لال خان
واہ ڇا ته ماڻھو ھيو!
امتياز عالم
ڪامريڊ لال خان (۱۹۵۶ع-۲۰۲۰ع)
جي فون تان ان جي هڪ دوست پال گھٻرايل لهجي ۾ ان جو آخري پيغام ڏنو ته “لينن” کي
چئو ته اچي ملي وٺي، شايد پوءِ ڪڏهن ڳالهه ٻول نه ٿي سگھي. آئون ڀڄندو ڀڄندو ڊاڪٽرز
اسپتال پهتس ته ڏٺم هو نيم بيهوشي ۽ تڪليف ۾ آهي.
مون ان جو هٿ جھليو
۽ گرمجوشي سان دٻايو ته ان به آهستي منهنجي هٿ تي هٿ ڦيريو. ٿورڙيون اکيون کوليون،
مونکي هڪ لمحي لاءِ ڏٺو ڄڻ ڪجھه چوڻ جي ڪوشش ۾ هجي، پر دل جي ڳالهه زبان تي نه آڻي
سگھيو. ڪينسر آخري اسٽيج تي هو ۽ ڳالهه رهجي وئي. ان جي همٿ هئي جيڪا هارائڻ لاءِ
تيار نه هئي. هو موذي مرض سان آخري ساهه تائين جهيڙيندو رهيو. خميس ۲۰ فيبروري جي
رات جو ستين وڳي هو الله کي پيارو ٿي ويو.
مون پهريون ڀيرو ان
جي باري ۾ ان وقت ٻڌو هو جڏهن ضياءُ الحق جي دور ۾ نشتر ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن هڪ
هنگامو ڪيو ۽ ڊاڪٽر تنوير گوندل جو نالو انهن جي ليڊر طور سامهون آيو. آئون ان وقت
مزدور ڪسان پارٽي سان واڳيل هئس ۽ قدرتي طور مونکي ان نوجوان سان ملڻ جو شوق پيدا ٿيو،
اها منهنجي ان سان پهرين ملاقات هئي.
هي نوجوان ڀٽو جي
گرفتاري تي تپيل هئا ۽ ضياءُ الحق جي مارشل لا کان سخت ڪاوڙيل، صبح شام جھڳڙو
هلندو هو ۽ “سرخ هي سرخ هي، ايشيا سرخ هي، ۽ سوشلزم اوي اوي” جا نعرا هڻندي نه ٿڪبا
هئا. پوءِ ڊاڪٽر گوندل کي هڪ سال جي سزا ٿي ۽ آزادي بعد اهڙيون حالتون پيدا ڪيون
ويون جو ان کي ملڪ مان ڀڄڻو پيو. ڀڄڻ جو
قصو به وڏو ڊرامائي هو. ان هالينڊ ۾ پناهه ورتي جتي ٻيا به گھڻائي سياسي جلا وطن گڏ
ٿي ويا هئا. جيڪي هر ڏينهن ضيائي آمريت خلاف جلسا
ڪندا هئا.
اٺين ڏهاڪي جو هي
اهو زمانو هو جڏهن سڄي دنيا جي روپوش انقلابين ۽ جمهوريت پسندن کي يورپي ملڪن ۾
پناهه ملي ويندي هئي ۽ اهي پنهنجي پنهنجي ملڪن جي مزاحمتي تحريڪن جا سفير بڻجي
گھمندا هئا، منصوبا جوڙيندا ۽ مختلف پبليڪيشنز ڪندا، هڪٻئي ۾ ورهائيندا ۽ عالمي
پرولتاري يڪجهتي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌبا هئا.
(آئون ان وقت
انڊر گرائونڊ رهيس ۽ پوءِ ۵ سال قيد ۾) جلاوطني ۾ ڊاڪٽر گوندل، لال لال ڪندي پاڻ
به لال خان ٿي ويو. ان اتان کان جدوجهد رسالي سان پنهنجي انقلابي خيالن جي پرچار
شروع ڪئي. ڪامريڊ لال خان ست اٺ سالن جي جلاوطني کان بيزار ٿي ويو هو ۽ ان پاڪستان
واپس اچي جدوجهد گروپ کي مضبوط ڪرڻ شروع ڪيو.
آخري سالن ۾ هو ڪميٽي
فار ورڪرز انٽرنيشنل جيڪا پاڻ بحران جو شڪار ٿي وئي هئي، کان ڌار ٿي ويو. پر ان
پنهنجو ڪم آخري دم تائين جاري رکيو. جڏهن اسان ان جي جنازي ۾ ان جي ڳوٺ ڀون (چڪوال)
پهتاسين ته نهايت ڏکاري ماحول ۾ ان جا سوين ساٿي روئي رهيا هئا.
ڳوٺ جا ماڻهو به
حيران هئا ته ڪرنل صاحب جي پٽ لاءِ هي ڪير آهن جيڪي ڳاڙها جهنڊا ڦڙڪائيندي ۽ ڪو
انقلابي گيت (انٽرنيشنل) ڳائيندي ان کي آخري نذراڻو ديو پيش ڪري رهيا آهن. شايد ئي
ڏاڏي امير حيدر کانپوءِ ڪنهن پوٺوهار ۾ اهڙو منظر ڏٺو هجي.
مزدور ڪسان پارٽي، ڪميونسٽ
پارٽي ۽ پوءِ قومي انقبلابي پارٽي ٽٽڻ کانپوءِ مون ليفٽ جي پارٽي سياست کان پاسو ڪندي
هڪ سماج وادي مبلغ فرد جيان ڪردار جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو هو ته مين اسٽريم ميڊيا ۾ ڪم ڪيو وڃي، منهنجي لال خان
سان ٻي واقفيت جي شروعات هڪ ليفٽ جي صحافي طور ٿي.
هو ڏاڍو ملنسار،
نفيس ۽ پرخلوص انسان هو ۽ شايد هو اڪيلو شخص هو جنهن آڏو آئون پنهنجي دل جو درد
روئي سگھندوو هئس. آئون ان سان نظرياتي مباحثا ڪندو هئس. کاٻي ڌر جي ڪٽرپڻي، فرقي
پرستي ۽ انتهاپسندي جي تباهي آڻيندڙ نتيجن جي ڳالهه ڪندو هئس ۽ هو ٻڌندو ويندو ۽ ڪڏهن
جھيڙو نه ڪندو هو، ڇو جو هو منهنجو ڏک سمجھندو هو. منهنجو زور هوندو هو ته ڪامريڊ
دنيا گھڻو اڳتي نڪري چڪي آهي. گلوبلائزيشن، انفارميشن ۽ چوٿين پيڙهي جي صنعتي ۽
سائنسي انقلابن مقامي ۽ عالمي سماجي جوڙ جڪ نقشا بدلائي ڇڏيا آهن ۽ مارڪس وادي هاڻي
به اڻيهين صدي جي سياسي معيشت جي تجزيي ۾ ڦاٿل آهن يا وري ويهين صدي جي پهرئين اڌ
حصي جي سوشلسٽ انقبلابين جي سياسي مباحثن ۾ ڦاٿل رهي هڪ ٻئي تي لعنت ملامت ۾ لڳل هوندا آهن. ان سان نه پورهيت عوام لاءِ ڪو
نجات جو روستو نڪري سگھي ٿو ۽ نه ئي انقلابي عمل کي ڪا رهنمائي ملي سگھي ٿي.
هو ٻڌندو رهندو هو،
ان باوجود ته هو پاڻ به ڪٽر ٽراٽسڪي وادي هو. جڏهن هو پنهنجي آخري پارٽي ڪانگريس
جي تياري ڪري رهيو هو ته مون زور ڀريو ته يار تون ڇا نيم ڳجھي پارٽي هلائڻ وڃي
رهيو آهين.
ان کي کول، وسيع بڻائي
۽ محنت ڪشن ۽ غلام عوام کي اڄ جيڪي وڏا چيلينج آهن انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ فڪري
جهد ڪر، پر لڳي ٿو ته ان کي ڪينسر پنهنجي چوڌاري گھيرو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ۽ هو
پنهنجي پارٽي جي گذريل ڪانگريس ۾ اسپتال ۾ هو، ان غلط فهمي ۾ ته شايد ڊي هائڊريشن ٿي
ويو آهي. بعد ۾ خبر پئي هي ته ڪينسر هو،
جنهن ان جي زندگي جو ڏيڍ سال اندر ئي ڏيئو وسائي ڇڏيو هو. لال خان تمام گھڻو لکيو،
ڪيترائي ڪتاب لکيا، هزارين مضمون تحرير ڪيا ۽
فڪري ۽ نظرياتي ميدان ۾ گھڻو ڪم ڪيو. انگريزي ۽ اردو جو هو مستقل ڪالم نويس
بڻجي چڪو هو.
ائين منهنجو هن سان
هڪ ٻيو رشتو بڻيو ۽ سياسي پسماندگي جي اڄوڪي ماحول ۾ اسين خوب خيالن جي ڏي وٺ ڪندا
۽ پاڻ کي تازو رکندا هئاسين. هو مونکان ڇهه سال ننڍو ۽ انقلابي سياست ۾ چوڏهن سال
جونيئر هو، پر هو اڳتي وڌندو ويو ۽ اسان کي ڏکارو ڪري هليو ويو. ڪيڏو عجيب انسان هو،
نه رهيو.
بس ان جون يادون ۽
انقلابي روايت، ڏيئي مان ڏيئا ٻرندا رهندا، جيستائين استحصالي سماج جي ڊگھي رات
پرهه ڦٽي لاءِ جڳهه نٿي ڇڏي. عجب آزاد مرد هو اهو جيڪو وساري نه سگھبو.
(روزاني جنگ
جي ٿورن سان - ترجمو سماچار سٿ – سماچار ۾ ۲۶ فيبروري ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)
ڪامريڊ لال خان
زندهه رهندو
ڪامريڊ رياض لنڊ
ڪامريڊ لال خان جي
لاڏاڻي واري خبر منهنجي وجود کي جنجهوڙي ان ۾ وَڍ وجهي ڇڏيا آهن. هڪ شفيق انسان،
فقيرمنش، يارن جو يار، عالمي انقلابي اڳواڻ ۽ هن ملڪ جي پورهيتن جي سياست ۽ نظرئي
جو هڪ سچو سپاهي ڊاڪٽر لال خان هاڻي اسان جي وچ ۾ نه رهيو آهي.
هُن مون کي هميشه
پنهنجو دوست ۽ مون ان کي پنهنجو استاد ۽ رهنما سمجهو، اسان سياست ۾ انتهائي ڏکين
حالتن ۾ به گڏ گذاريو آهي، تنظيم کي ٽٽندي ۽ وري ٺهندي ۽ وري ٽٽندي ۽ ٺهندي ڏٺو
آهي پر مون ڪڏهن به هن جي چهري تي مايوسي نه ڏٺي هُئي. هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن ملڪ ۾
ظلم ۽ ڏاڍ جو دور هُجي ملڪ ۾ انقلابي جدوجهد ته پري جي ڳالهه آهي رڳو جمهوري
جدوجهد ڪندڙن لاءِ ئي ڦاسي، گولي ۽ قيد جي سزا تيار هجي ته اهڙي دور ۾ هُن شاگرد
تنظيم جي پليٽ فارم تان چونڊون کٽي ان وقت جي آمر جنرل ضياءُ کي جهڙوڪر هڪ چيلينج ڏنو
هو.
ان وقت ڪامريڊ رڳو
ظالم ۽ مظلوم جي وچ ۾ جنگ کي ئي ويڙهه جو محور سمجهندا هيا، جنرل ضياءُ جي فسطائي ٽولي
جڏهن ڪامريڊ لال خان لاءِ ڦاهيءَ جي سزا مقرر ڪئي ته کيس ملڪ ڇڏي جلاوطن ٿيڻو پيو
۽ هو يورپ هليو ويو. سندس اندر موجود مزاحمتي انسان کيس ڪڏهن به سک سان ويهڻ نه ڏنو
اهو ئي سبب آهي جو هو يورپ ۾ به هڪ آدرشي انسان جي طور تي سرگرم رهيو.
منهنجي انقلاب ۽
مارڪس ازم سان شناسائي لال خان جي ڪري ٿي ۽ لال خان پنهنجي جلاوطنيءَ دوران يورپ ۾
مارڪس ازم تي مهارت حاصل ڪرڻ بعد اتان جي سک ۽ آرام واري زندگي کي خدا حافظ چئي
واپس پاڪستان آيو ۽ سنڌ جي شهر ڀٽ شاهه ۾ اچي پنهنجو انقلابي ڪم ڪيو ۽ ان بعد
هندستان وڃي پنهنجن نظرين جي پرچار ڪئي، اهي ڳالهيون جيڪڏهن رڳو لفظن جي حد تائين
محدود هجن ته ٻڌڻ ۾ به تمام سٺيون ٿيون لڳن پر عملي طور تي اهڙي جدوجهد رڳو هڪ
رومانيت پسند اڳواڻ ئي ڪري سگهي ٿو جنهن کي انقلاب سان عشق هُجي.
نشتر ميڊيڪل ڪاليج
جي شاگرد يونين جي جنرل سيڪريٽريءَ جي چونڊ کان وٺي پنڊي ڪاليج جي سياسي اڳواڻ ۽
ان بعد هالينڊ تائين ڪيل سياسي جدوجهد کيس عالمي سطح تي هڪ سوشلسٽ اڳواڻ جي روپ ۾
سڃاڻپ ڏئي پهرين صف جي اڳواڻن ڀرسان اچي بيهاريو هيو.
مان ڪامريڊ لال خان
لاءِ جيڪڏهن ذاتي طور تي ڪجهه لکان ته يقينن لفظ گهٽجي ويندا، ڇو جو هو هڪ شاندار
انقلابي روايتن وارو انسان ۽ هڪ سچو ڪامريڊ هيو. هو مالي ۽ معاشي حوالي سان ايترو ڪمزور
يا وري ڪو وڏو مالدار نه هيو پر هُن وٽ جيڪو ڪجهه هيو اهو رڳو تنظيم لاءِ ئي هيو،
مان ڪامريڊ فرحان ۽ ڪامريڊ رئوف لونڊ ان جا اکين ڏٺا شاهد آهيون.
هو اهڙو محبوب دوست
هيو جو هڪ ننڍڙي عمر جي ڪامريڊ کان وٺي وڏي عمر جا ڪامريڊ ۽ ساٿيءَ تائين سڀ جو سڀ
ان کي پنهنجو دوست چوندي فخر محسوس ڪندا هيا، هُن ڪڏهن به ڪنهن ڪامريڊ کي مايوس ٿيڻ
نه ڏنو. پنجن ماڻهن تي ٻڌل هڪ تنظيم کي پاڪستان جي انقلابي مارڪسٽن جي سرگرم تنظيم
تائين پهچائڻ ۾ هُن جي اڳواڻيءَ وارين صلاحيتن جو بنيادي ڪردار آهي، هو مري نه ويو
آهي پر زندهه آهي.
اسان کي اميد آهي
ته اسان کي يا ٻين هزارين ساٿين کي ڪامريڊ لال خان پاران جيڪا به انقلابي تعليم ۽
تربيت ملي آهي ان کي اجتماعي سطح تي اڳتي وڌائينداسين. ڪامريڊ صدف جو ڪامريڊ لال
خان جي هڪ بهترين، باشعور ۽ انقلابي شريڪ حايت هجڻ ڪامريڊ لال خان لاءِ زندگيءَ جو
هڪ عظيم سرمايو آهي، جنهن نه صرف ڪامريڊ لال خان پر ننڍپڻ کان سحر ۽ شيرو کي پڻ
پنهنجي والد جي ڪمي محسوس ٿيڻ نه ڏني جو ڪامريڊ لال خان اڪثر سياسي ۽ انقلابي ڪم ڪارين
سبب لاهور کان ٻاهر ئي رهندو هو، اها ڳالهه يقينن چئي سگهجي ٿي ته اهڙو ڪردار رڳو
هڪ انقلابي ماءُ ئي ادا ڪري سگهي ٿي.
ڪامريڊ صدف! اوهان
جو ڏک يقينن اسان سڀني کان وڌيڪ آهي، پر اسان به اوهان جا ڪامريڊ ڀائر آهيون ۽
اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، اسان ان لاءِ اوهان جا شڪر گذار آهيون جو
اوهان پنهنجي گهر ۽ لال خان جي گهر کي پارٽيءَ جي هيڊ ڪوارٽر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو،
اسان اوهان کي اهو يقين ٿا ڏياريون ته لال خان جي آدرشن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اسان
سمورا ڪامريڊ، پورهيت، شاگرد ۽ عوام ڪامريڊ جي پورهيتن لاءِ ڪيل جدوجهد کي سوشلسٽ
انقلاب جي منزل تائين پهچائي ئي ساهه پٽينداسين، لال خان مري نه ويو آهي پر اسان
مان هر انقلابي جي روپ ۾ زنده آهي ۽ زندهه
رهندو.
(ڏھاڙي عوامي
آوز ڪراچيءَ ۾ ۲۳ فيبروري ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)
لال خان
کاٻِي ڌر جو متحرڪ ڪردار
سيد حيدر عباس
گرديزي
ان ڳالهه جو ڪو به
فرق نه ٿو پوي، ته منهنجا ڪامريڊ لال خان سان ڪهڙا لاڳاپا هئا يا منهنجي ان سان ڪيتري
ويجهڙائپ هئي. فرق ان ڳالهه جو پوي ٿو ته ڊاڪٽر لال خان جي اوچتي وڇوڙي سبب اسان
جي سياست ۽ سماج تي ڪهڙا اثر پوندا.
ڪامريڊ لال خان جو
نالو ننڍي کنڊ جي نالي وارين ۽ تاريخ ساز هستين ۾ شمار ٿيندو. ايراني انقلاب جي
دؤران شهيد ٿيڻ واري ڊاڪٽر علي شريعتي هڪ دفعي چيو هو ته “اهم ڳالهه اها نه آهي،
ته ڪو شخص پنهنجي عمر جي ڪهڙي حصي ۾ فوت ٿئي ٿو، پر اهم ڳالهه اها آهي، ته ڪو به
شخص پنهنجي موت جي وقت پنهنجي سماجي ۽ سياسي جدوجهد ۾ ڪيترو اهم ڪردار ادا ڪري
رهيو ھوندو آھي ۽ ان جي تاريخي اهميت ڪيتري ھوندي آھي.” ان لحاظ کان ڪامريڊ لال خان جو شمار ننڍي کنڊ جي انهن
هستين ۾ ٿيندو، جن پنهنجي عهد جي تاريخ جي ڌارا تي اڻمٽ نشان ڇڏيا آهن.
لال خان پاڪستان ۾
سوشلسٽ انقلاب جو تمام وڏو عالم ۽ نظريي دان هو. ان پنهنجي شعوري زندگي جو هڪ هڪ
پل پنهنجي ان نظرياتي وابستگي جي راهه ۾ وڏي جفاڪشي ۽ وڏي خلوص سان ادا ڪيو. هو هڪ
شعلي وانگر پنهنجي انقلابي شعور ۽ جدوجهد ۾ مگن رهيو، پر ان جي روشني ايندڙ نسلن
جي اونداهين ۽ خطرناڪ راهن ۾ سوجهرو پکيڙي وئي، جيڪا ايندڙ نون انقلابي جٿن جي
لاءِ مشعل راهه بڻجندي.
ڊاڪٽر لال خان پاڪستان
۾ کاٻي ڌر جِي تاريخ جي ان اونداهي دؤر ۾ اڀري سامهون آيو، جڏھن دنيا جي عالمي
انقلابي لهر پنهنجي انتھائي ھيڻي ڪيفيت ۾ ھئي. هن کي اهو دؤر نصيب ٿيو، جيڪو
انتهائي سنڍ ۽ تاريخي طور تي رد انقلاب جو دؤر هو. هي اهو دؤر هو، جڏهن سوويت
يونين ٽُٽي رهيو هو، برلن ديوار ڪيرائي پئي وئي ۽ تاريخ جي خاتمي جهڙي نظريي کي
عالمي سطح تي مقبوليت حاصل ٿي رهي هئي. اهو دؤر عالمي سرمائيداري، بدترين سامراجي
جارحيت، مذهبي دهشتگردي ۽ فڪري رجعت پسندي جي تاريخي عروج جو دؤر هو. لال خان
تاريخ جي بدترين عهد سان وڙھي رهيو هو. مگر ويندي ويندي اهو تاريخ جي هر انقلابي
لهر وانگر هن رجعتي نظام جي بنيادن کي هڪ ڪاپاري ڌڪ ضرور ھڻي ويو، جيڪو ايندڙ وقت
۾ ٿيندڙ نئين صف بندي جو بنياد ضرور بڻجندو. بلڪل اهڙي طرح ۱۸۸۰ع جي روس جي زار
بادشاهت جي زماني ۾ نرودنڪ پارٽي منجھه اعلى گهراڻن جا تعليم يافته نوجوان جيڪي هڪ
ھڪ ٿي ڪري ان انتهائي رجعتي ۽ سفاڪاڻي عهد سان ٽڪرائجي مارجي رهيا هئا ۽ انهن جون
لازوال قربانيون ۱۹۱۷ع جي بالشويڪ انقلاب جي فتح جو سبب بڻيون هيون. تاريخ ۾ ڪجهه
به رائيگان نه ٿو ٿئي. ڪو به عمل پنهنجو ردعمل ڇڏڻ بنا ختم نه ٿو ٿئي. تاريخ هڪ هڪ
پل جو حساب رکي ٿي ۽ انهن بيشمار پلن مان ڪو پل اهو به هوندو، جيڪو هن انقلاب جي پڪار
بڻجندو، جنهن جو خواب محڪوم ۽ ڏتڙيل انسان صدين کان ڏسندا پيا اچن.
ڪامريڊ لال خان پاڪستان
جي کاٻي ڌر جي تاريخ جي اٽڪل ٽئين نسل ۾ قدم رکيو. ان کان پھرين ٻئي نسل گھڻي ڀاڱي
انهن خوابن جا نقش چٽيندا رهيا. پهرئين نسل ۾ گهڻو ڪري مراعت يافته اشرافيه جا
روشن خيال ۽ تعليم يافته ماڻهو شامل هئا، جيڪي تازو تازو روسي انقلاب کان متاثر ٿيا
هئا. جن ۾ فيض احمد فيض، ميان افتخارالدين، سيد سجاد ظهير، قسور گرديزي، سبط حسن ۽
اهڙي طرح جا ڪيترائي نالي وارا ماڻهو شامل هئا. اھو نسل گھڻي ڀاڱي سوويت روس جي اسٽالنسٽ
روايتن جو پيروڪار هو. انقلابين جو ٻيو نسل مائوازم کان متاثر هئڻ ڪري هٿياربند
جدوجهد جي طرف مائل ٿيو ۽ ان کي پڻ شڪست جومنھن ڏسڻو پيو. تنهنڪري پاڪستان جي کاٻي
ڌر جي تاريخ اٽڪل اڌ صدي جي تجرباتي شڪست جي تاريخ هئي، جيڪا لال خان جي حصي ۾
آئي.
ڪامريڊ لال خان ۱۹۶۸ع جي انقلاب جي ناڪامي جي دؤر ۾ پنهنجي
شعوري جدوجهد جو آغاز ڪيو. ان جي سامهون ٻن نسلن جي شڪست ڦھليل هئي. ۱۹۶۸ع جي انقلابي اڀار کي جهڙي طرح عالمي ۽
مقامي ڪميونسٽ پارٽين جي ڪمزورين ۽ موقعي پرستي رائيگان ڪيو، انھي لال خان جي
انقلابي نظرين کي اڃا وڌيڪ پختو ڪيو ۽ گهرائي ڏني. اهو فقط اتفاق نه هو، ته جڏهن
عالمي سطح تي انقلاب جي اساس آهستي آهستي ختم ٿي رهي هئي، ته لال خان اهڙي ئي جذبي
سان ان جا سبب ڳولي رهيو هو ۽ انهي عرصي دوران هن پنهنجو مشهور ڪتاب “پاڪستان جي
اصل ڪهاڻي” لکي ورتو، جيڪو پاڪستان جي کاٻي ڌر جي تاريخ تي لکيل تمام وڏي تحرير
آهي. ڪامريڊ لال خان عالمي تناظر سان گڏ پاڪستان جي کاٻي ڌر جي ناڪامي جي سببن کي
تلاش ڪرڻ ۾ جنهن نظرياتي مهارت ۽ گهري تاريخي شعور جو مظاهرو ڪيو آهي، اهو وڏي
اهميت وارو آهي.
ڪامريڊ لال خان پاڪستان
جي سوشلسٽ انقلاب جي سببن جو تجزيو ڪندي ڪجهه تاريخي ۽ اڻٽر واڌارا ڪيا آهن ۽ ڪجهه
اهڙين بنيادي غلطين جي نشاندهي ڪئي، جيڪا اڄ تائين تحريڪن جي ڪاميابين ۾ رڪاوٽ بڻيون
آهن. مثلاً پاڪستان جي روايتي مين اسٽريم پارٽي جي هر اشو جِي سپورٽ ڪرڻ ۽ تنقيد ڪرڻ
واري کلي پاليسي کي استعمال ڪيو، جيتوڻيڪ اها حڪمت عملي هن کان اڳ ۾ استعمال ٿي
رهي هئي، پر ڪامريڊ لال خان ان کي سياسي هٿيار طور پهريون دفعو استعمال ڪيو.
ٻِي اهم غلط فهمي
انقلاب جو مرحليوار ارتقائي عمل هو. جنهن موجب سوشلسٽ انقلاب ٻن مرحلن ۾ مڪمل ٿيندو
آهي. پهرئين مرحلي ۾ بورجوا جمهوري انقلاب ۽ ٻئي مرحلي ۾ سوشلسٽ انقلاب. ڪامريڊ
انهي اسٽالنسٽ پوزيشن جي شدت سان مخالفت ڪئي. ڪامريڊ لال خان پاڪستان جي کاٻي ڌر
جو شايد پهريون رهنما هو، جنهن سوويت روس جي اسٽالنسٽ ماڊل کي تنقيد جو نشانو بڻايو
۽ سوويت يونين جي انقلاب جي ناڪامين کي وائکو ڪيو. ان سوويت يونين جي تاريخ ۾ ٿيڻ
وارين لاتعداد “مقدس” زياديتن جو اعتراف ڪيو، جن کي اڄ تائين عقيدت پرستي جي نالي
تي ڪوڙو قرار پئي ڏنو ويو. ان پاڪستان ۾ پهريون دفعو اسٽالنسٽ آمريت جي کلي طرح
مذمت ڪئي ۽ ان کي هن بالشويڪ انقلاب سان غداري جو نالو ڏنو.
لال خان بنيادي طور
تي هڪ بين الاقواميت پسند هو. هي ڪنهن به ملڪ جي سياسي صورتحال کي عالمي تناظر کان
الڳ ڪري ڏسڻ جو حامي نه هو. ان جي راءِ ۾ سوشلسٽ انقلاب مقامي ۽ عالمي تناظر سان جڙيل،
هڪ ڳنڀير ۽ پيچيده مظهر هوندو آهي. ان سان گڏوگڏ ڊاڪٽر لال خان انقلابي پارٽين جي
تشڪيل ۽ ان جي ڍانچي تي وڏي تخليقي ۽ ترقي پسند نظرين جو حامي هو. ان جو چوڻ هو،
ته انقلابي پارٽيون پاڻ ۾ رضامندي سان ڊرائنگ روم ۾ پريس ڪانفرنس ۽ اخباري اعلانن
سان جوڙي نه ٿيون سگهجن، پر اهي تاريخي سببن جي خودرو اڀار جي دوران اٿڻ وارين
تحريڪن جي وجود مان جنم وٺنديون آهن. انقلابي پارٽيون جدلياتي طور تي خود حالتن
جون پيداوار هونديون آهن. جهڙي طرح پيپلز پارٽي ۱۹۶۷ع جي هڪ ڊگهي ريلوي مزدورن جي
هڙتال جي نتيجي ۾ وجود ۾ آئي هئي.
ڊاڪٽر لال خان
پنهنجي ڪرشماتي شخصيت ۽ بي پناهه فڪري ۽ نظرياتي صلاحيتن جي ڪري ئي پاڪستان جي کاٻي
ڌر جي تاريخ جو هڪ انتھائي ذھين انسان هو ۽ اهڙيون شخصتيون وڏي عرصي بعد جنم وٺنديون
آهن. هو پنهنجي انقلابي فڪر جي باوجود قديم ۽ جديد جو هڪ حسين ميلاپ هو. هو هڪ اهڙي
عهد ساز هستي هو، جنهن پاڪستان جي کاٻي ڌر جي تاريخ کي هڪ تسلسل ڏيندي، ان کي جديد
تقاضائن سان هم آهنگ ڪيو. پنهنجي مختلف تاريخي ۽ سماجي حالتن جي باوجود ڪامريڊ لال
خان پنهنجي نظرياتي هيرو ليون ٽراٽسڪي سان تمام گهڻي مطابقت رکندو هو. جهڙي طرح ٽراٽسڪي
بالشويڪ انقلاب کي نئين رخ سان روشناس ڪرايو هو، اهڙي طرح ڪامريڊ پڻ پاڪستان ۾
سوشلسٽ انقلاب جي راهه کي بند اکين سان طئه نه ڪيو، پر ان کي پوري جدت ۽ پوري يقين
سان ڏٺو ۽ ان تي هلي پنهنجو رستو ٺاھيو. آئون هن اڻپوري تحرير جي وسيلي پاڪستان ۾
۽ پاڪستان کان ٻاهر ڪامريڊ لال خان جي چاهڻ وارن، جن ۾ آئون به شامل آهيان، سڀني
سان تعزيت جو اظهارڪريان ٿو ۽ ان جي شاندار جدوجهد ۽ افسوسناڪ موت تي فيض جو شعر
ان جي نذر ڪريان ٿو.
جو هم پر گذري سو گذري، مگر شب هجران،
هماري اشڪ، تيري عاقبت سنوار چلي.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۲ مارچ ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)
ڊاڪٽر لال خان
جدوجهد جو ٻيو نالو
رياض لنڊ
اهو سچ آهي ته ڪي ماڻهون
تاريخ ٿين ٿا. انهن ماڻهن جو سماج تي ۽ سماجي نظرين تي ڳوڙهو اثر ٿئي ٿو. اهو سچ آهي
ته سماجي ارتقا جا پنهنجا جدلياتي قانون آهن پر اهو به ايترو ئي سچ آهي ته فرد پنهنجي
علم، شعور، مضبوط عزم ۽ قوت ارادي جي ڪري تاريخ ۾ ڪردار ادا ڪن ٿا. ڪارل مارڪس. انگلس
۽ لينن پنهنجن پنهنجن وقتن ۾ نه هجن ها ته سماجي ۽ معاشي نظريو ۽ عمل سائنسي قانون
تحت ڪن ٻين فردن جي ذريعي وجود ۾ اچن ها. انهن جي رفتار سست هجي ها، مونجهارا به
هجن ها عمل ۽ جستجو جي رفتار ڪمزور ۽ آهسته هجي ها پر مٿين ڄاڻايل قانونن تحت سماج
جي اوسر اڻ ٽر عمل هجي ها. انڪري تاريخ ۾ فردن جي ڪردار جي اهميت کي ڪڏهن به گهٽ ڪري
نه ڏٺو ويو آهي.
ڏکڻ ايشيا جي
انقلابي ادب کي. نظرياتي جدو جهد کي ۽ سياسي عمل کي جڏهن به بحث هيٺان آندو ويندو
ان وقت ڊاڪٽر لال خان جو ڪردار هميشه اڀ تي نظر ايندو. سندس لاڏاڻي کي اڄ هڪ سال پورو
ٿيو آهي پر انقلابي تحريڪ ۾ پيدا ٿيندڙ خال اڃا پورو ٿيندي نظر نه پيو اچي جيتوڻيڪ
هن پنهنجي پوري صلاحيتن سان اهڙي ريت طبقاتي جدوجهد جي تنظيمي جوڙجڪ ڪئي ته جيئن
سندس وڇوري کانپوءِ يا ٻئي ڪنهن رهنما جي وڇوڙي کانپوءِ تحريڪ جي عمل ۽ ڪردار ۾ ڪو
خال پيدا نه ٿئي پر جڏهن اسان هن هڪ سال کي ڏسون ٿا ته محسوس ٿئي ٿو ته ان جي اڻ پوري
مشن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هن جي تنظيم ۽ ان جي ساٿين ڪڏهن به وس کان نه گهٽايو پر ان
سڀ جي باوجود سندس ڪمي جو احساس سندس ساٿين جي دل ۾ هميشه موجود رهيو آهي. انڪري تاريخ
۾ فرد جي ڪردار کي هڪ تسليم ٿيل حقيقت ڄاتو وڃي ٿو.
ڊاڪٽر لال خان جي
زندگي لاڳيتو جدوجهد جو ٻيو نالو آهي. هن پنهنجي زندگي ۾ خانداني ڌن ۽ دولت. عيش ۽
عشرت کي لت هڻي انقلاب جي سفر جو راهي ٿيڻ پسند ڪيو. هن پنهنجو رستو خاندان سان جوڙڻ
جي بجاءِ پاڪستان جي پورهيتن، هارين، نوجوانن ۽ مظلوم قومن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ
رجحان سان جوڙيو. ڊاڪٽر لال خان هڪ شاگرد اڳواڻ جي طور تي نيشنل ميڊيڪل ڪاليج ملتان
۾ شاگرد طور جمعيت طلبا جي اڳواڻي ۾ ٺهيل رجعتي شاگرد اتحاد جي صورت ۾ ٺهيل پليٽ فارم
کي شاگردن جي چونڊن ۾ ترقي پسند، جمهوريت پسند شاگرد اتحاد جي پليٽ فارم تان شاگرد
يونين ۾ کين شڪست ڏيئي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. سندس يو نين اڳواڻ چو نڊجڻ کانپوءِ
پهرئين ڪوشش اها هئي ته ملڪ ۾ مارشل لا جي انڌي قوتن کان جان ڇڏائڻ لاءِ ملڪ ۾ نوجوانن
جي ترقي پسند خيالن سان جڙيل شاگردن جي وچ ۾ مضبوط رابطا جو ڙڻ گهرجن. ملتان جي ڊگري
ڪاليج ۽ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي اڳواڻ ۽ ڊگري ڪاليج جي شاگرد يونين جي چونڊيل
صدر الياس خان سال ملي ڪري ان ڪم جي شروعات ڪئي. اِنهن جي سرگرمين تي مارشل لا
انتظاميه کي سخت ڳڻتي هئي انڪري پهريان ته ان کي جيل ۾ وڌو ويو ۽ ان کانپوءِ کيس
جبري طور تي راولپنڊي ميڊيڪل ڪاليج موڪليو ويو جتي پڻ هن پنهنجي انقلابي جدوجهد کي
جاري رکيو. سندس عملي ميدان ۾سرگرم هجڻ ڪري پاڪستان جي ڌرتي تنگ ڪئي وئي ۽ تنهنڪري
هن مجبورن ڳجهي طريقي سان يورپ پهچي سياسي پناھ ورتي ۽ يورپ جي ملڪ هالينڊ ۾ پنهنجي
رهيل ميڊيڪل جي تعليم کي مڪمل ڪيو. پاڪستان جي سياست کان وٺي هالينڊ پهچڻ تائين سندس
جدوجهد مضبوط جذبن ۽ آمريت جي خلاف نفرت جي چوڌاري گهمندي نظر اچي ٿي پر هالينڊ ۾
سندس ملاقات ٽراٽسڪائيٽ نظرين جي وارث ۽ عالمي اڳواڻ ڪامريڊ ٽيڊگرانٽ سان ٿئي ٿي جنهن
ڪامريڊ لال خان جي سياسي ۽ نظرياتي تربيت ڪئي ۽ ان دور کان ئي باشعور نظرياتي
سياست جي شروعات ٿي. هن ايمسٽرڊم ۾ ۽ يورپ جي ٻين شهرن ۾ سياسي پناھ وٺندڙن نوجوانن
کي گڏ ڪيو ۽ اتان ئي ضياء مارشل لا جي خلاف جدوجهد لاءِ عالمي سياسي محاذ جوڙيو ۽”
چنگاري” جي نالي سان هڪ رسالو ڇاپڻ شروع ڪيو جنهن کي ڳجهي طور تي پاڪستان ۾ به پهچائڻ
جو بندوبست ڪيو. يورپ ۾ رهندي سندس نظرياتي علم ۽ سياسي پختگي ۾ زبردست اضافو ٿيو.
هن نوجوان يورپ جي خوبصورت عيش و عشرت سان ڀرپور رومانوي زندگي کي خيرآباد ڪري پاڪستان
واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو. هن پاڪستاني معاشري ۽ سياسي جدوجهد جو تجزيو ڪندي ان نتيجي
تي پهتو ته آمريت جي خلاف جدوجهد جو مرڪز سنڌ آهي تنهنڪري هن پنهنجي ڪم جي شروعات
لاهور، صادق آباد کانسواءِ حيدرآباد، ٽنڊوآدم، ڀٽ شاھ ۾ پڻ ڪئي. هن کي وسيلن جي کوٽ
هئي. ان علائقن جا دوست ٻڌائين ٿا ته ڪيئي راتيون کيس فٿ پاٿ تي سمهڻو پيو پر هن نوجوان
جي ڪمٽمنٽ تي ڪو به اثر نه پيو. پنجن دوستن تي ٻڌل پاڪستان جي هڪ گروپ طبقاتي جدوجهد
جي نالي سان هڪ تنظيمي ۽ سياسي ادارو قائم ڪيو جنهن جي ترجمان جي طور تي طبقاتي
جدو جهد جي نالي سان پندرهن روزا اخبار به شايع ڪرايو. ڏکين حالتن جي باوجود پنجٽيهه
سالن تائين ڪو هڪ شمارو به ڇپجڻ کان نه رهجي سگهيو، اهڙي ريت ان جي قيادت ۾ جڙيل
تنظيم کاٻي ڌر جي مضبوط تنظيم ليکي وڃي ٿي جيڪا پاڪستان جي ڪيترن ئي شهرن ۽ واهڻن ۾
موجود آهي. هن جو شعوري تجزيو هيو ته پورهيت طبقو پنهنجي جدوجهد جي شروعاتي مرحلن ۾
پنهنجي روايتي پارٽي ڏانهن ڏسي ٿو ۽ ان تي ئي ڀروسو ڪري ٿو. هن جي خيال ۾ پاڪستان
پيپلز پارٽي پاڪستان جي پورهيت طبقي جي روايتي پارٽي آهي ۽ ان پارٽي ۾ ئي ڪم ڪرڻ گهرجي.
پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ ڪم ڪرڻ جي ڊگهي عرصي دوران ڊاڪٽر لال خان ڪڏهن به پارٽي اندر
ٿيندڙ سياسي سمجهوتن تي ڪمپرومائيز نه ڪيو پر جتي جتي ضرورت محسوس ٿي اتي پاڪستان
پيپلز پارٽي تي ڀرپور تنقيد به ڪئي. ڊاڪٽر لال خان، انقلابي مارڪسٽ دانشور جي طور
تي ڪيترائي ڪتاب به لکيا. هزارين مضمونن جي ذريعي سوشلزم ۽ انقلاب جي آواز کي عام ماڻهن
تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي. سوويت ٽٽڻ سبب سڄي دنيا ۾ انقلابي نظرين کي جيڪو عارضي ڌڪ
رسيو ان سڄي دنيا پر مايوسي پيدا ڪئي ۽ انقلابي ڪارڪنن، انقلاب جي راھ کي ترڪ ڪري
سامراج جي وڇايل اين جي اوز جي شڪل جي ڄار ۾ ڦاسجندا ويا پر هن انقلابي دانشوراڪيلي
سر نه رڳو سويت يو نين جي ٽٽڻ جي سببن جو سائنسي، معاشي ۽ سماجي تجزيو ڪيو پر ان
سان گڏو گڏ انقلابي مورچي تي ويٺل اڪيلي سپاهي طور سوشلزم ۽ مارڪسزم جو دفاع پڻ ڪيو.
هن جو ٻين ڪيترن خيالن کانسواءِ هڪ پختو خيال اهو به هو ته سويت يونين جي ٽٽڻ جو
سبب سامراج جي سياسي يلغار نه پر سويت يونين جون اندريون ڪمزوريون هيون جنهن ۾ سياسي
۽ نظرياتي ڪمزوريون ۽ شامل آهن. سندس اهو خيال هيو ته رياستن جي ختم ٿيڻ ڪري مارڪسزم
جي انقلابي نظرين جي شڪست ناهي ٿي. ٽيھه سالن جي ڊگهي سفر ۾ هن نه صرف مارڪسزم جوڀرپور
دفاع ڪيو بلڪه پنهنجي تحقيق جي ذريعي مارڪسٽ علمي نظرين ۾واڌرا به ڪيا. هن نظرياتي
۽ علمي جاکوڙ کانسواءِ پورهيتن جي عالمي انقلابي تنظيم جوڙڻ لاءِ به پنهنجي وسان ڪون
گهٽايو. ان جي ڪري ان دنيا جي مختلف ملڪن جي اندر انقلابي اڳواڻڻ سان ملڻ لاءِ سوين
سفر ڪيا، مختلف ڪتابن کانسواءِ “ايشين مارڪسٽ رويو” جي نالي سان انگريزي ۾ هڪڙو
رسالو به جاري ڪيو ته جيئن مارڪسزم جي عالمي مفڪرن، دانشورن، پورهيت طبقي جي پارٽين
۽ ٽريڊ يونين سان ڳانڍاپو مضبوط ٿئي. ان جو خيال هيو ته عالمي سوشلسٽ انقلاب ئي
دنيا جي پورهيتن جي معاشي۽ سياسي آزادي جو واحد ذريعو آهي ان جي ڪري عالمي پورهيتن
کي منظم ڪرڻ ضروري آهي. ڊاڪٽر لال خان جي سڄي زندگي انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد
۾ گذري آهي.
اڄ هو جسماني طور
تي اسان سان موجود ناهي پر ان جا ڏنل نظريا. حڪمت عمليون ۽ سندس زندگي ۾ گهاريل وقتن
جا تجربا سندس تنظيم ۽ِ دوستن جي لاءِ جدوجهد جو رستو ٻڌائين ٿا ۽ مان يقين سان چئي
سگهان ٿو ته سندس تنظيم جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن جيڪي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آهن سندس
آدرشن جي تڪميل لاءِ ڏينهن رات ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ سندس اڻٿڪ ڪوشش ئي ڊاڪٽر لال
خان جي آدرشن کي ماڻڻ جو بهترين ذريعو آهي. ساڻس محبت ۽ عقيدت جو طريقو به اهو آهي
ته ان جي ڏسيل واٽ تي هلندي پاڪستان ۽ عالمي سوشلسٽ انقلاب لا جدوجهد تيز ڪجي.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچي
۾ ۲۱ فيبروري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
ڪامريڊ لال خان
ڪميونسٽ اڳواڻ جي جدوجهد
کي ڀيٽا
رياض لنڊ ايڊووڪيٽ
ريوليوشنري اسٽوڊنٽس
فرنٽ ۽ پاڪستان ٽريڊ يونين ڪمپنين طرفان اڄ ۲۰ فيبروري تي آرٽس ڪونسل ڪراچي ۾ ھڪ شاگرد ڪنوينشن
ڪيو پيو وڃي، جنھن ۾ مختلف شاگرد ۽ ٽريڊ يونين تنظيمن جا نمائندا شريڪ ٿي ھن ملڪ
جي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۽ ان ۾ انقلابي جدوجھد جو لائحه عمل طئي ڪندا ۽ ڇا ھجڻ
گھرجي تي ويچار ونڊيندا. لال خان جي زندگي جو جيڪڏھن مختصر جائزو وٺجي ته محسوس ٿو
ٿئي ته هو شخصي طور ۽ زندگي جي ھر رخ کان مڪمل انقلابي ھيو. ھن پنھنجي سڄي حياتي
انقلاب لاءِ ارپي ڇڏي ھئي ننڍي کنڊ جي ڪميونسٽ اڳواڻ دادا امير حيدر جي علائقي ۾
جنم وٺندڙ ھي عظيم انقلابي نه رڳو انقلابين جي زندگي ڪئين ھجڻ گھرجي پر انقلابي
نظريي کي عوام ۾ ڪيئن متعارف ڪرائجي ۽ عوام جي روزمره جي ڪمن ڪارين ۽ سياسي عمل ۾
ان کي ڪيئن اثر انگيز ڪجي کي جديد عھد ۾ متعارف ڪرايو، جيڪو مارڪسزم ۾ علمي واڌاري
جو سبب بڻيو.
ھن پنھنجي سياسي
زندگي جي شروعات ھڪ نوجوان ميڊيڪل اسٽوڊنٽ طور نشتر ميڊيڪل ڪاليج ملتان مان ڪئي ۽
اڳتي ڪاليج اسٽوڊنٽس جو جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويو جتي جماعت اسلامي جي شاگرد تنظيم
جمعيت طلبه جو راڄ ھيو. ھن جي چونڊجڻ سان تاريخ ھن جي مٿان جدوجھد جو بار وجھڻ شروع
ڪيو، ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ٿيڻ ڪري شاگردن جي تنظيمن جي سخت نگراني ڪئي وئي پر ھن
ان جي پرواھ نه ڪندي شاگردن کي منظم ڪرڻ جو ڪم جاري رکيو.
سندس پھريون وڏو
مھاڏو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نشتر ميڊيڪل ڪاليج ۾ غائبانه نماز کان شروع ٿيو جيڪو
ڏينهون ڏينهن وڌندو رھيو. نتيجي طور تي جيل سندس قسمت بڻيو تنھن کان پوءِ ھن کي
سياسي سرگرمين جي ڏوھ ۾ جبري طور تي راولپنڊي ميڊيڪل ڪاليج بدلي ڪيو ويو، پر نظام جي
باغي نوجوان کي پنھنجي ڪردار ادا ڪرڻ کان روڪڻ تمام ڏکيو ڪم ھيو، ھن جي سرگرمين نه
رڳو ڪاليج انتظاميه کي پريشان ڪيو پر فوجي آمريت به ھن جي موجودگي کي پنھنجي لاءِ
خطرو محسوس ڪيو ۽ کيس ڏسندي گولي ھڻڻ جو حڪم نامون صادر ڪيو.
ان صورتحال ۾ ھن جي
لاءِ ملڪ اندر رھي ڪري ڪم ڪرڻ ناممڪن بڻجي ويو جنھن ڪري ڪجھه دوستن جي مدد سان
روپوشي ذريعي افغانستان ھليو ويو جتي ھڪ انقلابي حڪومت قائم ٿي چڪي ھئي اتان ايمسٽرڊيم
پھتو جتي ھن ميڊيڪل جي اڻپوري تعليم مڪمل ڪئي ۽ اتي مارشل لا خلاف يورپ ۾ راءِ عامه
کي منظم ڪيو ان وچ ۾ سندس ملاقات عالمي مارڪسي لاڙي جي ٽراٽسڪائيٽ فڪر جي اھم
نظريي دان ڪامريڊ ٽيڊ فرنٽ سان ٿي. جنھن جي نگراني ۾ هن تڏهوڪي پرجوش نوجوان مارڪسي
فڪر کي سمجھيو. ھن تي مارشل لا جي خلاف ميگزين ۽ پمفليٽ ڇپرايا، جيڪي ڳجهن طريقن
سان پاڪستان موڪليا ويندا ھيا اھڙي ريت ھن نوجوان انقلابيءَ پنھنجا رابطا پاڪستان
جي نوجوانن سان جوڙيا. مارشل لا جي ختم ٿيڻ کانپوءِ ھن يورپ جي پر لطف زندگي کي ڇڏي
پاڪستان اچڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سنڌ جي انقلابي جدوجھد جي تاريخ کان متاثر ٿي پنھنجي ڪم
جي شروعات حيدر آباد ڀٽ شاھ مان ڪئي جتي تمام سوڙھين ۽ تند و تاريڪ ڪوٺڙين ۽ فٽ پاٿن
تي راتين جون راتيون گذاري، انقلابي ڪم ڪيو ۽ تنظيم کي منظم ڪيو. جنھن جا واضح اثر
اڄ به نه رڳو سنڌ ۾ موجود آھن جنهن انقلابي جدوجھد جو دائرو وڌي پيو.
ھن جو خيال ھو ته عالمي
مزدور تحريڪ جي ذريعي عالمي انقلابي پارٽي ذريعي جدوجھد جي شديد ضرورت آھي. ھن
يورپ ۽ لاطيني آمريڪا ايشيا جي ملڪن جي ڪجھه فڪري ھم آھنگي رکندڙ ماڻھن سان گڏجي
عالمي مارڪسي تحريڪ جو بنياد رکيو ۽ ان ڪم کي منظم ڪيو پر ڪيترن سالن کانپوءِ ڪجھه
نظرياتي اختلافن جي ڪري اھا عالمي تحريڪ پنھنجي ڪارج کي وڃائي چڪي ھئي. ھن ڪوشش ڪئي
ته تحريڪ ڪمزور نه ٿئي پر آخرڪار پاڻ کي ان جامد مڪينيڪل ۽ سختگير عملي جدوجھد کان
وانجھيل گروپ مان پاڻ کي آزاد ڪيو ۽ عالمي طور جوڙجڪ جي خوبصورت خواب سان پنھنجي ڪم
کي پاڪستان ۾ جاري رکيو۔
اھڙي طرح سوويت
يونين ٽٽڻ کانپوءِ مايوس ۽ منجهيل ماڻھن کي نئون اتساھ ڏنو، ھن جو وڏو ڪم نظرياتي ڪتابن
کي لکڻ ھيو ھن ڪيترائي ڪتاب عالمي سياسي صورتحال تي لکيا، جنھن ۾ ھن مارڪسي تناظر
کي واضح ڪيو.ھن ڪامريڊ ٽيڊ گرانٽ جي روايتي پارٽين ۾ ڪم ڪرڻ جي سوال کي تمام جديد
سائنسي فڪر تحت سمجھيو ۽ ڪم جي طريقه ڪار کي واضح ڪيو، جيڪو جديد مارڪسزم ۾ واڌارو
چئي سگھجي ٿو. ھن پنھنجي زندگي، انقلابي سفر لاءِ وقف ڪري ڇڏي، سندس ڪا به ذاتي
زندگي نه ھئي سندس زندگي نوجوان انقلابين لاءِ ھڪ اتساھ آھي.
اسان سمجھون ٿا ته
لال خان جو ڪم ضايع نه پيو ٿئي، ھڪ ڏينھن ھتان جو عوام، طبقاتي جدوجھد ذريعي مدي
خارج سرمائيداراڻي نظام کي ختم ڪري سوشلسٽ رياست قائم ڪري سماجي متڀيد ختم ڪندو.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۰ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
ڊاڪٽر لال خان
جنھن جي جدوجهد هڪ سنگ
ميل آهي
رياض لنڊ ايڊووڪيٽ
ڪامريڊ ڊاڪٽر لال
خان جي شخصيت، تاريخ جو ھڪ انوکو ڪردار آھي. اسان جدلياتي عمل تي ويساهه رکندڙ ماڻھون
انسان جي انفرادي ڪردار تي گھڻو يقين نه رکندا آھيون پر تاريخ م ڪجھه استثنائون به
ٿين ٿيون. ڪارل مارڪس، اينگلس، لينن، ٽراٽسڪي، ڀگت سنگهه، ھيمون ڪالاڻي، مخدوم بلاول
شھيد ۽ صوفي عنايت شھيد تاريخ کان آزاد ان ڪري آھن جو معمول جي جدلياتي عمل جي
قانونن کان ھٽي ڪري تاريخ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو آھي. ڊاڪٽر لال خان به تاريخ جي
انهن ڪردارن مان ھڪ آھي .
سوويت يونين جي ٽٽڻ
وقت جڏھن انقلابي قوتون عالمي سطح تي مايوسي جو شڪار ھيون ۽ يورپ ۾ سرمائيدارن جا
نظريه دان اھو چئي رھيا ھيا ته ھاڻ انقلاب پنھنجي پڄاڻي تي پھچي چڪو آھي ۽
سرمائيداري انسانن جي زندگي جي آخري حقيقت آھي ته ان وقت لال خان ھڪ نوجوان مفڪر ۽
انقلابي طور ان سڄي سوچ کي رد ڪندي اڳتي وڌيو ۽ پنھنجي قلم جي ذريعي دنيا کي باخبر
ڪيو ته سوويت يونين ٽٽڻ جا ڪارڻ جيڪي دنيا کي ٻڌايا وڃن ٿا سي حقيقي ناھن. رياست
جي ٽٽڻ جو مطلب اھو بلڪل به ناھي ته ڪو سوشلسٽ نظريو ختم ٿي چڪو آھي.
ڪامريد لال، ٽيڊ
گرانٽ جي اڳواڻي ۾ يورپ جي عيش عشرت واري زندگي کي ڇڏي ضياءُ الحق جي ماڊل ڊڪٽيٽر
جي ڏاڍ واري زماني ۾ يورپ کي ڇڏي پاڪستان پھتو، جنھن لطيف جي نگري ڀٽ شاھ ۽
حيدرآباد جي علائقن ۾ انقلابي جدوجھد کي منظم ڪرڻ جي شروعات ڪئي. طبقاتي جدوجھد جي
نالي تي انقلابي تنظيم قائم ڪري مزدور طبقي کي سوشلسٽ نظرين جي بنياد تي متحد ۽
منظم ڪرڻ شروع ڪيو. . ھو جدوجھد جي طريقن تي تمام گھڻو واضح ھيو، ھن جو خيال ھيو
ته روايتي پارٽين ۾ ڪم ڪرڻ ذريعي ئي عوام تائين رسائي ممڪن آھي، ھن طبقاتي جدوجھد
جي رسالي جي شروعات ھالينڊ مان ئي ڪري ڇڏي ھئي جنھن کي مارشل لا جي زماني ۾ خفيه
طريقي سان پاڪستان ۾ پڙھندڙن وٽ پھچايو ويندو ھيو پوءِ پاڪستان ۾ بينظير ڀٽو جي
پھرين پ پ حڪومت جي اچڻ کانپوءِ پاڪستان منتقل ٿيو ۽ طبقاتي جدوجھد جي پليٽ فارم
کي منظم ڪيو. ان نالي سان رسالو شايع ٿيو جنھن رسالي پاڪستان ۾ طبقاتي بنيادن تي وڏي
جاڳرتا پيدا ڪئي.
ھو ڪڏھن به تنگ نظر
خيالن جو نه رھيو. ھن جو خيال ھيو ته مائي بختاور، صوفي شاھ عنايت شھيد، مخدوم
بلاول، ڀگت سنگهه، ھيمون ڪالاڻي، نذير عباسي، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ مير مرتضي ڀٽو
پنھنجي پنھنجي وقت جي ظالمن خلاف جدوجھد جون علامتون آھن، اھي سمورا سان جا شھيد
آھن، اسان جا ھيرو آھن. ڊاڪٽر لال خان سوين مضمون لکيا جن جي مطالعي کانپوءِ اسان
کي ڄاڻ ٿي پوي ته اڄ جي رياستي، سياسي ۽ معاشي گھوٽالن جي اڳڪٿي ڪھڙي نموني سان ڪئي
ھئي. اھو جدلياتي ۽ مارڪسي فلسفي جي ڳوڙھي ڄاڻ کان کانسواءِ ممڪن ناھي.
ان حوالي سان ڪامريد
لال خان جي تنظيم سندس لکڻين مان ڪجھه چونڊ لکڻين تي ٻڌل ڪتاب ڇپرايو آھي جنھن جي
مھورت اڄ آرٽس ڪائونسل ۾ ٿي رھي آھي، ڊاڪٽر لال خان جي ڪتاب تي مختلف سياسي سماجي
اڳواڻ ۽ دانشور پنھنجن خيالن جو اظھار ڪندا ڊاڪٽر لال خان کي بھترين ڀيٽا ڏيڻ جو ان
کان بھتر طريقو ٻيو ڪو به نٿو ٿي سگھي. . طبقاتي جدوجھد جاري رھندي، ڊاڪٽر لال خان
جي جدوجھد اسان جي لاءِ ھڪ سنگ ميل آھي .
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۶ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
تنوير اشرف گوندل عرف
لال خان
هي سفر رائيگان نه ويندو
جھامن داس آزاد
اصل جنگ استحصال ڪندڙن
۽ استحصال سهندڙ طبقن جي وچ ۾ هوندي آھي ۽ تمام ٿورا انسان ئي هوندا آھن جيڪي هن
جنگ ۾ حصو وٺندا آھن ۽ انهن مان به ڪي ٿورڙا انسان بچندا آھن جيڪي زندگي جي آخري
ساھه تائين انهي استحصالي نظام جي خاتمي جي جدوجهد سان سلهاڙيل رهندا آھن. اها جدوجهد
ڪنڊن جي سيج کان به نهايت ئي ڪٺن هوندي آھي جدوجهد جي اها واٽ جنهن تي هلڻ سان هن
سماج ۾ اوهان جي لاءِ نفرتون ئي نفرتون پيدا ٿينديون آھن جن ۾ سرمائيدار جاگيردارن
جا رکوالا سستي شھرت جا شوقين نام نهاد دانشور ۽ مظلوم ماڻھن ۽ نوجوانن کي قومن جي
تهذيب ثقافت ۽ آزادي جا ڪوڙا فريبي خواب ڏيکاري انهن جون راهون ڀلائي نسل در نسل ڀٽڪائيندڙ
هجن يا هن بدبودار نظام ۾ سستي اگھه تي وڪامجندڙ ٽڪي جا ليکڪ هجن يا ٽاڪ شوز ۾
ويهي مزدور ۽ مظلوم طبقن جي حقن تي تبصرا ڪندڙ اهي اينڪر جيڪي مظلومن جي حقيقي
زندگين کان اڻ واقف هوندا آهن يا وري ماڻهن کي محب وطن هجڻ جا درس ڏيندڙ هجن يا
پاپولرٽي جي پويان ڊوڙندڙ اڄڪلھه جي نئين ليکڪن جي هجي يا هر مسئلي تي مشعلون ٻاري
واڳون وارا ڳوڙھا هارڻ وارو نئون فيشن شو متعارف ڪرائڻ واريون اڄڪلھه جون سماجي
تنظيمون هجن ۽ اهڙا ڪيترا ئي عنصر هوندا آھن جيڪي انهن جي لاءِ نفرتون ئي پيدا ڪندا
آھن پر عظيم هوندا آھن اهي آدرشي انسان جيڪي هر ستم سهندي پنهنجي جدوجهد سان سچا
رهندا آھن.
اهڙن آدرشي ۽ عظيم
انسانن مان تنوير اشرف گوندل (لال خان) به هڪ هو جنهن پنهنجي هن عظيم الشان جدوجهد
جي ڪري پنهنجو نالو ئي“لال” سان منسلڪ ڪري ڇڏيو هو ۽ زندگي جي آخري شام تائين
هو“لال” ئي رهيو پنجاب جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڀون ۾ جنم وٺندڙ تنوير اشرف گوندل جنهن جي
باري ۾ يقينن ڪنهن به نه سوچيو هوندو ته اڳتي هلي ڪو هي شخص اهڙو آدرشي انسان بنجي
ويندو ۽ زندگي جي آخري ساھه تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکندو.
پنهنجي سياسي زندگي
جي شروعات نشتر ميڊيڪل ڪاليج ملتان مان ڪندڙ لال خان ڪاليج ۾ شاگرد يونين جو جنرل
سيڪريٽري به ٿي رهيو ۽ شاگرد جدوجهد جي ڏوھه ۾ ڪيترائي دفعا گرفتار به ڪيو ويو.
لال خان جي بهادري ۽ سچائي جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو جو ۱۹۷۹ع ۾ MBBS جي آخري سال
۾ هجڻ جي باوجود به ضيائي آمريت جي خلاف هر احتجاجي جلوس جي اڳواڻي لال خان ئي ڪندو
هو ۽ انهي ڏوھه جي سزا ۾ کيس جبري طور تي کيس راولپنڊي موڪليو ويو پر اتي به
پنهنجي انقلابي جدوجهد جاري رکي جنهن جي نتيجي ۾ مئي ۱۹۸۰ع ۾ ملٽري ڪمانڊ ڪائونسل پاران کين ڏسندي ئي
گولي هڻڻ جو حڪم ڏنو ويو ۽ ان کان پوءِ لال خان شديد زخمي حالت مان اتان کان ايمسٽرڊيم
(هالينڊ) پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ اتي پنهنجي جدوجهد ۽ تعليم جاري رکي. مارڪسي نقطه
نظر سان سياسي ۽ معاشي صورتحال تي لال خان جا ۲۵ ڪتاب نهايت ئي قيمتي نه بلڪه طبقاتي نظام جي خلاف سراسر شعور به آھن ۽ توڙ
به آھن.
لال خان پنهنجي
زندگي ۾ زندگي کان به وڏو ڪم ڪيو هو صرف هڪ جسماني وجود نه هو بلڪه هن باطل نظام ۾
حق ۽ سچ جي للڪار هو. جڏهن هن قاتل وحشي نظام اڳيان وڏن وڏن سورمن هار مڃي ورتي
هئي سوشلزم کي گار ٺاهيو ويو هو انقلاب جو فلسفو مذاق بنجي ويو هو ۽ هن نظام زر جي
رکوالن انسانيت جي لاءِ غلامي کي مقدر بنائڻ جي واردات ڪئي جهڪي وڃڻ يا وڪامجي وڃڻ
کانسواءِ ڪو رستو نه ڇڏيو تڏهن ڪامريڊ لال خان فرسوده نظام جي سڀني ديوتائن اڳيان
هار مڃڻ کان انڪار ڪيو. احساسي گهراين ۽ انقلابي شوق سان اهو ادب تخليق ڪيو جنهن
کي تاريخ جي ڪٽھڙي سچ ثابت ڪيو، منزل جي طرف رستا تراشيا، انقلابي سوشلزم جي جوت
جلائي، رات جي انڌيري کي چيريندي شير دل جذبن سان تمام ٿورن ساٿين سان گڏجي هن
عظيم قافلي جو حصو بنايو. اندورني ۽ ٻاهرين دشمنن جو دليري سان مقابلو ڪندي سچ کي
ختم ٿيڻ نه ڏنو ۽ ناقابل مصالحت جدوجهد جو اهو مثال قائم ڪيو جنهن وقت جي ظلم جي
خلاف انقلابي سوشلزم جو جهنڊو بلند رکيو اڻٿڪ ۽ لازوال جنگ وڙھي ۽ انقلاب دشمن
قوتن سان آخري ساھ تائين وڙھيو.
لال خان اسان ۾
زنده آھي پنهنجي نظريي جي شڪل ۾، جيئن فيڊل ڪاسترو چيو هو ته؛ “اسان سڀني کي ته
فنا ٿيڻو آھي پر اسان جو نظريو هن ڌرتي جي انسانن لاءِ روشن مشعل رهندو جيئن مسلسل
جدوجهد سان اهڙا مادي ۽ ثقافتي بنياد تعمير ڪري سگهجن ٿا جيڪي نسل انسان جي بقا ۽
ضرورت آھن”
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۶ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا