرسي مان حاصل ڪئي ۽ اتان ئي سنڌي عربي، اردو، فارسي ۽ سنسڪرت جي تعليم ورتائين.
مصري شاهه کي عربي لغت معنيٰ سان حفظ هئي.
جڏهن ته ”ديوان حافظ“ مثنوي رومي“ ديوان ڪليات سعيدي شيرازي جا حافظ به هئا. شاهه جو رسالو هميشه گڏ رکندا هئا.
پاڻ پنهنجو تخلص مصري رکيائون. ٻانهي جو ٻار سڏائيندا هئا.
صبح ساجهر فجر پڙهي مرشد جي زيارت ڪندا هئا. ۱۶ سالن جو ئي هو ته کيس اشارو مليو ته سفر تي هل ۽ پوءِ ٿرپارڪر، اجمير، هنگلاج، جونا ڳڙهه ۽ ڪڇ ابو پهاڙ تي اچي چله ڪشي ۾ مصروف ٿيا ۽ ۴۰ سالن جي عمر ۾ موٽي اچي موجوده اوطاق تي ويٺو ۽ پوءِ دنيا کان لاتعلق ٿي پيو.
مصري شاهه جيڪو به جلالي عالم ۾ ڪلام چوندا هو سي سڀ سندس ڀائٽي سيد قادر شاهه، قاضي عبدالرحيم محفوظ ڪيا.
مصري شاهه جي شاعري ڪافي نج سنڌي ۾ آهي. مصري شاهه جو شاعري مجموعو ڪليات مصري شاهه جا ٽي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. جنهن ۾ ٻه سؤ چاليهه ڪافيون، ۲۴ وايون. ۱۷۵ بيت آهن. ۱۶۴ سنڌي، ۲۵ سرائيڪي، ۳ هندي،  هڪ فارسي ۽ هڪ اردو ڪافي آهي.
ڪيات مصري شاهه ۾ ٻه اهڙيون به ڪافيون آهن جن ۾ هڪ به نقطو نه آهي.
سندس شاعري ۾ پارسي شاعري جو رنگ به نظر اچي ٿو. 
سندس ڪافين کي مختلف گلوڪارن ڳايو آهي. درگاهن، ميلن، اوطاق ۽ عرس جي موقعي تي سندس ڪلام ڳايو وڃي ٿو.
سندس ڪجهه مشهور ڪافيون جيئن ته ”اڄ ته عجيب آڻي لايا نينهن نوان“ فوزيا سومرو ڳائي ۽ هڪ ٻي ڪافي جنهن ۾ سسئي جو درد آهي. ڏيرن جو ڪونهي ڏوهه نصيب ننڊ جو آهي نماڻو“ به فوزيا ڳائي آهي.
محمد ابراهيم ۽ نون فنڪارن به سندس ڪلام ڳايو آهي.
سندس وفات پنج صفر ۱۲۳۵ هجري بمطابق ۱۹۰۶ع رات جي وقت ٿي. کين درگاهه محمود جي اتر طرف مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. اتي سندس درگاهه آهي. جيڪا سيد علامه شاهه ولد سيد فتح شاهه تعمير ڪرائي.
هر سال چوٿين، پنجين، ڇهين، ستين صفر تي سندس ميلو لڳندو آهي. سندس گادي نشين (موجوده سيد مريد علي شاهه) سندس درگاهه تي چادر چاڙهي ميلي جو افتتاح ڪندو آهي ۽ پوءِ ڪئين ماڻهو اچي جمع ٿيندا آهن ۽ راڳ رنگ جي محفل ۾ سيد مصري شاهه جو ئي ڪلام ڳائي کيس نذرانو پيش ڪندا آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا