; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر حفيظ ٻٻر، دادو پي ايڇ ڊي اسڪالر، زرعي سائنسدان، محقق، ڊاڪٽر رفيق بلوچ،
Showing posts with label ڊاڪٽر حفيظ ٻٻر، دادو پي ايڇ ڊي اسڪالر، زرعي سائنسدان، محقق، ڊاڪٽر رفيق بلوچ،. Show all posts
Showing posts with label ڊاڪٽر حفيظ ٻٻر، دادو پي ايڇ ڊي اسڪالر، زرعي سائنسدان، محقق، ڊاڪٽر رفيق بلوچ،. Show all posts

12 September, 2026

ڊاڪٽر حفيظ ٻٻر

ڊاڪٽر حفيظ ٻٻر

دادو ضلعي جا پي ايڇ ڊي اسڪالر، زرعي سائنسدان ۽ محقق

ڊاڪٽر رفيق بلوچ



ڊاڪٽر حفيظ الله ٻٻر ۸ آگسٽ ۱۹۶۹ع تي پرائمري استاد گل محمد ٻٻر جي گهر ۾ جوهي شهر ۾ جنم ورتو. گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهيءَ مان ۱۹۸۴ع ۾ مئٽرڪ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪرڻ کانپوءِ هن ۱۹۸۶ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادوءَ مان سائنس جي مضمونن ۾ انٽر ميڊئيٽ ڪئي ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ داخلا ورتي، جتان هن ۱۹۹۳ع ۾ B.Sc (آنرز) ايگريڪلچر جو امتحان فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيو. ان کانپوءِ هن ۱۹۹۵ع ۾ ساڳي يونيورسٽي مان سوائل سائنسز ۾ فرسٽ ڊويزن ۾ ماسٽرز ڪئي. ايم۔ ايس۔ سي کانپوءِ هن پاڪستاني حڪومت جي اسڪالرشپ تي ملائيشيا جي پيوترا يونيورسٽي مان سوائل سائنسز ۾ فرسٽ ڊويزن ۾ Ph.D ڪئي، کيس ۲۰۱۱ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگريءَ سان نوازيو ويو۔