; سنڌي شخصيتون: آزاد مجتبيٰ گهانگهرو

28 February, 2022

آزاد مجتبيٰ گهانگهرو

آزاد مجتبيٰ گهانگهرو

آزاد صحافت کي عبادت سمجهندڙ

فقير محمد سنڌي



ڪوڙين ڪايائون تنهنجون، لکن لک هزار،

جيءَ سڀ ڪنهن جيءَ سين، درسن ڌارون ڌار،

پريم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان. (شاھ لطيف).

ڪائنات جا اسرار گوناگون آهن، انهن اسرارن ۾ جيڪا ترتيب ۽ ڪوشش ورتي آهي اهو انساني ذهن جو ڪرشمو نظر ٿو اچي. جنھن هر مسئلي جو توڙ ڳولهي لھڻ ۾ ڪا به ڪثر ڪونه ڇڏي آهي. اهڙي طرح سان سنڌ جي تاريخ ۾ تمام گهڻا عظمت جا مينار پنھنجي آب تاب تي جرڪندي نظر اچن ٿا، اهڙو ئي هڪ مينار آزاد مجتبى گهانگهرو پڻ آهي.

شاھ لطيف چواڻي ته:

نه ڪي کڻن پاڻ سين، نه ڪو ساڻن پاڻ،

اهڙا جن اُهڃاڻ، آئون نه جيئندي ان ري.

جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،

وڃي ڀونءِ پيٺي، سڪندي کي سڄڻين.


۱۰-فيبروري ۱۹۹۱ع تي آزاد مجتبى لاڙڪاڻي جي بھارپور محلي ۾ زندگيءَ هجڻ جي ناتي اک کولي. بھارپور محلو پنھنجي هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو ۽ سنڌ جي عظيم جرنيل شاهه بھارو جي فوجي ڇانوڻيءَ جو هنڌ پڻ آهي. چوندا آهن ته جنھن علائقي ۾ انسان رهي ٿو ان جي رهڻي ڪھڻي ۾ علائقي جو اثر پڻ هوندو اهي. اهڙو ئي اثر آزاد مجتبى جي زندگيءَ ۾ صاف نظر اچي ٿو. هڪ پاسي سياست سان سلهاڙيل آهي ته ٻئي پاسي صحافت جي دڳ تي مسلسل روان دوان نظر اچي ٿو.

آزاد مجتبى پرائمري تعليم کان وٺي بي ڪام تائين لاڙڪاڻي جي علمي درسگاهن ۾ پنھنجي اندر جي نور کي منور ڪندو رهيو. آزاد کي سياست پنھنجي گهر مان ملي جو سائين خادم حسين گهانگهرو جيڪو قومي تحريڪ سان سلهاڙيل رهيو آهي، جنھن جا خيال آزاد مجتبى جي زندگيءَ تي به گھرا نظر اچن ٿا. باقي رهي ڳالهه صحافت جي ته دوستن جي اثر هن کي ۲۰۱۰ع کان صحافتي دور شروع ڪرايو. جڏهن انسان جو اندر جاڳي پوي ٿو ته هن کي پنھنجي منزل ويجهي کان نظر اچڻ شروع ٿي ويندي آهي.

پنھنجي ئي شھر جي روزاني ”فاسٽ ٽائميز“ کان پنھنجي صحافتي سفر جي شروعات ڪيائين، جتي ۳ سال اسسٽنٽ سرڪيوليشن مئنيجر طور فرض سرانجام ڏنائين. زندگيءَ ۾ سياست ۽ صحافت کي گڏ کڻي هلڻ ڏاڍو مشڪل ترين ڪم آهي. جڏهن انسان جي حقن تي ڪجهه انياءُ ٿئي ٿو ته اندر جو انسان جاڳي پوي ٿو، جنھنجي ڪري هو احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي پوي ٿو، اهڙي طرح آزاد مجتبى گهانگهرو به ۱۸-ترميم لاءِ احتجاج ڪرڻ تي گرفتار ٿي ۱۱-ڏينھن لاءِ جيل ياترا به ڪري چڪو آهي زندگي جي هر خوشي ۽ جدوجهد جو عمل هو پاڻ ۾ ٿو ڳولڻ چاهي، تڏهن ئي ته سڄي قوم جي خدمت الڪو اٿس.

ٻيلي ۽ گرنار وٺو، گنگا جر جيئين جکرو.

هتي مونکي ننڍي کنڊ جي وڏي اديب ۽ دانشور مائي ارون راءِ ياد اچي وئي آهي، جنھن ۲۰۱۱ع تي بي بي سي تان نشر ٿيل سندس انٽرويو ۾ جڏهن کانئس اهو سوال ڪيو ويو ته، ”ڇا تو کي جيل وڃڻ جو شوق آهي؟“ ته ان جي جواب ۾ مائيءَ وراڻيو ته نه مونکي هروڀرو جيل وڃڻ جو شوق ڪونهي آئون جيل وڃڻ نه ٿي چاهيان، البت هڪ طرف سرڪاري جيل آهي، ٻئي پاسي ماڻهوءَ جي پنھنجي اندر جو وڏو جيل آهي. جڏهن ڪوئي ليکڪ سرڪري جيل وڃڻ جي ڊپ کان پنھنجي ضميرجو سڏ نٿو ورنائي ۽ سچ جي ڳالهه نٿو ڪري ته هو پنھنجي اندر جو جيل پنھنجي سِرَ تي کڻي اهڙي جيل ۾ جڪڙجڻ کان سرڪاري جيل ۾ وڃڻ وڌيڪ بھتر سمجهي ٿو. هتي مون کي جي ايم رئيساڻيءَ جون سِٽون پڻ ياد اچن ٿيون ته:

مـقـابـلـي لاءِ ڪــيــر ايندو،

ڪٿي به اهڙو شباب ناهي.

آزاد مجتبى گهانگهرو ننڍيءَ عمر ۾ تمام گهڻيون منزلون طئي ڪري چڪو آهي، جيڪڏهن هن جي صحافتي زندگيءَ تي نظر ڪيون ته هڪ متحرڪ ۽ جاکوڙي فرد ٿو نظر اچي.

علامه اقبال جون سٽون آهن،”يعني اي انسان جيستائين تون پنھنجي زمين جي هنگامن کي پنھنجي لاءِ آسان نه بنايو آهي، دنياوي زندگيءَ جا مسئلا حل نه ڪيا آهن، تيستائين تنھنجي آسماني عقيدن ۽ انديشن جي مستي بيڪار ئي نه پر خطرناڪ پڻ آهي.“

سچ وڏي شيءِ آهي، پر سچار ٿي رهڻ هن دنيا ۾ ڏاڍو مشڪل نه پر مشڪل ترين ٿي پيو آهي. اهو ان لاءِ ته سياست ۽ صحافت جا ويليوز ڪجهه عجيب ٿي وپيا آهن. ڪوڙ کي ته ايتري مضبوطيءَ سان ڳنڍ ٻَڌي رکيو آهي جو کلڻ جو نالو ئي نٿي وٺي. يعني ڪوڙ جي آڏو سچ بيوس ٿو نظر اچي. ڪوڙ جو سج پنھنجي تمطراق سان ايوانن مان ٿيندو صحافت جي ميدان ۾ سَندرو ٻڌي پنھنجي سگهه جي زور آوري ڪري رهيو آهي.

صحافت جي دنيا آزاد مجتبى لاءِ بلڪل جوڀن ڀري آهي، هن نوجوان ڪافي مرحلا طئي ڪري ان سَندري ٻڌل ميدان تي پنھنجا جوهر ڏيکاريندي وسان ڪونه گهٽايو آهي، پر ڪجي به ڇا؟ ملڪ جي سياسي جوڙجڪ ۾ سمورين ناانصافين ۽ ارهه زوراين ۾ سنڌ سدائين ڀوڳيو آهي. اهي ڀوڳنائون، درد هر صحافيءَ جي اندر موجود نظر اچن ٿا پر سياست جي وايومنڊل ۾ سگهارين عالمي قوتن جو هٿ آهي، تنھنڪري هن ملڪ جي قلم ڌڻين جو مسلسل استحصال ٿيندو رهيو آهي.

نه نعرا نه جلسا، نه هوڪا نه واڪا،

عــمـر قـيـد گهارڻ وڏي ڳالهه آهي.

مسلسل صحافتي سفر ۾ آزاد مجتبى پاڻ مڃرايو آهي. مختصر طور هن جي ڪم تي نظر ڪجي ته خبر پوندي ته روزاني فاسٽ ٽائمر جي سفر کان وٺي هو ٿڪو صفا ڪونهي. روزاني ”جيجل“ لاڙڪاڻو جو سرڪيوليشن مئنيجر، ٻه ماهي قلمڪار لاڙڪاڻو جو سب ايڊيٽر، ماهوار بينظير مئگزين لاڙڪاڻو جو سب ايڊيٽر، سلسليوار اخبار پيغام سنڌجو چيف ايڊيٽر، روزاني ارادو جو اسٽاف رپورٽر ۽ روزاني ”وفاءِ سنڌ ڪراچي“ جي بيورو چيف ۽ ماهوار ارادو لاڙڪاڻو جي ايڊيٽرشپ تائين پنھنجي صحافتي منزل طرف روان ۽ دل جي خلوص سان ڪم ڪري پيو. اڄ سندس سالگره آهي، سندس کي لک مبارڪون. مضمون جي پڄاڻي شاهه لطيف جي هنن سٽن سان ته:

نڪو سَنڌو سُورَ جو، نڪو سيڙهو ليڪ،

عـــدد نـــاهـهِ عــشــق، پــڄــاڻـي پـاڻ لھي.

 

(ڏھاڙي ارادو لاڙڪاڻو ۾ ۱۰ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا