; سنڌي شخصيتون: آثم ناٿن شاهي

27 February, 2022

آثم ناٿن شاهي

آثم ناٿن شاهي

درد ۽ سونهن جو شاعر

ابراهيم لاشاري



سونهن ڀري مهراڻ جا سڀئي شهر ڪنهن نه ڪنهن ادبي ذوق رکندڙ صفت رکندڙ شخصيتن سان ٽمٽار لڳا پيا آهن هن وادي مهراڻ جي خوشبو ۽ چيڪي مٽي جي هڳاءَ سان لفظن جي مالها پوئڻ ۾ خيرپور ناٿن شاهه شهر کي اهيو اعزاز حاصل آهي جو هن شهر جي شاعرن، اديبن، پاڻ ملهائي پنهنجي شهر ۽ پنهنجو ادبي لڏي منجهه نالو نروار ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي اهڙي ريت الله بخش سولنگي جي گهر انهن وقت خوشي جو سماع هو جڏهن پرهه ڦٽي مهل ۲ جنوري ڇنڇر ڏينهن سال ۱۹۳۷ع ڌاري غلام رسول سولنگي ڳوٺ کاٿڙي ۾ اکيون کوليون. اڳتي هلي سندس ادبي سڃاڻپ (آثم ناٿن شاهي) سان ٿي. آثم ناٿن شاهي پڙهڻ جي عمر کي پهتو ته والد سندس ڦرهي هٿ ۾ ڏئي اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتان هن محنت سان سنڌي جا پنج درجا امتحان ڏئي پاس ڪيا، بعد ۾ سندس والد صاحب سندس کي مدرسي ۾ ديني تعليم سان آراسته ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي.


ان زماني منجهه  آثم ناٿن شاهي جو نانو مولانا فيض محمد پريشان (سولنگي) جيڪو پڻ هڪ وڏو عالم هو جنهن جو مدرسو اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۽ هاڻوڪي ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي وارهه تعلقي جي ڳوٺ الهرکيو جلباڻي ۾ قائم هو جتان هن عربي ۽ فارسي جي تعليم پرائي. آثم کي ننڍي وهي کان وٺي شاعري ڪرڻ سان دلي لڳاءُ هو بس پوءِ شاعراڻي انداز ۾ من جو آواز ڪڏهن غزل جي صورت ۾ ته ڪڏهن وري نظم ۾ پنهنجي من جو آواز عام خلق کان علاوه دوستن احبابن جي ڪچهري ۾ پيو اظهار ڪندو وتندو هيو، روزگار جي ته پرواهه ئي نه رهيس ڪڏهن ڪڙمت جو ڪم آسان لڳندو هيس ته ڪڏهن وري عام مزدورن سان گڏجي مزدوري ڪندي نظر آيو، بس پوءِ زندگي جي گاڏي کي هلائيندي خانگي ملازمت ڪري پيو پيٽ گذر ڪندو رهيو آثم ناٿن شاهي شاعري جا سڀ گر وري پنهنجي ڳوٺائي خيرپور ناٿن شاهه جي رهواسي ڪنهن مشق غزل گو شاعر سيد نياز علي شاهه کان سکيا، جڏهن ته ادبي لڏي ۾ وري محسن ڪڪڙائي کان شاعري جي اصلاح ڪرائيندو پنهنجو نالو ادبي لڏي ۾ آثم تخلص استعمال ڪري آثم ناٿن شاهي سان سڃاڻپ ظاهر ڪرائي ڇڏي پاڻ جديد سنڌي شاعري جو هڪ منفرد ڪوڏيو شاعر ٿي گذريو آهي شاعري جي مڙني صنفن منجهه پنهنجي من جو آواز پوءِ اهو نظم جي صورت ۾ هجي يا غزل تنهن کانسواءِ آزاد نظم به جهجي انداز ۾ چيل اٿس  آثم ناٿن شاهي صاحب جو فن ۽ انداز بيان نهايت رس ڀريو ۽ زرخير نظر اچي ٿو سندس شاعري جا هزارين شعر سنڌ جي مختلف اخبارن، رسالن، ميگزين ۾ ڇپجي عام خلق تائين پهتا آهن پاڻ سال ۱۹۶۲ع کان وٺي پنهنجي استاد محسن ڪڪڙائي کان تربيت وٺي خيرپور ناٿن شاهه جي شهر منجهه (بزم طالب الموليٰ) شاخ قائم ڪري، ادبي ڪوششن سان نينهن لاتائين جلد ئي بزم پاران (درس ادب) جو شعبي جو پايو وجهي شاعري سان دلي لڳاءُ رکندڙ  هر ماڻهو ۽ خاص ڪري نوجوانن کي شاعري جا گر سيکارڻ جو هڪ نهايت بهترين بندوبست ڪري انهن جي اصلاح ڪندو رهيو.

آثم ناٿن شاهي پنهنجي استاد جي بهترين صلاحيتن منجهان مستفيض ٿيندي خيرپور ناٿن شاهه ۾ (اداره فلاح و بهبود )جو بنياد وجهي هڪ بهترين (لائبريري) پڻ قائم ڪري علمي ۽ ادبي ڄاڻ سان شهر واسين کي نوازي ڇڏيو. آثم ناٿن شاهي نثر توڙي نظم سان گڏ سنڌي ادب جي سونهن ۾ اضافو ڪندي ۲۵ هن ڪتاب سان پنهنجو ادبي نالو ڪڍرائي نروار ڪرايو، ان کان علاوه ڪيترا ئي مضمون مقالا ڪتابن جا مهاڳ پڻ لکيا اٿس، سندس شاعري جو مجموعو (جڏهن الا اڀ ۾) ۽ لهرون لهرون لاٽ پڻ ڇپجي مارڪيٽ جي سونهن بڻيا آهن. جڏهن ته ٻين ڪتابن ۾ (ڪتين ڪر موڙيا، تاريخ جو مطالعو، مظلوم ڪربلا، پڙتال، ٻه روپ، پڻ اڻڇپيل ڪتابن ۾ شمار ٿين ٿا، آثم ناٿن شاهي سنڌي جي ڀلوڙ شاعرن جي سمورين خوبين جو مالڪ شاعر هو، سندس شاعري ۾ استادا واري حيثيت جو رهي آهي پنهنجي دور ۾ هن شاعري ڪندڙ ڪيترن ئي نوجوانن کي سکيا ڏئي پنهنجو شاگرد بڻايو، سندس شاگردن جو هڪ بهترين تعداد نظر اچي ٿو آثم ناٿن شاهي کي ادبي خدمتن عيوض مڃتا طور ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو سال ۱۹۹۴ع ڌاري کيس (ڪينجهرادبي ايوارڊ) سان نوازيو ويو، سال ۱۹۹۹ع ڌاري سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران سندس شعري مجموعي (لهرون لهرون لاٽ) ٻه ٽي نقد انعامن سان پڻ نوازيو ويو، آثم ناٿن شاهي پنهنجي من جو آواز شاعري جي روپ ۾ ڪهڙي نه بهترين انداز ۾ بيان ڪري ٻڌائي ٿو ته

تنهنجو چهرو گلاب جهڙو آ،

ڪنهن مقدس ڪتاب جهڙو آ

هن جو مونسان ملڻ اڃا تائين

ڪنوار پڻ جي حجاب جهڙو آ

خوبصورت بتن جو پوڄائون،

ڏوهه آ پر ثواب جهڙو آ

سنڌ جو هي بهترين شاعر اديب پنهنجي زندگي ۾ ڪراچي جي هوائن جو مزو وٺندي روزگار سانگي ڪافي سال هڪ ننڍڙو دوڪان کولي پنهنجي زندگي جو گاڏو گهليندو رهيو ۽ مسلسل چاليهارو سال هو سنڌي ادب جي سونهن ۾ پنهنجي ڏات سان لکندو قلم وسيلي اضافو ڪندي ڪڏهن به نه ٿڪاوٽ محسوس نه ڪيائين سنڌ جي هن ڀلوڙ درد ۽ سونهن جي پوڄاري  شاعر آخر ڪار زندگي جو ۶۹سال ۹ مهينا ۴ ڏينهن زندگي جا گهاري جمعي جي ڀلاري ڏينهن ۶ آڪٽوبر ۲۰۰۶ع سڀني ادبي مصروفيات منجهان هٿ ڪڍي وڃي ابدي آرامي ٿيو سندس اڄ ۱۱ ورسي خيرپور ناٿن شاهه ۾ ملهائي ويندي  نموني طور سندس  شعر پيش ڪجي ٿو

ميڪدي جو عجيب آ دستور،

وڃ ته سالم ۽ اچ ته چڪنا چور


 

آثم ناٿن شاهي

تحرير: فقير جاويد حسين گاڏهي

آثم ناٿن شاهي جو اصل نالو غلام رسول سولنگي هو، هن ۲ جنوري ۱۹۳۷ تي الله بخش سولنگي جي گهر کاٿڙي خيرپورناٿن شاه ۾ جنم ورتو آثم ناٿن شاهي پنج درجا سنڌي پڙهيو ۽ ان سان گڏ عربي ۽ فارسي تعليم پنهنجي ناني مولوي فيض محمد “پريشان” کان حاصل ڪئي. آثم ناٿن شاهي کي شاعري سان ننڍپڻ جو لڳاء هو پوء هن محسن ڪڪڙائي کي پنهنجو اصلاحي استاد بڻايو ۽ بزم طالب المولي شاخ خيرپور ناٿن شاه ادبي سرگرمين ۾ حصو ورتو ۽ ۱۹۶۳ ۾ محسن ڪڪڙائي سان گڏجي اداره فلاح و بهبود خيرپور ناٿن شاه قائم ڪيائين ۽ لئبرري به کوليائين آثم ناٿن شاهي جو شمار ناليوارن شاعرن ۾ ٿئي ٿو آثم ناٿن شاهي کي مون پهريون ڀيرو پنهنجي آستاني دائره حسن فقير گاڏهي تي ڏٺو ۽ سياري جي سرد راتن ۾ مشاعرو رکيو ويو ان مشاعري ۾ آثم سان گڏ وقار ناٿن شاهي، ساٿي محبوب، نور محمد ناشاد، بخشل لڌاڻي، اصغر گوزائي، منظور مجبور، غلام شبير بيوس، عبدالنبي عبد، راز راڻو گاڏهي، اقبال ٻرڙو ۽ ٻيا ڪافي شاعر حضرات آيل ھئا ان مشاعري ۾ آثم ناٿن شاهي انقلابي شعر گهڻا پڙهيا ھر شعر جا لفظ لاجواب ۽ ٻيو وري پڙھڻ جو انداز غضب جو هو، مون کي اڄ ڀي آثم جو هي چوسٽو ياد آ جيڪو آثم مشاعري ۾ پڙهيو

سهڻا اچن ٿا ٻيله خدا پيو خير ڪري

دل ۾ چوڀن ٿا سيله خدا پيو خير ڪري

پر ڀي آثم مس مس بچيو هو دونالين کان

مگر ان جو هيله خدا پيو خير ڪري،

آثم ناٿن شاهي سنڌ جو وڏو شاعر هو/آهي، ناٿن شاهي شاعرن آثم ڪلاسيڪل شاعر هو، آثم ناٿن شاهي غزل، نظم، آزاد نظم، وائي، لکيا پر آثم سنڌي شاعري ۾ هڪ نئين صنف ايجاد ڪئي اها آهي ٽه سريون ڪا شي ايجاد ڪرڻ استاد شاعر جو ڪم آهي ۽ آثم ناٿن شاهي نثر نويس به ڪمال جو هو نثر جو تازو ڪتاب ´´مان به تخليقيان ٿو ڪجه ويٺو`` جيڪو سنڌ جو بهترين شاعر اديب ليکڪ ذوالفقار گاڏهي مرتب ڪيو آهي ذوالفقار کي جس هجي جنهن خيرپور ناٿن شاه جي ڪافي شاعرن جي مواد کي ڇپائي منظر عام تائين آندو جنهن ۾ وقار ناٿن شاهي تاثيرناٿن شاهي شهاب عباسي ۽ ٻيا ڪافي شاعر  اچي وڃن ٿا، ذولفقار جو اهو ڪم مون کي ڏاڍو وڻندو آهي جو هو مرحوم دوستن جا مواد پنهنجي خرچ تي ڇپائي ٿو ۽ هن دور ۾ ائين ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ذوالفقار جي انهي محنت کي سنڌ هميشه ياد ڪندي، مان وري ايندس آثم  ڏي ته آثم ناٿن شاهي هڪ ڪمال جو شاعر ۽ نثر نويس هو، آثم جي هر صنف ڪمال جي آهي پر مون کي هن جا غزل وڻندا آهن آثم هڪ بردبار ۽ برداشت ڪندڙ شخص هو آثم غزل جي هڪ بند ۾ چئي ٿو ته

منع نه ڪنهن کي ڪئي آ نه ڪنهن کي روڪيو آ

اسان کي ڪجه به چوڻ چاهي ڪو چئي گذري

هن بند سان آثم جو برداشت بردبار صبر جو پتو پوي ٿو ۽ سچ چوڻ ۽ سچ ٻڌڻ جي سگه رکي ٿو،

آثم جو ناٿن شاهي شاعرن ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي مان پاڻ کي خوش نصيب ٿو سمجهان ته هڪ دفعو ئي سهي پر هن عظيم شاعر جو ديدار نصيب ٿيو،

آثم ناٿن شاهي جا ڇھ مجموعا اچي چڪا آهن جن ۾؛ ۱جڏهن الا اڀ ۾ ۲ لهرون لهرون لاٽ ۳ سامرين جي شهر ۴ ڇا چيس آئيني ۵ شاعري ۶ مان تخليقيان ٿو ڪجه ويٺو. ۽ ڪافي مواد اڻ ڇپيل آهي.

هي عظيم شاعر ۶ آڪٽوبر ۲۰۰۶ تي هميشه لاء اسان کان وڇڙي ويو.

1 comment:

  1. Casino Games - DRMCD
    Play casino 통영 출장마사지 games online with 태백 출장샵 the best jackpot slots and 의왕 출장안마 jackpots at 대구광역 출장마사지 Jackpots and Table Games! Play Slots, Blackjack, Roulette, Video Poker, Bingo, Casino 광양 출장샵 Poker and

    ReplyDelete