ڊاڪٽر حفيظ ٻٻر
دادو ضلعي جا پي ايڇ ڊي
اسڪالر، زرعي سائنسدان ۽ محقق
ڊاڪٽر رفيق بلوچ
ڊاڪٽر
حفيظ الله ٻٻر ۸ آگسٽ ۱۹۶۹ع تي پرائمري استاد گل محمد ٻٻر جي گهر ۾ جوهي شهر ۾ جنم ورتو. گورنمينٽ
هاءِ اسڪول جوهيءَ مان ۱۹۸۴ع ۾
مئٽرڪ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪرڻ کانپوءِ هن ۱۹۸۶ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادوءَ مان سائنس جي مضمونن ۾ انٽر ميڊئيٽ ڪئي ۽
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ داخلا ورتي، جتان هن ۱۹۹۳ع ۾ B.Sc (آنرز) ايگريڪلچر
جو امتحان فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيو. ان کانپوءِ هن ۱۹۹۵ع ۾ ساڳي يونيورسٽي مان سوائل سائنسز ۾ فرسٽ ڊويزن ۾ ماسٽرز ڪئي. ايم۔ ايس۔
سي کانپوءِ هن پاڪستاني حڪومت جي اسڪالرشپ تي ملائيشيا جي پيوترا يونيورسٽي مان
سوائل سائنسز ۾ فرسٽ ڊويزن ۾ Ph.D ڪئي،
کيس ۲۰۱۱ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگريءَ سان
نوازيو ويو۔
سندس Ph.D جو عنوان: “ملائيشيائي سارين (چانورن)
جي قسمن (genotypes)جي زنڪ جي کوٽ واري مٽيءَ سان موافقت جو جائزو) هو(۔”
مٽيءَ
جي زرخيزيءَ جي ماهر هن ممتاز سائنسدان نه صرف مٽيءَ جي زرخيزي، سنگ جي کاڌ خوراڪ،
پائيدار زراعت ۽ سنگ (سلي) جي کاڌ خوراڪ جي انتظام ڪاريءَ جي ماهر طور پڻ ڪم ڪيو
آهي، پاڻ ۲۹ سالن کان زرعي محقق ۽ پاليسي
صلاحڪار طور پڻ ڪم ڪيو آهي۔ مٽيءَ جي زرخيزيءَ جو انتظام، ڀاڻ جي سفارش، مٽيءَ جي
صحت ۽ پائيدار زراعت سندس تحقيق جا اهم موضوع رهيا آهن۔ سندن ڊاڪٽريٽ جي تحقيق جو
اهم نقطو زنڪ جي کوٽ واري مٽيءَ ۾ زنڪ جي غذائيت ۽ چانورن جي پيداوار هو۔ پاڻ
پهريون دفعو ليبارٽرين جي تجربن تي ٻڌل تجزين، اهم فصلن لاءِ سائنسي طور تصديق ٿيل
۲۵ ڀاڻن جي سفارش جو جامع پئڪيج
پيش ڪيو.
ڊاڪٽر
حفيظ ٻٻر ۲۵ تحقيقي مقالا، ڪانفرنسن لاءِ
ڪيترائي تحقيقي پيپر، ڪتابن جا باب، فني هدايت ناما، توسيعي ڪتابچا ۽ سائنسي رسالا
لکيا آهن۔ سوائل سائنسز، زرعي تحقيق، ليبارٽري جي انتظام، شماريات، آبپاشي ۽ موسم
دوست زراعت جي ۲۳ بين الاقوامي ۽ ۱۷ قومي پيشيه وراڻن تربيتي پروگرامن، ڪورسن ۽ ورڪشاپن ۾ شرڪت ڪئي آهي۔ کيس ۱۰ قومي ۽ بين الاقوامي ايوارڊ ۽ تعليمي اعزاز حاصل ٿي چڪا آهن، جن ۾ بين
الاقوامي ليڊرشپ ايوارڊ ۽ يونيورسٽين توڙي ٻين سرڪاري تنظيمن پاران مڃتا ايوارڊ
شامل آهن۔
ڊاڪٽر
حفيظ ٻٻر ڪيترن ئي سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ مکيه خطاب ڪندڙ (key
note speaker)۽ ٽرينر طور خطاب ڪيو ۽ سرڪاري
شعبي ۽ باهمي سائنسي فورمن طرفان منعقد ٿيندڙ ليڪچر پروگرامن ۽ تربيتي سيشنن ۾
شرڪت ڪري چڪا آهن. سندن تحقيق جا اهم موضوع مٽيءَ جي زرخيزيءَ جي انتظام ڪاري،
متوازن ڀاڻ، ننڍن غذائي جزن جي غذائيت، زنڪ ۽ بوران جي انتظام، نامياتي پوکائي (آرگينڪ
فارمنگ) ، محفوظ زراعت، غذائي جزن جو استعمال ۽ انهن جي ڪارڪردگي، آبهوا سان
موافقت رکندڙ زراعت، پائيدار فصل جي پيداوار ۽ مٽيءَ جي صحت جي بحالي آهن۔
ڊاڪٽر
ٻٻر سرڪاري ادارن، محققن، زراعت جي پکيڙ لاءِ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن ۽ آبادگارن جي
رهنمائيءَ لاءِ ڪيتريون ئي سفارشون ترتيب ڏنيون جيڪي انهن جي رهنمائي ڪنديون رهن
ٿيون۔ کيس اهو به اعزاز حاصل آهي ته پاڻ ملائيشيا جي سڀ کان وڏي شاگردن جي بين
الاقوامي تنظيم “انٽرنيشنل اسٽوڊنٽس يونيورسٽي پترا ملائيشيا ايسوسئيشن ”(ISUPMA) جو پهريون پاڪستاني
جنرل سيڪريٽري ۽ صدر رهي چڪو آهي، جتي هن ۵۷ ملڪن جي پوسٽ گريجوئيٽ شاگردن جي نمائندگي ڪئي۔
ڊاڪٽر
حفيظ ٻٻر، سنڌ ايگريڪلچر ريسرچ سائنٽسٽس ايسوسيئيشن SARSA
جو پڻ لاڳيتو ٻه ڀيرا چونڊيل صدر رهيو، جتي هن ۱۷ هين اسڪيل کان ۲۰ هين
اسڪيل تائين جي سائنسدانن جي نمائندگي ڪئي ۽ سنڌ ۾ زرعي سائنسدانن جي وقار، انهن ۾
تحقيقي مهارتن ۽ پيشيوراڻي ترقيءَ لاءِ ڪوششون ورتيون۔ پنهنجي سائنسي مهارتن ۽
جديد زراعت لاءِ پرپور ڪوششن سبب سندس شمار مٽيءَ جي زرخيزيءَ جي چوٽيءَ جي
سائنسدانن ۾ ٿئي ٿو. سندن سموري زندگيءَ جو مشن، سائنس تي ٻڌل تحقيق ذريعي پائيدار
زراعت کي اڳتي وڌائڻ، مٽيءَ جي صحت کي بهتر بنائڻ ۽ ڀاڻ جي استعمال جي ڪارڪردگي
وڌائڻ آهي.
زراعت،
مٽيءَ جي زرخيزي، ڀاڻ جي فائدن ۽ ٻين موضوعن تي سندس ڪيترائي تحقيقي مقالا ملڪي ۽
بين الاقوامي تحقيقي جرنلن ۾ ڇپجي چڪا آهن جن ۾:
(۱) نرسري کانپوءِ واري مرحلي ۾ غذائي انتظام جي حڪمت عملين تحت آئل پام جي
مختلف قسمن جو رد عمل.
(۲) پوک جي حالتن تحت ڪڻڪ جي قسمن جي زميني کاڌ خوراڪ ۽ بناوتي خاصيتن تي
فاسفيٽڪ ڀاڻن جي اثر جو جائزو.
(۳) ٽن چونڊ ضلعن جي زمين (مٽيءَ) جي ٺوس ذرن جي ورڇ، نامياتي ڪاربان (Organic
Carbon)۽ نائيٽروجن (Nitrogen)جي مقدار تي نامياتي طور حاصل ڪيل فَلوڪ ايسڊ (Fulvic
Acid)جي استعمال جو جائزو۔
(۴ (اناج وارن فصلن ۾ فولاد جي
حياتياتي مضبوطيءَ ذريعي معدني کاڌ خوراڪ جي کوٽ جو مقابلو.
(۵) گھٽ زرخيز زمين ۾ حياتياتي محلول ۽ حياتياتي انزائمن جي گڏيل استعمال سان
ڪڻڪ جي پيداوار ۾ واڌارو۔
(۷) ڀاڻن جي استعمال ۽ کنڀ لڻڻ جي طريقي سان ڪڻڪ جي داڻي جي جوڙجڪ (غذائي
رچنا) ۔
(۸) ڪڻڪ جي ٻج ڦٽڻ ۽ سنگ جي واڌ ويجهه تي سيڊ پرائمنگ (ٻج پوکڻ کان اڳ ٻج کي
مخصوص طريقي سان تيار ڪرڻ) جو اثر.
(۹) مٽيءَ جي زرخيزي ۽ ٻوٽن جي غذائيت کي وڌائڻ ۾ ڦر وارن فصلن جو ڪردار.
(۱۰) البيڪ بليڪ، گانسو ڊيزرٽ (بيابان) ۽ شاھجيانگ بليڪ سوائل جي طبعي-ڪيميائي
خاصيتن کي بهتر بنائڻ لاءِ فَلوڪ ايسڊ (Fulvic
Acid) جي افاديت۔
(۱۱) پاڪستان جي زرعي ماحولياتي حالتن جي حوالي سان سنڌ صوبي جي ٽنڊو ڄام واري
علائقي ۾ ڪمند جي قسمن (جينوٽائپس) جي اسڪريننگ (ڇنڊ ڇاڻ) .
(۱۲) ٻوٽن جي کاڌ خوراڪ ۾ زنڪ (جست) جي ڪردار جو جائزو.
(۱۳) زنڪ (جست) جو سڌو سنئون ۽ بعد ۾ پوکائيءَ هيٺ ايندڙ فصلن تي اثر ۽
تيزابيت واري ٻنيءَ ۾ پوکيل سارين جي قسمن (genotypes) جي اثرائتي زنڪ ۽ گهٽ
اثرائتي زنڪ وارين حالتن ۾ واڌ ويجهه جو مطالعو۔
(۱۴) چن جي پاڻيءَ سان ڳوهيل مٽيءَ ۾ پوکيل سارين جي فصل تي بوران ڀاڻ، بوريڪس
۽ ڪوليمنائيٽ جو استعمال ۽ پويان واري واري سان پوکائيءَ هيٺ ايندڙ فصلن تي ان جا
اثر۔
(۱۵) ڪوليمنائيٽ ۽ سوڊيم پينٽابوريٽ جو چن جي پاڻيءَ سان ڳوهيل مٽيءَ ۾ پوکيل
سارين لاءِ ٻيون نمبر ذريعو (B source)هجڻ جو تقابلي جائزو۔
(۱۶) چن جي پاڻيءَ سان ڳوهيل مٽيءَ ۾ پوکيل سارين لاءِ بوران ڀاڻ طور پيٺل خام
ڌاتو ڪوليمنائيٽ جي افاديت۔
(۱۷) زنڪ جي ڪارڪردگيءَ لاءِ محلول ڪلچر ۾ پوکيل ٽراپيڪل (استوائي) سارين جي
قسمن جي ڇنڊ ڇاڻ (اسڪريننگ) .
(۱۸) زرعي پيداوار لاءِ بوران ڀاڻ جي اهميت جو جائزو۔
(۱۹) ملائيشيا جي ڪيڊا ۽ ڪيلانٽن رياستن ۾ ڌانءِ (چانور جي ٻوٽي) جي پوکائي
وارن علائقن ۾ بوران جي صورتحال.
(۲۰) مقامي سطح تي موجود ڪڻڪ جي ڪجهه قسمن جي معدني غذائي حيثيت عنوان سان
لکيل تحقيقي مقالي سميت ٻيا ڪيترائي مقالا بين الاقوامي ۽ قومي تحقيقي جرنلن ۾
شايع ٿي چڪا آهن.
(ڏھاڙي ھمسري حيدرآباد آنلائين ۾ ۱۲ سيپٽمبر ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا