; سنڌي شخصيتون: مير غلام شاھ شاھواڻي ٽالپر

27 February, 2022

مير غلام شاھ شاھواڻي ٽالپر

مير غلام شاھ شاھواڻي ٽالپر

مياڻي جي جنگ جو سپه سالار ۽ شھيد

اعظم ڀٽي



انگريز ڪپتان پوسٽنس پنهنجي ڪتاب “پرسنل آبزرويشنس آف سنڌ” ۾ لکي ٿو ته؛ “سنڌ جا باشندا مياڻي جنگ ۾ انگريز حمله آورن خلاف ايئن وڙهيا جيئن ڪو ماڻھو پنهنجي اهڙي شيءِ لاءِ وڙھندو آھي جا کيس پنهنجي زندگي، جان، مال، عزت ۽ اولاد کان بدرجه عزيز هجي.”


سنڌ جي غيرتمند فرزندن انگريزن خلاف مياڻي جي جنگ ۾ پنهنجي وطن جي حفاظت لاءِ مختصر ئي سهي پر جيڪو شاندار مقابلو ڪندي مزاحمتي ڪردار ادا ڪري عظيم شهادتون ڏنيون، ان جو مثال تاريخ ۾ هڪ شاندار ۽ يادگار باب بڻيل آھي، مياڻي جي جنگ ۾ سنڌ جي عاشق شهيدن جو انگ پنجن هزارن جي لڳ ڀڳ آهي، جن مان هڪ هڪ شهيد جي زندگي، ڪردار ۽ ڪارنامن جي تشهير ته موجوده وقت ۾ انتهائي ناممڪن بڻيل آهي پر جيڪي اڳواڻي واري امر ڪردار جهڙو وارو وڄائي پنهنجي وطن ۽ قوم جي ناماچاري پيدا ڪري ويا، انهن مان مير غلام شاهه شهيد به سرفهرست آهي. مير غلام شاهه ٽنڊو محمد خان جي ٽالپر جاگيردار خاندان مان هو جيڪي مير شاهو جي اولاد جي نسبت سان شاهواڻي ٽالپر سڏجن ٿا. مير شاهو کي ڇهه پٽ هئا؛ مير ڪرم خان، غلام محمد، سيد خان، محمد ملوڪ، مراد خان ۽ سردار خان! مير غلام محمد، مير شاهو جو ٻيو نمبر پٽ هو.

مير غلام محمد کي ٻه پٽ هئا، هڪ مير حاجي احمد خان ۽ ٻيو مير محمد خان. جن مان مير محمد خان ٽالپر ۱۷۹۱ع ۾ ٽنڊو محمد خان شهر ٻڌرايو. مير محمد خان کي، مير ڪرم خان نالي پٽ ٿيو، جنهن کي وري مير غلا شاهه نالي پٽ ٿيو. هڪ اندازي موجب مير غلام شاهه ٽالپر جو جنم سترهين صدي عيسويءَ جي آخر ڌاري ٿيو. جيڪو پنهنجي جوهر، مزاج ۽ طبعيت ۾ انتهائي دلير ۽ سخي قسم جو انسان هو. سندس سخاوت جي هاڪ هڪ طرف هئي ته ٻئي طرف لاڙ جي علائقي ۾ مختلف راڄن سان سندس قربت جو رستو به ويڪرو ۽ ڪشادو هو، سندس شخصيت جو سحر ۽ اثر اهڙو هو جو جيڪڏهن ڪنهن مشڪل وقت ۾ سڏ ڏئي ته هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو سندس سڏ تي لبيڪ چوڻ لاءِ تيار هوندا هئا، سندس سخاوت جا ٻيا به کوڙ سارا مثال ڏئي سگهجن ٿا پر هن ۱۸۳۹ع ۾ ترائي واري جاگير جي سند درگاهه لنواري شريف جي پير صاحبن کي لکي ڏني، جيڪا سند اڃان تائين درگاهه لنواري شريف وارن  وٽ محفوظ آهي.

ان جو هڪ اهم سبب اهو به هو ته شاهواڻي ٽالپر توڙي سندن وڏا درگاهه لنواري شريف جا معتقد ۽ مريد به هئا. جڏهن ٽالپر اميرن تي سنڌ جي حڪمراني جي سوال تي ڏکيو وقت آيو ته مير غلام شاهه توڙي جو غير تربيت يافته ئي سهي وڏو فوجي دستو وٺي وڃي، مياڻي جي ميدان تي لٿو، هي انگريزن خلاف مياڻيءَ جي جنگ ۾ ٽالپرن جي فوج جو نائب سپهه سالار هو. ٽالپر فوج جي سپهه سالار مير جان محمد خاناڻي ٽالپر جي شهادت کان پوءِ هن وڏي جوانمرديءَ سان سپهه سالاريءَ جا فرائض سنڀاليندي انگريزن خلاف سخت مزاحمتي ڪردار ادا ڪيو ۽ ۱۷ فيبروري ۱۸۴۳ع تي مير غلام شاهه ٽالپر بهادريءَ سان وڙهندي وڙهندي جام شهادت ماڻي. تاريخ جا روايتي ورق ڏس ٿا ڏين ته مير غلام شاهه ٽالپر مياڻيءَ جي جنگ تي وڃڻ وقت پنهنجي معتقد ۽ خادم سرائي پانڌي خاصخيليءَ کي وصيت ڪئي هئي ته؛ “خدانخواسته جيڪڏهن آءٌ جنگ ۾ وڙهندي شهيد ٿي وڃان ته منهنجو لاش منهنجي مرشد جي قدمن ۾ لنواري شريف (بدين) ۾ رکجو” جنگ هلندي نيٺ هي مرد مجاهد انگريزن سان وڙهندي مياڻيءَ جي جنگ ۾ شهيد ٿي ويو ۽ سرائي پانڌي خاصخيلي مياڻيءَ جي ميدان مان وڏيءَ مهارت ۽ هوشياريءَ سان رات جي پيٽ ۾ مير غلام شاهه شهيد جو لاش لڪائي ڪڍي، ٽنڊي محمد خان کڻائي آيو. ٽنڊي محمد خان جي مير محلا ۾ ميرن جي پراڻي بنگلي ۾ جنهن جڳهه تي سندس مڙهه آڻي رکيو ويو هو سا جڳهه اڃان تائين به سلامت آهي ۽ آئون پنهنجي اکين سان ڏسي چڪو آهيان، جنهن لاءِ مون سندس وارث خاندان جي فردن کي صلاح به ڏني هئي ته ان جڳهه تي کين ڪا يادگار جوڙائڻ گهرجي.  حالتن پٽاندر ان وقت  ماحول جي خطرناڪ سختي ۾ سندس مڙهه کي غسل وغيره ڏئي، لاش کي امانت طور ٽنڊو محمد خان جي مير محلا ۾ سيد جمن شاهه بخاري جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.

لڳ ڀڳ ڇهن مهينن کان پوءِ، جيئن ئي حالتون ڪجهه بهتر ٿيون ته امانت طور دفنايل سندس لاش ڪڍي، کڻائي وڃي وصيت موجب درگاهه لنواري شريف جي احاطي واري قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. گذريل سال مسلسل ستٽيهه سالن بعد جيئن ئي درگاهه لنواري شريف کي عام ماڻهن لاءِ کوليو ويو ته آئون به سندس خاندان جي فردن سان گڏجي لنواري شريف ۾ مير غلام شاهه شهيد جي قبر تي عقيدت جا گل نڇاور ڪرڻ جو شرف حاصل ڪري آيو هئس.

مير غلام شاهه شهيد جي سندس نالي سان اڪريل قديم تلوار به هن وقت سندس پوين وٽ محفوظ آهي، جيڪو خاندان ٽنڊو محمد خان جي باني مير محمد خان شاهواڻي ٽالپر جي اٺين پيڙهي جي صورت ۾ ٽنڊو محمد خان ۾ آباد آهي. مير شاهو جي نسبت سان ٽنڊي شهر جي باني مير محمد خان کان مير غلام شاهه شهيد تائين حسب نصب مٿي اچي چڪو آهي، پوين ۾ مير غلام شاهه شهيد کي پٽ مير علي بخش نالي هو، مير علي بخش کي وري مير الهه بخش ٽالپر نالي پٽ ٿيو، جنهن تمام گهڻو اوج، مان ۽ مرتبو ماڻيو، جنهن جي شخصيت تي حڪيم يوسف کتري تفصيل سان طبع آزمائي ڪري چڪو آهي. مير الهه بخش کي وري مير محمد خان نالي فرزند ٿيو، جنهنکي وري مير علي احمد ٽالپر نالي پٽ ٿيو، مير علي احمد ٽالپر کي ڇهه نياڻيون ۽ پنج پٽ ٿيا، جن ۾ هر هڪ مير محمد خان (جيڪو آخري جاگيردار طور مشهور هو) ٻيو نمبر مير رياض دلنواز ٽالپر (جنهن جي اذان جو نالو سندس تڙڏاڏي مير علي بخش جو آهي)، ٽيون نمبر مير غلام شاهه عرف مير جاني، چوٿون نمبر مير ذيشان عرف شان ٽالپر ۽ پنجون مير ڪاظم رضا ٽالپر (جنهن جي مٿان وري سندن وڏي ڏاڏي مير ڪرم خان جو نالو رکيل آهي) شامل آهن. جن مان آخري جاگيردار طور مشهور مير محمد خان ٽالپر ڪجهه سال اڳي لاڏاڻو ڪري ويو، باقي مير غلام شاهه شهيد جي خاندان جا پونئير يعني جاگيردار خاندان جا ڄاڻايل فرد ٽنڊو محمد خان ۾ آباد آهن. جيئن مير محمد خان ٽالپر جي مقبري کي هڪ وڏي عرصي بعد وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي رٿا عمل ۾ اچي رهي آهي. ايئن ئي شديد ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته ايندڙ نسلن لاءِ ڄاڻ جا دروازا وڌيڪ ويڪرا رکڻ لاءِ لنواري شريف ۾ مدفون سنڌ جي شهيد مير غلام شاهه ٽالپر جي آخري آرامگاهه کي به ڪشادو بڻائي منظم طور وڌيڪ مضبوط ۽ محفوظ ڪيو وڃي ته جيئن ايندڙ وقت ۾ سندس ڪردار ۽ ڪارناما سلامت رهن!!

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۽ عبرت حيدرآباد ۾ ۱۷ فيبروري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا