; سنڌي شخصيتون: دادا عبدالرزاق جتوئي

27 February, 2022

دادا عبدالرزاق جتوئي

دادا عبدالرزاق جتوئي

املهه انسان  - سلسلو : ۱۷۶

حفيظ چانڊيو



دادا عبدالرزاق جتوئي، سماجي خدمتن جو اهو خوبصورت حوالو آهي، جنهن زندگيءَ جو ڳپل حصو غريبن، لاچار ۽ بي پهچ ماڻهن جي بنا ڪنهن مذهبي متڀيد جي مدد ڪئي آهي، ڪنهن غريب امڙ جي چلهه وسامي وڃي يا ڪوئي غريب روزگار لاءِ پريشان حال هجي، لاڙڪاڻي جو هيءُ شهزادو هنن لاءِ وڇائجي ويندو آهي. ڀلي هو ڪوئيٽه هجي يا ڪراچيءَ جي طلسماتي روشنين ۾ يارن سان ٽهڪ ڏيندو هجي، پر سندس سمورو ڌيان ۽ مرڪز سنڌ جا مارو ئي رهيا آهن. دادا تون سنڌ ڌرتيءَ جو اهو خوشنصيب پٽ آهين جنهن کي ڌڻي بي پهچ ماڻهن جي وارثي لاءِ چونڊيو آهي. سچ ته دادا تو اسان جا ڏينهن ۽ راتيون انهن مارن جي مُک تان اڏامي ويل مرڪن کي واپس ورائڻ ۾ گذريون آهن هن گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ به لاڙڪاڻي سوشل نيٽ ورڪ جي دوستن ناظم چانڊئي سميت توهان جا ٽهڪ ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهن، جنهن ماحول ڪروڙ پتي ماڻهو ٽڪين جا ٻُڪ کائي ننڍ جون سڌون ڪن، اهڙي ماحول ماحول ۾ تون ۽ اسان مرڪي انسان ذات جي خدمت ٿا ڪيون، اهو انهن بي پهچ ۽ غريب ماڻهن جون ئي دعائون آهن.


دادا عبدالرزاق، ۵ سيپٽمبر ۱۹۷۷ع ڌاري ڳوٺ پير بخش جتوئيءَ جي هڪ سماجي اڳواڻ ۽ انساني همدرد علي دوست جتوئيءَ جي گهر ڄائو. جتي هُن پنهنجي گهر ۾ سدائين غريبن، بي پهچ ماڻهن لاءِ پنهنجي والد ۽ وڏي ڀاءُ لال خان جتوئيءَ پتوڙيندي ڏٺو، امڙ سانئڻ کي انهن ماروئڙن لاءِ ماني پچائيندي ڏٺو. ڪنهن جي ڏکي سکي ۾ سندس والدين سڀ کان اول پهچندا هئا. سندس سماجي خدمتن توڻي انسانيت سان پيار جو بنيادي محرڪ اها بنيادي پرورش ئي هئي، جيڪا کيس ننڊپڻ کان کيس ورثي ۾ ملي.

دادا عبدالرزاق جتوئيءَ، پرائمريءَ جا پنج درجا لٽل فاڪس اسڪول ۾ پڙهيا، جتي پڻ هن کوڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڏٺيون جن کي بوڪ، پينون، ميٽڻ لاءِ پٽيءَ جو ميٽ اڻ لڀ ڏٺو، ڪنهن شاگرد کي سليٽ هئي ته قلم ناياب مليو، ڪنهن سندس ڪلاسي کي ڪپڙا هئا ته ڪن وٽ پراڻا ۽ استريءَ بغير ڪپڙا پائيندي سندن محرومين ۽ سماجي بي حسين کي تمام گهڻو ويجهي کان ڏٺو، ان وقت سندس سمجهه يا فهم ايترو سگهارو ته ڪو نه هو، نه ئي وري سندس سماجي ڪا سڃاڻپ هئي، وٽس اڃان ڪڪ پٽي جون ست پٽيون به کيس مشڪل سان ياد هيون، پر انهن ٻارڙن جي نهايت مسڪيني ۽ غربت واري حالت کيس جهنجوڙي وجهندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن دادا اسڪولي ٻارڙن کي پنهنجي خرچي مان سهڪاري وٺندو هو. هُن نائون ۽ ڏهون درجو ڊي سي هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو، جتي سندس شمار ذهين شاگردن ۾ ٿيڻ لڳو. سندس ڪلاس ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي سندس استاد ۽ اسڪول جو هيڊ ماستر کيس گهڻو ڀانئڻ لڳا. ٻروچڪو ٻار، پڙهي پئي ته ساڻس پڙهائي ۾ سائين ڪير پڄي..!! ائين هن وڌيڪ پڙهڻ لاءِ فرسٽ ائير ۾ داخلا ورتي، روز ڊگري ڪاليج وڃڻ، دوستن يارن سان مختلف موضوعن تي ڪچهريون ڪرڻ ۽ لائبرري وڃڻ سندس روز جو معمول بڻيل رهيو، انٽر به ساڳي ئي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ مڪمل ڪئي. ڪاليج واري ڏينهن ۾ مٿس قومي جاڳرتا جو رنگ چڙهيو، جنهن جي درد ۾ هو رچي لال بڻيو. بيچلرس ڊگري لاءِ هو شاھه لطيف يونيورسٽيءَ ويو.

تعليم پوري ڪري کيس سرڪاري ملازمت ملي، "نوڪري گند جي ٽوڪري“ جي چوڻي جيان هي پيار ۽ پاٻوهه وارو سماجي سوچ ويچار جو مالڪ نوجوان ڪٿي ٿو سرڪاري رسن ۾ قيد ٿئي. هو شاگردي واري زماني کان بهترين ڪرڪيٽ راند کيڏڻ دو رهيو آهي. مختلف وقتن تي ٽيم جو ڪپتان به رهيو آهي ته ڪوچنگ پڻ ڪئي اٿائين. صحتمند سرگرميون کيس پاڻ ڏانهن ڇڪينديون رهيون آهن، ماڻهن سان چڱڀلائي وارا ڪم ڪندو آهي. ٻين جي مدد ڪرڻ سندس رت جي سرشتي ۾ شامل رهي آهي. اڄ به ڪيترائي ماڻهو سندس سهڪار سان مانڊڙيون هلائي رهيا آهن ، ڪيترائي ماڻهو سندس ڏنل ريڙهين تي سائي سبزيون کپائي زندگيءَ کي شانائتي نموني گهاري رهيا آهن. الائي ڪيتريون والدين هن صوفي منش ۽ الله لوڪ انسان کي دعائون ڏيندا هوندا، جن جي اولاد کي يا ڪنهن گهر ڀاتي کي هن دوائون ڏنيون يا ڪنهن مخير کان ڏياريون هونديون. سندس پسنديده سياسي شخصيتن ۾ سائين جي ايم سيد صاحب، بي بي شهيد بينظير ڀٽو صاحبه آهن.

دادا عبدالرزاق جتوئي، سنڌ دوست سٿ هڪ سماجي تنظيم جو صوبي سنڌ جو ڪو آرڊنيٽر آهي. سندس سماجي خدمتن جو دائرو ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين آهي.

هو هينئر تائين ٿر، ڪاڇي، عمرڪوٽ، جھانگارا باجارا سميت سنڌ جي ھر ڳوٺ، وستيءَ وستيءَ واھڻ واهڻ، هر پرائمري اسڪول توڻي هاءِ اسڪول وڃي چڪو آهي، جتي هن شاگردن ۾ ڪتاب، پينون، پينسلون، رنگ، ٿيلها ڏيئي ان ٻاراڻي ۽ شاگردي واري زماني ۾ اکين آڏو آيل پنهنجي اسڪول ۾ پڙهندڙن شاگردن جي بي وسي کي سامهون رکي بنا ڪنهن فرق جي روشن مستقبل ڏانهن گامزن ملڪ جي معمارن جي مالي ۽ اخلاقي سهائتا پيو ڪندو رهي ٿو. ڪرونا وائرس جي برپا ٿيڻ کان اڳ سندس راشن مهم هلندڙ هئي، جنهن ۾ هن هزارين غريبن ۽ مسڪينن جا وسامي ويل چلهيون ٻاريون، جن جي چلهن مان خاڪ ٿي ڇڻي. هِن مرد مجاهد مٿان مخير ماڻهن جو اعتبار ئي آهي، جو هو گذريل ڪيترن ئي سالن بنا ڪنهن رڪاوٽ جي سماجي خدمتون ڪندو رهي ٿو. سندس هڪ اهم ڪم اهو به آهي ته هن ڪيترن بي سهارا بيواهن ۽ پورهيتن کي گھر ٺھرائي ڏنا آهن، کين گهاٽي ڇت مهيا ڪئي، کين اس جي اڇاتري احساس کان بچايو کين پنهنجائي هنن کي اڃ کان بچائڻ لاءِ ميرٽ جي بنياد تي نلڪا لڳرائي ڏنا ته جيئن هو هيڏي ساري دنيا ۾ ڪٿي پاڻ کي محرومي جي احساس ۾ گم نه ڪري وجهن.

سندس اهو به هڪ اهم ڪم چئجي جو رمضان شريف ۾ هو پنهنجي سماجي تنظيم جي پليٽ فارم تان لاڙڪاڻي جي اسپتالن ۾ پري پري کان آيل مريض ۽ غريبن کي روضو افطار ڪرائيندو رهي ٿو. اهڙا شاگرد جن وٽ ايترا پئسا ناهن جو اهي ڳريون فيون ڀرن، تن جي سهائتا لاءِ، سندن مستقبل کي بچائڻ لاءِ هو انهن شاگردن جي والدين سان ملي سندن فيون ڀريندو رهي ٿو. مان سمجهان ٿو اهو ادارن جو ڪم آهي، جيڪو دادا پنهنجي ڪمزور ڪلهن تي هيڏو سارو بار کڻي، سماج اندر هڪ اهڙو ته شاندار مثال قائم ڪندو رهي ٿو، جنهن تي کيس نه صرف اتساهجي پر سرڪاري سطح تي سندس سماجي خدمتن عيوض کيس لائيف اچيومينٽ ايوارڊ به ملڻ گهرجي. سندس سماجي سرگرمين جي ڊگهي فهرست آهي، جنهن مان مختصر ئي سهي پر سندس ڪجهه اهڙن پاسن تي لکجي پيو، جن تي تمام گهٽ ماڻهن ڪم ڪيو آهي، معذور ماڻھو ڪٿان جو به هجي، دادا کي سندس حال جي خبر پئي ته سمجهو چند ڏينهن ۾ هو پنهنجي ذاتي ٽراءِ سائيڪل جو مالڪ بڻجي، دشوار بڻيل زندگيءَ کي مزي سان جيئندو. ان کان علاوه غريب ماڻھن اهو چاهي مرد هجي يا وري عورت، ٻڍو هجي يا ٻار، پورهيت هجي يا بيواه مطلب ڪنهن ضرورتمند جي آپريشن لاءِ جيڪڏهن ڪوئي کيس چوندو ته انجو سمورو خرچ هو پاڻ برداشت ڪندو آهي.

دادا سان ڪچهري ڪندي کانئس اهڙي واقعي بابت پڇا ڪئي، جيڪو هن کان وسري نه سگهيو هجي. ان واقعي کي بيان ڪندي سندس اکيون نم ٿيون. ڳالهه ڪجهه هيئن هئي ته هو سنگت سان گڏجي منڇر ڍنڍ تي ڪنهن دوست جي جنم ڏينھن جي مناسبت سان سندس ڪيڪ ڪاٽي رهيا هئا ته اتي ھڪ معصوم نياڻيءَ کين ڏسي ورتو، وڏي اچرج مان سندن ويجهو آئي ۽ دادا کان بي حجاب ٿي پڇيو هيائين ته؛ ”هو اهو ڇا ٿا ڪٽين؟“ سندس سنگت ڀلي ان احساس کان وانجهيل هجي، پر ان جملي دادا عبدالرزاق کي جهنجوڙي ڇڏيو ته ٻيلي جديد دور ۾ منڇر جي مهاڻي ادڙيءَ کي سالگره جي ڪٽجندڙ ڪيڪ جي خبر نه ھئي..!! دادا ڳالهه ڪري جھٽ ماٺ ٿي ويو، هو سوچن جي ساگر ۾ گم ٿي ويو. سندس حساسيت ان پل کيس وڏي تڪليف رسائي، کيس دلي صدمو رسيو ته ٻيلي اسانجي سنڌ جي ماڻهن جو هيءُ حشر ڪنهن ڪيو ۽ ڇا لاءِ ڪيو آهي؟ هو واقعو ٻڌائيندي اکين مان لڙڪن کي روڪي نه سگهيو.

دادا عبدالرزاق، ڪارپوريٽ سماجي اڳواڻ ناهي، هُن کي منافعي بدران ماڻهن جي عزت نفس پياري رهي آهي. هو سنڌي قوم جا سور ناهي ڏسي سگهندو. ڪنهن جي به اک ۾ ڳوڙهو ڏسي ناهي سگهندو. پنهنجي ڪم جي سچائيءَ سبب اڄ هو الائي ڪيترن جو حقيقي ديوتا بڻيل آهي. غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گهاريندڙ ماڻهن جي زندگين ۾ جهاتي پائيندي سندس جيءُ جھري پوندو آهي. هو ان وقت ٻهڪي اٿندو آهي جڏهن ميرن سيرڙن ماڻهن جي مک تان ميسارجي ويل مرڪن کي واپس ورندي ڏسندو آهي.

هو، سنڌ جو ابنِ بطوطه آهي. شايد اهڙو ڳوٺ يا شهر هجي، جتي هو نه ويو هجي، جتي هن ماڻهن جي مدد نه ڪئي هجي. هن چواڻي ته سڄي سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ پٺ تي پيل توڻي غربت جي لڪير کان به هيٺ گذاريندڙ علائقا ڪاڇو ۽ منڇر ڍنڍ وارا علائقا آهن، جتي نه صاف پيئڻ جو پاڻي ميسر آهي نه ئي کاڌ خوراڪ جي ڪا معياري شيءَ ئي دستياب آهي. کيس سماجي خدمتن واري سفر ۾ نهايت سچيت ۽ محنت ڪش دوست مليا جيڪي نه صرف هن جي سماجي حوالي سان گڏ آهن پر ساڻس بي پناهه پيار به ڪن ٿا.

دادا جي زندگيءَ جو هي به هڪ انوکو ۽ يادگار واقعو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي سوشل ورڪر ساٿي ڀاءُ نثار ٻلھڙي جي علاج لاءِ سنڌ آڏو جهولي جهلي هئي ته مختلف شھرن توڻي ڳوٺن مان هن مرد مجاهد سماجي اڳواڻ دوست جي زندگي بچائڻ لاءِ ۲۸ ڏينھن ۾ ۳۸ لک گڏ ڪيا هئا، پر افسوس اهو آهي ته يار نثارُ ٻلهڙو زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺو ۽ سڄي سنڌ اڪيلو ڪري ائين هٿن مان هٿ ڇڏائي ڪمهلو وڇڙي ويو. سندس وڍ ڏيندڙ وڇوڙي کان پوءِ چندي جا پئسا سندس وارثن کي ڏنائين ۽ پنهنجي دوستيءَ جو هڪ اهڙو مثال قائم ڪيائين جنهن کي ايندڙ پيڙهين ۾ ساراهيو ضرور ويندو.

 

(حفيظ چانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۸ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا