; سنڌي شخصيتون: الهنواز رڪڻائي

22 February, 2022

الهنواز رڪڻائي

الهنواز رڪڻائي

سندس ياد ۾

راهب علي لاڙڪ



مشھور شاعر، اديب ۽ لطيفي لغات جو ماھر نواز علي رڪڻائي ولد محمد عرس ملاح دادو جي ڳوٺ رُڪڻ ۾ ۱۰ مئي ۱۹۳۰ع تي ڄائو. سندس پيار مان نالو محمد پڃيل رکيو ويو. ادبي نالي الھه نواز سان مشھور ٿيو. پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. پرائمري تعليم مڪمل ڪري فائينل جي تياري ڪيائين. گاجي پھنور اسڪول ۾ فائينل جو امتحان پاس ڪري استادي پيشي سان سلهاڙيو. ڪجهه سالن جي سروس کان پوءِ مٺياڻي ڪاليج ۾ ايس-وي امتحان پاس ڪيائين. نوڪري دوران ڪيترن ئي اسڪولن ۾ استاديءَ جا فرائض نڀايائين. وڌيڪ تعليم جاري رکندي اديب جو امتحان پاس ڪيائين. علوم مشرقي جا ٽئي سال فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. ھي ھڪ سٺو شاعر به ھيو. ھن شاعريءَ جي شروعات ۱۹۴۴ع ۾ گاجي پھنور اسڪول ۾ ڪئي. تنھن وقت ان اسڪول جو ھيڊ ماستر استاد محمد عارب رڪڻائي ھو.سندس شاعريءَ ۾استاد، مرحوم حافظ محمد احسن چنه ھو. سندس پھريون تخلص عاجز ھو بعد ۾ حبيب الله ۽ نواز تخلص استعمال ڪيائين. کيس ادبي سوچ استاد عبدالواحد ۽ استاد محمد عارب جن کان ملي.


اپريل ۱۹۵۱ع ۾ ڪاليج مٺياڻي ۾ منتخب ٿي آيو، وري اپريل ۱۹۵۳ع ۾ اسڪول پير بخش ميربحر ۾ استاد مقرر ٿيو. خاندان سميت ۱۹۵۰ع ۾ ڳوٺ پير بخش ڇڏي حافظ عرض محمد کوسو ڳوٺ جي ڀرسان ويٺا. ان سال ان ڳوٺ ۾ ادبي شغل ڪرايائين ۽ بزم شعرا جي نالي سان بزم کوليائون، پوءَ سائين پير علي محمد اظهر جي چوڻ تي ۱۹۵۳ع ۾ ڳوٺ پير بخش ميربحر ۾ بزم طالب المولى جو بنياد رکيائون ۽ بزم جي ميمبرن جي صلاح سان ۵۵-۱۹۵۴ع ۾ لطيف سائينءَ جي سر سورٺ مان هيٺيون بيت مقالي لاءِ پيش ڪيو ويو.

سورٺ مئي سک ٿيو کيما کنيا کنگھار،

نڪو راڳ نه روپ ڪو نڪا تند تنوار،

تھان پوءِ مڱڻھار ڏنو سر ڏياچ کي.

ان ڪانفرنس ۾ڏنل لطيف سائينءَ جي مقالي لاءِ عمر بن داؤد پوٽو کي به دعوت ڏنائون مگر ان معذرت ڪري دعا جو ھڪ عنايت نامو لکڻ فرمايو ۽ پوءِ آصف ميراڻي، پير علي محمد اظھر ريلائي، محمد علي داؤد پوٽو، حافط محمد احسن صاحب ۽ الهنواز مقالا پڙھيا. ان نموني جا ھر ٽئين مھيني ڪانفرنسن جھڙا مشاعرا ڪرائيندا رھيا. الھنواز بزم طالب المولى شاخ جو صدر ۽ سال ۱۹۷۹ع ۾ بزم شعراءِ جو جنرل سيڪريٽري به رھيو. بزم نواز رڪڻائي جو سرپرست به رھيو. ادبي سرگرمين ۾ پڻ حصو ورتائين. پاڻ سنڌ ويلفيئر اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن شعبه ڪلچر جو عھديدار به رھيو. پاڻ قديم ۽ جديد شاعريءَ تي طبع آزمائي به ڪئي اٿس. سندس غزل جون چند سٽون هيٺ ڏجن ٿيون.

مون سان نينهن نڀائڻ وارو ڪو ته هجي،

پيار ڏئي، پر ڀائڻ وارو ڪو ته هجي،

ڀل ته ڌڪاري، مون کي رئاري، پئي دنيا،

هڪڙو ئي پر چائڻ وارو ڪو ته هجي.

هن جي شاعري مختلف رسالن ڪتابن ۾ شايع ٿيل آهي. ان کان علاوه سندس شعرن جو مجموعو ”ڇُليون منڇر ڇوليون“ ۱۹۹۹ع ۾ پڌرو ٿيو ۽ سندس ٻيو ڪتاب ”دادو سنڌ جي دل“ سيد ھدايت علي شاھه جي مالي معاونت سان ۲۰۰۴ع ۾ شايع ٿيس. ڪتاب- ڄام ھٿ ۾ ڄار- ڀٽائيءَ جي سرڪاموڏ جي لغات بابت تحقيق، ڇپائيندڙ-عرشي پبليڪيشن ڀرياسٽي، ڇاپو پھريون ۲۰۰۶ع. نثر ۾ ھڪ ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو دريائي لھجو“ ۲۰۰۷ع. دادو تعلقي جي تاريخ تي ”دادو منھنجي دل“ ۲۰۰۷ع ۾ ڇپيس. نواز رڪڻائيءَ جي شاگردن جو وسيع حلقو آھي. جيڪي کانئس ڪلام جي اصلاح ڪرائيندا هئا. بهترين شاعر، ادب دوست انسان، سچل سائين ۽ شاهه جي پارکو الهنواز رڪڻائي جو لاڏاڻو ۱۳ فيبروري ۲۰۰۷ع تي ٿيو.

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۳ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا