; سنڌي شخصيتون: گل مورو

24 February, 2022

گل مورو

گل مورو

... ۽ سنڌ جي باغ جو گُل ڇڻي پيو!

مظھر خاصخيلي



الائي ڇو دل اها ڳالهه تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار ئي ناهي ته هاڻي گل مورو اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو. ڪالهه ۹ سيٽمبر جي ڏينهن نامياري اديب، شاعر، سياسي سماجي اڳواڻ ۽ پريس ڪلب نوشهروفيروز جي اڳوڻي صدر گل مورو کي نوپور ڀرسان پنهنجي اباڻي قبرستان قاضي گل محمد ۾ سندس آخري آرامگاه تي اجرڪن ۽ جيئي سنڌ جي جهنڊن جون چادرون چاڙهي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ کيس قُل شريف سان گڏوگڏ جيئي سنڌ جي قومي گيت جي سلامي پيش ڪئي وئي. ان کان اڳ سندس جنازي نماز ڳوٺ راهب مورو ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ علمي، ادبي، سياسي توڙي سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جنهن کان پوءِ سندس پونيئر ڀائرن ڪامل مورو، عبدالمجيد، عبدالرحمان، عبدالرحيم ۽ ٻين سان تعزيت دوران ڳالهائيندي تاج جويو چيو ته گل مورو يارن جو يار هو، نوشهروفيروز ۾ قومي، ادبي ۽ صحافتي سرگرميون سندس دم قدم سان زندهه هيون، اڄ نوشهروفيروز جي ادبي، قومي ۽ صحافتي زندگيءَ ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي سو ڀرجڻ مشڪل آهي. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته گل مورو سنڌ جي قومي تحريڪ جو سلڇڻو، سٻاجهڙو، باصلاحيت، بهترين ڪردار رکندڙ پڙهيل ڳڙهيل قومي ادب سان دلچسپي رکندڙ هيو. واضح رهي ته گل مورو پنهنجي ڀائرن کان علاوه ۳ پٽ ۽ ۲ نياڻيون سوڳوار ڇڏيون آهن ۽ حقيقت به اها آهي ته هاڻي اسان جي وچ ۾ اهو گل مورو ناهي رهيو ۽ هو جسماني طور تي هميشه جي لاءِ اسان کان موڪلائي اُن ماڳ هليو ويو آهي، جتان هن وقت تائين وري ڪير ٻيهر واپس موٽي ناهي آيو. پر پوءِ به هيءَ چري دل اهو نٿي مڃي ته ڪو گل مورو اسان وٽ ناهي. هن دل کي ڪير سمجهائي ته اهو گل مورو جيڪو هر دوست يار کي مان ڏيڻ سان گڏ هميشه سنڌ ڌرتيءَ جي پاڻي، ناڻي، سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ هر معاملي تي ضلعي نوشهروفيروز جي سمورين سياسي پارٽين کي گڏ ڪري پاڻيءَ جون ڪانفرنسون، سنڌي ٻولي قومي ٻولي جون ڪانفرنسون سڏائي سموري سنڌ جي اديبن شاعرن ۽ سياسي پارٽين کي سڏي جيڪي ميلا مچائي سنڌ جي عاشق هجڻ جو ثبوت ڏيندو هو، اهو گل مورو اڄ اسان ۾ ناهي رهيو. پر اڄ به سنڌ جي ناليواري اديب، حافظ محمد بخش خاصخيليءَ جا اهي لفظ منهنجي ڪنن ۾ ڪونجن ٿا، جڏهن به ڪنهن محفل ۾ حافظ محمد بخش مونکي، گل مورو، زاهد راڄپر ۽ رزاق مستوئيءَ کي گڏ ڏسندو هو ته اسٽيج تي اسان جا نالا کڻي چوندو هو، هيءَ منهنجي چرين جي ٽولي آهي. اڄ ان ٽوليءَ مان هڪ گل ڇڄي پوڻ سان جيءُ جهري پيو آهي ۽ دل چري اها ڳالهه تسليم ئي نٿي ڪري ته ڪو واقعي گل هاڻي اسان وٽ ناهي رهيو. جنهن سان ۳۰ سال گڏ ڏک توڙي سک ۾ گهاريا هجن ۽ گڏ سفر ڪيو هجي، ان کي ائين ڀلا ڪيئن وساري ڇڏجي؟


مونکي اڄ به اها ڳالهه چڱي طرح ياد آهي، جڏهن وقت جي آمرن ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو، ان وقت مٿي ذڪر ڪيل اسان چئني جي ٽولي نوشهروفيروز جي ضلعي ڪائونسل هال ۾ پاڻي ڪانفرنس ڪوٺائي هئي. ان پاڻي ڪانفرنس ۾ سموري سنڌ اندر سياست ڪندڙ پارٽين جا اڳواڻ ۽ ناليوارا اديب شامل ٿيا هئا، پر ان ڪانفرنس ۾ خاص شرڪت هاري تحريڪ جي اهم اڳواڻ ڪامريڊ غلام رسول سهتو ۽ ناليواري اديب علي بابا ڪئي هئي. ان پاڻي ڪانفرنس کان پوءِ اسان ۵ دوستن گل مورو جي ڳوٺ راهب مورو ۾ ويا هياسين ۽ اها سڄي رات اسان کلندي ۽ جاڳي گذاري هئي، جنهن جي لاءِ سنڌ جي ناليواري اديب علي بابا ان وقت چيو هو ته آءٌ پنهنجي زندگيءَ ۾ ايترو ناهيان کليو، جيترو اڄ هتي گل مورو جي ڳوٺ ۾ اوهان ۵ دوستن جي ڪچهريءَ کان پوءِ کليو آهيان ۽ اهو سمورو احوال علي بابا ۽ ڪامريڊ سهتي پنهنجن ڪتابن ۾ به لکيو آهي. هيءَ ته هئي هڪ رات جي ڳالهه پر جنهن گل مورو سان ۳۰ سال گڏ سفر ڪري، گڏ راتيون رهي جيترو مون يا وري ٻين دوستن کليو هوندو، اهي سمورا واقعا يا وري ڳالهيون جيڪڏهن هتي لکبيون ته سوين پيج ڀرجي ويندا. ڇو ته سچ اهو آهي ته گل مورو واقعي مست ماڻهو هو. اهڙو ماڻهو جنهن کي پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين سان پنهنجي جيءَ جان کان وڌيڪ پيار هوندو هو. هر وقت آجپي لاءِ سوچيندو ۽ لوچيندو هو، پنهنجي سموري ڄمار گل هُن ڌرتيءَ سان عشق ۾ گذاري. هن سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان به پنهنجو پاڻ ملهايو. هن سنڌي ادب کي ۲ ڪتاب هڪڙو شهيد بشير قريشيءَ جي شهادت کان پوءِ ’منصور جو آواز‘ ۽ ٻيو پنهنجي پياري دوست استاد علي نواز تڳر تي تاثراتي ’ناز نسورو نينهن‘ لکيا ۽ ساهتي پرڳڻي جي سمورين ادبي سياسي سماجي شخصيتن تي هڪ هزار کان مٿي مقالا لکيا ۽ اهو ڪتاب جنهن جو نالو ساهتي جا سپوت هن چونڊيو هو، جيڪو اڃان ڇپائي جي مرحلي ۾ آهي. ان کان سواءِ هن پنهنجي سموري عمر ادب دوستيءَ ۾ گذاري ڇڏي. نوشهروفيروز پريس ڪلب ۾ سنڌ جي سمورن اديبن کي سڏي، انهن سان رهاڻيون، ڪتابن جون مهورتون ڪرڻ وارو سلسلو به گل مورو ۽ اسان دوستن گڏجي شروع ڪيو ۽ ڪيترن رسالن، هفتيوار اخبارن ۾ به گڏجي ڪم ڪيو. اڄ هُن جي وڇوڙي کي دل ان ڪري نٿي مڃي جو گل مورو سان ڪيل ڪچهريون، ڀوڳ، محبت، رسڻ ۽ پرچڻ وارا واقعا ايترا دفعا ٿيندا هئا جو جيسين جسم ۾ ساهه آهي، گل مورو وسري نه سگهندو، پوءِ ڇونه کيس ڪالهه پنهنجن پيرن سان لتاڙي دفن ڪري آخري لفظ چوڻا پيا ته الوادع گل مورو الوداع. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۽ عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۰ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


گل مورو

روشني دفن ٿي نه ٿي سگهي!

تاج جويو

وساريان نه وسرن، سنڀاريان سئو وار،

جئن ساگهنڍي لار تئن سڄڻ چڻڪن چت ۾!



سنڌ جي فضائن ۾ هڪ ڀيرو وري وڇوڙن جي موسم ڌوڪي آئي آهي. هن پار ۽هن پار  جا ڪيترا يار طرحدار وڇوڙي جا وڍ ڏئي ويا آهن. هڪ طرف الهاس نگر ۽ احمد آباد جا هيرن موتين جهڙا ٻه سرجڻهار هيرو شيوڪاڻي ۽ واسديو موهي، ادبي دنيا کي الوداع چئي، تنقيد، ڪهاڻي ۽ شاعري جي کيتر ۾ خال پيدا ڪري ويا آهن. ٻئي طرف سن جي سائين جو پڳدار پٽ ۽ ڪلاسيڪل سنڌ جو امير ڪردار سيد امير حيدر شاهه لاڏاڻُو ڪري سن ۽ سنڌوءَ جون ٻئي ڪنڌيون سڃ ڪري ويو آهي ته ٽئين طرف سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جي ماٿي جا جهومر غلام حسين رنگريز ۽ گل مورو جدائي جو گهاءُ ڏئي جيءُ جهوري ويا آهن. گل مورو، ساهتي خطي جي ڳوٺ راهب موري (ضلعي نوشهري فيروز) جو هڪ وضعدار، سٻاجهو، ملنسار، يارن جو يار ۽ باڪردار شخص هو. هو هڪ ئي وقت ادبي، قومي سماجي ۽ صحافتي مورچي جو هڪ سجاڳ ۽ سڄاڻ سرجڻهار هو. هن جي دم سان نوشهري جون ادبي محفلون آباد ۽ صحافتي سرگرميون زنده هيون. سنڌ جي قومي مسئلن تي سنڌ دوست ڌرين جا جلسا، بک هڙتالون يا ميڙاڪا هجن اتي به گل مورو سنگت سميت حاضر هوندو هو. پريس ڪلب ۽ سنڌي ادبي سنگت نوشهري فيروز ۾ وڏي عرصي کان اختلاف هلندا آيا پر هن سهپ ۽ قرباني جي مجسم ڪردار هميشه ڪس ڪثر کائي ٻئي مورچا سنڀاليا ته واهه جو سنڀاليا، هن مجتبيٰ خان جتوئي جي فرزند عاقب جتوئي سان جهيڙا ۽ ميڙا ڪري پبلڪ لائبريري لاءِ پلاٽ حاصل ڪيو. ان جي اڏاوت ڪرائي، لائبريري کي قائم ڪرايو ۽ ان کي هٿ هٿ ڪري ڪتابن سان ڀري ڇڏيو. عاقب خان لائبريري جو نالو غلام مصطفيٰ خان جتوئي جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو شرط رکيو. گل موري شرط قبوليندي چيو ته رئيس! اوهان پنهنجن وڏن جي نالي علمي ۽ ادبي ادارا ۽ لائبريريون قائم ڪرڻ چاهيو ٿا ته اسان کي خوشي ٿيندي پر علمي ۽ ادبي ادارا ۽ لائبريريون قائم ٿيڻ گهرجن. هن نوشهروفيروز جي اهم ادبي شخصيت ۽ بزم روح رهاڻ جي سرپرست حميد سنڌي کي راضي ڪري سندس ڪتابن جو ذخيرو هن لائبريري کي ڏياريو. گل مورو لائبريري جي نظرداري خود ڪندو هو ۽ اڄ نوشهري جا ڪيترائي نوجوان هن لائبريري مان ادبي اڃ اجهائي رهيا آهن ۽ گل موري جي خواب کي تعبير ملي چڪي آهي. گل موري ساهتي جي انهن سرجڻهارن کي هميشه ياد رکيو جيڪي زماني جي ستم ظريفي جو شڪار ٿي. ڌرتي ڌڪاڻا، بنجي چڪا هئا. ان ڏس ۾ گل مورو، گوبند مالهي جو سچو پيروڪار هو جنهن ورهاڱي کان اڳ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکيو هو. هر سال گوبند مالهي جي ياد ۾ سندس سالگره ۽ ورسي جا پروگرام ڪرائيندو هو. گوبند مالهي ڪانفرنس ڪرائڻ سان گڏ “سنسار سماچار” پبليڪيشن جو گوبند مالهي نمبر شايع ڪرايائين. اهڙي ريت ساڳي پبليڪيشن پاران نارائڻ شيام نمبر ڇپائي پڌرو ڪيائين ۽ جڏهن ۲۰۰۴ع ۾ هند مان سنڌي اديبن جو وفد سنڌ ۾ آيو هو ته هن حميد سنڌي جي ميزباني ۾ نه رڳو سندن شاندار استقبال ڪرايو پر نوشهري ۽ ڪنڊياري ۾ جنم وٺندڙ اديبن ارجن حاسد، لڇمڻ ڪومل، ڄيٺي لالواڻي ۽ ٻين کي پنهنجا شهر ۽ گهر گهمائڻ جو بندوبست پنهنجي دوست سنڌ دوست ڪاموري سڪندر علي خشڪ ذريعي ڪرايو ۽ نيشنل هاءِ وي کان کاهي قاسم تائين نارائڻ شيام روڊ جو افتتاح به کانئن ڪرايو. هن هند جي سنڌي اديبن کي نه رڳو نارائڻ شيام جي گهر جو درشن ڪرايو پر کاهي قاسم ۽ ساڳئي ڏينهن تي نارائڻ شيام ڪانفرنس جو مختصر انتظام به ڪري ورتو هو. اهڙي طرح هن ساهتي پرڳڻي جي برک ڪهاڻيڪارن گوبند مالهي، ڪلا پرڪاش، ناصر مورائي، ماڻڪ، حميد سنڌي، نجم عباسي ۽ ٻين بابت سنگت مرڪز جي بينر هيٺ شاندار ڪانفرنس ڪرائي جنهن ۾ شوڪت شوري، مدد علي سنڌي، ادل سومري، احمد سولنگي، منور سراج، ابراهيم کرل، آزاد انور ڪانڌڙي، ادريس جتوئي ۽ مون سان گڏ ڪيترن اديبن شرڪت ڪئي هئي. هن سداحيات راڳي ماسٽر چندر جون ٺارو شاهه ۽ نوشهري فيروز ۾ ڪيترا ڀيرا ورسيون ملهايون. هو بهترين منتظم به هو ۽ ڪلاڪن جي نوٽيس تي وڏا پروگرام ترتيب ڏئي ۽ ڪامياب ڪري سگهندو هو. هن ڪيترا ادبي ليڪچر ڪرايا ۽ سنڌي ادبي سنگت کي ضلعي نوشهروفيروز ۾ منتظم نموني هلايو. گل مورو سماجي ڪمن ۾ به هيمشه اڳڀرو رهيو ۽ هڪ سماجي سڌارڪ طور سندس نالو محبت ۽ احترام مان ورتو ويندو هو. هو يڪ سُخنو شخص هو. واعدي وفائي ۽ وچن کي پاڻي ڏيڻ ڪو گل موري کان سکي. مولانا عزيز الله ٻوهئي جي ساڄي ٻانهن هو ۽ ڪافي وقت ساڻس سنڌ ساگر پارٽي ۾ به ڪم ڪيائين. نوجوان قومپرست دانشور حنيف ساگر بڙدي سان ويجهڙائي جي ڪري ڪجهه وقت جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ به ڪم ڪيائين. ڪردار ۽ عمل جي حوالي کان هو سنڌ دوست ڌرين جو ٻانهن ٻيلي ۽ سهڪاري رهيو ان ڪري سندس دوستي ۽ سماجي قومي خدمت جو دائرو وسيع رهيو. گل موري سنڌ جي ادب، سياست ۽ صحافت سان لاڳاپيل شخصيتن جا سوين پروفائيل لکيا. سنڌ جي سماجي، سياسي ۽ قومي مئسلن تي مضمون، تجزيا ۽ رپورٽون شايع ڪيون، جيڪي تاثراتي نه پر تحقيقي معلوماتي، تنقيدي ۽ اصلاحي حوالي سان اهميت رکن ٿيون. هن پنهنجي ادبي قلمي پورهئي کي آخري ڏينهن ۾ سهيڙيو پئي ۽ ۵۰۰ صفحن تي مشتمل ڪتاب مهيني کن اندر پڌرو ٿيڻ وارو هو پر حياتي سندس ساٿ نه ڏنو ۽ سندس قلمي پورهيو سندس زندگي ۾ تعبير ۽ ساڀيا نه ماڻي سگهيو. گل موري جهڙا اورچ، اڻٿڪ، ڪميٽيڊ ۽ سچا ڪارڪن ۽ تخليقڪار، سنڌ ۽ سنڌي قوم جو سرمايو آهن جن کي ياد رکڻ ۽ مان ڏيڻ اسان جو فرض آهي. اها نهايت سرهائي جي ڳالهه آهي ته پريس ڪلب نوشهروفيروز جي ساٿين، پريس ڪانفرنس هال جو نالو گل موري سان منسوب ڪيو آهي. نوشهروفيروز ۾ ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ پاران ڪلچرل ڪامپليڪس تعمير ٿي رهيو آهي ان جو نالو حشو ڪيولراماڻي، نارائڻ شيام يا گوبند مالهي مان ڪنهن هڪ سان منسوب ٿيڻ گهرجي ۽ باقي ڪمپوننٽس آڊيٽوريم، ميوزم ۽ لائبريري تي نجم عباسي ۽ گل مورو جا نالا رکڻ جي تجويز ڏجي ٿي ڇو ته مٿيون شخصيتون سنڌ جي ادب، شاعري ۽ تهذيب جون مثالي شخصيتون آهن. گل موري جي گهڻ رخي شخصيت کي ساهتي جو ادبي سج چئجي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو جنهن جي روشني منهدم ٿيڻي نه آهي. ان ڳالهه جي عڪاسي، ساهتي ۾ جنم وٺندڙ الهاس نگر واسي سرڳواسي ايم ڪمل پنهنجي غزل جي سٽن ۾ هن ريت ڪئي آهي.

سج کي پوري ته آيا هو ليڪن

نه سگهيا روشني کي دفنائي!

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾ ۱۷ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا