; سنڌي شخصيتون: February 2022

28 February, 2022

شيخ فرازي

شيخ فرازي

مان نه شاعر هيس، عشق ٿيڻ کان اڳي

منير ڊومڪي



سنڌي ادبي آکيڙي ۾ هو نئين ٽهي جي تخليڪارن منجھ شايد پهريون تخليڪار هوندو، جنهن پنهنجي صوفي منش شخصيت ۽ منفرد  ڏات جي ڪري جلد هي منهنجي من اندر آکيرو ٺاهي گهرو تاثر ڇڏيو، جيئن سنڌ جو “شمشير” صرف هڪڙو ئي هو تيئن لاڙڪاڻي جو هو “فرازي” به صرف هڪ ئي آهي، ٻيو ڪو به نه. عام زندگيءَ ۾ سڪندر شيخ جي نالي سان ڄاتل سڃاتل هو شخص تخليق جي دنيا ۾ فرازي جي نالي سان ڄاتو (معاف ڪجو! نه ڄاتو) ويندو آهي. فرازي نئين نسل جي غزل جي صنف جو هڪ اڀرندڙ مخلص شاعر آهي، هو آزاد
طبع رومانوي شاعر آهي. هن جا گھرا فڪري خيال به عنبر ۾ هر وقت اڏام ۾ هوندا آهن.هو جمال جو ڪمال جو ڪوي آهي، سندس اڪثر ڪويتائن ۾ان جو مظهر پڻ نظر اچي ٿو.هو جديد جُڳ جي سنڌي شاعريءَ ۾رديف ۽ قافيو جي قابليت جي حوالي کان پنهجي هڪ الڳ ۽ انفرادي حيثيت رکي ٿو. هن پنهنجي گھري فڪري شاعريءَ ۾ نوان استعاره ۽ اڻ ڇهندڙ تشبيهون ڪتب آنديون آهن،جيڪي سنڌ جي اڪثر شاعرن جي شعرن ۾ اڻ لڀ آهن.

رستم جتوئي

رستم جتوئي

گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ - تنهنجي ياد جي وري آ وير

شهاب الدين جتوئي



دنيا جو وجود آئي کانپوءِ ڪيترا ئي ماڻهون آيا ۽ ويا، پر ڪي اهڙا به شخصيت هن دنيا ۾ پنهنجا نانءُ ڪمائي ويا. جيڪي ڪڏهن به مرڻا ناهن، اهي اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ زندهه رهندا اچن پيا. هڪ ته ادب، اخلاف، پيار، محبت ۽ ٻيون ان جون عوامي، سياسي، سماجي، يونين برادري لاءِ ڏنل قربانيون، خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن هونديون. عظيم انسانن مان کل مکڻو، يار ويس، دوستن جو دوست، رستم جتوئي به هڪ هو. جيڪو وڇڙيو آهي، مگر وسريو ناهي. جيڪي اچانڪ دوست رستم جتوئي (يونين اڳواڻ) ان سان گڏ دوست انور چنو ۽ وزير تاريخ ۾ موجود هئا. جيڪي ٽئي ڏوڪري کان ٽنڊو ڄام ويندي روڊ حادثي ۾ ۳۱ جنوري ۲۰۱۶ع دوران شهيد ٿي ويا هئا. جنهن جي خدمت، قربانين، محبت کان تازو ڪرڻ لاءِ ۳۱ جنوري کي سارنگ يار يونين پاران رائيس ريسرچ انسٽيوٽ ڏوڪري ۾ پهرين ورسي ملهائي پئي وڃي، جڏهن ته دوستن جي محتلف آفيسن، هوٽلن، شهرن ڳوٺن ۾ يار ويس رستم جتوئي سان گهاريل گهڙيون ياد اينديون آهن ته کوٽ محسوس ٿيندي آهي. رستم جتوئي ته اسان سان گڏ آهي. ڇو ته ان ڪڏهن به دوستن کي وساريو نه هيو. سهارو ڏيئي هميشه ٻانهن ٻيلي ٿيندو رهيو، ۽ يارن دوستن جا مسئلا حل ڪرڻ توڙي دوستن کي ٺاهڻ ۽ دوستن جي حقن لاءِ انتظاميه توڙي ميڊيا فورم تي آواز اٿاريندي پاڻ ملهايو. ۽ ان جون يادون اندر کي ڪپين ڪورين ٿيون. ان کان سواءِ روشني به اونداهه نظر ايندي محسوس ٿيندي رهي ٿي. جئين ڀٽائي سرڪار چيو ته......!

عمر گل ٻرڙو

عمر گل ٻرڙو

هڪ سماجي شخصيت ۽ آدرشي انسان

گلشن چانڊيو



سنڌ جي سرزمين ڀاڳ ۽ بخت واري آهي جنهن پنهنجي ڪک مان ڪيترائي انمول انسان پيدا ڪيا آهن جيڪي هن ڌرتي تي انسانيت جو درد رکن ٿا ۽ انساني خوبين سان سرشار آهن، اهڙن آدرشي انسانن منجهه عمر گل ٻرڙو به هڪ آهي جنهن کي قدرت ڏات به ڏني آهي ته ڏانءُ به ڏنو آهي پاڻ باهمت، بافضيلت، باڪردار ۽ علم دوست انسان آهي جنهن لاءِ ايئن لکجي ته هو هڪ گهڻ رخي شخصيت آهي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ڇو محمد عمر ٻرڙو تخلص عمر گل ٻرڙو جو تعلق قمبر شهر ضلعي قمبر شهدادڪوٽ سنڌ سان آهي ۽ پاڻ ڊاڪٽر حڪيم غلام صديق ٻرڙو جي گهر ۾ پهرين فيبروري ۱۹۸۲ع تي ڳوٺ بگو دڙو، تعلقو قبو سعيد خان ۾ جنم ورتو ۽ پاڻ شروعاتي پرائمري تعليم قمبر جي مين پرائمري اسڪول ۾ ورتي جنهن کانپوءِ ميٽرڪ قمبر هاءِ اسڪول ۽ انٽرميڊيئيٽ شاهه لطيف ڪاليج قمبر مان ڪيائين جنهن کانپوءِ گريجوئيٽ ڪرڻ لاءِ گورنمينٽ آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتائين ۽ گريجوئيٽ ڪرڻ کانپوءِ پوسٽ گريجوئيٽ ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ داخلا ورتائين ۽ هن جي داخلا پنهنجي مرضي ۽ خواهش مطابق پبلڪ ايڊمنسٽريشن شعبي ۾ ٿي جتان هن ماسٽر پبلڪ ايڊمن ۾ ڪئي ۽ حيدرآباد ۾ رهندو هو جتي هو پڙهڻ سان گڏوگڏ ٻارن کي ٽيوشن به پڙهائيندو هو ۽ يونيورسٽي مان تعليم پرائڻ کانپوءِ هن حيدرآباد ۾ نيشنل ۽ ملٽي نيشنل اين جي اوز ۾ گهڻو عرصو ڪم ڪيو جتي هن کي مختلف ادارن ۽ پراجيڪٽن ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ گڏوگڏ وڪالت ۾ به دخلا ورتي ۽ هن وڪالت جي ڊگري به حيدرآباد جي سنڌ لا ڪاليج مان ڪئي جڏهن ته عمر گل ٻرڙو پنهنجي خيالن جو اظھارڪندي چيو ته مان اياز لطيف پليجو جي صحبت ۾ رهندي لا ڪاليج ۾ داخلا ورتي،  رسول بخش پليجو صاحب هن جي آئيڊيل شخصيتن ۾ شمار ٿين ٿا جنهن کان هو گهڻو متاثرٿيو، پاڻ تمام گهڻو محنتي ماڻھو ۽ سماجي ڪمن ۾ سڀني کان اڳڀرو هوندو آهي، هن ايل ايل بي ڪرڻ کانپوءِ وري ايم فل جو تحقيقي ڪم پنهنجي هٿن ۾ کنيو جنهن لاءِ ھن سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي.

آزاد مجتبيٰ گهانگهرو

آزاد مجتبيٰ گهانگهرو

آزاد صحافت کي عبادت سمجهندڙ

فقير محمد سنڌي



ڪوڙين ڪايائون تنهنجون، لکن لک هزار،

جيءَ سڀ ڪنهن جيءَ سين، درسن ڌارون ڌار،

پريم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان. (شاھ لطيف).

ڪائنات جا اسرار گوناگون آهن، انهن اسرارن ۾ جيڪا ترتيب ۽ ڪوشش ورتي آهي اهو انساني ذهن جو ڪرشمو نظر ٿو اچي. جنھن هر مسئلي جو توڙ ڳولهي لھڻ ۾ ڪا به ڪثر ڪونه ڇڏي آهي. اهڙي طرح سان سنڌ جي تاريخ ۾ تمام گهڻا عظمت جا مينار پنھنجي آب تاب تي جرڪندي نظر اچن ٿا، اهڙو ئي هڪ مينار آزاد مجتبى گهانگهرو پڻ آهي.

شاھ لطيف چواڻي ته:

نه ڪي کڻن پاڻ سين، نه ڪو ساڻن پاڻ،

اهڙا جن اُهڃاڻ، آئون نه جيئندي ان ري.

جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،

وڃي ڀونءِ پيٺي، سڪندي کي سڄڻين.

شھزاد جتوئي

شھزاد جتوئي

زندگيءَ جو ميلو ۽ موت جي رسيس

ناصر مقصود گل قاضي



نيٺ شهزاد جتوئي به جوڙ ڇني ويو!

خبر ئي نه پئي ته ڪڏهن ملياسين ۽ ڪڏهن وڇڙياسين! شھزاد ۽ منهنجو ماضي اڃا ايترو پراڻو ڪونه ٿيو آهي! ڏئي وٺي ڪي پنجٽيھه سال ئي ته گذريا هوندا! جو پوئتي نھاريان ٿو ته چاچي امداد جتوئيءَ جي اڪيلي پٽ شھزاد، عبدالرحمٰن عارباڻيءَ، رياض جوکئي ۽ پاڻ کي پنهنجي استادَ، سائين سڪندر علي خاصخيليءَ جي آڏو رکيل پھرين ڪلاس جي پھرين بئنچ تي ويٺل ٿو ڏسان. اُتان ئي اسان ٻنھي (شھزاد ۽ منھنجي) پھرين شناسائي، تعليمي سفر سان گڏ، پروان چڙهندي بهترين دوستيءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ٿي وڃي. پوءِ ته ننڍپڻ ۾ پڙهايون، چٽاڀيٽيون، مقابلا، هڪ بئنچ تي گڏ ويھندي به تدريسي ڪمن ۾ مخالفت، شرارتون، فنڪشن، هلڪيون ڦُلڪيون لڙايون، ڪِٽيون، ٻَڌيون ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه! ۽ اهو سلسلو لڳاتار ڏهه سال (پھرين درجي کان مئٽرڪ تائين) هلي ٿو.

27 February, 2022

مير غلام شاھ شاھواڻي ٽالپر

مير غلام شاھ شاھواڻي ٽالپر

مياڻي جي جنگ جو سپه سالار ۽ شھيد

اعظم ڀٽي



انگريز ڪپتان پوسٽنس پنهنجي ڪتاب “پرسنل آبزرويشنس آف سنڌ” ۾ لکي ٿو ته؛ “سنڌ جا باشندا مياڻي جنگ ۾ انگريز حمله آورن خلاف ايئن وڙهيا جيئن ڪو ماڻھو پنهنجي اهڙي شيءِ لاءِ وڙھندو آھي جا کيس پنهنجي زندگي، جان، مال، عزت ۽ اولاد کان بدرجه عزيز هجي.”

دادا عبدالرزاق جتوئي

دادا عبدالرزاق جتوئي

املهه انسان  - سلسلو : ۱۷۶

حفيظ چانڊيو



دادا عبدالرزاق جتوئي، سماجي خدمتن جو اهو خوبصورت حوالو آهي، جنهن زندگيءَ جو ڳپل حصو غريبن، لاچار ۽ بي پهچ ماڻهن جي بنا ڪنهن مذهبي متڀيد جي مدد ڪئي آهي، ڪنهن غريب امڙ جي چلهه وسامي وڃي يا ڪوئي غريب روزگار لاءِ پريشان حال هجي، لاڙڪاڻي جو هيءُ شهزادو هنن لاءِ وڇائجي ويندو آهي. ڀلي هو ڪوئيٽه هجي يا ڪراچيءَ جي طلسماتي روشنين ۾ يارن سان ٽهڪ ڏيندو هجي، پر سندس سمورو ڌيان ۽ مرڪز سنڌ جا مارو ئي رهيا آهن. دادا تون سنڌ ڌرتيءَ جو اهو خوشنصيب پٽ آهين جنهن کي ڌڻي بي پهچ ماڻهن جي وارثي لاءِ چونڊيو آهي. سچ ته دادا تو اسان جا ڏينهن ۽ راتيون انهن مارن جي مُک تان اڏامي ويل مرڪن کي واپس ورائڻ ۾ گذريون آهن هن گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ به لاڙڪاڻي سوشل نيٽ ورڪ جي دوستن ناظم چانڊئي سميت توهان جا ٽهڪ ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهن، جنهن ماحول ڪروڙ پتي ماڻهو ٽڪين جا ٻُڪ کائي ننڍ جون سڌون ڪن، اهڙي ماحول ماحول ۾ تون ۽ اسان مرڪي انسان ذات جي خدمت ٿا ڪيون، اهو انهن بي پهچ ۽ غريب ماڻهن جون ئي دعائون آهن.

رضوان عمراڻي

رضوان عمراڻي

چاليھ هزارن کان مٿي پينٽنگس ٺاهيندڙ عظيم آرٽسٽ

انور ابڙو



محترم رضوان عمراڻي صاحب جيتوڻيڪ هن وقت 84 سالن جي عمر ۾ هلي ٿو، تڏهن به چوي ٿو: ”جسم ڀل نٻل ٿي ويو هجي، پر منهنجو دماغ اهڙو ئي جوان آهي، جهڙو جوانيءَ ۾ هئو. مان اُن، جوانيءَ واري جذبي سان اڄ به پينٽنگس ٺاهڻ جو ڪم ڪريان ٿو. مان اهو سڀڪجهه وجداني عقل سان ڪيان ٿو... اڄ به صبح جو چار پينٽنگس ٺاهيون اٿم.“ اهي ڳالهيون ڪرڻ وقت سندس لهجي ۾ ڪا به لرزش نه هئي، پر ان مان فخر ۽ اعتماد ظاهر پئي ٿيو.

ڊاڪٽر لال خان

لال خان

واہ ڇا ته ماڻھو ھيو!

امتياز عالم



ڪامريڊ لال خان (۱۹۵۶ع-۲۰۲۰ع) جي فون تان ان جي هڪ دوست پال گھٻرايل لهجي ۾ ان جو آخري پيغام ڏنو ته “لينن” کي چئو ته اچي ملي وٺي، شايد پوءِ ڪڏهن ڳالهه ٻول نه ٿي سگھي. آئون ڀڄندو ڀڄندو ڊاڪٽرز اسپتال پهتس ته ڏٺم هو نيم بيهوشي ۽ تڪليف ۾ آهي.

باغ محمد “بيشڪ”

باغ محمد “بيشڪ”

اھو سگھڙ جنھن ڪراچيءَ کان ڪڇ تائين اُٺ تي سفر ڪري ڏات ورھائي!

جوکيو جسارت الياس سنڌي



سنڌ جو ڪوھستان سگھڙائپ جي حوالي سان ھميشه شاھوڪار خطو رھيو آھي. ان ڏس ۾ سموري ڪوھستان ۾ سگھڙ شاعرن جو وڏو سلسلو ملي ٿو، پر ڇَپَر جي تاريخي ماٿري مالماڙيءَ ۾، باغ محمد “بيشڪ” جوکيو جھڙو، ورلي ڪو ٻيو سگھڙ ٿيندو، جنھن جي شاعري ھتان جو ھر ماڻھو شوق سان پڙھي ٿو!

غلام حيدر ”مهجور“

غلام حيدر ”مهجور“

ٻياسي سالن جي نوجوان شاعر کي جنم ڏينهن مبارڪ

رکيل مورائي



اڄ منهنجي ٻياسي سالن جي بزرگ سائين (دوست نه) غلام حيدر ”مهجور“ جي جنم جو ڏينهن آهي، سڀاڻي هو عمر جي ٽياسي سال جي پهرين ڏينهن ۾ قدم رکندو هن عمر ۾ به سندس صحت ۽ حوصلو ڏسي پڪ ٿيندي آهي ته منجهنس زندگيءَ سان موهه جا مڙئي ڪارڻ موجود آهن، اسانجي ڪن دوستن کي ته پنهنجي جيئري ئي سرڳواس ٿي وڃن جي سُڌ به آهي.

آثم ناٿن شاهي

آثم ناٿن شاهي

درد ۽ سونهن جو شاعر

ابراهيم لاشاري



سونهن ڀري مهراڻ جا سڀئي شهر ڪنهن نه ڪنهن ادبي ذوق رکندڙ صفت رکندڙ شخصيتن سان ٽمٽار لڳا پيا آهن هن وادي مهراڻ جي خوشبو ۽ چيڪي مٽي جي هڳاءَ سان لفظن جي مالها پوئڻ ۾ خيرپور ناٿن شاهه شهر کي اهيو اعزاز حاصل آهي جو هن شهر جي شاعرن، اديبن، پاڻ ملهائي پنهنجي شهر ۽ پنهنجو ادبي لڏي منجهه نالو نروار ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي اهڙي ريت الله بخش سولنگي جي گهر انهن وقت خوشي جو سماع هو جڏهن پرهه ڦٽي مهل ۲ جنوري ڇنڇر ڏينهن سال ۱۹۳۷ع ڌاري غلام رسول سولنگي ڳوٺ کاٿڙي ۾ اکيون کوليون. اڳتي هلي سندس ادبي سڃاڻپ (آثم ناٿن شاهي) سان ٿي. آثم ناٿن شاهي پڙهڻ جي عمر کي پهتو ته والد سندس ڦرهي هٿ ۾ ڏئي اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتان هن محنت سان سنڌي جا پنج درجا امتحان ڏئي پاس ڪيا، بعد ۾ سندس والد صاحب سندس کي مدرسي ۾ ديني تعليم سان آراسته ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي.

يار محمد شاهه پهلوان

يار محمد شاهه پهلوان

رستمِ سنڌ - اسان کان وڇڙي ويو!

مير اعظم علي ٽالپر



چٽو ياد ڪونهي، پر شايد اڄ کان پنجاهه سال کن اڳ جي ڳالهه هوندي ته ۷۰ع واري زماني ۾ جواني ديواني جي چڪر ۾ گهمڻ، ڦرڻ، فلمون ڏسڻ جو ته شوق هوندو هو. انهن ڏينهن ۾ شهر جي ڪجهه نوجوانن کي اسٽيج ڊرامو ڪرڻ جو شوق جاڳيو. ان لاءِ هِتان، هُتان آرٽسٽ پيدا ٿيا ۽ ڊرامي لاءِ تياري ٿيڻ لڳي. ڊرامي جو نالو هو ”مومل راڻو“ ۽ ان جو هدايتڪار هو استاد محمد رحيم نائچ (المعروف مموت نائچ) ڊرامي لاءِ اسٽيج شهر ۾ ٺهيل صدر ايوب وارو ٽائون هال (ان زماني ۾ ٽائون هال شهرن ۾ تعمير ڪيا ويا هئا) هو. پر مسئلو اهو هو ته ڊرامي جي روزانو ريهسل ڪٿي ڪجي؟ ان لاءِ ريلوي لائين سان گڏ ٺهيل ڪجهه ڪچا ته ڪجهه مڙئي پڪا ڪواٽر جنهن جي هر در، هر ڀت تي لکيل هوندو هو، ٺيڪيدار محمد جمن ميمڻ (اسرار شام جو والد) ان جي هڪ ڪواٽر ۾ سائين يار محمد شاهه رهندو هو. جيڪو بذات خود پاڻ پهلوان هئڻ ڪري، مختلف طريقن سان پنڃري کڻڻ جي مشق ڪندو هو. سو استاد محمد رحيم نائچ ۽ ٻين شوقيه فنڪارن جي شوق کي ڏسندي، سائين يار محمد شاهه ڊرامي جي روزانو شام جو چئين وڳي کان ريهسل ڪرڻ جي اجازت ڏني. ڊرامو ”مومل راڻو“ ۾ هيرو عبدالستار ڪليري (مرحوم ٽيلي فون آپريٽر) هيروئن جو ڪردار (عزيز مستوئي مٺياڻي) ان کانسواءِ ڊرامي جا ٻيا به کوڙ سارا فنڪار هئا، راقم سميت. ڊرامي جي خاص ڳالهه استاد محمد رحيم نائچ طرفان جڏهن سريلي آواز ۾ ڏوهيڙو ”راڻا گهڻا هن راڄ ۾“ چئي ڪلام ڳائيندو هو، ”اي بي درد زمانا تو در، در ڇو رولايو آ“ ته سندس سوز ڀريو آواز ٻڌي سڀني جي اکين ۾ ڳوڙها تري ايندا هئا ۽ انهن ٻولن کي ٻڌڻ کانپوءِ سائين يار محمد شاهه پهلوان جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا هئا. بهرحال ان ڊرامي جي ڪامياب اسٽيج ٿيڻ کانپوءِ هر ڊرامي جي ريهرسل (اردو سنڌي) سائين يار محمد شاهه جي جاءِ تي ٿيندي هئي.

عالم چنا

عالم چنا

سادگي پسند جي قد آور آکاڻي

ليکڪ: نديم ايف پراچہ



گنيز بوڪ آف ورلڊ ريڪارڊ موجب (۱۹۸۲ کان ۱۹۹۸) تائين پاڪستان جو عالم چنا دنيا جو سڀ کان طويل القامت (ڊگهو) شخص هئو. اطلاعات موجب وفات کان اڳ سندس قد ۷ فوٽ ۷ انچ هئو.

عالم چنه جو تعلق هڪ غريب سنڌي گهراڻي سان هو. گهڻو تعليم يافته نه هو. ان جي گهراڻي جا مرد مشهور صوفي بزرگ لعل شهباز قلندر جا معتقد هئا. ملازم به هئا. شروعاتي ننڍي وڏي مذدوري کان پوءِ عالم چنه زياده وقت اتي ئي سيوهڻ ۾ مزار قلندر تي گذاريو. هن جي ذمي مزار جي ڪجهه حصن جي صفائي ۽ سنڀال هئي. روايتي طور تي صوفي بزرگ لعل شهباز قلندر جو عرس (ميلو) هر سال ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو هئو. ميلن تي هر سال سرڪس وارا به پنهنجي انداز سان وڏو تنبو لڳائي ٽڪيٽ رکي زائرين لاءِ دلچسپي جو سامان مهيا ڪندا هئا. جن ۾ انسانن ۽ جانورن جا ڪرتب ناچ راڳ يا مسخري وجهي ماڻهن کي وندرائڻ شامل هئا. اهڙي هڪ سرڪس واري عالم چنه کي ملازمت جي آڇ ڪئي ۱۹۷۸ کان هو سرڪس سان منسلڪ ٿيو. مزار تي هفتي ۾ کيس ۱۵ روپيه ملندا هئا. سرڪس وارن کيس ۱۶۰ روپيه مهيني تي رکيو. اها پيشڪش هن فورًا قبول ڪئي.

ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ

ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ

بلوچ قومپرست اڳواڻ ۽ بزرگ سياستدان

ڪوئيٽا (مانيٽرنگ ڊيسڪ)



بلوچستان جو مشهور قومپرست سياستدان ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ ٽريفڪ حادثي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ان حوالي سان بلوچستان جي مشهور قومپرست عبدالحئي جي پٽ جو چوڻ آهي ته سندس والد عبدالحئي ڪوئيٽا کان لاهور ويندي حادثي جو شڪار ٿي ويو، مڙهه بهاولپور مان اباڻي علائقي ڀاڳ لاءِ روانو ڪيو ويو آهي. بزرگ سياستدان ۷۶ورهين جي عبدالحئي بلوچستان جي مشهور قومپرستن سياستدانن ۾ ڳڻيو ويندو هو. سندس جنازي نماز اڄ ادا ڪئي ويندي، ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ قومي اسيمبلي، سينيٽر، بلوچستان نينشل موومينٽ ۽ نيسنل پارٽي سان لاڳاپيل هيو. 

25 February, 2022

نشتر ناٿن شاهي

نشتر ناٿن شاهي

سندس لاڏاڻي تي

حميد شڪيل چانڊيو



ڀٽائي جي ڀلاري ڀونءَ ۽ لعل شھباز جي ننگري اڻڳڻين مخلص، انسان دوست، اديبن، فنڪارن، ليکڪن، ادبي لڏي سان وابسطگي رکندڙ ڀلوڙ ماڻھن سميت شاعرن سان ڀري پئي آھي سنڌ امڙ جي سيني مان جنم وٺندڙ شاعرن کي به خدا طرفان ڏات مليل آھي جيڪي لفظ لفظ کي ڳولي ڪري موتين مالها وانگي ان کي پوئي سٽن کي سٽڻ جا گر ڄاڻي انهن کي سهيڙي پنهنجي پرستارن کي پڙھڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا  جيڪي پنهنجو درد،پيڙائون، ڏک ڏمر،خوشي غم، پيار محبت انسانيت،رشتن ناتن تي لکڻيون  لکي هر عام خاص ماڻھن،شھرن توڙي دنيا جي مختلف ملڪن تائين نياپو پهچائن ٿا.

عمرالدين بيدار

عمرالدين بيدار

ڇا ڏٺم ڇا ٻڌم

نصير سومرو



هي ۲۰۰۲ع جو دور هو. عمر الدين بيدار سان ويجهڙائپ ٿي. ماهوار انڊس ڊائجسٽ ۾ لکڻ ۽ انشائيه نثر کي هٿي وٺرائڻ جو گڏيل ارادو ويجھڙائپ جو ڪارڻ هو. ”ڇا ڏٺم ڇا ٻڌم“ عنوان خود ئي تجويز ڪيائين ۽ ان سري هيٺ سندم ڳپل مضمون ڇاپيائين. هو سخن شناس ايڊيٽر ۽ جهانديد شخص هو. مردم شناس به ڪمال جو هو. سنڌي ٻوليءَ سان عشق پوڄا پاٺ جي درجي وارو هيس. صحافي، شاعر، تاريخدان،  واقع نگار/ ليکڪ جي حيثيت ۾ جملن جي نحوي جوڙجڪ ۽ سٽاءَ ۾ ڪو جهول ڏٺائين ته اعتماد سان راءِ زني ڪندو هو.