پروفيسر
عبدالرحيم ڏيٿو
خليل احمد ڏيٿو
ڪراچي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ٻيلو ۾ هڪ غريب گهراڻي ۾ ۱۵ فيبروري ۱۹۱۹ع تي پيدا ٿيندڙ هڪ ٻارڙي
جو نالو عبدالرحيم رکيو ويو. سندس پرائمري تعليم پيدائشي ڳوٺ ۾ ٿي ۽ وڌيڪ تعليم
جيڪا ان زماني ۾ حرام سمجهي ويندي هئي يعني انگريزي. مرحوم نور محمد حيدرآباد ۾
اسڪول قائم ڪيو. غريب ۽ هوشيار شاگردن کي سڄي سنڌ مان ڳولهي اتي رهائشگاهه ۽ پڙهائڻ
جو انتظام ڪيو ته علم جي شمع جي چوڌاري پروانا پهچي ويا. عبدالرحيم ڏيٿو غريب ۽
محنتي ماءُ پيءَ جو پٽ تعليم دوران شاهوڪار شاگردن جي ڪمرن جون صفائيون ڪري پاڻي
جي دلا گهگيون ڀري ان مان ملندڙ پئسن مان پنهنجو خرچ پورو ڪري هتي جي استادن ۽
شاگردن ۾ به نمايان نظر اچڻ لڳو. ۱۹۳۹ع
۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. مسلم ايجوڪيشن تحت هلندڙ هن ئي اسڪول استاد مقرر ٿيو. جتي پاڻ
۱۹۴۵ کان ۱۹۵۱ع
تائين پڙهائڻ واري پيغمبري پيشي ۾ پيش رهيو ۽ اتان ڇپجندڙ ميگزين جي سنڌي شعبي جو
ايڊيٽر به رهيو. انهي دوران پاڻ خاڪسار تحريڪ،. مسلم نيشنل گارڊ، سالار محله (مسلم
هاسٽل) ۽ هوم گارڊ طور به ڪم ڪيو. ۱۹۴۸ع
۾ بي اي پاس ڪري انگريزي جي نوڪري بجاءِ هاري ٿي ڪم ڪيائون. تحريڪ پاڪستان ۾ ڀرپور
حصو ورتو. خاص ڪري حيدرآباد آيل مهاجرن جي دل کولي مدد ڪئي. هڪ شخص جي ٽنگ ڪٽيل
هئي ته ان کي پنهنجي ڪلهي تي کڻي ريلوي اسٽيشن کان اسپتال پهچايو. ان کان علاوه
انهن جي علاج ۽ آبادڪاري ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. هندستان جي صوبي بهار جي مسلمانن
تي ٿيندڙ ظلمن خلاف چندو گڏ ڪري اتي موڪليو. علي ڳڙهه کان آيل شاگردن کي ڇڪڙن ۽
ٽرڪن ۾ سوار ڪري ٻهراڙي ۾ وٺي وڃي آل انڊيا مسلم ليگ جي پيغام کان متعارف ڪرايو.
پنهنجي شاگردن کي برصغير ۾ مسلم ليگ ڪانگريس جي گڏيل دور حڪومت ۾ لياقت بجيٽ بابت
ڄاڻ ڏنائون، مخدوم طالب الموليٰ جي والد ۽ سهري جي تعاون انهن جي مريدن تي مشتمل
هڪ لٺ بردار فورس تيار ڪيائون جنهن کي ملٽري ٽريننگ ڏياريائون. جيڪا فورس قائد
اعظم جي ڊائريڪٽ ايڪشن جي سڏ تي لبيڪ چوڻ لاءِ گهر وقت تيار هئي. نور محمد هاءِ
اسڪول ۾ غريب شاگردن لاءِ، غريب فنڊ قائم ڪيو، جنهن مان غريب شاگردن کي مدد ملندي
هئي. ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ هن جي ڊيوٽي طبي امداد لاءِ بهاولپور ۾ لڳائي وئي. جنهن
سان گڏ پاڻ اتي وڃي مفت تعليم ڏيڻ جو سلسلو به شروع ڪيو. ان کان علاوه اتي وچ شهر
۾ جلسو منعقد ڪري آزادي جي باري ۾ ليڪچر ڏنو ۽ حالات خراب ٿيڻ تي هندن ۽ مسلمانن
کي هڪ ٻئي جي عزت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو ۽ پوءِ واپس سنڌ اچي خلقت القرآن جي نالي
سان هڪ تحريڪ شروع ڪئي. جنهن ۾ هر شاگردن پنهنجو محاسبو ڪندو هو نه ڪرڻ جي صورت ۾
سزا طور نفل پڙهايا ويندا هئا ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ گار ڏيڻ جي صورت
۾ ڏنڊ ورتو ويندو هو.