; سنڌي شخصيتون: نشتر ناٿن شاهي

25 February, 2022

نشتر ناٿن شاهي

نشتر ناٿن شاهي

سندس لاڏاڻي تي

حميد شڪيل چانڊيو



ڀٽائي جي ڀلاري ڀونءَ ۽ لعل شھباز جي ننگري اڻڳڻين مخلص، انسان دوست، اديبن، فنڪارن، ليکڪن، ادبي لڏي سان وابسطگي رکندڙ ڀلوڙ ماڻھن سميت شاعرن سان ڀري پئي آھي سنڌ امڙ جي سيني مان جنم وٺندڙ شاعرن کي به خدا طرفان ڏات مليل آھي جيڪي لفظ لفظ کي ڳولي ڪري موتين مالها وانگي ان کي پوئي سٽن کي سٽڻ جا گر ڄاڻي انهن کي سهيڙي پنهنجي پرستارن کي پڙھڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا  جيڪي پنهنجو درد،پيڙائون، ڏک ڏمر،خوشي غم، پيار محبت انسانيت،رشتن ناتن تي لکڻيون  لکي هر عام خاص ماڻھن،شھرن توڙي دنيا جي مختلف ملڪن تائين نياپو پهچائن ٿا.


سهڻي سنڌ ڌرتي جي ٻين شھرن جيان دادو ضلعو به علمي ۽ ادبي لحاظ کان اڳيان اڳيان رهيو آھي جن شاعرن پنهنجي ضلعي جو نالو هميشه روشن ڪيو ايئن ئي وفاناٿن شاھي، راز ناٿن شاهي ۽ آثم ناٿن شاهي جي شھر خيرپور ناٿن شاھ سان واسطو رکندڙ ڀلوڙ شاعر نشتر ناٿن شاهي (غازي خان لغاري) جو نالو به انهن عظيم شاعرن سان ليکيو وڃي ٿو،

نشتر ناٿن شاھي خيرپور ناٿن شاھ  تعلقي جي ھڪ ڳوٺ گهارو ۾ هاري آبادگار بهادر خان لغاري جي گهر ۾ جنم ورتو، نشتر ناٿن شاهي جو بچپن پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ گذريو سندس پرائمري تعليم جي شروعات ڀلوڙ شاعر آثم ناٿن شاهي جي ڳوٺ کاٿڙي جي پرائمري اسڪول مان ٿي، جنهن بعد نشتر ناٿن شاهي جي وڏن ڳوٺ ڇڏي خيرپور ناٿن شاھ ۾ لڏو کڻي اچي  خيما کوڙيا، سائين ۱۲ورهين جي عمر ۾ علم ۽ ادب جي شرعات ڪئي،سائين جو اصل نالو غازي خان لغاري هو علمي ادبي ۽ تخلصي نالو نشتر ناٿن شاهي آھي هن ٻين شاعرن جيان پنهنجي شھر جو نالو به پاڻ سان ڳنڍي ڇڏيو. لغاري صاحب ڪھاڻيون، بيت، ڇلڙا، لوڙائو۽ ڏور پڻ لکيا جيڪي ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا. مڊل  تعليم خيرپورناٿن شاھ مان حاصل ڪئي جنھن بعد کيس تعليم کاتي ۾ استاد جي نوڪري ملي، ھو بزم طالب مولا،بزم لطيف گوزو،بزم طالب عباسي ۽ بزم نشتر ناٿن شاھي جو سرپرست پڻ رھيون، ھن آبادگارن جي ڀلائي لا۽ آبادگار ايسوسيئشن جوڙي ھارين جي حقن لا۽ جدوجھد ۾ پڻ سرگرم رھيو، ۽ اسٽيج ڊرامن ۾ به پڻ ڪم ڪري ماڻھن کي واھ واھ ڪرائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو هو ۽اسٽيج جنرل سڪريٽري جون ذميواريون به خوب نڀايون،

ھن وٽ ۱۰۰ کان وڌيڪ شاعري جي ڪتابن جو مواد موجود آھي پر غربت سبب ھو مواد ڇپرائي نه سگھيو، ان سان گڏوگڏ سائين نشتر ناٿن شاهي ادبي سنگت جو ميمبر به پڻ رهيو، ان کان علاوه کيس ڪيترن ئي ادبي ايوارڊن سان نوازيو ويو، سادي طبيعت رکندڙ ڀلوڙ شاعر سموري زندگي پنهنجي شاعري جي فن کي ارپي ڇڏي هئي، سندس گهڻو عرصو بيمار رهڻ سبب ثقافت کاتي ۽ سنڌ ادبي سنگت طرفان ڪا به مالي مدد نه ڪئي وئي، نه ئي وري ڪو وقت سر علاج ڪرايو ويو جنهن جو ذڪر هن هڪ اخبار جي انٽرويو ۾ ڪيترا ئي سال اڳ ڪيو هو ھي حيدرآباد جي هڪ اسپتال ۾ زير اعلاج هو. بيماري جي سٽ نه سهندي ۱۸-۴-۲۰۱۸ع پهرين شعبان اربع جي ڏينهن پنهنجي هڪ هڪ لکيل لفظ ۽ شاعري جي سٽن سميت اڻ ڇپيل مواد کي هميشه لاءِ الوداع  چئي اسان کان جسماني طور تي جدا ته ٿي ويو پر پنهنجو نالو به هر ماڻھون جي دلين ۾ سونن اکرن سان لکرائي ڇڏيو، سندس مڙھ کي يقين شاھ جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو جنهن جي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي، شھري، شاعر، اديب، وڏين شخصيتن، ادبي سنگت ڪي اين شاھ سميت ڪيترن ئي ماڻھن شرڪت ڪئي،

غم ۾ ذڪر بهارڪير  ڪري

دل کي اڄ سوڳوارڪير ڪري

اي زمانا ستم ظريفي ته ڏس،

بي شعاري شعار ڪير ڪري.


نشتر ناٿن شاهي

ذوالفقار گاڏهي

نشتر ناٿن شاهيءَ جو نالو سندس والد بالو خان لغاري غازي خان رکيو، غازي جنهن جي معني ئي آهي بهادر. اهو بهادر جنگجُو جوڌو به ٿي سگهي ٿو ته نشتر جهڙو عام ۽ سٻاجھڙو انسان به، ان لاءِ جو نشتر هڪ شاعر هو ۽ شاعرن کان وڌيڪ سٻاجھڙا انسان توهان کي ڪٿي به نه ملندا ۽ سٻاجها ۽ ٻاجھارا ماڻهو ڪڏهن به بزدل ناهن ٿيندا. عام طور تي جنگجو صرف ماري ڄڻندا آهن پر شاعر اهڙا ويڙهاڪ آهن، جيڪي بچائيندا آهن، هڪڙا جنگجو سرحدن جي حفاظت ڪندا آهن ۽ شاعر سرحدن جي نشاندهي ڪندا آهن، نشتر آڏو به دشمنن جي هڪ ڊگهي قطار آهي، هڪرا انفرادي ۽ اجتماعي ٻئي سندس پويان آهن، هتي مان فرد واحد نه پر قوم جي حوالي سان پيو ڳالهايان، ڇو ته غازي هڪ طرف نه پر قوم جو استعارو آهي، هاڻ غازي کي چونڊ ڪرڻي آهي ته ڪهڙو دشمن سندس وڌيڪ نقصان ڪري سگهي ٿو، ظاهر آهي ته اهو اجتماعي دشمني ئي ٿي سگهي ٿو، اهو دشمن آهي ڪير ۽ ڪٿان آيو آهي؟ ظاهر آهي اهو اسان مان ته ڪون آهي، اهو ٻاهران ئي ڪٿان آيو آهي، جيڪو اسان جي ساهه رڳ جهڙن مڙني وسيلن تي قابض ٿي ويهي رهيو آهي ۽ اهو پنهنجي حرڪتن کان ڪڏهن به نه مڙندو، ڇو ته ان کي هٿيارن جو ڏڍ آهي پر هو ڀليل آهي اهو ڪيڏو به طاقتور ڇو نه هجي کيس اسان جا وسيلا واپس ڪرڻا پوندا، ان لاءِ جو اهي اسان جي زندگي ۽ موت سان ڳنڍيل آهن، تنهن ڪري جنگ ٿيندي ۽ اسان جنگ واري حالت ۾ ئي بيٺا آهيون، هڪ جنگ هٿيارن ذريعي وڙهي ويندي آهي ۽ ٻي جنگ قلم ذريعي، اسان وٽ هٿيار ڪو نه آهن، ان ڪري اسان پنهنجي جنگ قلم ذريعي وڙهي رهيا آهيون، جيڪا جنگ قلم سان وڙهي ويندي آهي اها ئي آخر ۾ سوڀ ماڻيندي آهي ۽ اهڙي جنگ شاعر ۽ اديب وڙهندا آهن، نشتر به ان ئي ميدان جو ملهه آهي، هو چوي ٿو ته؛

هن جي هٿ ۾ گولي آهي،

منهنجي هٿ گليلي آهي.

هي هيڻي کي طاقتور سان ويڙهائڻ جي تنبيهه آهي. هٿين خالي کي هٿيارن وارن سان ويڙهه لاءِ اڪسائڻ آهي. ۽ اهڙا منظر اسان روز ڏسون به ويٺا. اهو تاريخ اڳ به ڏسي چڪي آهي ته هڪ پاسي هاٿين وارا آهن ته ٻئي پاسي ابابيلن جون قطارون آهن. اڳ به بظاهر ننڍڙا پر ابابيل سوڀارا ٿيا هئا، بس اسان کي پنهنجي طاقت کي گڏ ڪرڻو آهي. اهو پيغام اسان جي شاعرن ڏنو آهي. ۽ اهو فطري به آهي. ته جڏهن قومون گھري ننڊ ۾ هونديون آهن ته انهن جا سچيت ذهن، شاعر ۽ اديب جاڳندا آهن ۽ هو ان تسلسل کي ڳنڍيندا آهن، جيڪي ننڊ اکيون اکيون ڏسي ناهن سگھنديون. بعد ۾ اهي پنهنجي شاعرن ۽ اديبن کي سونهون بڻائي پنهنجي منزل جو تعين ڪنديون آهن.هي شاعر، اديب جيڪڏهن اها ڪرت نه ڪن ها ته اڄ اسان پنهنجي ماضيءَ کان ناآشنا هجون ها! ۽ ڪا به قوم پنهنجي ماضيءَ کان اکيون چورائي گھڻو وقت هلي نه ٿي سگھي.

شعر کي پرکڻ لاءِ اسان جي بزرگن ٻه ڪسوٽيون ٻڌايون آهن، هڪ فن ۽ ٻيو آهي فڪر، اسان جڏهن ڪنهن شعر کي پرکينداسين ته ان کي فن ۽ فڪر کان جدا ڪونه ڪنداسين. فڪر نظريو آهي، ڪنهن به ماڻهو جو ڪهڙو به نظريو ٿي سگھي ٿو، پرکيندڙ ان کي فن جي ڪسوٽيءَ تي پرکيندو ته هو ڪٿي کٽو ته ڪونهي ۽ جي فن ۾ ڪچو آهي ته شعر اهو ڪچو ليکيو ويندو. جيتري تائين فڪر آهي ته اهو هر ماڻهو جو پنهنجو نقطئه نظر آهي. ڪنهن جا خيال ترقي پسنداڻا آهن، ڪنهن جا روايتي، ڪو جديديت جي دڳ جو راهي آهي ته ڪو پراڻ پرست، هو ڪهڙي نقطئه نظر جو آهي، هن کي پنهنجي خيال کي صحيح نموني پوئڻ اچي ٿو؟ هن کي ان تي ڪيترو ملڪو آهي؟ شين کي ان طرح سان پرکبو آهي. ۽ ان طرح سان ئي پرکڻ وارو انصاف ڪري سگھي ٿو. سنڌي شاعري کي ٽن دورن ۾ ورهائجي سگهجي ٿو، هڪ اساسي، ٻيو روايتي ۽ ٽيون جديد، شتر ٻئي دور جو شاعر آهي، روايتي شاعرن جيڪي شيون جتان آنديون اتان جا ئي استعاره، ڪنايا هنن پنهنجن اسمن م استعمال ۾ آندا ۽ جديد شاعرن ان عمل کان ڪنارا ڪشي اختيار ڪري نئين دور ۾ شموليت ڪئي.پر ڇا اسان پنهنجي روايتي دور جي شاعرن جي شاعري تان هٿ کڻي سگهون ٿا، منهنجي خيال ۾ نٿا کڻي سگهون، ڇو ته ائين ڪرڻ سان اسان پنهنجي ادبي تاريخ جي هڪ ڪڙي وڃائي ويهنداسين.ان ڪري اسان کي پنهنجي ادبي تاريخ سهيڙڻ لاءِ روايتي شاعرن کي پڙهڻو پوندو، سمجهڻو ۽ سهيڙڻو پوندو، اسان جي پراڻن شاعرن وٽ تشبيهون، تلميحون، ترڪيبون پراڻيون آهن، هر دور جون پنهنجون ضرورتون ۽ گهرجون آهن، اڄ انهن کان پاسو ڪجي ته بهتر آهي، شيخ اياز به شايد ان دور جي گھرجن کي مدِ نظر رکي اها راءِ ڏني هجي “مان وائي، آزاد نظم، قطعه ۽ غزل ۾زيرِ اضافت، همزه، اضافت، واو عطفي ۽ فارسي لفظن ۽ ترڪيبن جو محدود استعمال اعتراض جوڳو نه ٿو سمجھان (پيش لفظ ـ ڀونئر ڀري آڪاس- ص نمبر۳ ) ۽ نشتر جي شاعريءَ ۾ به اهو ڪجهه آهي. جنهن کي شيخ اياز اعتراض جوڳو نه ٿو سمجهي. پر مان ڪوشش ڪندس ته اهي شيون اڀياس هيٺ آڻيان جيڪي فارسي ترڪيبن ۽ استعارن کان ڪنهن قدر ٻاهر هجن. هونءَ به نشتر جي شاعريءَ جي شروعات اساسي شاعري ذريعي ئي ٿي هئي. هن پهريان ڪافيون لکيون ۽ پوءِ عروضي شاعري ڏانهن آيو. نشتر نظم به لکيا آهن ۽ ڪنهن قدر آزاد به لکيا آهن، نه ته نشتر جنهن اسڪول آف ٿاٽ جو شاگرد آهي. اهي اهڙي قسم جا شعر ناهن چوندا. سندن هر شعر پاڻ ۾ قافين جي جڙاوت ۾ پوتل هوندا آهن ـ هي شايد جديد شاعرن جي اهل ڪرڻ جي شروعاتي ڪوشش هجي، پر نشتر اڳتي هلي نظم لکڻ به ڇڏي ڏنا هيا. هو رڳو غزل جو ٿي ويو هو. ڪنهن حد تائين قطعا، رباعي چئي وٺندو هو نه ته غزل ئي هن چيا آهن ۽ هن جي سڃاڻ به غزل ئي آهي، علي محمد مجروح جي راءِ هتي مان سائين نشترناٿن شاهي لاءِ ڪوٽ ڪندس  هن لکيو هو ته ”قيامِ پاڪستان کان پوءِ ناٿن شاهي شاعرن جو وڏو تعداد شعرو سخن جي ميدان ۾ طبع آزمائي ڪندو نظر اچي ٿو

نشتر ناٿن شاهي به انهن مان هڪ آهي. غزل سان گڏ گيت ۽ قطعا به لکيا اٿس. سندس غزل ۾ روايت جو رنگ نمايان آهي“( تنقيد ۽ تجزيو، ماهوار پيغام، ڪراچي، اپريل ۱۹۷۹ع)

روايت جو رنگ ضرور آهي، پر اسان ايئن چئي پنهنجي روايتي شاعرن کان ڪٿي لاتعلقي ته ڪونه پيا ڪريون؟! ۽ ڪنهن حد تائين اسان انهن کان لاتعلق به ٿي ويا آهيون. نشتر ناٿن شاهي ورهاڱي کان اڳ جو شاعر آهي. ۱۹۴۵ع کان هو شاعري جي دڳ تي پنهنجا قدم چڱي طرح ڄمائي چڪو هو تڏهن نشتر سورنهن سالن جو ڳڀرو جوان هو. ۽ شايد نشتر کي احساس هو پنهنجي نظراندازيءَ جو تڏهن هن اهڙا ڏوراپي جھڙا شعر چيا.

وفا ڪيو ته سزائن جو انتظارڪيو

سخا ڪيو ته گلائن جو انتظار ڪيو

هلي ٿو الٽو مروت جو سلسلو اڪثر

دعا ڏيو ته  دغائن جو  انتظار  ڪيو

بهرحال اسان سائين نشتر جي گيت کي رد نه ٿا ڪريون. رد ڪرڻ جھڙو هجي ها ته هن کي اڀياس جو حصو نه بڻايون ها. هن ۾ هڪ پڪي پختي شاعرجو سهڻو ۽ سچو جذبو آهي. ۽ اهو جذبو ئي هن جي ڪاميابي آهي، ايئن هي فارسي لب لهجي باوجود هڪ سهڻي گيت جو قالب ڌاري ورتو آهي. جنهن کي اسان کي قبوليت ڏيڻي ئي پوندي.

 

(سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تان)


 

نشتر ناٿن شاهي

هڪ حسن پرست شاعر

ديدار شام

سنڌ ڌرتي ڏات ڌڻين جو ڏيھ رهي آهي، شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست کان وٺي هن سرزمين تي ڪيترا ئي تخليقڪار رهيا آهن، جديد دور ۾ شيخ اياز، اُستاد بخاري، راشد مورائي، نياز همايوني، سرڪش سنڌي، حليم باغي، ابراهيم منشي، حسن درس، احمد خان مدهوش، احمد سولنگي، ايوب کوسو سميت ٻيا ڪيترائي شاعر نمايا طور نظر ايندا، جن جي شاعري فڪر فهم سنڌ جي خمير سان جوڙيل آهي، جنهن سبب سندن شاعري ڪڏهين به مري نٿي سگهي، ها جن به سنڌ کي موضوع بڻائي شاعري ڪئي آهي اُهئي ڪڏهن مري نٿا سگهن.

اڄ به هتي هڪ ان شاعر جو ذڪر ڪندس جنهن جي شاعري به سنڌ جي خمير سان جوڙيل ۽ ڳنڍيل آهي، اهو شاعر آهي سائين نشتر ناٿن شاهي، جنهن جي اڄ پهرين ورسي سندس شهر ۾ ملهائي وڃي پئي. سائين نشتر ناٿن شاهي جي شاعري ته سنڌ سان جوڙيل هُئي پر هن جو پنهنجي شهر سان به نيهن وارو ناتو هو جنهن سبب ئي هن پنهنجي شناخت، پنهنجي سڃاڻپ پنهنجي شهر سان جوڙي ڇڏي ۽ نشتر ناٿن شاهي جي نالي سان لکڻ لڳو.

شاعر بنيادي طور تي حساس دل هوندو آهي، هي پيار، محبت، امن، سونهن، حسن، خوبصورتي ۽ فطرت جي سموري حسناڪي جو عاشق ۽ ترجمان هوندو آهي.

سائين نشتر ناٿن شاهي جو به اهڙن ئي شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو، سائين نشتر فطرت جي سموري حسناڪي جي ترجماني ڪندڙ شاعرن جي قطار ۾ نمايان طور بيٺل نظر اچي ٿو. هتي سندس شاعري جون ڪجهه سٽون مثال طور هيٺ ڏيجن ٿيون،

حسن وارن جي گلا ڪير ٻڌي،

ايڏي توهينِ خدا ڪير ٻڌي،

ذڪر محبوب ٿئي اگر ته ٻڌون،

ور نه رڳو خوفِ خدا ڪير ٻڌي.

سندس هن شعر ۾ ڏسو هي حسن وارن جي گلا کي توهينِ خدا ٿو سمجهي! يعني هن وٽ خدا جو تصور حسن ۽ خوبصورتي وارو آهي ۽ هن جي نظر ۾ حسن جي گلا ڪرڻ توهينِ خدا آهي!

تنهن ڪري ئي چوي ٿو ته

حسن وارن جي گلا ڪير ٻڌي.

ايڏي توهينِ خدا ڪير ٻڌي.

نشر ناٿن شاهي ان ساڳي ئي غزل ۾ وري چيو آهي ته رڳو خوفِ خدا ۽ ڊپ جون ڳالهيون نه ڪيون، ڇاڪاڻ ته عام طور تي مذهبي ٺيڪيدار رڳو دوزخ ۽ عذابن جون ڳالهيون ڪندي ٻڌا وڃن ٿا! جڏهن ته هن وٽ خدا جو تصور ئي حسن، محبت ۽ حسناڪي وارو آهي، تنهن ڪري ئي هي بنا خوب جي اهو چئي ٿو ڏئي ته..

ذڪر محبوب ٿئي گر ته ٻڌون،

ورنہ رڳو خوفِ خدا ڪير ٻڌي.

نشتر ناٿن شاهي حُسن بابت اڳتي چئي ٿو ته...

حسن سان جيڪو به رغبت ٿو رکي.

عشق جي گرمي وجهي انکي سَٽي.

يا اڃان به پاڻ اڳتي ان ساڳي غزل ۾ فرمائي ٿو ته

جنهن محبت ۾ رسڻ، پرچڻ نه آ،

نامڪمل پيار اهڙو ٿو رهي.

مٿي بيان ڪيل شيئر جي سٽ ۾ سائين نشتر ناٿن شاهي محبت ۾ رسڻ ۽ پرچڻ کي لازمي قرار ٿو ڏئي، سائين اهو به واضح چيو آهي ته محبت ۾ رسڻ، پرچڻ کان سواءِ پيار اڻپورو رهي ٿو!

نشتر ناٿن شاهي پنهنجي شاعري ۾ وڌيڪ چئي ٿو ته..

وصل جنهن ۾ ڪين آيو آ فراق،

ڪاميابي ڄڻ ٿي ناڪامي رهي.

سائين عشق ۽ محبت ۾ صبر کي وڏي اهميت ڏني آهي، هن عاشق کي بردبار، دلير، بهادر سڏيو آهي، هن جي نظر ۾ جنهن عاشق وٽ صبر ۽ سهڻ جو مادو ناهي اهو عاشق ٿي نٿو سگهي! ڇاڪاڻ ته سائين نشتر چئي ٿو عاشق ٿيڻ لاءِ بردباري کپي،

"عشق ڄڻ صبر و سهڻ جو نام آ،

عاشقي ۾ بردباري ٿي کپي."

سائين نشتر حسن، محبت، عشق کان سواءِ سماجي ۽ انقلابي حالت تي به تمام سٺي شاعري ڪئي آهي، سندس سماجي ۽ انقلابي شاعري ۾ هر بي رخي ۽ نا انصافي تي به هن جي شاعري ٿيل آهي، جيڪا شاعري سندس ڪتاب "ڪلامِ نشتر" ۾ موجود آهي، جيئن سندس هي شئر آهي ته..

ڪنهن رُنو انصاف جي حالت پسي.

ڪو ڏسي انصاف جي حالت بري!

فڪر ناهي، ٿي جي دل مايوس آ،

غم جي پويان ٿي اچي موٽي خوشي.

سائين توڙي جو پنهنجي زندگي ڏکن، ڏولاون ۽ تڪليفن ۾ گذاري، پر سندس شاعري ۾ ڪٿي به مايوسي نٿي ملي، پر ها ڪٿي ڪٿي سائين شاعري ۾ ميارون ته ڏيندي نظر اچي ٿو پر سندس شاعري ۾ همت، حوصلو ۽ اُميد وڏي مقدار ۾ برقرار نظر اچي ٿي. سائين خوف ۽ خطرن کي زندگي جو حصو سمجهي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو سائين زندگيءَ ۾ خوف ۽ خطرن جي ڪڏهن به پرواهه ناهي ڪئي، مثال طور جيئن سائين هن شئر ۾ واضع فرمائي ٿو ته...

خار سان شامل رهي ڪو گل ٿئي.

خوف ۽ خطرن جو نام آ زندگي.

سائين زندگي ۾ جيڪو به درد، ڏک، سور ڏٺو يا برداشت ڪيو ان جي شڪايت ڪجهه هن طرح سان ڪئي آهي،

برابر! بردباري ۾ سمايل بهتري آهي.

مگر منهنجي زبان جو پئي شڪايت سان ڀري آهي.

وري بادِ صبا ملبو حياتي گرچه آ ورنہ،

چمن وارن کي چئجان موڪلاڻي آخري آهي.

ادب جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته سائينءَ "نشتر " جي شاعري ته ڪمال جي آهي پر سندس شاعري پڙهڻ جو ڏيانءُ به تمام سٺو رهيو،

سائين کي مشاعرن ۾ تمام گهڻي موٽ ملندي هئي،

سائين نشتر جي ڏات جي اهميت جو اندازو ان مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته سائين نشتر جو سنڌ جي جنهن خطي دادو سان ڳانڍاپو هو، ان دادو جي ادبي ۽ انقلابي تاريخ ۾ اُستاد بخاري، محسن ڪڪڙائي، احمد خان مدهوش، وفا ناٿن شاهي، راز ناٿن شاهي، جوهر بروهي، خليل عارف سومرو، ڊاڪٽر قربان جهتيال ۽ ان جهڙا ٻيا ڪيترائي نامور شاعر هئا، يا کڻي ائين چئجي ته ادب جي دنيا ۾ شاعري جي آڪاش ۾ پکڙيل ڪيترن ئي ستارن مان سائين نشتر جي ڏات جو چمڪندڙ ستارو ادب جي تاريخ ۾ نمايان ۽ چمڪندڙ نظر اچي ٿو، جيڪو هڪ شاعر جي ڏات جو ڪمال ئي آهي. سائين نشتر پنهنجي شهر کي محبت، پيار ۽ احترام سبب پنهنجي نالي سان جوڙي ڇڏيو هو،

سائين جي ڇٺيءَ جو نالو غازي خان هو، سندس شاعري ۾ تخلص نشتر هو پر هو اڄ سڄي سنڌ ۾ پنهنجي شهر جي نالي "نشتر ناٿن شاهي" سان سڃاتو وڃي ٿو. جڏهن ته سندس ساڳي شهر جي نالي سان وفا ناٿن شاهي، راز ناٿن شاهي به سڃاتان وڃن ٿا، هي ٽئي پنهنجي ڏات ۽ شخصيت سان الڳ الڳ حيثيت رکندڙ شخصيتون ۽ شاعر آهن.

جن کي سمجهڻ، پرکڻ لاءِ سندن ڏات سان ملاقات ۽ سندن شاعري سان ڏيٺ ويٺ ضروري آهي، ڪنهن به شاعر، ليکڪ، رهبر جي لکڻين ۽ ادب جي سگھ مان خبر پئجي ويندي آهي ته سندس فڪر فهم، طبيعت ۽ شخصيت ڪهڙي مزاج جي آهي ۽ هي ڪهڙي فڪر فهم سان جوڙيل ۽ گڏيل آهي، جيئن سائين نشتر ناٿن شاهي سان منهنجي زندگي ۾ ملاقات ته نه هئي، پر سندس صالح پٽ اسد الله نشتر جي ڪوششن ۽ نوجوان ليکڪ احسان آڪاش جي رات ڏينهن جي محنتن سان آيل شاعري جي ڪتاب "ڪلامِ نشتر" ۽ "سخينِ نشتر" ۾ سندس شاعري ئي سندس شخصيت، فڪر فهم ۽ سوچ جو واضع اظهار آهي. سندس شاعري ئي سندس شخصيت سان ملاقات آهي. سندس فڪر فهم ۽ ڏات سان ملاقات آهي. سندس هي ٻئي ڪتاب "ڪلامِ نشتر" ۽ "سخينِ نشتر " ادب جي تاريخ ۾ هڪ اهم واڌارو آهي. اُميد ته سندس صالح اولاد ۽ سندس علمي ادبي دوست ائين ئي ساڳي جذبي سان سائين نشتر جو سمورو علمي پورهيو آهستي آهستي ڪري ڪتابي شڪل ۾ آڻي ادب جي کيتر ۾ تاريخي واڌارو ڪندا رهندا، ۽ سائين جي ورسي جي ڏهاڙي کي ڪڏهن به نه وساريندا جيڪو هڪ شاعر کي تاريخ ۾ سدائين زنده رکڻ لاءِ تمام وڏو ڪارنامو ۽ تمام وڏي ڀيٽا هوندي آھي.

 

(سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تان)

No comments:

راءِ ڏيندا