يار محمد شاهه پهلوان
رستمِ سنڌ - اسان کان وڇڙي
ويو!
مير اعظم علي ٽالپر
چٽو ياد ڪونهي، پر
شايد اڄ کان پنجاهه سال کن اڳ جي ڳالهه هوندي ته ۷۰ع واري زماني ۾ جواني ديواني جي چڪر ۾ گهمڻ،
ڦرڻ، فلمون ڏسڻ جو ته شوق هوندو هو. انهن ڏينهن ۾ شهر جي ڪجهه نوجوانن کي اسٽيج ڊرامو
ڪرڻ جو شوق جاڳيو. ان لاءِ هِتان، هُتان آرٽسٽ پيدا ٿيا ۽ ڊرامي لاءِ تياري ٿيڻ لڳي.
ڊرامي جو نالو هو ”مومل راڻو“ ۽ ان جو هدايتڪار هو استاد محمد رحيم نائچ (المعروف
مموت نائچ) ڊرامي لاءِ اسٽيج شهر ۾ ٺهيل صدر ايوب وارو ٽائون هال (ان زماني ۾ ٽائون
هال شهرن ۾ تعمير ڪيا ويا هئا) هو. پر مسئلو اهو هو ته ڊرامي جي روزانو ريهسل ڪٿي ڪجي؟
ان لاءِ ريلوي لائين سان گڏ ٺهيل ڪجهه ڪچا ته ڪجهه مڙئي پڪا ڪواٽر جنهن جي هر در،
هر ڀت تي لکيل هوندو هو، ٺيڪيدار محمد جمن ميمڻ (اسرار شام جو والد) ان جي هڪ ڪواٽر
۾ سائين يار محمد شاهه رهندو هو. جيڪو بذات خود پاڻ پهلوان هئڻ ڪري، مختلف طريقن
سان پنڃري کڻڻ جي مشق ڪندو هو. سو استاد محمد رحيم نائچ ۽ ٻين شوقيه فنڪارن جي شوق
کي ڏسندي، سائين يار محمد شاهه ڊرامي جي روزانو شام جو چئين وڳي کان ريهسل ڪرڻ جي
اجازت ڏني. ڊرامو ”مومل راڻو“ ۾ هيرو عبدالستار ڪليري (مرحوم ٽيلي فون آپريٽر)
هيروئن جو ڪردار (عزيز مستوئي مٺياڻي) ان کانسواءِ ڊرامي جا ٻيا به کوڙ سارا فنڪار
هئا، راقم سميت. ڊرامي جي خاص ڳالهه استاد محمد رحيم نائچ طرفان جڏهن سريلي آواز ۾
ڏوهيڙو ”راڻا گهڻا هن راڄ ۾“ چئي ڪلام ڳائيندو هو، ”اي بي درد زمانا تو در، در ڇو
رولايو آ“ ته سندس سوز ڀريو آواز ٻڌي سڀني جي اکين ۾ ڳوڙها تري ايندا هئا ۽ انهن ٻولن
کي ٻڌڻ کانپوءِ سائين يار محمد شاهه پهلوان جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا هئا. بهرحال
ان ڊرامي جي ڪامياب اسٽيج ٿيڻ کانپوءِ هر ڊرامي جي ريهرسل (اردو سنڌي) سائين يار
محمد شاهه جي جاءِ تي ٿيندي هئي.
ان کانپوءِ سائين
يار محمد شاهه پهلوان پنهنجو پهلوانيءَ جو سامان به وڌائي ڇڏيو ۽ شهر ۾ تن سازي
يعني اسٽيج تي اچي پهلوان طور جسم جي نمائش ڪرڻ، وزن کڻڻ جا مقابلا ٿيڻ لڳا. انهن
مقابلن کي ڏسندي سائين يار محمد شاهه پنهنجي ڪواٽر واري جاءِ کي حيدري هيلٿ ڪلب جو
نالو ڏنو، جتي ڊرامن جي شوقينن کانسواءِ ڪيترائي نوجوان وزن کڻڻ جي فن ۾ پاڻ آزمائڻ
لاءِ ڪلب ۾ اچڻ لڳا، جيئن هو مستقبل ۾ وزن کڻي پهلوان بڻجي سگهن. پر حقيقت ۾ سائين
يار محمد شاهه پهلوان پاڻ ڪيترن ئي نوجوانن کي پهلوانيءَ جا گُرَ سيکاريا پر ڪو به
شاگرد نالو نه ڪڍي سگهيو. ان وقت رائو طفيل به پهلواني ڪندو هو. بهرحال ان کانپوءِ
حيدري هيلٿ ڪلب شهر ۾ پهلوانيءَ جو نه رڳو هڪ گهر پر اسڪول به بڻجي ويو.
دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ
طاقتور ۽ ڪمزور به انسان ئي آهي. پر انسان ۾ همت جو جذبو پيدا ٿيڻ سان طاقت اچي
ويندي آهي ۽ هو جبل ڏاري ڇڏيندو آهي، پر ڪڏهن هو مکڻ مان وار به ڪڍي نه سگهندو.
يعني انساني طاقت سان ڪڏهن ته واهه به ٽپي ويندو آهي ته ڪڏهن واٽر به ڪراس ڪرڻ مشڪل
ٿي ويندو آهي. مطلب ته ڪڏهن انسان ڀَريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾ هوندو آهي. دنيا ۾ ڪيترائي
انسان پنهنجو پاڻ کي ٻين لاءِ تفريح ۽ حيرانيءَ جو سامان بڻائي ڇڏيندا آهن. جيئن سرڪس
۽ ميلن ۾ موت جي کوهه ۾ هيٺان کان مٿي موٽر سائيڪل هلائڻ هڪ حيرت انگيز ڪم آهي ته ڪٿي
وري جوڪر بڻجي پنهنجو پاڻ تان ماڻهو کلائي ماڻهن کي تفريح ڪرائڻ مقصد هوندو آهي.
دنيا ۾ ٻين تفريح ۽ طباءَ جي ڳالهين کانسواءِ تن سازي پهلواني ڪرڻ به هڪ فن آهي.
سائين يار محمد
شاهه جو جنم ٽنڊو ڄام جي بخاري سيدن جي پاڙي بخاري پاڙي ۾ سيد الهڏني شاهه جي گهر
۾ ٿيو هو. هي جڏهن جوانيءَ ۾ پهتو ته سندس دل ميلن، ملاکڙن ڏسڻ ۾ گهڻي لڳندي هئي.
هن پرائمري اسڪول جو ٽيون درجو پڙهندي سندس دل چڪني ڪپڙي واري پهراڻ پائڻ تي اچي
وئي ۽ پهراڻ ئي سندس پهلوانيءَ جو سبب بڻجي ويو ۽ ائين سندس زندگيءَ ۾ نه رڳو
تبديلي اچي وئي پر زندگيءَ جو رُخ تبديل ٿي ويو. ان بعد هن وزن کڻڻ جو عملي ڪم
شروع ڪندي سڀ کان پهرين ٽنڊوالهيار مان استاد قربان حميراڻي کان ۳۲ ڪلو جي پنڃري وٺي کڻڻ جي مشق شروع ڪئي. اهڙيءَ ريت سائين يار محمد شاهه جي
پهلواني شروع ٿي وئي. هن جو پهريون پهلوانيءَ جو مقابلو ۱۴ آگسٽ جي تاريخ تي ٽنڊو ڄام واري ٽائون واري
چوديواري واري ميدان تي ٿيو هو. جنهن ۾ رائو طفيل ۽ ٻيا کوڙ سارا نوجوان شامل هئا.
جن ۾ علي نواز زوار حاجي جو پٽ (زوار حاجي جو گهر اڄڪلهه ٽنڊو ڄام جي مشهور بيڪري
رحمت وارو دڪان هو) سائين يار محمد شاهه جي پهلواني جي سلسلي جا ٻيا مقابلا ٽنڊو ڄام
کان ٻاهر به سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿيڻ لڳا، جن ۾ سندس وزن (۱) ۲ مڻ ۱۸ ڪلو جي پنڃري صرف هڪ هٿ سان مٿي کڻي بيهڻ،
ان کانپوءِ اٽي جي چڪي وارو پٿر ساڍا ڏهه مڻ (جنڊ) سمهي (ستل حالت ۾) هٿن جي ترين
تي کڻڻ، ان کانپوءِ ٻنهي ڪاراين تي ساڍا ۸ مڻ وزن جهلي کڻي بيهڻ ۽ هلڻ، ڇاتي جي مٿان اٽي پيهڻ
وارين ست چڪين (جنڊ) سان گڏ ۵۰ مڻ جو کنيو، اهڙيءَ ريت ٻه مڻ وزن وارو بار بيل هٿ سان
مٿي هوا ۾ اڇلي ٺونٺ تي کڻڻ، ساڍا ۸ وزني مڻ چڪين وارو بار بيل هيٺ ستل حالت ۾ پهرين هٿن تي
۽ پوءِ پيرن تي کڻڻ، ان کانسواءِ انتهائي حيرانيءَ وارو منظر اهو هو، جڏهن يار
محمد شاهه ٻن جيپن کي هڪ ئي وقت ۾ پهرين گيئر ۾ ٻانهن ذريعي روڪيو، جنهن بعد چئن
جيپن کي رِوسُ ۾ پريس کي روڪڻ به شامل آهي. هي ڪرتب انتهائي خطرناڪ ۽ جان جوکي ۾
وجهڻ برابر آهن.
پر هي سڀ يار محمد
شاهه جي پهلوانيءَ جو جنون هو. جنهن ۾ پنهنجو پاڻ کي موت جي مُنهن ۾ ڏيڻ هو، پر
يار محمد شاهه پهلوانيءَ جي شوق ۽ ٻين کي تفريح مهيا ڪرڻ خاطر پنهنجو سر جوکي ۾
وجهندو رهيو. البته هن پنهنجي علائقي ۾ ٽنڊو قيصر جي مراد شاهه جي سالياني ميلي جي
موقعي تي ڪيو، جنهن ۾ هي ماڻهن جي وچ ۾ ليٽي پيو ۽ سندس ڇاتي تي ٻيا پهلوان ڪل ۷ پڙ چڪين (جنڊن) جا رکيا ته هڪ ٻيو پهلوان
سمن شاهه نالي جنهن جو خود وزن ۵ مڻ هو، اهو به يار محمد شاهه تي ستن چڪين سميت چڙهي بيٺو
ته اهو مظاهرو ڏسندڙن کي ڏندين آڱريون اچي ويون ۽ سندن اکيون حيرانيءَ پٽجي ويون.
ان کان پوءِ سائين يار محمد شاهه پهلوانيءَ جي نون ڪرتبن جي مقابلي لاءِ سنڌ جي
پهلوانن کي مقابلي ڪرڻ جو چئلينج ڏنو، پر ڪو به پهلوان سندس مقابلي لاءِ ميدان ۾
نه آيو ۽ جيڪو به مقابلي ۾ آيو سو ناڪ آئوٽ ٿي ويو.
پاڪستان جي مشهور
پهلوانن ڀولو برادران ۱۹۷۲ع دوران ٿرين جي مالي سهائتا لاءِ هڪ امدادي پروگرام ڪراچيءَ ۾ منعقد ڪرايو،
جنهن ۾ يار محمد شاهه شامل هو. جتي يار محمد شاهه کي رستمِ سنڌ جو خطاب مليو. هن
شوق ۾ چون ٿا ته پڃري پريس ڪرڻ نه رڳو مشڪل آهي، پر هر ڪنهن جي وس جي به ڳالهه نه
آهي. يار محمد شاهه اهڙا به ڪرتب ڪري ڏيکاريا جيڪي ناقابل يقين هئا. سائين يار
محمد شاهه پنهنجو حيدري ڪلب اندازن ۲۵ سال هلايو بنا ڪنهن سرڪاري مدد ۽ امداد جي. جنهن ۾ باڪسنگ،
باڊي بلڊنگ، ويٽ لفٽنگ جي تربيت ۽ سکيا ڏني ويندي هئي.
بهرحال سائين يار
محمد شاهه اسي واري زماني (شايد ۸۶-۱۹۸۵) کان پهلواني کي ڇڏي ڏنو، جنهن کان پوءِ هو ڪڪڙن جو شوق
ڪندو هو ۽ ان لاءِ سندس سنگت راقم جي هڪ عزيز محمد حسن ٽالپر سان هوندي هئي، جنهن
کان هو ڪڪڙن لاءِ دوا وغيره وٺندو هو، ان کان پوءِ ڪبوتر به بيهاريندو هو، راقم جي
آخري ڪچهري ۽ ملاقات سائين يار محمد شاهه سان سال کن اڳ پنهنجي ماسات ۽ ريڊيو جي اڳوڻي
انائونسر ميرالهيار خان ٽالپر سان گڏ ٿي هئي. يار محمد شاهه شادي نه ڪئي ۽ سڄي
زندگي اڪيلي سر گذاريندي ڪالهه جمعي ۲۵ فيبروري تي ۲۰۲۲ع تي هن دنيا کي الوداع چيو ۽ يار محمد شاهه، جنهن دنيا
۾ خبر نه آهي ڪيترا مڻ وزن کنيو، پر ڪالهه هو هڪ هڏن ۽ ڪاٺ جو پڃرو، پهلوان مان ٻين
جي ڪلهن تي پنهنجي آخري منزل طرف هلندي آخرڪار هڪ انسان زندگيءَ ۾ مڻن جا مڻ وزن کڻڻ
وارو نيٺ خود مڻين مٽيءَ هيٺ هميشه لاءِ آرامي ٿي ويو. جنهن لاءِ طلعت محمود سچ
چيو آهي ته ”آئي ڀي اڪيلا، جائي ڀي اڪيلا، دو دن ڪي زندگي، دو دن ڪا ميلا.“ دعا
آهي ته يارن جو يار، يار محمد شاهه پهلوان وڏو عرصو ياد رهندو.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۷ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا