پروفيسر
عبدالرحيم ڏيٿو
خليل احمد ڏيٿو
ڪراچي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ٻيلو ۾ هڪ غريب گهراڻي ۾ ۱۵ فيبروري ۱۹۱۹ع تي پيدا ٿيندڙ هڪ ٻارڙي
جو نالو عبدالرحيم رکيو ويو. سندس پرائمري تعليم پيدائشي ڳوٺ ۾ ٿي ۽ وڌيڪ تعليم
جيڪا ان زماني ۾ حرام سمجهي ويندي هئي يعني انگريزي. مرحوم نور محمد حيدرآباد ۾
اسڪول قائم ڪيو. غريب ۽ هوشيار شاگردن کي سڄي سنڌ مان ڳولهي اتي رهائشگاهه ۽ پڙهائڻ
جو انتظام ڪيو ته علم جي شمع جي چوڌاري پروانا پهچي ويا. عبدالرحيم ڏيٿو غريب ۽
محنتي ماءُ پيءَ جو پٽ تعليم دوران شاهوڪار شاگردن جي ڪمرن جون صفائيون ڪري پاڻي
جي دلا گهگيون ڀري ان مان ملندڙ پئسن مان پنهنجو خرچ پورو ڪري هتي جي استادن ۽
شاگردن ۾ به نمايان نظر اچڻ لڳو. ۱۹۳۹ع
۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. مسلم ايجوڪيشن تحت هلندڙ هن ئي اسڪول استاد مقرر ٿيو. جتي پاڻ
۱۹۴۵ کان ۱۹۵۱ع
تائين پڙهائڻ واري پيغمبري پيشي ۾ پيش رهيو ۽ اتان ڇپجندڙ ميگزين جي سنڌي شعبي جو
ايڊيٽر به رهيو. انهي دوران پاڻ خاڪسار تحريڪ،. مسلم نيشنل گارڊ، سالار محله (مسلم
هاسٽل) ۽ هوم گارڊ طور به ڪم ڪيو. ۱۹۴۸ع
۾ بي اي پاس ڪري انگريزي جي نوڪري بجاءِ هاري ٿي ڪم ڪيائون. تحريڪ پاڪستان ۾ ڀرپور
حصو ورتو. خاص ڪري حيدرآباد آيل مهاجرن جي دل کولي مدد ڪئي. هڪ شخص جي ٽنگ ڪٽيل
هئي ته ان کي پنهنجي ڪلهي تي کڻي ريلوي اسٽيشن کان اسپتال پهچايو. ان کان علاوه
انهن جي علاج ۽ آبادڪاري ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. هندستان جي صوبي بهار جي مسلمانن
تي ٿيندڙ ظلمن خلاف چندو گڏ ڪري اتي موڪليو. علي ڳڙهه کان آيل شاگردن کي ڇڪڙن ۽
ٽرڪن ۾ سوار ڪري ٻهراڙي ۾ وٺي وڃي آل انڊيا مسلم ليگ جي پيغام کان متعارف ڪرايو.
پنهنجي شاگردن کي برصغير ۾ مسلم ليگ ڪانگريس جي گڏيل دور حڪومت ۾ لياقت بجيٽ بابت
ڄاڻ ڏنائون، مخدوم طالب الموليٰ جي والد ۽ سهري جي تعاون انهن جي مريدن تي مشتمل
هڪ لٺ بردار فورس تيار ڪيائون جنهن کي ملٽري ٽريننگ ڏياريائون. جيڪا فورس قائد
اعظم جي ڊائريڪٽ ايڪشن جي سڏ تي لبيڪ چوڻ لاءِ گهر وقت تيار هئي. نور محمد هاءِ
اسڪول ۾ غريب شاگردن لاءِ، غريب فنڊ قائم ڪيو، جنهن مان غريب شاگردن کي مدد ملندي
هئي. ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ هن جي ڊيوٽي طبي امداد لاءِ بهاولپور ۾ لڳائي وئي. جنهن
سان گڏ پاڻ اتي وڃي مفت تعليم ڏيڻ جو سلسلو به شروع ڪيو. ان کان علاوه اتي وچ شهر
۾ جلسو منعقد ڪري آزادي جي باري ۾ ليڪچر ڏنو ۽ حالات خراب ٿيڻ تي هندن ۽ مسلمانن
کي هڪ ٻئي جي عزت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو ۽ پوءِ واپس سنڌ اچي خلقت القرآن جي نالي
سان هڪ تحريڪ شروع ڪئي. جنهن ۾ هر شاگردن پنهنجو محاسبو ڪندو هو نه ڪرڻ جي صورت ۾
سزا طور نفل پڙهايا ويندا هئا ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ گار ڏيڻ جي صورت
۾ ڏنڊ ورتو ويندو هو.
نوڪري جي لحاظ کان پاڻ نور محمد هاءِ اسڪول کان علاوه حمايت الاسلام
هاءِ اسڪول، ٽريننگ ڪاليج، جامع عربيه هاءِ اسڪول سينٽ بونا وينچر هاءِ اسڪول ۾ به
تعليم ڏنائين. جنهن کانپوءِ ايس ڪي رحيم طرفان قائم ڪيل هاءِ اسڪول ۽ سٽي ڪاليج ۾
جيڪو هوپفل هاءِ اسڪول واري بلڊنگ ۾ هلندڙ هو سرڪاري نوڪري ڇڏي واعده وفائي خاطر
مفت ۾ سنڌي جي ليڪچرار طور پڙهائڻ شروع ڪيائون. جتي ۱۹۵۱ع کان ۲۷ سال نوڪري ڪندي، سال ۱۹۷۹ع ۾ پرنسپال جي عهدي تائين پهچي، رٽائر ٿيا.
پرنسپال جي عهدي سان گڏوگڏ Renaissance ايجوڪيشن ٽرسٽ جا ايڊمنسٽريٽر پڻ رهيا. جنهن تحت فقير
جي پڙ ۾ ڪاليج ٻاهران ۲۳۲ دڪان ۽ هڪ پيٽرول پمپ به تعمير ڪرايو. پاڻ ۱۹۶۱ع ايم اي سنڌي پاس ڪيائون. سٽي ڪاليج جي سندن دور ۾
پنهنجي شاگردن ۾ اعليٰ تعليم لاءِ دلچسپي پيدا ڪندا هئا. جنهن ڪري سندن ڪيترائي
شاگرد چٽا ڀيٽي جي امتحان پاس ڪري ۽ اڄ ملڪ ۾ ۽ ملڪ
کان ٻاهر اعليٰ عهدن تي فائز آهي. غريب شاگردن جي في معاف ڪرڻ کان علاوه مالي مدد به
ڪندا هئا. مرحوم تي هر زبان ڳالهائڻ وارن سان بنا ڪنهن فرق ۽ تعصب جي انسانيت جي
ناتي سان پيار محبت ۽ اعليٰ اخلاق وارو رويو رکيو. پاڻ سٽي ڪاليج ۾ هڪ اشاعتي
ادارو به قائم ڪيو. سنڌي ادبي مجلس جي نالي سان هن اداري تحت مشهور ڪتاب ادبي
آئيز، لطيفي لهرون ۽ سنيهو شايع ٿيا. سٽي ڪاليج ۾ انهن سرگرمين کان علاوه ڪاليج ۾
وڏا وڏا علمي ۽ ادبي ميڙاڪا به ٿيندا رها جن ۾ سنڌي اردو انگريزي تقريري مقابلا
ٿيندا هئا. ان کان علاوه ڪاليج ۾ قائم ڪيل مولودن جي مجلس وڏا وڏا پروگرام ۽ ڳائڻ
وڄائڻ جو محفلون ٿينديون هيون. جنهن ۾ وڏا وڏا فنڪار حصو وٺندا هئا. ڏور، بيت،
ڳجهارتون، نڙ بيت، مولود شريف سگهڙن جي ڪچهري ۾ شامل هوندا هئا.
مرحوم عبدالرحيم ڏيٿو بهترين اسڪائوٽ هو، جنهن جي ٽريننگ ڪوئٽه مان
حاصل ڪري آيو هو. پهرين فٽ بالر هو، جنهن تحت کيڏندي پنهنجو نالو انڊيا تائين
مڃرايائين ۽ ان کان علاوه هاڪي ڪرڪيٽ ۽ والي بال جو به سٺو رانديگر هو. مرحوم
پروفيسر شهر سان گڏوگڏ ٻهراڙي جي ماڻهن خاص طور سندن ڳوٺ جيڪو پاڻ ۱۹۵۶ع ۾ حيدرآباد کان ميرپورخاص واري روڊ تي ڏيٿا
اسٽيشن ڀرسان رحيم آباد نالي قائم ڪيو ان جي آس پاس جي غريب شاگردن لاءِ مفت تعليم
جو بندوبست ڪندي اتي اسڪول قائم ڪيائين. جنهن ۾ پاڻ محنت مزدوري ڪيائون. هن اسڪول
جا شاگرد اعليٰ عهدن تي فائز آهن. ان کان علاوه ڳوٺ ۾ هڪ جامع مسجد پڻ تعمير ڪيائون. جنهن ۾ پاڻ عيدن جا خطبا به
ڏيندا هئا. نماز به پڙهائيندا هئا. ماڻهن کي حقوق الله ۽ حقوق
العباد جا درس ڏيندا هئا. ان کان علاوه مسجد ۾ ديني تعليم لاءِ هڪ استاد مقرر ڪيائون.
ماڻهن کي ملڪي مواصلاتي نظام کي هلائڻ لاءِ هڪ پوسٽ آفيس به قائم ڪرائي. پاڻ ڪيترن
ئي تعليمي ادارن جي سرپرستي ڪندا رهيا. مرحوم ڳوٺ جي ترقي لاءِ وليج ڊولپمينٽ
ايسوسيئيشن پڻ قائم ڪئي ۽ ان تحت ماڻهن کي سياسي سماجي ۽ فلاحي مسئلن لاءِ ڪوشان
رهيا. مرحوم عاشق رسول صلي الله عليه وسلم طور ميلاد جون مجلسن ۾ مهمان خصوصي طور
شريڪ ٿي درود پاڪ جو ورد احسن انداز ۾ ڪري محفلن ۾ موجود ماڻهن کي موهي ڇڏيندا
هئا. پر مرحوم شاهه عبداللطيف رح جي پارکو ۽ حافظ طور سڃاڻپ رکندا هئا. لاکيڻي لطيف
رح جي هر پروگرام ۾ پري پري کان پهچندا هئا. اهڙن پروگرامن ۾ پاڪستان جي وڏن وڏن
شهرن ۾ سندن يادگار تقريرون اڃا تائين ماڻهن جي دلين تي نقش آهن. سندن رٽائرمينٽ ۾
سندن نجي سروس شمار نه ٿيڻ ڪري کين خالي هٿن گهر وڃڻو پيو.
رٽائرمينٽ کانپوءِ پاڻ بورڊ آفيس طرفان انسپيڪٽر سينٽرس طور مقرري
وقت به سڄي بورڊ جي امتحاني سينٽرن تي ايمانداري سان بهترين ڪارڪردگي جو ايواڊ
حاصل ڪيائون. جيڪو کين سندن شاگرد مظهر الحق صديقي (سابق وائس چانسلر سنڌ
يونيورسٽِ) جي هٿان مليو. پاڻ يونين ڪائونسل جي زڪوات عشر ڪميٽي جو عهدو صرف ماڻهن
جي حق ادائگي خاطر قبول ڪيو. جنهن لاءِ پاڻ ميلن جا ميل پنڌ ڪري حقدارن تائين ان
کي پهچايو. آخري ڏينهن ۾ پاڻ ڳوٺ ۾ هڪ ننڍڙو دڪان ڪفن دفن جي سهولت خاطر کوليو ۽
ٻيو وکر وڪڻندي وقت گذاريو. پاڻ زندگي جا ۶۷ سال ۹ مهينا ۽ ۲۱ ڏينهن پورا ڪندي راهه رباني ڏانهن هليا ويا.
پروفيسر عبدالرحيم ڏيٿو
ماهر لطيفيات
ڊاڪٽر محمد علي
محمدي
ستر جي ڏهاڪي ۾
حيدرآباد ۾ هر ڪاليج ۾ گهڻو ڪري اسٽوڊنٽس يونين پاران شاه لطيف جي ورسي ضرور
ملهائبي هئي. انهن تقريبن ۾ پروفيسر اڪرم انصاري ۽ پروفيسر عبدالرحيم ڏيٿو ضرور
مدعو هوندا هئا.. ڏيٿو صاحب ۱۵ فيبروري ۱۹۱۹ع ۾ ڳوٺ ٻيلو، ضلعي سجاول سنڌ ۾ ڄائو.
هن پنهنجي زندگي جي
شروعات اسڪول ٽيچر جي حيثيت سان نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ڪئي. نور محمد
هاءِ اسڪول ۾ اسڪول مئگزين جي سنڌي سيڪشن جو انچارج رهيو. پوءِ ڪيترو ئي عرصو سٽي
آرٽس ڪاليج حيدرآباد جو پرنسپال رهيو. سندس شاگردن ۾ سيد قمر الزمان شاه، پروفيسر
محبوب سروري، پروفيسر ڪريم بخش نظاماڻي، جسٽس عبدالقادر هاليپوٽو، مظهر الحق صديقي
نمايان آهن.
هن حيدرآباد ڀرسان ڏيٿا ڳوٺ جو بنياد وڌو اتي ڇوڪرن
۽ ڇوڪرين لاءِ اسڪول کولرايائين. هو خاڪسار تحريڪ سان به لاڳاپيل رهيو. هو فٽ بال
جو بهترين رانديگر هو. اسڪائوٽ جي به ٽريننگ ورتل هئس. هندستان جي شهر احمد آباد ۾
فٽ بال مئچ ب کيڏيو.
سائين ڏيٿي صاحب کي
شاه جي ڪلام ۽ فلسفي تي ايتري ته دسترس هئي جو
في البديه تقرير ڪندي سامعين کيس غور سان ٻڌندا هئا.
سندس شاه جي فلسفي تي ڪيل تقريرون ۽ تحريرون جيڪڏهن
ڪو همت ڪري سهيڙي ته لطيفيات تي هڪ وڏو ڪم ٿيندو. ڏيٿو صاحب ۶ ڊسمبر ۱۹۸۶ع ۾ هن
فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
(ڊاڪٽر محمد علي
محمدي پنوعاقل جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۲.۲.۲۰۲۲ تي رکيل/ کنيل)
سائين عبدالرحيم ڏيٿا صاحب جن منهنجي مامي پروفيسر علي اڪبر چنڊ (ايگريڪلچر ڪاليج) جا به استاد هُئا. . پاڻ ڀٽ شاھ ڪميٽي طرفان ٿيندڙ جلسن ۾ به تقريرون ڪيائون، مون پاڻ به کين سٽي ڪاليج ۾ ڪيترا دفعا ڏڄو هو ۽ هيڪر ان ڪاليج ۾ تقرير ڪندي به ٻڌو هو جتي اي ڪي بروهي صاحب به انگريزي ۾ تقرير ڪئي هُئي. سندن فرزند خليل احمد منهنجي ماروٽ عبدالعزيز جو دوست آهي، جنهن ڪري منهنجي خليل احمد صاحب سان به ملاقات ٿيل آهي. اڄ ڏهين آڪٽوبر 2017ع تي آءٌ سائين عبدالرحيم جن جا ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڏانهن لکيل خط نقل ڪري رهيو هوس جو مونکي سندن زندگي ۽ خصوصا سندن ڄم ۽ وفات جي تاريخن جي ضرورت پئي ته پاڻ ڪڏهن ڄاوا ۽ ڪڏهن راھ رباني اختيار ڪيائون. ان اطلاع ڳولهيندي الحمد لله هيءَ ويبسائٽ هٿ آيم. هن ويبسائٽ ٺاهيندڙن ۽ سائين خليل احمد صاحب جا وڏا ٿورا ۽ لک لائق جو هيءُ مضمون انٽر نيٽ تي رکيو اٿن . هن ويبسائٽ مان اهو معلوم ٿيو ته سائين عبدالرحيم ڏيٿو صاحب 19 فبروري 1991ع تي تولد ٿيا ۽ 67 سالن، نون مهينن ۽ اڻيهن ڏينهن جي سڦل زندگي گهارڻ کان پوءِ راھ رباني اختيار ڪيائون. مون هڙو مُنڌل ماڻهو حساب ۾ پٺتي پيل حساب لڳائيندو رهيو ۽ گمان غالب اهو ٿيو ته 10 تاريخ ڊسيمبر 1986ع تي وفات فرمايائون. اها ڳالھ درست بيٺل نه هُجي ته مهرباني ڪري مونکي هن هيٺ ڄاڻايل اي ميل ايڊريس تي صحيح تاريخ وفات کان آگاھ فرمائيندا ته اوهان جو آءٌ ٿورائتو ممنون ۽ مشڪور رهندس. مهربانيون. محمد عمر ڇنڊ، نيوزيلنڊ
ReplyDeleteChand786@xtra.co.nz
محترم نفيس احمد شيخ مهراڻ 1986ع جي چوٿين نمبر اشاعت ۾ مرحوم عبدالرحيم ڏيٿي صاحب جي وفات جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ سندن وفات 6 ڊسيمبر 1986ع ڄاڻائي اٿن.
ReplyDelete