; سنڌي شخصيتون: غلام احمد ”نظامي“ - حسيب ناياب منگي

22 February, 2022

غلام احمد ”نظامي“ - حسيب ناياب منگي

غلام احمد ”نظامي“

ادبي تاريخ جو نرالو نانءُ

حسيب ناياب منگي



سنڌي ادب جو ناليوارو شاعر غلام احمد ”نظامي“، بنيادي طور تي لاڙڪاڻي جو هو. سندس والد محمد صديق ميمڻ، لاهوري محلي جو رهائشي هو. پر ڳڀي جي ڳولا کيس ڪراچي پهچايو ته اتي جو ئي ٿي ويو. محمد صديق نهايت سچار ۽ ايماندار هو. هن ڪراچيءَ ۾ هوٽل کولي، پنهنجو ۽ ٻچن جو پيٽ پالڻ شوع ڪيو. ڪراچيءَ ۾ ئي غلام احمد نظامي ۱۵ جون ۱۸۹۵ع تي پيدا ٿيو. وڏڙو ٿيو ته قرآن پاڪ جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کيس هڪ مڪتب ۾ ويهاريو ويو. عربيءَ سان گڏ اتي ئي فارسي به پڙهيائين. هڪ اردو اسڪول ۾ ۳ درجا مس پڙهيائين ته درزيءَ جي دوڪان تي ويهاري هنر سيکاريو ويو. مرحوم غلام محمد گرامي لکي ٿو ته؛ “جيتوڻيڪ سندس تعليمي معيار موجوده اسڪولن، ڪاليجن ۽ مڪتبي نقطئه نظر سان ايترو وسيع نه هو، تنهن هوندي به ذوق سليم ۽ ذاتي جوهر، مسلسل مطالعي ۽ سير و سفر ۽ علمي مجلسن ۾ اٿڻ ويهڻ ڪري، ايترو استعداد ڪيائين، جنهن اڳتي هلي کيس سنڌي زبان جو قومي شاعر بنايو.“ (وياسي وينجهار ص ۱۲)


غلام احمد نظامي جو ننڍپڻ کان وٺي شاعريءَ ڏانهن لاڙو هو. گهٽ تعليم هوندي به اخبارن ۽ رسالن جو مطالعو ڪندو هو، اهڙي دلچسپي ۱۹۰۹ع ۾ کيس شاعر بڻايو. غلام احمد ”اصغر“ جي تخلص هيٺ شعر چوڻ لڳو. اڳتي هلي ۱۹۱۸ع ۾ کيس محمد هاشم ”مخلص“ جهڙو شاعر سندس ادبي رهبر بڻيو.

علم ادب جو شوق ”نظامي“ نه ڇڏ ڪڏهن،

مشغول جي رهين ٿو غم روزگار ۾.

محمد هاشم ”مخلص“ جهڙو ڪوي سندس رهبر بڻيو ته غلام احمد ”اصغر“ بدران ”خبطي“ ٿي ويو. استاد آڏو پنهنجون تخليقون پيش ڪندو هو. استاد سندس احساس ۽ جذبات جو تمام گهڻو خيال رکندو هو. استاد پنهنجي شاگرد کي گهڻو ڪجهه سيکاريو. مرحوم نظامي جي اوائلي ڏينهن جون تخليقون به سگهاريون آهن. هڪ ڀيري حضرت خواجه نظام الدين جي گادي نشين ۽ اردو جي ناليواري اديب خواجه حسن ”نظامي“ سان ملاقات توڙي سندس هٿ تي بعيت ڪرڻ واسطي مليو ته پهرين ملاقات ۾ ئي پاڻ به سندس نسبت سان ”نظامي“ ٿي ويو.

شاعريءَ جي ميدان ۾ هن حمد، نعت، مرثيه، غزل، قومي نظم ۽ مسدس لکيا. ان ڏس ۾ ”خيال خبطي“، ”گلشن سنڌ“، ”گلزار عشق“، ”حور دمشق“، ”محرم نامو“، ”خدائي انتقام“، ”رياض نظامي“، ”ترانه پاڪستان“ ۽ ”بياض نظامي“ وغيره ڇپيل سندس تخليق آهن. ”سچائيءَ جو سڏ“ اهو شعري مجموعو آهي، جنهن ۾ نظامي سان گڏ، محمد بخش ”واصف“، محمد صديق مسافر، محمد خان ”غني“، پرسرام ”ضياءُ“ وغيره جا شعر به شامل آهن. ”مسدس حالي“ جو ۱۹۳۱ع ۾ ترجمو ڪري ڇپرايائين. ”حفيظ جالنڌري جو ”شاهنامه اسلام“ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڪجهه حصو اڃا هڪ مئگزين ۾ ڇپرائي پڌرو مس ڪيائين ته حفيظ جالنڌري کيس ترجمو ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏي.“ (ماهوار نئين زندگي ڪراچي فيبروري ۱۹۶۴ع ص ۱۴)

غلام احمد نظامي جي ڪلام ۾ رواني آهي ۽ خيال پڻ اثر ڇڏيندڙ آهن. هن جي عشقيه ڪلام سان گڏوگڏ اصلاحي ۽ مذهبي ڪلام جي گهڻائي ثابت ڪري ٿي ته هن وٽ نه ته انداز بيان جي کوٽ آهي نه ئي لفظن جي گهٽتائي! هن جي شاعري وهندڙ نديءَ جيان رواني سان ٽمٽار آهي.

پيغام حق ٻڌائي مسرور ڪنهن ڪيو هو،

تاريڪ وادين کي پر نور ڪنهن ڪيو هو،

ظلمت کي هن جهان مان ڪافور ڪنهن ڪيو هو،

وحدت جي مئي پيئاري مخمور ڪنهن ڪيو هو،

ان ئي ڪيو هو جنهن جو جلوو جهان ۾ آهي،

نالو به جنهن جو روشن ڪون و مڪان ۾ آهي.

محترمه نعيمه جمعه تيجاڻي لکي ٿي ته؛ ”مرحوم غلام احمد نظامي جي نعتن ۾ رواني ۽ دل جي گهرائين مان نڪتل سوز ۽ التجا نظر اچي ٿي. سندس زبان سليس ۽ سلوڻي آهي، جنهن سببان سندس نعتون سڄي سنڌ ۾ مشهور آهن.“ (ماهوار پيغام ڪراچي جنوري فيبروري ۱۹۸۳ع ص ۵۵)

زندگي ۾ هڪ دفعو اسلام جي شاهي ٿئي،

يا الاهي ڪر ”نظامي“ جي تمنا بر ثواب.

دادا سنڌي لکي ٿو ته؛ ”نظامي مرحوم صحيح طرح قومي درد دل جو مالڪ هو ۽ غيور مسلمان شاعر هو. سندس ڪتاب ترانه پاڪستان پاڪ تحريڪ ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. نظامي تي علامه اقبال جي شاعريءَ ۽ فلسفي جو وڏو اثر هو، ان ڪري هن جيڪو شعري مواد پيش ڪيو سو سنڌ جي ٻئي ڪنهن به شاعر پيدا ڪين ڪيو آهي. ان ڪري نظامي مرحوم جي قومي شاعري کي، پاڪستان تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ هڪ ڪارآمد ۽ ڪامياب هٿيار چئجي ته بيجا نه ٿيندو. سندس ئي انهيءَ رول کي سامهون رکي کيس ”سنڌ جو اقبال“ سڏيو ويو آهي.“ (ماهوار پيغام ڪراچي جولاءِ آگسٽ ۱۹۸۲ع ص ۳۰)

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ ۾ ڄاڻايو آهي ته ”نظامي جمعيت الشعراءِ سنڌ ۽ ماهوار اديب سنڌ سان وابسته رهيو.“ (ص ۲۴۰)

مون ڪئي ڪوشش گهڻي ٻاهر نه نڪري ٻاڦ ڪا،

عشق منهنجو ويو مگر رسوا سر بازار ٿي.

غلام احمد نظاميءَ پنهنجي دور ۾ سنڌي ادب جي خدمت ڪندي نه صرف مڃتا ماڻي پر ايندڙ نسل لاءِ قوم، وطن، ٻولي ۽ اخلاق توڙي پيار ۽ پنهنجائپ جو لازوال درس ڏيندي ۲۲ فيبروري ۱۹۵۱ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۲ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا