عمرالدين بيدار
ڇا ڏٺم ڇا ٻڌم
نصير سومرو
هي ۲۰۰۲ع جو دور هو. عمر الدين بيدار سان ويجهڙائپ ٿي.
ماهوار انڊس ڊائجسٽ ۾ لکڻ ۽ انشائيه نثر کي هٿي وٺرائڻ جو گڏيل ارادو ويجھڙائپ جو ڪارڻ
هو. ”ڇا ڏٺم ڇا ٻڌم“ عنوان خود ئي تجويز ڪيائين ۽ ان سري هيٺ سندم ڳپل مضمون ڇاپيائين.
هو سخن شناس ايڊيٽر ۽ جهانديد شخص هو. مردم شناس به ڪمال جو هو. سنڌي ٻوليءَ سان
عشق پوڄا پاٺ جي درجي وارو هيس. صحافي، شاعر، تاريخدان، واقع نگار/ ليکڪ جي حيثيت ۾ جملن جي نحوي جوڙجڪ
۽ سٽاءَ ۾ ڪو جهول ڏٺائين ته اعتماد سان راءِ زني ڪندو هو.
پروپئگنڊا جي حد
تائين پنهنجي علميت، لکت، ڪارج جو پرچار ڪندو هو. ست سريون ٻڌائڻ ۾ پهل ڪندو، مجال
جو ڏسي ته آڏو ڪير اٿس.. هڪ ڀيري شيخ اياز جي ساراھ جا ڍڪ ڀري رهيو هو. ڳالهين ڳالهين
۾ هي جملو واتان نڪتو، ”الحاد ۽ رد الحاد جون تحريڪون ۽ ٽولا ٽوليون علمن جو اولاد
آهن.
اولاد بابت جيتريون
تهمتون ۽ نسبتون لاڳو ٿين ٿيون ۽ جيترا حق ۽ فرض متعين ٿين ٿا، تيترا معاملات
ادبي، علمي ۽ فڪري يا نظرياتي تفرقن جي زينت آهن...“ ڇا چيئي؟ بيدار اهڙي طرح چيوم،
جو گهٻرائجي ويس، اهو سوچي ته شايد ڳالهه ڪا نه وڻيس. ”چي. هي مضمون لکي ڏي“ خبر
ناهي، مضمون ڇپيو هو يا نه؟ مضمون جي فوٽو
ڪاپي رکان ڪو نه ۽ ٻيهر ساڳي تحرير لکڻ فطرتي ڪيفيت جي اپٽار جي جڳهه نٿي والاري
سگهي.
لکڻ جو شعبو مقدس ۽
پيغمبراڻو پورهيو آهي، ليکڪ پڙهي ٿو. ڀيٽائتو مطالعو ڪري ٿو. تحيقيق ۽ مشاهدي جي
روشنيءَ ۾ پنهنجو رويو ۽ مزاج مٽائي ٿو ۽ اهڙي حالت ۾ هن جي جاڳرتا نئون جنم وٺي ٿي.
هو سراب مان اسراب (Delusion) جي چائنٺ ٽپي هڪ نئين جڳت جي جلون کان آگاھ
ٿئي ٿو.
شخصي معاملات جي جوڙ
۽ ٽوڙ ۾ معاشي فائدن ۽ ناتن جو دخل بُڻ وادي آهي. ليکڪ، جي پبلشر پڻ آهي، پنهنجي
راءِ ڏيندي لڳ لاڳاپن ۽ تفرقاڻي ڇاپ ۽ ڪاروباري معاملن کي شوق ذوق ۽ گڏيل علمي ۽ ادبي
اوسر جي امڪانن تي ترجيح ڏين ٿا.
نقاد انهيءَ رويي
کي درٻاري ڪلچر سان ڀيٽ ڏين ٿا. جڏهن سڀئي پنهنجي پنهنجي راءِ ظاهر ڪن ٿا ته هن کي
به اجازت آهي. اجازت هجڻ مان مراد اها هرگز ڪانهي ته اڻ گهربل روايت جو سڪو چالو ڪجي،
يا روايت کي هرحال ۾ جاري رکجي. پراڻيون شيون ڀڄي ڀري وينديون آهن ۽ نيون گهرجون
نوان پوراءَ سان کڻي اينديون آهن . سافٽ ويئر بدلجڻ سان ڪمپيوٽر جو هارڊ ويئر به
بدلڻو پوندو آهي. جيئن هارڊ ويئر بدلجڻ سان ان جو سافٽ ويئر بدلجيو وڃي.
ستين عالمي اردو ڪانفرنس
جي پڄاڻيءَ تي اردو جي برک شاعر افتخار عارف تاثرات پيش ڪندي چيو ته ” هيءَ همت ڏياريندڙ
۽ وقتائتي ڳالهه آهي ته اردو ڪانفرنس ۾ سنڌي ٻوليءَ جا شاعر، اديب ۽ ساڃاھ وند وڏي
تعداد ۾ شريڪ ٿيا آهن ۽ قومي ڌارا ۾ همسفر بڻيا آهن“.. پڄاڻيءَ واري ويهڪ جو، البت
سڄي اردو ڪانفرنس جو لاجواب اسم ضياءَ محي الدين جي شرڪت ۽ چونڊ شعر ۽ نثر اقتباس
خوش لهن ۽ رسيلي انداز ۾ پيش ڪرڻ هو. هونئن مقرر ۽ محقق ڪيترا اهڙي نموني به
پنهنجي ڪاوش پيش ڪندا آهن. جو ٻڌندڙ ڪڪ ٿي پوندا آهن.
رينگٽ بند ڪرائڻ
لاءِ پنڊال ۾ تاڙين جا ڦهڪا ٻڌڻ ۾ ايندا آهن ۽ پڻ ميزبان چٺي لکي مقرر جي آڏو اچي رکندو آهي. امر جليل به مقرر وقت جي
اندر پنهنجي تقرير پوري نه ڪري سگهيو. ورهاڱي جي ڪٿا ور ور ساڳي انداز ۾ گهڻا
سامعين ٻڌڻ پسند نٿا ڪن. يا نه ٻڌڻ ۽ نه ٻڌائڻ منتظمين جي مجبوري آهي. ادب، ادب
تائين محدود آهي به ۽ نه به تضادن سان ڀرپور نظرين جي ڇنڊڇاڻ مهل ڪير ٿو ڪهڙي موقف
جي ڀر وٺي، هي جيڪڏهن هڪ ليکڪ جو حق آهي ته ٻئي يا ٻين کي به ڏيڻو پوندو.
هي ادب ۽ فن جي
دنيا ۾ ذوق جو ڌار ڌار هئڻ سان مشروط آهي. ذوق يعني ذائقي جي حسن.... لوڻ ڪو گهٽ
کائڻ پسند ڪري ٿو ۽ ڪو گهڻو، ڪارڻ ڪهڙا به هجن. وڻڻ جو معاملو آهي يا بلڊ پريشر يا
ڪو ٻيو عذر، پر ذائقو جيئن لوڻياٺ ۾ الڳ الڳ اُهي، تيئن مٺاڻ پڻ ڪو گهٽ ۽ ڪو وڌ
کائڻ پسند ڪري ته عجب ڪهڙو!!
سنڌ ۾ انگريزي سان
گڏ انگريز جڏهن موجود هئا ته دفترن ۾ سنڌي ٻولي هلندي هئي، رڳو ڪراچي تائين
ترقياتي ڪمن جو رٿائون محدود ڪو نه هيون. سڄي سنڌ کي ذهن ۾ رکندي فيصلا ڪيا ويندا
هئا. هن وقت پنجونجاھ في سيڪڙو ۽ پرويز مشرف جي ڏينهن ۾ اسي في سيڪڙي کان وڌيڪ بجيٽ
ڪراچي ۾ خرچ ٿئي ٿي جنهن جي آڊٽ به نٿي ٿئي، تڏهن به ”مهاجر سنڌين“ جي غلامي قبول نه ڪندا. هي ڇا
هي؟ مڊٽرم چونڊن جي مهم هلائي پئي وڃي نه ته ڏھ في سيڪڙو پرن جي پکيڙ باوجود اڌ
کان وڌيڪ بجيٽ کنيون ٿا وڃن ۽ ڪيتريون به سيٽون کٽن يا کسين پوءِ به هر حڪومت جو
حصو ڪيئن ٿا بڻجن؟ هاٿيءَ جي ڏندن تي وڌيڪ وقت
کپائڻ بدران ٻي پاسي ٿا اچون.
ٻئي پاسي..... ڇا
سياسي چرچو يا چهچٽو تحرير ۽ تقرير جو ڳاٽو نه پڪڙيندو! ورهاڱي کانپوءِ تخليق ٿيندڙ
شاعري، ڪهاڻي ۽ ناول وغيره سياسي معاملات جي اپٽار جهڙوڪ لازمي حصو بڻجي وئي آهي.
مان ادب کي ادب ۽ سياست کي سياست تائين ڌار ڌار دائرن ۾ مڃڻ وارو آهيان، پر ڇا ڪجي،
سياسي نغمو الائجي ڪيئن هر صنف ۾ ڏيڻو پئجي وڃي ٿو، سياست به اهڙي جو ڪروڌ وڌندي وڌندي
ڪربلا جي قضيئي جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي.
ٻه ٽي مهينا اڳ ريڊيو
پاڪستان ڪراچي طرفان مزاحيا مشاعرو منعقد ڪرايو ويو. اڳواٽ مزاحيا شعر لکڻ جو تاڪيد
ڪيو ويو هو، پر جڏهن مشاعرو شروع ٿيو ته
پهرئين شاعر (نثار منصور)، جيڪو شعر پڙهيو، سو بنهه سنجيدو هو. سنڌي شاعر جي مزاج ۾
آخرڪار ڦيرو ڇو نه ٿو اچي. منهنجهي خيال ۾ اندر جي ناآسودگي آهي، جنهن جو خارجي
سبب گهٽ ۽ داخلي وڌيڪ آهي.
سياسي مونجهارا
ضرور آهن. ڪاهون ڪندڙن، وڏا ڪلور ڪيا، قانون ۽ حرفتي منصوبن ذريعي سنڌين کي ٻئي
درجي جو شهري بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ڪراچي ۾ رهندي پنهنجي سنڌي هجڻ جي سزا ڀوڳڻ جو ذاتي
تجربو آهي پر پنهنجي سنڌي مائٽن يا دوستن ويل وهايا آهن، اهي شديد تر آهي، هيءَ ڇا غيرت آهي جو
دشمني پاڙڻ لاءِ ڪاروڪاري جي الزام هيٺ نوجوانن جي حياتيءَ جو ڏيئو وسائي فخر وچان
مڇون وٽجن. ڊاڪٽر، انجنيئر، يا واپاري ٻه پئسا ڪمائي سکيو ستابو ڇا ٿيو، جو ٻين جي ڪمائي ۽ هيڻائي
تي تڳندڙ ڏوهاري ذهنيت جا ماريل کين اغوا ڪرائي ڀنگ وٺي ستائين. حالتن جي بيان ڪرڻ
۾ ڪيتريقدر وڌاءُ به هوندو پر روزاني ڇپجندڙ اخباري خبرون ۽ عدالتن ۾ هلندڙ ڪيس
نظرانداز ڪري ”سڀ ٺيڪ“ چوڻ ممڪن ڪونهي.
ادب سنجيدو پورهيو
آهي. پڙهندڙ کي پڻ سنجيدگي پلئه پوڻ کپي. گهڻا پنهنجي ڄٽائپ جي ڄار ۾ اهڙا ته مضبوطي
سان ڦاٿل آهن. جو مجال آهي، علم هنن جو ڪجهه بگاڙي ڏيکاري، وڏي، مني صدي کان وڏي ڄمار
۾ به ڪي اديب ۽ شاعر پاڻ کي ڦوھ جواني ۾ محسوس ڪرائيندڙ عجيب ۽ غريب حرڪتون ڪندي
نظر ايندا آهن. اوباش مزاج وارو دولتمند به هجي ته پوءِ توبهه زاري، ڇوڪريون ڦاسائڻ
۽ بليڪ ميل ڪري انهن جي جذبن سان کيڏڻ ۽ واعدن وچن جو لباس مٽائي ڇڏڻ جو اڳ ۾ نتيجو اهو نڪرندو هو، جو لڄ لٽجڻ جو
داغ مٽائڻ لاءِ ناريون زهر پي پنهنجو انت آڻينديون هيون. هاڻ ائين ڪونهي. هي انصاف
ڪهڙو؟ ڏاڍائي ڪري ڪنهن معصوم نياڻي جي لڄ لٽڻ وارو آزاد گهمندو وتي ۽ مظلوم نار
موت جي ور چڙهي وڃي.
رسول آباد ۾ ڌاڙيل
هڪ گهر ۾ گهڙي آيا. لٽ مار ڪرڻ کان پوءِ چئن عورتن جي لڄ لٽيائون. هونءَ بدنامي جي
داغ لڳڻ جي ڊپ کان لڄالٽ جا واقعا عدالتن تائين نٿا آندا وڃن، پر هن واقعي جملي
مظلوم عورتن جي حق ۾ انساني حقن جي تنظيمن جو ڌيان ڇڪايو. سماج اندر جيترا به
واقعا ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ ايندا،
انهن جو اثر همعصر
شاعر ۽ اديب ضروري وٺندا. اها الڳ الڳ آهي ته ابهام واري طرز بيان جو دائرو ادب
آهي. شعري يا نثري هئيت ۾ علامتن ۽ تمثيلن ذريعي داستان قلمبند ڪيو ويندو آهي.
کليل اظهار کي نعريبازي جو نانءُ ڏنو ويو.
شيخ اياز اڌ صديءَ جي تخليق تان هٿ کنيو، پر ان روش کي به فني ۽ فڪري تڪميل ڏانهن
کڄندڙ وک سمجهندي قبوليت جو درجو مليو.
هڪ ڀيري عمر الدين
بيدار کي چيم، ”سائين! هن عنوان (ڇا ڏٺم ڇا
ٻڌم) هيٺ طرحين طرحين لکيل تجربن جي اپٽار مان پڙهندڙ ڪٿي بيزار نه ٿي پون. ٻيو ڪجهه
چئو ته لکي ڏيان. ”کليو... هي يادگيرين کي قلمبند ڪرڻ دانشوراڻو ڏانءُ آهي ماڻهو
پسند ڪن ٿا ته کين انساني تجربن مان عبرت وٺڻ ۽ سکڻ جا موقعا ملن ٿا. دنيا ۾ وڌ
کان وڌ ڀروسي جوڳو ادب آتم ڪٿا آهي. بائيوگرافي ۾ سچ افسانوي انداز ۽ سٺن واقعن تي
مشتمل هوندو آهي ۽ جنسي تجربن جي داغي احساسن کي نه ڇهيو ويندو آهي.
آتم ڪٿا ۾ ليکڪ گهڻي
ڀاڱي سچن ۽ تلخ تجربن تي وڌل ڍَڪُ پاڻ لاهيندو ۽ ڀل چُڪَ جو اعتراف ڪندو آهي.
اعتراف ڪرڻ جي سگهه رکندڙ شخص واقعي وڏو
(وڏيرو نه) ماڻهو هوندو آهي. هو ڪوڙي مان ۽ مرتبت کي خودي جو نالو ڏيڻ جي بدران
حقيقت کي بيان ڪرڻ تي سماج کي اڳتي وڌڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهندو آهي.
بيدار صاحب جو ڳالهائڻ
کل ڀوڳ جي پوشاڪ پهريل هجڻ ڪري وڻندڙ هو. هو غلط ڳالهه تي ٽوڪيندو به هو ۽ عمدي نڪتي
بيان ڪرڻ جو داد به ڀرپور ڏيندو هو. هن جي ٻڌيمان ۾ وائرس لڳل ڪو نه هو. هن جي
رهنمائي مان اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن کي گهڻو ڪجهه پئله پيو هوندو. هن هڪ مضمون پرڏيهي اسڪالر جو
ترجمو ڪري انڊس ڊائجسٽ ۾ ڇاپيو.
تحقيقي مضمون هو.
پهريون ڀيرو انڪشاف ٿيو ته سولنگين (ماڇين) جي گجرات ۾ سالن تائين راڄ ڀاڳ رهيو.
هنن جو ذڪر تاريخ ۾ ان نموني نٿو ٿئي جيئن سومرن، سمن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپر جو ٿيندو
آهي. هي مضمون پڙهي کيس ڊاڪٽر عاشق حسين بدويءَ چيو ته ”اسان ڪڏهن ڪو نه ٻڌو آهي ته
سولنگي خاندان جي گجرات ۾ ڪو پنج ڇهه سئو سال حڪومت رهي آهي. بيدار ورندي ڏيندي وڏي
اعتماد ۽ ڌيرج سان چيس ته ” تاريخ جو وجود رڳو ايترو محدود ڪونهي جيترو توکي پتو
هجي.“
بيدار پاڻ شاعر هو.
شاعري، خاص طور آزاد ۽ نثري نظم جي صنفن کان چڙ هيس. شيخ اياز کي شاعر نه مڃيندو
هو. هن جي نثر تان گهور ويندو هو. ڪلاسيڪي شاعريءَ سان ٻٽيهه دليون هيس. شاعريءَ ۾
واويلا ڪلچر جي خلاف هو. آسائتو ادب لکو پڙهو
۽ هي نه هجڻ، گهٽ هجڻ ۽ رنج ملال جا ليکا
ادب ڪونهي“ ٿوري دير رکي وري چي، ” اسان جا وڏڙا پنهنجي جهڙي تهڙي حال تي به راضي
رهندا هئا. هاڻ حالت اها آهي، جو هڙئي هڙپ ڪري به هانءُ ٺري نٿو.“
هن کي ”انقلاب“ جي
پرچار کان بڇان وٺندي هئي. شايد، ” ڳاءِ انقلاب ڳاءِ“ جهڙن گيتن جي ڪري اياز جي
پويان پيو. پاڻ خود سياسي ڪالم لکندو هو. سياسي بحث ڪندو ۽ پنهنجو نڪتي نظر ٻين تي
مڙهيندو هو ۽ ساڳيو حق ٻين کي ڏيڻ لاءِ تيار نه هو، هن جو وس پڄي ها، ها ته هوند
اخلاقيات کان علاوه علم، ادب ۽ فن جا سڀئي شعبا disciplines اهو چئي چئي
بند ڪرائي ڇڏي ها ته انهن کان سواءِ به زندگي گذري سگهي ٿي.
هو پراڻن خيالن کي
مطلق سچائي سمجهندي، نئين ڳالهه سکڻ ۽ ڄاڻن کان خود کي پري رکندو هو. هن کي
”جدليات“ بابت هڪ مضمون ممتاز مهر لکي ڏنو هن وٺي رکي ڇڏيو، ٻن ٽن شمارن ۾ ڪو نه ڇاپيائين.
فريئر هال ۾ ويٺا هئاسين ته ممتاز پنهنجي
مضمون بابت چيس. مضمون جيئن ته بيدار جي ذوق وٽان نه هو، ان ڪري ٽال مٽول پئي ڪيائين.
جدليات جي وصف بيان ڪندي ان جي سنڌي ادب کي گهرج بابت کيس ٻه ٽي نڪتا بيان ڪيم ته
چي، ”پهريون ڇو نه ٻڌايهءِ ته اها شئي آهي.“
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۷ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا