; سنڌي شخصيتون: غلام حيدر ”مهجور“

27 February, 2022

غلام حيدر ”مهجور“

غلام حيدر ”مهجور“

ٻياسي سالن جي نوجوان شاعر کي جنم ڏينهن مبارڪ

رکيل مورائي



اڄ منهنجي ٻياسي سالن جي بزرگ سائين (دوست نه) غلام حيدر ”مهجور“ جي جنم جو ڏينهن آهي، سڀاڻي هو عمر جي ٽياسي سال جي پهرين ڏينهن ۾ قدم رکندو هن عمر ۾ به سندس صحت ۽ حوصلو ڏسي پڪ ٿيندي آهي ته منجهنس زندگيءَ سان موهه جا مڙئي ڪارڻ موجود آهن، اسانجي ڪن دوستن کي ته پنهنجي جيئري ئي سرڳواس ٿي وڃن جي سُڌ به آهي.


هڪ ننڍڙو ئي سهي سچ اهو به آهي ته کيس ڏسي مون جهڙن مايوسيءَ کي محبوب ڪري سمجهڻ وارن جيئندڙن تي عجيب ايندو آهي جيڪي شايد  زندگيءَ جي مجموعي حسناڪين کي ڄاڻي نه سگهيا آهن. هڪ نه سمجهڻ جهڙو حوالو اهو به ڏنو ويندو آهي ته فلاڻي کي موت کان ڊپ آهي، جڏهن اها هر طرح جي پڪ آهي، جيئندڙ هر شيءِ تي موت اچڻو آهي ته پوءِ ان کان ڊپ ڪهڙو؟ پر اهو ڪيئن وساري سگهبو ته موت کان ڊپ ته ان ماڻهوءَ کي ٿيندو هو جيڪو زندگيءَ جون سموريون حسناڪيون ڄاڻندو هوندو.

سائين غلام حيدر ”مهجور“ زندگيءَ سان ڪيترو ڀرپور شخص آهي، انجو اندازو ان مان لڳائڻ ڪجهه مشڪل آهي ته هن زندگيءَ ۾ هر موڙ تي فطرت جي ڪيترين بيهودگين سان مهاڏو اٽڪايو آهي، هن انسان جي ترتيب ڏنل طبقاتي سماج کي ڪڏهن به قبول نه ڪيو آهي، هر وقت پنهنجا فيصلا پنهنجي من ويچار سان ڪيا آهن، پوءِ اهي ڪيترا به نقصان کيس ڏئي ويا هجن. سندس زندگيءَ سان پيار فقط سندس اوشو (گرورجنيشن) جي ڏاڙهيءَ کان ڪجهه انچ وڌيل اڇي ڏاڙهي مٿان ان مرڪ مان ظاهر ٿيندو آهي، جيڪا مرڪ عمر جي ٻياسي سالن جي عمر ۾ به سندن چپن تان ذرو به غائب نه ٿي آهي.

سائين غلام حيدر مهجور انهن استادن مان هڪ استاد رهيو آهي جن لاءِ علم مقدس رهيوآهي، جڏهن سندس ان مقدس پيشي واري نوڪريءَ ۾ هن وڏيرڪي چڪيءَ ۾ سجندڙ ادارن واري سمجهوتي جي نوعيت آئي ۽ هن وقت کان اڳ  پنهنجي نوڪري ئي ڇڏي ڏني زندگي گذارڻ لاءِ ٻيا طريقا اختيار ڪيا جن کي مهذب ٻوليءَ ۾ پورهيا چئبو آهي. پڪ سان هن سمجهي ورتو هئو ته پورهيت خدا جو دوست آهي.

پر ان زندگيءَ کانسواءِ سندس جيئڻ جو هڪ ٻيو پهلو به آهي جيڪو آرٽ سان جڙيل هجڻ هو يا آهي. پاڻ هڪ ئي وقت وڻندڙ شاعر، لاجواب مصور، موسيقيءَ جو نه فقط ڄاڻو پر ڀلو ڳائي سگهندڙ پڻ. سندس سنڌ جي قبيلن بابت جڳيا سا ايتري جو هن تاريخ جي مطالعي کي پنهنجو ڪري ورتو ۽ لڳاتار ان مطالعي جو نتيجو اهو نڪتو جو هن سولنگي قبيلي جي تاريخ لکي ورتي جنهن جو پسمنظر تاريخ جي ورقن ۾ موجود ته آهي پر ظاهر ڪرڻ وارا ڊنل آهن آهي. آرٽ جي ڪيترين ئي شاخن سان روح سان جڙيل هيءَ شخص پنهنجي شاعريءَ جي هڪ ڪتاب جو خالق پڻ آهي ۽ سماجي علمن بابت سندس ٽيون ڪتاب ڪجهه ئي عرصو اڳ شايع ٿيو آهي جنهن جو نالو آهي آءٌ ڍڳا مونکي ڊهه هڻ هڪ شخص جو هڪ ئي وقت آرٽ جي هڪ کان وڌيڪ شاخن سان نڀاءُ سندس ڪامياب زندگيءَ جو مثال آهي. اڄ مورو سنڌي ادبي سنگت پاران سندس ٻياسي هون جنم ڏينهن ملهايو پيو وڃي سندس وڏي ڄمار ۽ سٺي صحت ماڻڻ لاءِ دعائون ۽ کيس جنم ڏينهن تي اڻ ڳڻيون مبارڪون.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۳ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا