مولانا عبيدالله سنڌي
امام انقلاب
محمد سليمان وساڻ
مولانا عبيدالله سنڌي ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع ۾ چيانوالي ضلع سيالڪوٽ
جي هڪ سک گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس پيدائش کان اڳ، سندس والد وفات ڪري ويو. ٻن سالن
جو ٿيو ته سندس ڏاڏو به وفات ڪري ويو. سندس ماءُ، کيس پنهنجي پيڪن ۾، ڊيرا غازي خان
وٺي آئي. اتي هڪ دوست کان اسلامي ڪتاب پڙهڻ جو موقعو مليس. ۱۵ آگست ۱۸۸۷ع ۾ جڏهن پاڻ ڄام پور
ضلع ڊيره غازي خان ۾ اٺين جماعت پڙهندو هو تڏهن اظهارِ اسلام لاءِ نڪري پيو ۽ سنڌ
۾ پهچي سيد العارفين حضرت حافظ محمد صديق ڀرچونڊي واري جي بيعت ڪيائين ۽ اتي ۶ مهينا رهيو. ۱۸۸۸ع ۾ ديوبند جي درسگاهه
۾ داخل ٿيو ۽ حضرت شيخ الهند مولانا محمود حسن رحه جي جماعت جي اندروني حلقي ۾ داخل
ٿيو. حافظ سان روحاني نسبت جي ڪري پاڻ کي سنڌي سڏائڻ لڳو. ان کان پوءِ بزرگ امروٽي
جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. هتي ماهوار رسالو هدايت الاخوان جاري ڪيائين.
هو ۱۹۲۲ ۾ حضرت شيخ الهند رحه جي حڪم سان
ڪابل ڏانهن تشريف فرما ٿيا ۽ اُتي ستن سالن تائين سياسي ڪم
ڪندا رهيا. جنهن جي نتيجي ۾ امير امان الله خان مرحوم هند جي برطانوي حڪومت سان جنگ
ڪئي. جنهن بعد افغانستان برطانوي اثر کان آزاد ٿيو.
۱۹۲۲ع ۾ پاڻ ماسڪو مان ٿيندا ترڪي ويا.
جتي ۱۹۲۴ع ۾ اردو ۾ ۽ ۱۹۲۶ع ۾ انگريزي ۾ پنهنجو
اهو شهره آفاق سياسي پروگرام شايع ڪيو، جنهن هند ۾ انگريزي سياست جو رُخ بدلائي ڇڏيو.
ان ۾ پهريون ڀيرو مطالبو پيش ڪيو ويو ته بر اعظم پاڪ و هند کي ورهايو وڃي. ۱۹۲۷ع ۾ پاڻ مڪه مڪرم پهتو
جتي ٻارهن سال رهي ۽ امام ولي الله دهلوي رحه جي فلسفي جو گهرو مطالعو ڪندو رهيو. ۷ مارچ ۱۹۳۹ع ۾ ۲۳ سالن جي جلاوطني کان
واپس اچي ڪراچيءَ پهتو مولانا تان بندش ختم ٿي. ڪراچي بندر تي لٿو سندس استقبال ۾ سنڌ
جو وزير اعلى خانبهادر الله بخش سومرو مرحوم گلن جا هار کنيو موجود هو. ۲۳ ورهين جو وڇوڙو ختم ٿيو.
مولانا ۽ سنڌ وري هم آغوش ٿيا. مارئي موٽي ملير آئي.
مولانا عبيد الله سنڌي، سنڌ جي دوري تي هو ۽ سنڌ مسلم شاگردن
جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن فرمايو ته، هن موقعي تي آئون اوهان شاگردن کي ٻڌائيندس ته
اوهان انگريزي پڙهو، مغربي سائنس جو مطالعو ڪيو ۽ علم ۽ ڄاڻ حاصل ڪيو ته اوهان ان انقلاب
کي چڱيءَ طرح سمجهو، جيڪو يورپ ۾ اڄ ڪلهه روان دوان آهي.
حالانڪ پاڻ پنجن سالن تائين امام ولي الله دهلوي رحه جي فلسفي
جي تشريح اشاعت ڪندو رهيو. پاڻ ان فلسفي جي تدريس جي لاءِ بيت الحڪمت پڻ قائم ڪيا.
بيت الحڪمت لاهور نومبر ۱۹۴۰ع ۾ قائم ڪيائين ۽ ۱۵ مارچ ۱۹۴۴ع تي فلسفه ولي الله
جي اشاعت جي لاءِ ولي الله سوسائٽي لاهور جو بنيات رکيائين. پاڻ ۲۲ آگسٽ ۱۹۴۴ع تي وفات ڪري ويو. دين پور (بهاولپور) ۾ سندس تدفين ٿي.
مولانا
عبيدالله سنڌي
حافظ سڪندر تنيو
۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع جي بهار جي مند ۾ سيال ڪوٽ پنجاب جي ڀر ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ چيانوالي ۾ هن
سدوري ٻار کي امڙ پنهنجي ڪک مان جنمي هن نئين دنيا منجھه آندو، سندس نالو بوٽاسنگھ
رکيو ويو. ننڍڙي بوٽاسنگهھ کي ڇهن سالن جي ڄمار ۾ اسڪول ۾ ويهاريو ويو. هي اسڪول ۾
ذهين ٻار ليکيو ويندو هيو. هن کي ڪتابن پڙھڻ سان ننڍي عمر ۾ شوق هيو. کيس سندس هڪ
سک استاد ڪتاب تحفةالهند نالي پڙھڻ لاءِ ڏنو، جيڪو هڪ نئين مسلمان ٿيل سک جو لکيل
هيو.جيڪو اسلامي تعليمات تي لکيل هيو. هن ڪتاب ننڍڙي بوٽاسنگھه جي ذھن ۾ ولولو
پيدا ڪري وڌو. اسلام جي توحيد پرستي کيس متاثر ڪيو ۽ وڌيڪ ڪتاب پڙھڻ لڳو. نيٺ هن
جي اندر ۾ ويٺل انسان اباڻي مذهب سان بغاوت ڪري وڌي، ۽ پنجاب مان نڪري سنڌ جي هڪ
ننڍڙي ڳوٺ ڀرچونڊيءَ۾ وقت جي عارف سائين حافظ محمد صديق سميجي جي هٿ تي اسلام قبول
ڪيو. سندس نالو ڪتاب جي مصنف جي نسبت سان عبيدالله رکيو ويو. سندس سنڌ ۾ ڪوئي مٽ
مائٽ نه هيو هن حافظ کي پنهنجو ابو سڏيو ۽ پنجابي قوميت جو چولو لاهي سنڌي قوميت
جو پهراڻ بدن تي پهريو، سنڌ کي پنهنجي امڙ بڻايو. سنڌ جي مدرسن امروٽ، پير جهنڊو، کڏو
ڪراچي ۾ پڙھيو، سنڌي زبان سکيو، پڙهيو، سکر جي هڪ سنڌي پٺاڻ جي گهر مان سندس شادي ٿي.
اعليٰ تعليم جي ان دور جي وڏي درسگاهه دارالعلوم ديوبند مان سَندَ (ڊگري) ورتي .هن
برصغير جي سياسي ۽ علمي دنيا جي وڏي شخصيت حضرت شيخ الهند مولانا محمودالحسن کان
علم ۽ سياست جا سبق پڙهيا، ۽ جڏھن گانڌي ۽ نهرو سياست جي اڱڻ ۾ بانبڙا پائي رهيا
هئا ته ان وقت شيخ الهند ۽ مهاراشٽر جو تلڪ مهراج انگريزن جي قيد خانن جا دڳ پڇائيندي
ڏِسبا هئا، سو مولانا عبيد الله کي ڪابل موڪليو ويو ته اتي وڃي دنيا جي ملڪن کان
سياسي، اخلاقي، معاشي سپورٽ حاصل ڪر.هن اتي وڃي جرمن، روس، ترڪي، جپان جي سفيرن
سان رابطا ڪيا، ۽ افغانستان کي انگريزن سان وڙھڻ لاءِ همٿايو، هن جي سياسي
منصوبابندي انگريز جو هيانءُ ڏاري وڌو ۽ افغانستان کي آزاد رهڻ جو حق لکي ڏنو.پر
انگريزن شرط رکيو ته عبيدالله جي ٻانهن انگريزن جي حوالي ڪئي وڃي. احسان فراموش پٺاڻ
مولانا کي گرفتار ڪرائڻ جي تياري ڪري رهيا هئا. مولانا کي چيو ويو ته ڪابل مان نڪري
وڃ مولاناجي کيسي ۾ ھڪ رپيو ڪابلي سڪو هيو ته هي گهر کان ٻاهر نڪتو دروازي تي
انگريز سپاهي پهچي ويا کانئس پڇيائون عبيدالله جو گهر هي آهي؟ چيائين ها هي اٿس پڇيائونس
پاڻ ڪٿي آهي؟ چيائين ٿورو وقت اڳ ته هتي هيو اهڙي طرح هو روس نڪري ويو. ماسڪو
پهتو، لينن جي گهر واريءَ سندس اڙانگي سفر ڪري پير ڦٽيل ڏسي سندس مرهم پٽي هٿن سان
ڪندي هيس. ماسڪو جي هوٽل ۾ رهندي کيس نماز پڙھندي ڏٺو ويو، کيس آفيسرن آڏو آندو
ويو کيس چيو ويو هتي نماز پڙھندڙ جي سزا موت آهي، هن چيو ڏيئي ڇڏيوم، هي منهنجو
ذاتي عمل آهي سرڪار کي ڪهڙي تڪليف ڏني اٿم. کيس چيائون ته تو سوني پتريءَ تي پيغام
لکي ڪميونسٽ فوج جي همت افزائي ڪئي هئي، جنهنڪري زار کي شڪست آئي هئي، ان احسان
سبب تو کي سزا نٿا ڏيون. بادشاهي مسجد جي خطيب ٻڌايو ته هو روس ويو هڪ گهر ڏيکاريو
ويس، جنهن تي ٻاهران تختيءَ تي لکيل هيو ته هي عبيدالله سنڌي جي رهائش هئي، اندر
هال ۾ گهڙياسين ته روسي انقلابين جا فوٽو ٽنگيل هئا جن ۾ ڪامريڊ لينن جي تصوير به
هئي پر سڀني کان مٿي مولانا جي تصوير لڳل ڏٺم، چيائون هي اسانجو محسن هيو هن زار (روس
جو مطلق العنان حاڪم) کان آزادي ڏيارڻ ۾ اسانجي مدد ڪئي هئي. قصو ڊگهو آهي مختصر
مضمون ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي نيٺ ۲۵ سال
زندگي جا جلاوطني جي عذاب ۾ گذاريندي، ڪراچي جي ڪياماڙي بندر تي هي پوڙهو جرنيل
جهاز مان لهي ٿو ته سنڌ جي حڪومت جو سربراهه وزيراعظم الله بخش سومرو، جمعيت علماء
سنڌ ۽ ڪانگريس پارٽي جا اڳواڻ هار کڻي سندس سواگت ڪندي نوڙي نياز ڪرڻ آيا، پر ان
وقت جي مسلم ليگي قيادت انگريزن جي ناراضپي سبب بنگلن ۾ لڪل ويٺي رهي. مولانا صاحب
جي جلاوطني جي خبر جڏھن ڦهلجي ويئي ته هڪ پاڻي وارو جهاز ان رات جده کان ڪراچي
لاءِ اچي رهيو هيو، ڪمپني وارا مولانا وٽ آيا کيس چيائون ته اوهين اسان جي جهاز ۾
سفر ڪريو، مولانا کين چيو ته مون وٽ ڀاڙي جا پئسا ئي نه آهن، کيس چيائون ته اوهان
کان اسين ڀاڙو نه وٺنداسين اوهان جو هلڻ اسان لاءِ اعزاز ۽ سعادت هوندو. مولانا ان
شرط تي سفر ڪيو ته ڪراچي پهچي اوهان کي پئسا ڏيندس جيڪي هر صورت ۾اوهان کي وٺڻا
پوندا. سندس توڪل ۽ قرباني هن طرح جي هئي جو هڪ ڀيري ڪراچي کان پير جهنڊي اچڻو
هيس، وٽس ڀاڙي جا پئسا نه هئا، کڏي جي جماعت کيس هڪ سؤ رپيا ڏنا، سٽي اسٽيشن تي
پهتو قليءَ کي سو جو نوٽ ڏنائين ته سرهاڙيءَ جي هڪ ٽڪيٽ وٺي اچ، قلي ٽڪيٽ وٺي آيو جيڪا
ٽن رپين جي ملي باقي پئسا مولانا کي ڏيڻ لڳو ته کانئس واپس نه ورتائين، چيائينس
منهنجي ضرورت پوري ٿي اهي تنهنجي ضرورت جا آهن، پاڻ وٽ رکي ڇڏ، محترم جي ايم سيد
صاحب شانتي نڪيتن جهڙو ادارو پنهنجي ڳوٺ سن ۾ قائم ڪرڻ پئي گهريو جن لاءِ هن ٽن ماڻھن
هڪ آءِ آءِ قاضي، ٻيو ڪي ايم اشرف ڪميونسٽ اڳواڻ، ۽ ٽيون مولانا عبيد الله سنڌي ءَ
کي ذميواريون ڏيڻ لاءِ گهرايو هو ٻه ڄڻا نه آيا مولانا صاحب سن آيو، هڪ هفتو سن ۾
رهيو، عبدالواحد آريسر لکيو آهي ته جي ايم سيد سان ٿيل ان ڪچهرين سيد جي ذهن کي
بدلائي ڇڏيو ۽ سيد جي سنڌ دوستي واري سياست تي ان ملاقاتن جا اثر ٿيا جنهن کيس
بدلائي وڌو. دهليءَ ۾ ساڻس هندستان جو اڳوڻو صدر ذاڪرحسين اچي مليو، جيڪو سندس
شاگرد به هيو. کانئس پڇيائين مولانا ڇا پاڪستان بڻجي ويندو؟ سنڌي صاحب چيس ته ها بڻجي
چڪو آھي. چيائين؛ ڪيئن؟ هيءَ ۱۹۳۹ جي ڳالھه
آهي چاليهن جي قرارداد به اڃا نه آئي هئي. چيائينس؛ ذاڪر صاحب انگريز ڏھ سال اڳ ۾
پلاننگ ڪري ڇڏيندو آهي، هن هندستان کي ورهائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.
جڏھن ملڪ ورهائجي ويو مولانا
ابوالڪلام آزاد کي مولانا سنڌيءَ جي ڏوهٽي مولوي ظھيرالحق ۱۹۴۸ع ۾کيس آزادي مبارڪ جو خط لکيو، کيس جواب ۾ جيڪو خط آزاد لکيس سو ماهوار سنڌي
رسالي الرحيم ۾ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ڇاپيو هيو. آزاد لکي ٿو ميان ظهيرالحق
اوهانجو آزادي مبارڪ جو خط مليم خير مبارڪ. مونکي هتي مولانا عبيدالله سنڌي ياد
اچي رهيو آهي، ان جي دردن جو داستان دل مان نڪري زبان تي آيو آھي، جنهنکي قلم جي
نوڪ جي اڳيان ٿو آڻيان. ۱۹۱۴ع جي
عالمي جنگ جا ڏھاڙا هئا، شاهه ولي الله قافلي جي امير مولانا محمود الحسن پاران
عبيدالله کي ڏکين حالتن ۾ ڪابل موڪليو ويو، جتي کيس مختلف ملڪن جي سياسي اڳواڻن
سان ملي ڪم ڪرڻ جو موقعو ميسر ٿيو. جن ۾ جرمن، جاپان، فرانس جا سفير هئا، جن مان ڪيترا
اڄ پنهنجي ملڪن جي حڪومتن جون واڳون سنڀاليو ويٺا آهن. مولانا افغانستان ۾ آزاد
جلاوطن حڪومت هند قائم ڪئي، ان جو اڳواڻ مهندر پرتاب مقرر ٿيو. مولانا ان جو وزير هند
(خارجا وزير) بڻيو، ريشمي رومال تي خط لکي برطانيا جي سڄي دنيا مٿان چڙھيل سج کي
لاهڻ لاءِ للڪاريو، کيس ميدان جنگ ۾ هارائي وڌو. جو برطانوي نمائندي جنگ جي خاتمي
تي مصالحتي دستاويز تي صحيحون ڪيون، ڪابل حڪومت جي خود مختاريءَ کي تسليم ڪيو. ان
سان گڏ هند جي آزادي جو پڻ مطالبو مڃي ورتو ۽ آهستي آهستي هندستان کي ڇڏڻ جو يقين ڏياريو.
ان جو انتقام برٽش حڪومت امير امان الله کي قتل ڪرائي کانئس ورتو، پر مولانا جو
وار ونگو نه ڪري سگهي، جو مولانا جو وڏو قد ۽ ڪردار ڏسي کانئس مرعوب رهي هئي. ۲۵ سالن جي جلاوطني کان پوءِ ۱۹۳۹ع ۾
مولانا هتي پهتو ته ٻي عالمي جنگ جو آغاز هيو. مولانا هندستان خالي ڪريو تحريڪ جو
اعلان ڪيو، گانڌي جي ان جي مخالفت ڪئي، پر اهو نعرو ايوان اسيمبليءَ ۾ گونجڻ لڳو،
جنهن جو پڙاڏو برمنگهم پيلس لنڊن سان ٽڪرايو. هن ڪنهن به بحث ۾ حصو نه ورتو نه ئي ڪنهن
اجلاس ۾ شرڪت ڪئي پر اهو فن مولانا ئي ڄاڻندو هيو. مون سان (آزاد) هڪ چانھه جي ڪچهري
ڪندي ملاقات ٿي. سندس چهري جي رنگت مان ڪجھ عجيب تاثرات ڏسندي کانئس پڇي ويٺم ته ڇا
ڪرڻ جو ارادو آهي؟ چيائين سباش چندر بوس کي جاپان موڪلڻ ٿو گهران، ڪجھ دير ماٺ ۾
رهي مونکان موڪلائي هليو ويو. ٻئي ڏينهن تي دهليءَ کي اوکلي سان ملائيندڙ اٺ ميل ڊگهي
سڙڪ جي هڪ ويران ڪنڊ تي سباش سان سندس ملاقات ٿي ۽ ٻي ملاقات ساڻس بالي گنج ڪلڪتي
۾ پڻ ٿي. کيس جپان موڪلڻ لاءِ تيار ڪيو ويو. حڪومت هند جي اڳواڻ جي حيثيت وارو ڪارڊ
۽ خط جپان حڪومت لاءِ کيس ڏنائين ته هي اسانجو نمائندو اچي ٿو، هن سان سهڪار ڪجو. سباش
بابو جيئن ئي جپان پهتو سندس شاندار آجيان ڪئي ويئي. برطانيا حڪومت کي اها کڙڪ
پيئي ته گهٻرائجي ويئي، ۽ ڪانگريس جي جيڪا هاءِ ڪمان قيادت، قلعي احمد نگر ۾ اسان
قيد هئاسين، تن کي بنا شرطن جي آزاد ڪرڻ لڳي. جڏھن ته اڳ ۾ ھي فيصلو ٿي چڪو هيو ته
قلعي کي بم سان اڏائي سموري قيادت کي ماريو ويندو. ان سان گڏ هندستان کي آزادي ڏيڻ
جو به اعلان ڪيو ويو. ڪير ٿو ڄاڻي ته اهي قربانيون ڏيندڙ ڪير هئا، جپان کي به ان
جي سزا هيروشيما ۾ ڀوڳڻي پئي. مولانا کي ڳجهي نموني انگريزن زهر ڏياريو، جنهن سبب
سندس کل هڏن تان لهڻ لڳي هئي، نظر به گهٽجي ويس. آخر ڪار ۲۲ آگسٽ ۱۹۴۴ع تي ان ماڳ تي رسيو جيڪوسندس
لاءِ الله تعاليٰ مخصوص ڪيو هيو.
اڄ ان عظيم المرتبت انسان جي۱۴۵ هين سالگرهه جو ڏينهن سنڌ ساگر پارٽي لاڙڪاڻي ۽ نوشهرو فيروز ۾ ملهائي کيس
سليوٽ ڪري رهي آهي.
مولانا عبيدالله سنڌي
ماڻهو جيڪي مرڻا ناهين
حافظ سڪندر تنيو
جڏهن سياست بازار
جو وکر نه بڻي هئي ته اها پيغمبري پيشو بڻيل هئي، سياست تي جڏهن پيسي وارن جي غلط
نظر پيئي ته هنن کيس بازار جو ڪوٺو سمجهي کانئس خوب ڪمايو، اڄ سياست جي نالي م بينڪن
جا لاڪرز ڀريا ٿا ڏسجن، پر ماضيءَ جي سياست عبادت ڪري پوڄي ويندي هئي، اهڙو هڪ سياستڪار
مولانا عبيد الله سنڌي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، هي درويش صفت ماڻهو دنيا جي بادشاهن،
وزير اعظمن، وڏن قوم جي سردارن جي صحبت ۾ رهيو، کيس پيسو ڏوڪڙ به سياسي ڪم لاءِ ملندو
رهيو، پر هن ان دولت کي قوم جي امانت سمجهي منجهس ٽڪي پيسي جي ڪڌت ڪا نه ڪئي، ڪڏهن
شاهاڻي زندگي ۾ رهندو هيو ته ڪڏهن انگ تي ڪيترن ڏينهن جا ميرا ٿيل ڪپڙا ڍڪيل هوندا
هيس، سدائين توڪل جي ترهو ٻڌي سياست جي سمونڊ ۾ ترندو رهيو، سيالڪوٽ جي ڀرسان
چيانوالي ڳوٺ ۾ ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع ۾ امڙ پريم ڪور جي ڪک مان نڪتو، والد سيالڪوٽ ۾ سون جو واپار ڪندڙ هئس،
کانئس سک سردار، مسلمان چوڌري، ڪامورا زالن لاءِ ڳهھ ڳٺا ٺهرائيندا هئا، پٽ جو نالو
بوٽا سنگھه رکيس، پر ٻالڪ پيءُ جو پيار وٺي نه سگهيو، هو بوٽا جي ننڍي عمر ۾ ئي
پرلوڪ پڌاري ويو، امڙ کيس ڄام پور پيڪن جي
گهر کڻي آيس، ماما تپيدار هيس، اڄ جو تپيدار به وڏي ٺٺ واري زندگي ۾ گذاري ٿو، ان
وقت جو تپيدار ته ڄڻ تپي مٿان بادشاھ بڻيل هوندو هيو، وڏيرا سندس خدمت چاڪري ڪرڻ ۾
کٿا نه ماپبا هئا، هڪ زناني تقريب ۾ مختيارڪار ۽ تپيدار جون زالون شريڪ هيون،
تپيدار جي زال جو سون ۾ جهنجهيل بدن، نواز شريف جي ڌيءَ جيان انساني جسم نه پر سون
جو بڻايل مجسمو لڳي رهيو هيو، مختيار ڪار جي زال سندس تجمل ڏسي وائڙي ٿي ويئي، گهر
اچي مڙس کي چيائين ته تون تپيدار ڪڏهن ٿو ٿئين؟
بوٽا سنگھه کي پڙهڻ
لاءِ ويهاريو ويو، هي اسڪول جي ٻارن ۾ ذهين ٻار شمار ٿيڻ لڳو، نصابي ڪتابن سان گڏ
ادبي ڪتاب پڻ پڙهڻ لڳو، هڪ ڀيري سندس ماما جو هڪ مناظرو سک ۽ هندو مذهب جي ٻاون ٻانڀڻن
سان ٿيو، جنهن ۾ هي اسلام جو طرفدار بڻجي دليل ڏيڻ لڳو، اسلام جي ٻين مذهبن سان ڀيٽ
ڪندي کيس بهتر مذهب ڪري پيش ڪيو، جنهنجو اثر سندس ننڍڙي ڀاڻج بوٽا سنگھه تي
گهرو پيو، وڌيڪ کيس هڪ ڪتاب تحفت الهند
نالي سان اسلام تي لکيل پڙهڻ لاءِ مليو، جنهن جي پڙهڻ سان هن جي ذهن ۾ هلچل مچي ويئي،
هن اسلام کي قبولڻ جو فيصلو ڪري وڌو، اڄ هتي هندو جو مذهب مٽائڻ ۽ خاص ڪري هندو نياڻي
کي مسلمان ڪري ساڻس سيڪس جي ورونھ خاطر دين جي خدمت سمجهيو وڃي ٿو، سرڪار پڻ ان کي
سپورٽ ڪندي رهي ٿي، پران دور ۾ مذهب مٽائي مسلمان ٿيڻ ڄڻ ڪاريهر تي پير رکڻ جيان
هوندو هيو، ان ڪري بوٽا سنگھه پنجاب مان ڀڄي اچي سنڌ ۾ ڀرچونڊي بزرگ حافظ محمد
صديق سميجي جي هٿ تي مسلمان ٿي عبيد الله سنڌي جي نالي جي سڃاڻپ حاصل ڪئي، هي
مختلف مدرسن ۾ پڙهندي اڄ جي دور جي آڪسفورڊ يونيورسٽي جي حيثيت رکندڙدارالعلوم
ديوبند ۾ داخل ٿيو، جتي صرف اسلامي ڪتاب نه پر منطق، فلسفو، رياضي، سياست، سماجيات
جا موضوع پڙهايا ويندا هئا، هي ديوبند مدرسي مان اسڪالر عالم جي ڊگري وٺي سنڌ ۾
اچي ڪراچي، پيرجهنڊو ۽ امروٽ ۾ پڙهائڻ لڳو.
کيس دارالعلوم ديوبند
سڏايو ويو سندن استاد شيخ الهند مولانا محمود الحسن چيو مون خواب ۾ سنڌ جا ٻه پنهنجا
شاگرد هڪ عبيد الله سنڌي ۽ ٻيو مولانا محمد صادق کڏي ڪراچي جو رهاڪو ڏٺا آهين، ان ڪري
اوهان مٿان وڏي ذميواري وارو بار رکڻ ٿو چاهيان، جُهنڊيون هڻي ڪنڌ ڌوڻيل مدرسا ٻارن
کي ته هر هنڌ اسلامي ڪتاب پڙهائي رهيا
آهن، پر اسان جنهن مقصد لاءِ هي مدرسو قائم ڪيو ھيو، ان جو مکيو مقصد انگريز کان
آزادي وٺڻ هيو، ان لاءِ ويڙهاڪ جٿا پيدا ڪرڻا آهين، خود رسول اڪرم کي قرآن پاڪ ۾
مزمل نالي سان مخاطب ٿيندي چيو ويو آهي ته اي نظرياتي ساٿي، ورڪر تيار ڪندڙ اٿي ڪارڪن
تيار ڪر(پڙهي ڏسو مولانا ٻير واري جو قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو جنهن ۾مزمل جي معني’
ساٿي بڻائڻ لکي اٿس) ان ڪري اوهان ٻنهي مان هڪ کي افغانستان وڃڻو آهي، جتي دنيا جي
سفيرن سان ملي کانئن مالي، اخلاقي، عسڪري، سياسي مدد حاصل ڪري آزادي وٺڻي آهي،
عبيد الله سنڌي ڏوري تي هٿ رکي چيو آئون ويندس، ٻيئي بزرگ سنڌ موٽي آيا، مولانا عبيد
الله سنڌي پير جهنڊي لڳ نيو سعيد آباد ۾ پڙهائي رهيا هئا، پنهنجي اعتماد واري
شاگرد عبدالله لغاري کي هالا جي مخدوم ڏانهن موڪليس ته کيس چئو ته مولانا کي اهم ڪم
لاءِ ڳپل پيسن جي گهرج آهي، جيڪو ڪم هن وقت ٻڌائي نٿو سگهجي، اڳتي هلي توھان کي
خبر پوندي ته ڀلي مقصد خاطر ڪم آيا هئا، پر جي پيسا نه ڏنا ته پوءِ انهن سون جي
گينين کي ٺڪر جون ڪوڏيون سمجهي رکي هٿ هڻندا رهندا، جيئن اڄ هڪ ڀوتار جي بينڪ لاڪر
۾ خانداني سونيون گينيون پڪڙيون ويون آهن، مخدوم صاحب هڪ هزار ان دور ۱۹۱۵ع ۾ ڏيئي ڇڏيا جيڪي مولانا کي ڪابل افغانستان
جي سفر ۾ ڪم آيا هئا، ان سان گڏ سنڌ جي وڏي سياسي ماڻهو آچاريا ڪر پلاڻي جي ننڍي ڀاءُ
نئين مسلمان ٿيل شيخ عبدالرحيم حيدرآباد واري پنهنجي گهر واري ءَ جا سونا زيور وڪڻي
پڻ مولانا جي مدد لاءِ ڏنا هئا، اهڙي طرح مخدوم صاحب جو هڪ هزار ۽ شيخ صاحب جا پيسا
آزادي جي حصي وٺڻ ۾ وڏو ڪردار بڻيا هئا، اسين مخدوم صاحبن جا پڻ ٿورائتا آهيون، جو
هنن ان تحريڪ ۾ پيسو ڏيئي نالو تاريخ ۾ لکرائي ڇڏيو.
مولانا ڪابل ۾ ست سال
رهيو، اتان جرمني، روس، جاپان کان هر طرح جي مدد ورتس، ويڙهه لاءِ هٿيار پڻ جرمني ڏنا
هيا، جيڪي سنڌ تائين پهچايا ويا هئا، مولانا جي حڪمت عملين سبب افغان امير کيس رات
جو مشوري لاءِ گهرائي وٺندو هيو، جنهن ڪري افغانستان جي آزادي، ترڪي جي آزادي ۽ برصغير
جي آزادي ۾ مولانا جو ڪردار يادگار بڻيل آهي، هي سفيرن وزيرن سان سندن پهريل قيمتي
ڪپڙن ۾ ملندو هيو، ساڻن گڏ ڇري ڪانٽن سان کائيندو هيو، چوندو هيو اسين انقلاب آڻڻ
۾ ڪامياب وياسين ته سنڌي هاري ءَ کي بلڪل يورپي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي مطابق بڻائيندا
سين،جو هو مٿي تي هيٽ پائي هلندو، پٽڪن وارن وڏن ڦيڙهن ٻڌڻ جو وقت ويو هليو، انڪري
مولانا پاڻ به پٽڪو نه ٻڌندو هيو، اڪثر مٿو اگهاڙو ڪري هلندو هيو، مون کڏي مدرسي ڪراچي
جي مهتمم حافظ اسماعيل کي ڏٺو هيو، هو پانچا هيٺ ڪري نماز پڙهندو هيو، مون هڪ ڀيري
کجي جي پوٽن جي ٺهيل ٽوپي سان نماز پئي پڙهي، مونکي چيائون ان ٽوپي پائڻ کان بھتر
اٿئي ته مٿو اگهاڙو ڪري نماز پڙهندا ڪريو. مولانا صاحب ڪابل مان هڪ ريشمي رومال تي
پنهنجي منصوبن کي لکي سنڌ ڏانهن موڪليو هيو، جنهن ۾ سموري پلاننگ ٿيل هئي ته ڪهڙن
جڳهن تي انگريزي فوجين مٿان حملا ڪرڻا آهين، اهو ڳجهو پيغام شيخ الهند ڏي حجاز موڪلڻو
هيو، جيڪو حج جي بهاني ويل ھيو، اهو رومال ملتان ۾ هڪ غدار وڏيري هٿ ڪري انگريزن
کي آگاهه ڪيو، جنهن ڪري سنڌ ۾ گهڻيون گرفتاريون ٿيون، مولانا جا ساٿي پڪڙجڻ لڳا،
حجاز مان شيخ الهند، مولانا سيد حسين احمد مدني ۽ سندن ساٿين کي گرفتار ڪري مصر ڀرسان
سامونڊي بيٽ مالٽا ۾ کين قيد ڪري رکيو ويو، مولانا ترڪي مان منشور جاري ڪيو،
مولانا مذھب جي نالي ۾ هندوستان جي ورهاست جو مخالف هيو، هن هندستان جي تاريخي
قومن ۽ خطن تي ٻڌل ڏهه رياستون جوڙڻ جو منصوبو ڏنو هيو، جنهن ۾ تاريخي قومن جا
سياسي، لساني، ثقافتي، سماجي، جاگرافي، معاشي حق محفوظ ڏسيل هئا، مرڪز وٽ رڳو ٻه ٽي
کاتا رکڻا هئا، باقي سڀني رياستن کي مڪمل خود مختياري ڏسيل ھئي، سندس نعرو هيو
پنجاب جا مالڪ پنجابي، بنگال جا بنگالي، بلوچستان جا بلوچي، سنڌ سنڌين جي، ۽ ٻين
قومن جي خطن جي وارثي مالڪي پڻ هرهڪ جي هٿ ۾ هوندي، گهڻ قومي ملڪن ۾ اڄ به سندس
فارمولو پراڻو نه ٿيو آهي. ريشمي رومال پڪڙجڻ سبب حيدرآباد ۾ شيخ عبد الرحيم جي گهر
تي پوليس چڙهائي ڪئي، شيخ صاحب ڀت ٽپي نڪري ويو، سندس نياڻي خديجه جنهن پنهنجي آتم
ڪھاڻي” شيخياڻي جي ڪهاڻي ” جي نالي سان لکي آهي، خديجه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي
جي سس هئي، ڪتاب ۾ لکي ٿي بابا جيئن ئي گھر مان نڪري ويو ته وري موٽي نه مليو، چيو
ٿو وڃي هندستان جي سرهند شهر ۾ گنمامي جي صورت ۾ گذاري ويو، ڪجھه هيئن به چيو ٿو وڃي
ته کيس انگريزن مارائي لاش ڪٿي دفنائي ڇڏيو هيو، اهڙي طرح مولانا مذهبي رواداري جو
قائل هيو، جلاوطن حڪومت هند قائم ڪيس ان جو سربراهه هندو کي بنايس، پاڻ ھندو مذهب
وارن کي ڪافر نه چوندو هيو، هن وٽ ڪافر جو تصور هي هيو ته جيڪو فلاحي رياست قائم ڪرڻ
۾ رڪاوٽ پيدا ڪري ۽ انقلابي ورڪرن سان ويڙهه ڪري سوئي ڪافر آهي، اسين قرآن پاڪ ۾ پڻ
ڏسون ٿا ته مڪي جي انقلاب دشمن عربن کي ته ڪافر سڏيو ويو آهي، پر ٻئي ڪنھن مذهب
واري يهودي، نصاري، عيسائي، هندو وغيره کي ڪافر نه چيو ويو آھي.
اھڙي طرح مولانا ۲۵ سال جلا وطن رهي جڏهن ڪياماڙي بندر تي جهاز
مان لھي ٿو ته سنڌين کي خبردار ڪندي چوي ٿو سنڌيو سجاڳ ٿيو، مون صنعتي انقلاب
ايندي ڏٺو آهي، وڏن وڏن ترم خانن جون پڳون پيرن ۾ لتاڙيندي ڏٺيون آهن، عزتون ٽڪي
ملھ تي وڪامندي ڏٺم، امير پائيءَ خاطر پنندي ڏٺم، ان ڪري ڪراچي ايندڙ وقت ۾ وڏو صنعتي
شهر بڻبو، اوهان سنڌي ڪراچي لڏي اچو، اوهان جو هڪ ڀاءُ ڳوٺ ۾ هجي هڪ ڪراچي ۾ رهندڙ
هجي، مَٽايو پاڻ کي نه ته اوهان پاڻ مِٽجي ويندئو، مولوين کي چيائين انهن پراڻن ڪتابن
پڙهائڻ جي پچر ڇڏيو، ٻارن کي يورپي طرز جي تعليم سيکاريو، اسان آزادي وٺڻ ۾ ڪامياب
ٿي وياسين، اڄ اسان جو انگريز دشمن آهي پر ايندڙ وقت ۾ اسان کانئس عسڪري تعليم حاصل
ڪرڻ لاءِ کيس نوڪري تي رکندا سين، هن سنڌي زبان کي رومن رسم الخط ۾ لکڻ جي تجويز ڏني
هئي ته جيئن دنيا جي ملڪن سان ڳنڍجي پئون، انگريزن کيس ڳجهي نموني زهر ڏياريو جنهن
جا اثر سندس جسم تي ظاهر ٿيا رت جون الٽيون
کيس اچڻ لڳيون جنهن ڪري ۲۲ آگسٽ ۱۹۴۳ تي سندس ساه جو سڳو ٽٽي پيو، سندس مرڻ کي انگريز قبول نه پئي ڪيو، هڪ ٽيم
موڪليائين ته ڏسي اچو ساڳيو شخص ئي پوريو ويو آهي يا هي ٻيو ڪوئي ماڻهو اسان کي
بيوقوف بڻائڻ لاءِ ماريو ويو آهي، ان ڪميٽي رپورٽ ڏني ته واقعي مولانا وفات ڪري
ويو آهي، تڏھن وڃي انگريز کي سرير ۾ ساهه پيو هيو، خدا جون رحمتون هن انقلابي مٿان قائم دائم رهن.
امام عبيدالله سنڌي
ويا مور مري.
عزيزالله ٻوهيو
امام انقلاب عبيدالله سنڌي جي پيءَ
جي وفات کان ترت ئي پوءِ سندس ماءَ پنهنجي پٽ سميت پنهنجي ڀائرن وٽ ڄام پور اچي
رهي ۽ اتي جي هڪ اسڪول ۾ کيس پڙهڻ لاءِ ويهاريو تعليم ۾ فائنل جي ويجهو پهچڻ جي ڏينهن
۾ اسڪول اندر کيس دين اسلام تي لکيل هڪ ڪتاب پڙهڻ لاءِ مليو جنهن کان متاثر ٿي اسلام
قبول ڪيائون. اها عمر سندس ڪا ايڏي ويڏي ڪا نه هئي
امام سنڌيءَ جو نانو رنجيت
سنگهه جي حڪومت ۾ فوج جي هڪ وڏي عهدي تي رهي چڪو هو ان کي جڏهن اها خبر پئي ته
سندس خاندان جو ٻالڪ مسلمان بنجڻ گهري ٿو ته هن ان تي وڏي ڪاوڙ ڏيکاري ۽ نينگر تي
نگراني ڪرڻ جو حڪم ڏنو. امام عبيدالله سنڌي ننڍپڻ کان ئي وڏو ذهين هئو ۽ مسلمان ٿيڻ
۽ ان کان پوءِ محفوظ رهڻ لاءِ پڇا ڳاڇا ڪري ڳوٺ ڀرچونڊي جي بزرگ حافظ محمد صديق جو
پتو معلوم ڪري ورتائون ۽ لڪ ڇپ ۾ اتي پهچي اسلام قبول ڪيائون ۽ اڳتي هلي ديني
تعليم جي لاءِ دهليءَ جي ويجهو شهر ديوبند جي مدرسي دارالعلوم پهچي اتي پڙهڻ لڳا.
سندس اتي پڙهڻ جي عرصي ۾ سڄي
هندستان اندر انگريزن جي حاڪميت خلاف غلام هندستان کي آزادي ڏيارڻ جي هلچل به هلي
رهي هئي جنهن ۾ مدرسي۳
ديوبند جو شيخ الحديث مولانا محمود الحسن به اهڙي تحريڪ جي اڳواڻن منجهان هڪڙو هئو
جنهن مدرسي جي شاگردن منجهان نوجوان عبيدالله سنڌي کي پرکي ورتو ته هن ۾ غلاميءَ
خلاف آزادي حاصل ڪرڻ جي تڙپ اتم درجي جي موجود آهي، سنڌي صاحب اتي تعليم پوري ڪرڻ
کان پوءِ اتي آزادي حاصل ڪرڻ جي مهم ۾ جنبي ويو ۽ آزادي حاصل ڪرڻ وارن اڳواڻن واري
پهرين صف کي ويجهو وڃي پهتو پر مدرسي ديوبند اندر انگريز نواز گروپ مدرسي جي باني
نانوتوي جي پٽ محمد احمد، شبير احمد عثماني، اشرف علي ٿانوي وغيرهه جي سازشن سان
سنڌي صاحب کي ديوبند منجهان ڪڍرايو ويو پوءِ هو دهليءَ ۾ رهي سياسي ڪم ڪرڻ لڳو پر ٿوري
ئي وقت کان پوءِ سنڌ ۾ واپس آيو ۽ ڪجهه وقت امروٽ ۾ مدرسو کولي پڙهائڻ لڳا پوءِ
اتاهون ڇڏي سعيد آباد ويجهو پير جهنڊي ۾ اچي مدرسو کوليائون.
هي اهي ڏينهن هوا جڏهن ترڪن
خلاف بلقان ۾ انگريزن جنگ شروع ڪئي هئي تن ڏينهن ۾ بلوچستان جي مشهور انگريز دشمن
اڳواڻ نوري مينگل بلوچ نوجوانن جي هڪ وڏي کيپ ترڪن جي مدد ۾ انگريزن جي خلاف بلقان
جي محاذ تي موڪلي هئي تنهن بابت انگريزن کي شڪ پيو ته نوري مينگل کان اهو ڪم ڪرائڻ
۾ کڏي ڪراچي جي مولانا محمد صادق ۽ عبيدالله سنڌيءَ جو ئي هٿُ ٿي سگهي ٿو پوءِ انگريز
حڪومت پير جهنڊي ڳوٺ جي چارئي طرف سرڪاري فورس جي ڊيوٽي لڳائي ته هو اتي عبيدالله
سنڌي ۽ اچڻ وڃڻ وارن مٿان ڪڙي نظر رکن ۽ هن جا ٻاهرين دنيا سان لڳ لاڳاپا ختم ڪن.
ان عرصي ۾ مدرسي ديوبند کان شيخ
الهند محمودالحسن سنڌي صاحب کي هڪ مبهم پيغام موڪليو ته اوهان هند سنڌ ڇڏي ڪابل
افغانستان هليا وڃو، سنڌي صاحب ان حڪم تي مخفي نموني عمل ڪيو ان سفر جي لاءِ وٽن
خرچ جا پئسا ڪو نه هئا اهي حيدرآباد جي نو مسلم شيخ عبدالرحيم پنهنجي ڌيءَ جا زيور
وڪڻي امام سنڌيءَ کي پئسا ڏنا. افغان حڪومت طرفان هندستان منجهان انهن وٽ ماڻهن جي
داخلا تي بندش هئي البت چمن جي بارڊر تي افغان حڪومت طرفان هڪ ماڻهو مقرر ڪيل هئو جو
جيڪڏهن هو ڪنهن کي هي پاس لکي ڏيندو هئو ته هن ليٽر سان اچڻ وارو ماڻهو هتي
هندستان ۾ اول هندو هئو پوءِ هي مذهب مٽائي مسلمان ٿيو آهي تنهن ڪري هن کي هن جا
هندو مائٽ مذهب مٽائڻ تي تنگ ڪن ٿا سو هن شخص کي دين ايمان بچائڻ لاءِ اوهان افغان
حڪومت پاڻ وٽ رهائڻ جي منظوري ڏئي پوءِ اهڙي ماڻهوءَ کي بارڊر ڪراس ڪرڻ جي منظوري
ملندي هئي.
سو امام سنڌي صاحب به پنهنجي
لاءِ ان ماڻهوءَ کان اهڙو ليٽر لکرايو ۽ بارڊر پاس ڪري ڪابل پهتا ۽ ڪابل ۾ ست سال رهي
اتي رهندڙ دنيا جي ملڪن جي سفيرن سان ملاقاتون ڪري انگريزن خلاف آزاديءَ جو رستو هموار
ڪندا رهيا ۽ اتي پهچڻ کان پوءِ افغانستان جي بادشاهه جي مشوري سان سنڌي صاحب
هندستان ۾ هلندڙ آزادي واسطي ڪانگريس پارٽيءَ جا نمائندا بنجي مشن هلائيندا هوا ۽
غلام هندستان جي غير ملڪي آزاد حڪومت جوڙيائون جنهن جو صدر راجا مهندر پرتاب کي بڻايائون
۽ پاڻ ان حڪومت جا وزير بڻيا هُئا ۽ جنودربانيه جي نالي سان آزاد هندستان جي غير ملڪي
فوج به ٺاهيائون جنهن جا هندستان ۾ مخفي طور فوجي آفيسر به مقرر ڪيائون جن منجهان
تاج محمود امروٽي ۽ مولانا محمد صادق کڏي ڪراچي وارا به ڪرنل وغيرهه جي عهدن وارا
مقرر ڪيا هئائون جن سان ريشمي رومال تي ٽڪ ذريعي لکليل خطن سان رابطو رکندا هوا.
ان تحريڪ ريشمي رومال جو عرصو سندس ڪابل ۾ ست سال رهڻ وارو مدو هو جنهن جو تفصيل
پروفيسر سرور جي لکيل ڪتاب ڪابل ۾ سال اندر ملي سگهندو.
سنڌي صاحب جي ڪابل ۾ رهڻ واري
عرصي دوران آزادي لاءِ هلچل کي ڄاڻڻ لاءِ انگريزن ڪابل جي جامع مسجد ۾ پنهنجي هڪ
انگريز جاسوس کي مڪمل باشريعت شڪل ڏيئي پيش امام ڪري رکرايو هئو. نيٺ برطانيه حڪومت
افغان بادشاهه سان ڪجهه سياسي رشوتن ڏيڻ تي عبيدالله سنڌي کي جيئرو گرفتار ڪري ڏيڻ
يا قتل ڪرڻ جو معاهدو ڪيو جنهن جي ٻاڦ
امام سنڌي کي پئجي وئي ۽ ترت ئي مخفي طور نامعلوم رستن ذريعي سوويت يونين روس ڀڄي
وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ مولانا عزيزالله جروار صاحب جي چوڻ مطابق افغانستان منجهان
نڪري وڃڻ وارن ڏهاڙن کان ڪجهه اڳي جڏهن جو افغان بادشاهه امير حبيب الله قتل ڪيو
ويو هئو ته ان جي قتل ڪرائڻ ۾ به امام سنڌيءَ جو حصو هئو ۽ امر حبيب الله جي جاءِ
نشين غازي امان الله جي بادشاهه بنجڻ کان پوءِ ان جو جيڪو برطانيه جي خلاف ذهن ۽
پاليسيون هيون ان ۾ به امام سنڌيءَ جي تربيت جو حصو هئو جو انگريزن ڪرنل لارينس جي
ذريعي غازي امان الله کي هٽرائي ڇڏيو
اهو هن طرح ته ڪرنل لارينس مديني
شهر جي مسجد نبوي ۾ ستن سالن کان پيش امام بنجي مسلم امت جو پيش امام بڻيو پيو
هئو، انگريزن ان کي اُتاهون بدلي ڪري وزيرستان جي شهر ميران شاهه ۾ پير ڪرم شاهه
جي نالي خانقاهه کولي ڏني ته اُتاهون ويهي هو افغان بادشاهه غازي امان الله کي قتل
ڪرائي يا معزول ڪرائي پوءِ ان ڊيوٽي دوران ڪرنل لارينس بادشاهه امان الله لاءِ اهڙو
ته چڪر هلايو جو ان بادشاهي ڇڏي جلاوطن ٿي وڃڻ ۾ پنهنجي ڀلائي سمجهي سو ملڪ ڇڏي
جلاوطن ٿي ويو ۽ هن اٽليءَ جي رهڻ واري عرصي ۾ اتي وفات ڪئي.
امام سنڌي صاحب توڻي جو هندستان
جي ورهاڱي کان ئي سال اڳي وفات ڪري ويو پر سندس نظريو ورهاست جي خلاف هئو ۽ هوا کنڊ
ڀارت يعني گڏيل آزادي جو قائل هئو سندس پارٽي جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽيءَ جي
منشور ۾ سڀن صوبن لاءِ وڏي خودمختياري رکيل هئي، وفاق جي مرڪزيت ڪنفيڊريشن وانگر
هئي پاڻ هن ڳالهه تي گهڻو زور لڳائيندا هئا ته آزادي کان پوءِ تعليمي ادارن جي نصاب
تعليم ۾ انگريزن جي پرماريت خلاف ڀرپور موقف تي مشتمل ڪتاب پڙهايا وڃن، اهو ئي
نظريو سموري ڪانگريس قيادت جو به هئو جنهن تي خاص ڪري امام الهند ابوالڪلام آزاد بحيثيت
وزير تعليم پورو پورو عمل ڪيو جو اڄ تائين هندستان جون فلمون ڊراما ۽ ادبي شهپارا
آزاديءَ جي حق ۾ غلامي خلاف انگريز دشمنيءَ جي مواد سان ڀرپور پڙهايا ۽ فلمايا پيا
وڃن، انهيءَ سبب ملڪ هند جي خارجه پاليسي به ملڪي خودمختياري ۽ وطن کي آزاد رکڻ
لاءِ وڏو ڪم ڏئي رهيا آهن.
امام عبيدالله سنڌي
ماسڪو ۾ - جنم ڏينهن جي
حوالي سان سندس يادون
عزيز الله ٻوهيو
ڊاڪٽر عبدالمجيد
چانڊيو (اڳوڻو ڊين شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور) مون کي ٻڌايو ته آئون جڏهن پنهنجي
شعبي آءِ آر ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ ماسڪو پڙهڻ ويو هئس ته اتي جي پروفيسرن
کي مون پنهنجي تعارف ۾ جڏهن ٻڌايو ته آئون سنڌي آهيان ته انهن متوجهه ٿي وڏي پاٻوهه
منجهان مون کان پڇيو ته تون جيڪڏهن سنڌي آهين ته تون پڪ سان مولانا عبيدالله سنڌي
کي سڃاڻيندو هوندين پر افسوس جو مون کي امام سنڌي بابت اها علمي ڄاڻ ڪا نه هئي جيڪا
۽ جيتري هو پڇڻ گهرن پيا، پوءِ انهن ئي ٻڌايو ته جڏهن غلام هندستان جي زماني ۾
پنهنجي ملڪ کي آزادي ڏيارڻ لاءِ جلاوطن ٿي پهريائين افغانستان ۾ آيو ۽ اتي ست سال رهڻ
کان پوءِ هتي سوويت يونين روس ۾ آيو هو ۽ اسان ان سان ملاقاتن منجهان کانئس وڏي
علمي ڄاڻ حاصل ڪندا هئاسون. پروفيسر صاحب ته امام سنڌيءَ جي جلاوطني واري زندگيءَ
تي ڪجهه ڪتاب لکيا جن منجهان “ڪابل ۾ سات سال” به هڪڙو ڪتاب مارڪيٽ ۾ آهي، ڪاش ڊاڪٽر
مجيد چانڊيو به امام سنڌي جي روسي پروفيسرن سان علمي ۽ سياسي ملاقاتن تي اسان کي هڪ
ڪتاب جوڙي ڏئي ها ته ڏاڍو ڀلو ٿئي ها. امام سنڌيءَ جو ماسڪو ۾ هڪ خاص شاگرد موسيٰ
جارالله هئو جيڪو سنڌي صاحب وٽ قرآن حڪيم جو تفسير به پڙهيو هئو، ان جو اهو عربي ٻولي
۾ تفسير سوره مائده تائين مولانا قاسمي، شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد منجهان ڇپرايو
هئو. موسيٰ جارالله جو گهر ماسڪو ۾ لينن گراڊ منجهه هئو، امام سنڌي هڪ هنڌ لکيو
آهي ته اتي جڏهن آئون رهندو هئس ته تڏهن لينن جو انقلاب نئون آيل هئو مذهبي ريتن
رسمن تي وڏي پابندي هوندي هئي، آئون موسيٰ جارالله جي گهر ۾ به سوڙ ۾ لڪي نمازون پڙهندو
هئس. انڌي عقيدت وارن مسلمانن جي باري ۾ آئون هت ڇا لکان جو ڪن لاهوري مصنفن ته
ايترو به ڪوڙ لکيو ته لينن جي زال امام سنڌي کي نماز پڙهڻ لاءِ وضو ڪرڻ خاطر پاڻي
به ڪوسو ڪري ڏيندي هئي ۽ سنڌي صاحب جون لينن سان ڪوڙين ملاقاتن جون کوڙ ساريون خبرون
به لکيائون، جڏهن ته پروفيسر سرور خود مولانا سنڌيءَ جي حوالي سان اها ڳالهه لکي آهي
ته آئون جنهن وقت لينن سان ملڻ ويو هئس ته هو پنهنجي وفات واري مرض ۾ ايترو ته ڪمزور
ٿيل هو جو اشارن کان سواءِ ڳالهائي به ڪو نه سگهندو هئو، مون کي ملائڻ وارن ان کي
صرف ايترو ٻڌائي مون کي پيش ڪيو ته هي ماڻهو هندستان کي برطانيه کان آزاد ڪرائڻ لاءِ
سوراجي ورڪر آهي. مطلب ته لينن سان ڪا به گفتگو ڪا نه ٿي هئي البته لينن جي ڪٽنب
جو هڪ وزير جنهن جو سنڌي صاحب نالو به لکيو آهي جيڪو مون کي ياد ناهي اهو سنڌي
صاحب سان رابطي ۾ آيو ته اسان مارڪسي
فارمولن تي صنعتي شعبن ۾ ڪامياب ويا آهيون، باقي زمين ۾ ڪم ڪندڙ هاري اسان سان
انقلابي تقاضائن جيترو ساٿ نه ٿا ڏين جنهن ڪري اسان جي زرعي اپت ڏاڍو پوئتي پيل
آهي تنهن سنڌي صاحب ان کي مشورو ڏنو ته توهان هارين، ڪاشتڪارن ۾ هي ڳالهه عام ڪيو
۽ انهن سان وعدو ڪيو ته جيڪي زمينون اوهان پوکي رهيا آهيو اهي ڪڏهن به اوهان کان
واپس ڪو نه ورتيون وينديون جيڪڏهن اوهان مري وئيو ته اهي توهان جي پونيئرن کي ڏنيون
وينديون. پوءِ ان ايگريڪلچر واري وزير سنڌي صاحب جي ان ڳالهه تي عمل ڪندي هارين کي
اهڙي ساک پت ڏني ڄڻ ته سرڪاري طرح ان کي قانون جي به شڪل ڏياري، جنهن کان پوءِ
هارين دل لائي پوکن ۾ ڪم ڪيو، ايترو جو اهو وزير صاحب سنڌي صاحب وٽ هلي آيو ۽
چيائينس ته آئون توهان کي مبارڪ ڏيڻ آيو آهيان ته اسان توهان جي ڏس تي عمل ڪندي هارين
کي پڪ ڏني ته توهان جون زمينون اوهان کان ڪو نه کسيون وينديون سو انهن هن سال اهڙو
ته دل لائي ڪم ڪيو آهي جو سڄي ملڪ ۾ فصل ڏاڍا ڀلا لٿا آهن. امام سنڌي جڏهن سوويت
روس کي ڇڏي جلاوطني جا ڏينهن گهارڻ لاءِ ترڪيءَ ۾ آيو تڏهن اتي ڪمال اتاترڪ جي انقلابي
حڪومت قائم ٿي چڪي هئي. سلطان عبدالحميد جي خلافت واري حڪومت ختم ٿي چڪي هئي،
اتاترڪ مذهبي پابندين جي خلاف پنهنجي دور ۾ وڏيون جدتون آنديون هيون سو جڏهن امام
سنڌي اتي ويو ته ماڻهن ان کي دانهون ڏنيون ته اتاترڪ ايڏو بي دين آهي جو اسان جون مايون
جڏهن شهر ۾ برقعا پائي ٿيون وڃن ته سرڪاري سپاهي بازارن ۾ ئي انهن جا برقعا زوريءَ
لهرائي ڇڏين ٿا. تنهن تي عبيدالله سنڌي انهن کي چيو ته توهان پنهنجي عورتن کي گهرن
منجهان ئي بغير برقعن جي موڪليندا ڪريو پوءِ ساڻن سپاهي اهڙي بي حرمتي ڪو نه ڪندا.
هندستان جو پهريون
وزيراعظم جواهر لال نهرو غلاميءَ جي زماني ۾ شايد اٽليءَ ۾ امام سنڌيءَ کي مليو،
ان جو ذڪر نهروءَ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو ته آهي پر ملاقات جو موضوع ۽ تفصيل ڪو نه
لکيو اٿس صرف هي لکيو اٿس ته سنڌي صاحب وٽ هر مشڪل مسئلن جو وڏو حل موجود هو. امام
سنڌي جڏهن جلاوطني ختم ڪري هندستان واپس موٽڻ لاءِ سعودي حڪومت ۾ برطانيه جي جدي
واري قونصل خاني کان ويزا جو مطالبو ڪيو ته قونصلر مولانا جو اهو مطالبو لنڊن موڪليو،
انهن لکيو ته هن شرط سان کيس ويزا ڏني وڃي ته هندستان ۾ وڃي ڪو به سياسي عمل نه ڪندو
۽ ان لاءِ ڪو اتان جو ماڻهو بطور ضامن جي به ڏئي ته مولانا اهو شرط قبول ڪيو ۽
ضمانت لاءِ شهيد الهه بخش سومرو وزيراعظم سنڌ کي پيش ڪيو. امام سنڌيءَ ڪنفيڊريشن قسم
جي صوبائي خودمختياري واري منشور سان نئين پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو جنهن کي هو گهڻو
هلائي نه سگهيو. مولانا جلاوطني جا ڏينهن ٻين ملڪن ۾ گهاري پڇاڙيءَ ۾ سعودي حڪومت
۾ آيو ۽ شهر مڪي جي انتظاميه کان ڪعبي ۾ درس قرآن پڙهائڻ جي اجازت گهري ته انهن به
اهو شرط وڌس ته هو پنهنجي درس ۾ سياسي ڳالهيون نه ڪندو. مولانا اهو شرط مڃي درس ڏيڻ
شروع ڪيو.
منهنجي زندگيءَ جا حالات
مولانا عبيدالله سنڌي
فصل پهريون
پنجاب جو مشهور تاريخي شهر سيالڪوٽ، هماليه جي دامن ۾
هوادار ۽ زرخيز ميدان تي آباد آهي. ان جي ٻهراڙيءَ ۾ پسرور جي ويجهو هڪ ڳوٺ
چيانوالي آهي، اها ئي منهنجي جنم ڀومي آهي.
رنجيت سنگهه جي زماني ۾ جسپت راءِ ان ڳوٺ جي مڇي مانيءَ
لائق ماڻهن ۾ ليکيو ويندو هو. هڪ سناتني سونارو جيتري قدر سٺو ٿي سگهي ٿو، اوترو
ئي هو سمجهيو ويندو هو. حڪومتي عملدارن ۽ عام ماڻهن جو مٿس ڀروسو هو. کيس پنج پٽ
هئا. انهن مان وچئين جو نالو رام راءِ هيو، جيڪو منهنجو پيءُ آهي. حڪومت جي تبديليءَ
جي ڪري منهنجو والد پنهنجي اباڻي ڌنڌي سونارڪي مان ئي گذران ڪندو هو. هو پنهنجي
سمورن ڀائرن ۾ پنهنجن والدين جي خدمت ۾ وڌيڪ اڳرو هيو.
منهنجو نانو ”مير علي والا“ ضلعي گوجرانوالا جو رهندڙ هڪ خانداني سک هيو ۽ ”هلو
والي“ ضلعي سيالڪوٽ ۾ منتقل ٿي چڪو هو. سندس سڀ کان وڏي ڌيءَ،
پريم ڪور، منهنجي امڙ آهي.
منهنجو پيءُ، منهنجي ناني جي
دعوت تي، رام راءِ مان رام سنگهه بڻجي ويو هو. منهنجي والد جو
سؤٽ، حاڪم راءِ پنهنجي ڳوٺ جو تپيدار هيو ۽ منهنجا ٻه ماما
به تپيدار هيا. منهنجون ٻه ڀينرون هيون، جيڪي منهنجي پيدائش
کان اڳ، هڪ گکڙ ۾ ۽ ٻي بيگواليءَ ۾ پرڻجي ويون هيون.
فصل ٻيون
منهنجو ڏاڏو اڃا جيئرو هو ته منهنجو پيءُ فوت ٿي ويو،
سندس مرڻ کان ٽي مهينا پوءِ ڦڳڻ مهيني جي آخري ڏهاڪي ۾ جمعي جي رات صبح ٿيڻ کان
ٿورو اڳ منهنجي ولادت ٿي. امڙ سڳوريءَ جي ٻڌايل واقعن کي مختلف جنترين سان ڀيٽائڻ
کان پوءِ خبر پئي ته اها تاريخ ۱۲ محرم الحرام ۱۲۸۹ هجري ۽ ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع جيڪو اسان جي حساب
سان ۸۷۲ هندي ٿئي ٿو.
مان ٻن ورهين جو هوس ته منهنجو ڏاڏو فوت ٿي ويو، مون کي
سندس صورت هڪ خاص واقعي ۾ ياد آهي. ان کان پوءِ منهنجي امڙ گهڻو ڪري پنهنجي پيءُ
وٽ رهڻ لڳي. ان کان پوءِ ٻن سالن جي اندر نانو به فوت ٿي ويو. ان وقت منهنجو هڪ
مامو جهنگ (ضلعي) جي بندوبست واري کاتي ۾ ڪم ڪندو هو ۽ ٻيو ڄامپور ضلعي ديري
غازيخان ۾ تپيدار هيو. منهنجي امڙ ۽ ناني جهنگ کان ٿي ڄامپور پهتيون، منهنجي عمر
ان وقت چئن سالن جي هئي.
جهڙيءَ طرح ناني سان گڏ شطرنج کيڏڻ مون کي ياد آهي،
اهڙيءَ طرح ڄامپور ۾ مامي سائينءَ جو فوجي قاعدا سيکارڻ به نٿو وساريان. هڪ سال
اتي رهي امڙ پنهنجي گهر موٽي آئي. (اسان) وڌيڪ عرصو پنهنجي ڀينرن کان پري نه ٿي
رهي سگهيو. هتي سال کن کان وڌيڪ رهيس. آخر ۾ سخت ڏڪار پيو ۽ منهنجي امڙ پوءِ مون
کي ڄامپور وٺي آئي.
فصل ٽيون
منهنجي عمر ڇهه ورهيه هئي ته ڄامپور جي مڊل اسڪول ۾ داخل
ٿيس. ۸۷۸ هنديءَ کان ٽي سال لڳاتار پڙهندو رهيس. ۸۸۱ هنديءَ واري مردم
شماريءَ ۾ مان به ڪم ڪندو رهيس.
ان زماني ۾ مون کي گرمکيءَ جو پهريون ڪتاب ڏنو ويو.
جيتوڻيڪ مون ان مان هڪ اکر به ڪونه پڙهيو پر ان ۾ هڪ تصوير ته ”ٻن ٻلين جي ماني
ڀولو ورهائي رهيو آهي“ ضرور ياد اٿم. مون کي مامي ٻڌايو ته هي ٻه ٻليون هندو ۽
مسلمان آهن ۽ ڀولو انگريز آهي.
ان کان پوءِ وري امڙ پنهنجي گهر آئي ۽ ٻه سال ضلعي
سيالڪوٽ جي مختلف ڳوٺن ۾ ويجهن ۽ پري وارن مائٽن سان ملائڻ لاءِ مون کي وٺي ويندي
هئي. برادريءَ جي غميءَ ۽ خوشيءَ جي تقريبن ۾ شريڪ ٿيندو رهيس. ننڍڙو هجڻ جي
باوجود وڏڙا ۽ پوڙها اهڙي تعظيم سان پيش ايندا هئا، جيڪو منهنجي امڙ جو حق هيو.
مان ان جو خاص اثر پنهنجي طبيعت ۾ محسوس ڪندو آهيان. يعني، پنهنجن هڪ جيڏن مائٽن
کان ممتاز رهڻ جو خيال رهندو آهي. ٿوري وقت لاءِ ڄامڪي جي مڊل اسڪول جي چوٿين
جماعت ۾ شامل رهيس. اڪثر موقعن ۾ مسجدين جي مولوين کان پارسيءَ جا ڪتاب ضرور
پڙهندو رهيس. امڙ ان دوران منهنجي لاءِ مناسب رشتو ڳوليندي رهي. جڏهن ان ۾ ڪامياب
ٿي ته مون کي وري ڄامپور موڪلي ڏنائين.
فصل چوٿون
انهيءَ وقت جو هڪ واقعو لکڻ جوڳو آهي، منهنجو چاچو حاڪم
راءِ جڏهن ڳوٺ جي ڪچهريءَ ۾ ويهندو هو ته عام ميڙ سندس چوڌاري گڏ ٿي ويندو هو. هڪ
ڏينهن مان به اتي ئي ويٺو هوس ته هن هندو ڌرم ۽ اسلام ۾ ڀيٽ ڪئي ۽ اسلام کي ترجيح
ڏني. سندس تقرير جو تت مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي: ”هندن ۽ مسلمانن ۾ هڪ ڊگهو
مناظرو ٿيو، پڇاڙيءَ ۾ فيصلو ٿيو ته هڪ هندو ۽ هڪ مسلمان کوهه ۾ ٽپو ڏين، جيڪو بچي
وڃي، ان جو مذهب (سچو ۽) حق مڃيو ويندو. پهريائين هندو اٿيو ۽ شري رام کي پنهنجي
واهر لاءِ سڏيائين ان جا عملدار اچي رهيا هئا ته هن شري ڪرشن کي سڏڻ شروع ڪيو. ان
تي شري رام جا خادم واپس موٽيا. اڃا شري ڪرشن جا ماڻهو سندس مدد لاءِ نه پهتا هئا
ته هن مهاديو کي ٻاڏايو، ان ڪري شري ڪرشن جي مدد به کيس نه ملي سگهي. اهڙيءَ ريت
پنهنجن مختلف بزرگن کي لڳاتار مدد لاءِ سڏيندو رهيو پر جنهن وقت ٽپو ڏنائين ته ان
وقت سندس ڪوبه واهر نه ڪري سگهيو. ان ڪري سندس هٿ پير ڀڄي پيا. ان کانپوءِ مسلمان
اٿي بيٺو. هن هڪ الله کي زور سان سڏڻ شروع ڪيو ۽ جلدي ۾ کوهه ۾ ڪڏي پيو، الله جا
فرشتا سندس مدد لاءِ پهتا ۽ کيس سلامت بچائي ورتو.“
جيستائين مون کي ياد آهي ته اسلام جي حقانيت تي هيءَ
پهرين تقرير آهي، جيڪا مون ٻڌي ۽ جنهن کان متاثر ٿيس.
فصل پنجون
رب زدني علما
انهن ٻن سالن جي وقفي سان منهنجا هم ڪلاسي ته مارچ ۸۸۴ هنديءَ تي ڇهين
درجي ۾ پهچي ويا پر مان ٻه مهينا محنت ڪري چوٿين درجي جو امتحان ڏئي سگهيس ۽ پنجين
درجي ۾ شامل ٿيس. هتان کان منهنجي شاگرديءَ جو زمانو شروع ٿئي ٿو. اسڪول جو مقرر
ٿيل ڪم منهنجي لاءِ ڏکيو نه هو، پارسي پڙهڻ ۽ ياد ڪرڻ ۾ خاص محنت ڪندو هوس. باقي
مضمون مان سال جي شروعات ۾ ڪجهه هفتا لڳائي ياد ڪري وٺندو هوس، پوءِ سڄو سال واندو
رهندو هوس. امتحان کان ٿوري دير اڳ ۾ ڪتاب تي سرسري نگاهه وجهڻ ڪافي ٿيندو هو.
سڀ کان وڌيڪ دلچسپ رياضي هئي. حساب، آلجبرا ۽ اقليدس ۾
جيتري قدر سٺا ۽ وڏا ڪتاب ملندا هئا، انهن کي حل ڪرڻ ۾ رڌل رهندو هوس. ڏکيا سوال
حل ڪرڻ ۾ خاص لذت محسوس ڪندو هوس. ”مراة الاشڪال“ اقليدس جي چئن مقالن جي شرح هئي.
مون ان جا مشقي سوال سمورا حل ڪري ڇڏيا هئا.
سنه ۸۸۶ هنديءَ تي ستين درجي ۾ هوس ته
”قيصري“ جالنڌر (اخبار) ۾ هڪ حل طلب سوال ڇپيو:
ا+ ب +ج= ۶، ا+ب+ ج= ۱۴، ا+ ب+ ج= ۳۶
ٻيپهريءَ کان پوءِ مڪتب ۾ مون کي اخبار ملي، پنهنجي
روزاني ڪمن ۾ رڌل هيس. فقط واندڪائيءَ جا پل ان جي حل ڪرڻ تي استعمال ڪندو رهيس.
تڏهن به سانجهيءَ کان اڳ مون اخبار جي نالي جواب موڪلي ڏنو. ٻئي هفتي ۾ منهنجي
نالي سان ٻن ڪالمن ۾ ڇپجي آيو. مان ان خوشيءَ کي وساري نٿو سگهان. ان کانپوءِ
تاريخ، قصن ۽ ناولن ۾ طبيعت خوش ٿيندي هئي. جيڪو ڪتاب ملندو هو، جيستائين سمورو
ختم نه ڪري ڇڏيان، سڪون نه ايندو هو. ان دوران اخبار پڙهڻ شروع ڪيم. هفتيوار
”آفتاب پنجاب“ لڳاتار ڏسندو هوس ۽ ”پنجاب“ ۽ ”ڪوهه نور“ جا پراڻا فائيل به پڙهندو
هوس پوءِ (ڄڻ) اخبار عام ڏسڻ لڳس.
پنجاب جي تاريخ ۾ سکن جي حڪومت سان وڌيڪ دلچسپي محسوس
ڪندو هوس. پنهنجي سک هجڻ تي فخر محسوس ڪندو هوس. ننڍپڻ ۾ پنهنجن مائٽن جي عورتن
سان گڏ ديوان مولراج جي عزيزن جي گهر ويندو رهيو آهيان. ان ڪري انهن جي واقعن کان
وڌيڪ متاثر ٿيندو هوس. پنجاب حڪومت جي سالياني رپورٽ اردوءَ ۾ شايع ٿيندي هئي. ان
کي چڱيءَ طرح پڙهندو هوس، راجا دليپ سنگهه کي پنجاب اچڻ جي موڪل ملي ۽ منهنجي مامي
رات جو خبر آندي ته اسان جي گهر ۾ عيد جهڙي خوشي ٿي ته اسان جو راجا اچي رهيو آهي.
ٻئين ٽئين هفتي جڏهن هيءَ خبر ملي ته هو عدن کان موٽايو ويو ته اسان جي گهر ۾
ڪهرام مچي ويو.
جيتوڻيڪ ان علمي مشغلي مون کي سٺو کائڻ، سٺو پهرڻ جي
خواهشن کان بي نياز ڪري ڇڏيو هو، تنهن هوندي به سوسائٽيءَ ۾ ڪا به
اهڙي شيءِ نظر نه ٿي آئي جيڪا گهر ۾ ميسر نه هجي. سو اعليٰ سوسائٽيءَ ۾ منهنجو
رابطو مضبوط رهيو. ڄامپور جي سرڪاري آفيسرن واري سوسائٽيءَ ۾ پڻ مون کي اهڙا ساٿي
مليا، جن کان مٿانهان، اتي ممڪن نه هئا. مختيارڪار، نائب مختيارڪار، جج، پوليس
آفيسر ۽ پوسٽ ماسٽر هندو هئا. ان مٿانهين سوسائٽيءَ ۾ منهنجي سڃاڻ عزت سان هئي.
اسسٽنٽ مختيارڪار اسان جي ويجهي علائقي جو هو. سندس ڇوڪرا اسان سان گڏ پڙهندا هئا.
ساڻس ۽ سندس گهر سان (اسان جو) هڪ جهڙو ۽ هڪ جيترو سلوڪ هيو ۽ ساڳيو رويو
سوسائٽيءَ جي ٻين ماڻهن مختيارڪار، پوليس آفيسر، جج، پوسٽ ماسٽر ۽ ڊاڪٽر سان هيو.
ذاتي ڊائريءَ جا نوٽ
آءٌ ضلعي سيالڪوٽ جي هڪ ڳوٺ چيانواليءَ ۾ پيدا ٿيس.
منهنجي خاندان جو اصلي ڌنڌو سونارڪو آهي، مگر ڪجهه وقت کان ڪي ماڻهو سرڪاري نوڪرين
۾ داخل ٿيا ۽ ڪي ماڻهو واپار به ڪندا آهن. آءٌ گهڻو ڪري حضرت سلمان فارسيءَ جي
تابعداريءَ موجب پنهنجو نالو عبيدالله بن اسلام لکندو آهيان. مگر ڪن عرب دوستن جي
زور آڻڻ تي پنهنجي والد ڏانهن منسوب ڪري لکڻو پيو ته هن ريت لکيم: عبيدالله بن ابي
عائشه، ڇاڪاڻ ته منهنجي وڏي ڀيڻ جو نالو جيوڻي آهي. (جيوڻي ۽ عائشه هم معنيٰ آهن)
مون ارادو ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ ان کان وڌيڪ صفائي گهري ته هن ريت لکندس
”عبيدالله بن راما بن راءِ“ منهنجي والد جو نالو رام سنگهه پٽ جسپت راءِ پٽ گلاب
راءِ آهي. چون ٿا ته منهنجو ڏاڏو سک حڪومت ۾ پنهنجي ڳوٺ جو ڪاردار هو.
مون جمعرات پره ڦٽڻ کان ٿورو اڳ ۾ ۱۲ محرم الحرام ۱۲۸۹هه مطابق ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع ۾ جنم ورتو.
منهنجي ڄمڻ کان چار مهينا اڳ ۾ منهنجو والد فوت ٿي چڪو هو. ٻن سالن کان پوءِ
منهنجو ڏاڏو به فوت ٿي ويو. جنهن کان پوءِ منهنجي والده مون کي ناناڻن ۾ وٺي آئي
جو هڪ نج سک خاندان هو ۽ منهنجو والد به نانا صاحب جي چوڻ تي ئي سک بڻيو هو.
منهنجا ٻه ماما ڄامپور ضلعي ديري غازي خان ۾ تپيدار هئا. جڏهن نانو صاحب فوت ٿي
ويو تڏهن اسان ڄامپور ۾ مامن وٽ اچي رهياسين. منهنجي پڙهائي ۱۸۷۸ع کان ڄامپور جي اردو
مڊل اسڪول ۾ شروع ٿي. ۱۸۸۷ع ۾ مڊل جي مٿين جماعت ۾ پڙهندو هوس ته اسلام جي
ظاهر ڪرڻ خاطر گهر کي الوداع ڪيم. ان وچ ۾ ٻه سال سيالڪوٽ ۾ رهڻو پيو. جنهن ڪري هڪ
سال پنهنجي جماعت کان پوئتي رهجي ويس نه ته مان پنهنجي اسڪول ۾ وڏو سمجهدار شاگرد
مڃيو ويندو هوس.
اسلام جو مطالعو
سنه ۱۸۸۴ع ۾ مون کي اسڪول جي هڪ آريه
سماجي ڇوڪري جي هٿان ڪتاب ”تحفة الهند“ مليو (اهو ڪتاب هڪ نو مسلم بزرگ جو لکيل
آهي، جنهن ۾ هندو مذهب جي بنيادي ڳالهين جو بيان ٿيل آهي.) انهيءَ ڪتاب جي پڙهڻ ۾
لڳو لڳ مشغول رهيس ۽ آهستي آهستي اسلام جي سچائيءَ تي يقين وڌندو ويو. اسان جو
ويجهو پرائمري اسڪول ڪوٽله مغلان جا ڪي هندو به ملاقي ٿيا جي پڻ تحفة الهند جا
ڏاڍا دلداده هئا. انهن هندو دوستن وٽان مون کي مولانا محمد اسماعيل شهيد دهلويءَ
جو ڪتاب ”تقوية الايمان“ به مليو، جنهن جي مطالعي کان پوءِ اسلامي توحيد ۽ هندو پرانڪ
شرڪ جو مسئلو چڱيءَ طرح سمجهه ۾ اچي ويو. ان کان پوءِ مولوي محمد لکويءَ (اهل حديث
سيد نذير حسين دهلويءَ جو شاگرد) جو ڪتاب ”احوال الآخرة“ هڪ مولوي صاحب وٽان مليو.
مان ان وقت نماز سکي چڪو هوس ۽ پنهنجو نالو تحفة الهند جي ٺاهيندڙ جي نالي تي
عبيدالله پنهنجو پاڻ رکي ڇڏيو هوم. احوال الاخرة جو بار بار مطالعو ۽ تحفة الهند
جو اهو حصو جنهن ۾ نومسلمن جا حالات لکيل آهن، اهي ٻئي شيون منهنجي جلدي اسلام جي
ظاهر ڪرڻ جو ڪارڻ بڻيون. ۱۰ آگسٽ ۱۸۸۷ع ۾ الله تعاليٰ تي
توڪل ڪري نڪري پيس، نه ته اصل ارادو هي هو ته جڏهن ڪنهن هاءِ اسڪول ۾ ايندڙ سال
داخل ٿيس تڏهن اسلام جي اظهار جو اعلان ڪندس.
اسلام جو ظاهر ڪرڻ
مون سان ڪوٽلا مغلان جو هڪ ساٿي عبدالقادر نالي هو. اسان
ٻئي هڪ طالب العلم جي ذريعي ڪوٽلا رحم شاهه ضلعي مظفرڳڙهه ۾ پهتاسين. ۹ ذوالحج ۱۳۰۴هه تي منهنجي طهر جي
سنت ادا ڪئي وئي. ان کان پوءِ ٿورن ڏينهن اندر جڏهن منهنجا عزيز اسان جي ڳولا ۾
نڪتا تڏهن اسان سنڌ ڏانهن روانا ٿي وياسين. عربي صرف جا ڪتاب اسان انهيءَ طالب علم
کان پڙهڻ شروع ڪيا.
سيد العارفين جي صحبت
الله تعاليٰ جي خاص رحمت چئبي ته جيئن شروع ڄمار ۾ اسلام
جي سمجهڻ ۾ آساني ٿي تيئن خاص رحمت جو هي اثر ظاهر ٿيو جو سنڌ ۾ اسان حضرت حافظ
محمد صديق رحه صاحب (ڀرچونڊيءَ واري) جي خدمت ۾ پهچي وياسون، جو پنهنجي وقت جو جيد
۽ عارفن جو سردار هو. ڪجهه مهينا اسان سندس صحبت ۾ رهياسين جنهن جو پهريون فائدو
هي ٿيو ته اسلامي معاشرت اسان جي لاءِ اهڙي طرح طبيعت ثاني بڻجي وئي جيئن هڪ
پيدائشي مسلمان جي هوندي آهي. ٻيو ته حضرت حافظ صاحب هڪ ڏينهن منهنجي سامهون ماڻهن
کي مخاطب ٿي فرمايو، جن ۾ گهڻو ڪري مولانا ابوالحسن امروٽي به موجود هيو ته
”عبيدالله، الله تعاليٰ واسطي پنهنجي پيءُ ماءُ کي ڇڏيو آهي، هاڻي سندس پيءُ ماءُ
اسان آهيون.“
انهيءَ ڪلمه مبارڪ جو خاص اثر منهنجي دل ۾ محفوظ آهي.
آءٌ مولوي عبدالقادر (حضرت مولانا دينپوريءَ جي ناٺيءَ) کان ڪتاب پڙهيا ۽ هن بزرگ
کي پنهنجو ديني ابو ڪري مڃيندو آهيان ۽ خاص انهيءَ ڪري مون سنڌ کي پنهنجو وطن
بنايو، يا بڻجي ويو. ٽيون ته مان قادري راشدي طريقي ۾ حضرت حافظ سان بيعت ڪئي.
جنهن جو هڪ هيءُ نتيجو نڪتو جو مان ڪنهن به وڏي ماڻهوءَ کان ڪونه ڊڄندو آهيان.
چئن مهينن کانپوءِ اسان علم جي طلب لاءِ موڪل ورتي. مون
کي چيو ويو ته حضرت حافظ صاحب مون لاءِ خاص دعا گهري آهي ته خدا ڪري ته عبيدالله جو
شال ڪنهن راسخ عالم (سچي ۽ حقيقي عالم) سان واسطو پوي. منهنجي خيال ۾ الله تعاليٰ
اها دعا قبول فرمائي ۽ الله رب العزت پنهنجي فضل سان حضرت مولانا شيخ الهند محمود
حسن ديوبنديءَ جي خدمت ۾ پهچايو.
سيدالعارفين جي خليفه اعظم جي صحبت
ڀرچونڊيءَ کان موڪل وٺي آءٌ انهيءَ طالب العلم سان گڏجي
رياست بهاولپور جي ڳوٺاڻي مسجدن ۾ ابتدائي عربي جا ڪتاب پڙهندو رهيس. انهيءَ سلسلي
۾ دين پور پهتس جتي سيدالعارفين جو پهريون خليفو مولانا ابوالسراج غلام محمد صاحب
رهندو هو. هدايته النحو تائين مان اتي پڙهيس حضرت خليفه صاحب خط لکي منهنجي والده
کي گهرايو جنهن مون کي موٽائي وٺي وڃڻ جي سخت ڪوشش ڪئي مگر آءٌ ثابت قدم رهيس. پر
هي غلط آهي ته منهنجي والده ديوبند آئي هئي. شوال ۱۳۰۵هه ۾ دينپور کان
ڪوٽله رحم شاهه ۾ آيس ۽ مولوي خدابخش وٽ ڪافيه و نحو پڙهيم ۽ اتي هڪ نووارد طالب
علم کان هندستان جي عربي مدرسن جو احوال معلوم ٿيو. مان مظفرڳڙهه جي اسٽيشن تان
سوار ٿي سڌو ديوبند پهتس.
دارالعلوم ديوبند
دارالعلوم ديوبند ۾ صفر ۱۳۰۶هجريءَ ۾ داخل ٿيس.
اٽڪل پنجن مهينن ۾ قطبيءَ تائين منطق جا رسالا پڙهيم ۽ شرح جامي مولانا حڪيم محمد
حسن امروهيءَ کان پڙهيم. هڪ سمجهدار استاد جي خاص مهربانيءَ سان مطالعي ڪرڻ جو
رستو سکيس. پوءِ پنهنجي محنت سان ترقيءَ جو رستو سامهون ٿيندو ويو. حڪمت ۽ منطق جا
ڪتاب جلدي پورا ڪري ٿورن مهينن لاءِ مولانا محمد حسن صاحب ڪانپوريءَ جي مدرسي ۾
هليو ويس ۽ اتان ٿورن مهينن لاءِ مدرسي عاليه رامپور ۾ رهي مولوي ناظرالدين کان به
ڪتاب پڙهيم. اهڙيءَ طرح وري صفر ۱۳۰۶هه ۾ ديوبند موٽي آيس.
حضرت مولانا شيخ الهند
ديوبند ۾ ٻن ٽن مهينن تائين مولانا حافظ احمد صاحب کان
پڙهندو رهيس. (حافظ محمد احمد مولانا محمد قاسم باني دارالعلوم جو فرزند ۽ مدرسي
جو مهتمم هو) ان کانپوءِ مولانا شيخ الهند جي درس ۾ شامل ٿيس. شعبان ۱۳۰۷هه ۾ هدايه، تلويح،
مطول، شرح عقائد، مسلم الثبوت جو امتحان ڏنم، امتيازي نمبرن ۾ ڪامياب ٿيس. مولانا
سيد احمد دهلوي مدرس اول منهنجي جوابن جي تمام گهڻي تعريف ڪئي ۽ فرمايو ته جيڪڏهن
هن کي ڪتاب ملي ويا ته شاهه عبدالعزيز ثاني ٿيندو. ڪيترن دوستن خوشخبريءَ جهڙا
خواب ڏٺا ۽ مان به رسول الله ﷺ جي خواب ۾ زيارت ڪئي ۽ امام ابوحنيفه ؐ کي به خواب
۾ ڏٺم. رمضان شريف ۾ اصول فقه ۾ هڪ رسالو لکيم جنهن کي شيخ الهند پسند فرمايو، ان
۾ بعض مسئلا جمهور جي برخلاف محققن جي راءِ مطابق لکيا ويا هئا. مثلاً مشابه آيتن
جي معنيٰ ناممڪن الحصول نه آهي ۽ الراسخين في العلم وهبي علم سان سمجهن ٿا.
شوال ۱۳۰۷هه ۾ تفسير بيضاوي ۽ حديث جي
دوري ۾ شريڪ ٿيس ۽ جامع ترمذي حضرت مولانا شيخ الهند وٽ پڙهيم ۽ سنن ابي داؤد پڙهڻ
لاءِ حضرت مولانا رشيد احمد صاحب جي خدمت ۾ گنگوهه پهتس.
شاهجهان آباد دهلي
گنگوهه مان بيمار ٿي دهليءَ آيس. حڪيم غلام محمود خان
(حڪيم اجمل خان جي والد) جي علاج سان صحت حاصل ٿي. حديث جا باقي ڪتاب مولوي
عبدالڪريم پنجابي ديوبنديءَ کان جلدي جلدي ختم ڪري ورتم. مون کي ياد آهي ته سنن
نسائي ۽ سنن ابن ماجه چئن ڏينهن ۾ پڙهيو هيم ۽ سراجي ٻن ڪلاڪن ۾ پوري ڪئي هيم. اهو
مولوي عبدالڪريم پنجابي حضرت مولانا محمد قاسم ديوبنديءَ ۽ حضرت مولانا رشيد احمد
گنگوهيءَ جو هڪ محقق شاگرد هو. شهرت پسند نه هو، دهليءَ وارن ڏينهن ۾ ٻه دفعا حضرت
مولانا سيد نذير حسين صاحب جي زيارت لاءِ ويو هوس. صحيح بخاريءَ ۽ جامع ترمذيءَ جا
ٻه سبق به ٻڌا هيم.
سنڌ ڏانهن موٽڻ
۲۰ جمادي الثاني سنه ۱۳۰۸هه تي دهليءَ مان
سڌو ڀرچونڊي ضلع سکر ۾ پهتس. مگر ان سفر ۾ ايندي ويندي نه لاهور ۾ ۽ نه وري
چينياوالي مسجد ۾ ويس. منهنجو مرشد منهنجي اچڻ کان اڳ ۾ ڏهه ڏينهن پهريائين وفات
ڪري ويو هو. رجب سنه ۱۳۰۸هه ۾ حضرت شيخ الهند اجازت نامه لکي مون ڏانهن
موڪليو ۽ مولوي ڪمال الدين صاحب مون وٽ سنن ابي داؤد پڙهي پوري ڪئي.
امروٽ وارو بزرگ
شوال ۱۳۰۸هه تي سيدالعارفين جي ٻئي خليفي
مولانا ابوالحسن تاج محمود امروٽي صاحب وٽ امروٽ ضلعي سکر ۾ هليو آيس. هن صاحب
پنهنجي پير رشيد جو وعدو پورو ڪري ڏيکاريو. هو مون لاءِ پيءُ وانگر هو، سندس ذريعي
منهنجو نڪاح مولوي محمد عظيم خان يوسف زئي ماستر اسلاميه اسڪول سکر جي نياڻيءَ سان
ڪرايو. منهنجي ماءُ کي گهرائي ڏنو جا آخر وقت تائين پنهنجي نموني تي مون وٽ رهندي
آئي. منهنجي مطالعي لاءِ تمام وڏو ڪتب خانه گڏ ڪيائين. هن بزرگ جي مهربانيءَ واري
پاڇي ۾ ۱۳۱۵هه تائين مطالعو ڪندو رهيس.
ڪتب خانه پير جهنڊي وارو
ڳوٺ پير جهنڊي ضلع حيدرآباد سنڌ ۾ راشدي طريقي جي پير
صاحب وٽ دين علومن جو هڪ بينظير ڪتب خانه هو. امروٽ وارن ڏينهن ۾ مطالعي لاءِ
اوڏانهن به ويندو رهندو هوس ۽ اڌارا ڪتاب به وٺي ايندو هوس. منهنجي مطالعي جي
ڪماليت ۾ انهيءَ ڪتب خانه جي فيض جو به وڏو دخل آهي. ان کان سواءِ حضرت مولانا
رشيد الدين صاحب العلم الثالث جي صحبت مان فائدو پرايم. مان سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون
ڏٺيون. اسماءَ الحسنيٰ جو ذڪر کانئس سکيم. سندس فرزند حضرت مولانا رشدالله صاحب
العلم الرابع سان علمي صحبتون رهيون. هو علم حديث جو تمام وڏو عالم ۽ ڪيترن ئي
ڪتابن جو مصنف هو. سندس والد حضرت مولانا رشيدالدين توحيد ۽ جهاد جي دعوت جو مجدد
هو. قاضي فتح محمد نظاماڻي• (ويٺل ٽنڊه قيصر) جون علمي صحبتون به ياد رکڻ جي لائق
آهن.
علمي تحقيق جو مرڪز
الله تعاليٰ جي رحمتن مان هڪ وڏي نعمت جنهن جو آءُ شڪر
ادا ڪري نٿو سگهان، اها هيءَ آهي ته فقه ۽ حديث جي تحقيق ۽ تطبيق ۽ اهڙيءَ طرح
قرآن عظيم جي تفسير ۾ حضرت مولانا محمد قاسم (نانوتوي) ديوبنديءَ کان شروع ٿي امام
ولي الله دهلوي تائين سلسلو عاليه منهنجو رهبر بڻيو ۽ مان هنن کي پنهنجو اڳواڻ
بڻايو. مون کي پنهنجي علمي ۽ سياسي واڌاري ۾ انهن کان ٻاهر وڃڻو نه پيو. تنهن ڪري
منهنجون سموريون ڪوششون هڪ اصول تي درست ٿينديون رهيون ۽ آءُ اسلام جي فلسفي سمجهڻ
جي لائق بڻيس. مان دهليءَ ۾ قبله نما جو مطالعو ڪيو (اهو ڪتاب مولانا محمد قاسم جو
تصنيف ڪيل آهي) جنهن جا معارف منهنجي روح ۾ پيوست ٿي ويا. حديث جي تحقيق لاءِ حجة
الله البالغه (مصنفه امام ولي الله دهلوي) سان شيخ الهند منهنجي واقفيت ڪرائي. آخر
۾ مون کي ان جي مطالعي مان اطمينان نصيب ٿيو ۽ مان عالمن جي هڪ جماعت کي حجة الله
پڙهائي ان کان گهڻو وقت پوءِ شيخ الهند کان وڃي پڙهيم.
طريقه قادريه جو شغل
انهيءَ عرصي ۾ طريقه قادريه ۽ نقشبندي مجددي جا شغل ۽
ذڪر به پنهنجيءَ طاقت آهر حضرت سيدالعارفين جي وڏي خليفه مولانا ابوالسراج (خليفه
غلام محمد صاحب) دينپوريءَ کان سکندو رهيس. جيڪڏهن منهنجي ڪا دنياوي ضرورت امروٽ
مان پوري نه ٿيندي هئي ته اها دينپور مان حاصل ڪندو هوس. اهڙيءَ طرح مون کي پنهنجي
مرشد جي جماعت کان ٻاهر وڃڻ جي ضرورت نه پئي.
منهنجو سياسي مسلڪ
اسلام سکڻ جي شروع کان وٺي منهنجو قلبي لاڳاپو مولانا
شهيد مرحوم سان پيدا ٿي چڪو هو ۽ ديوبند جي طالب علميءَ واري زماني ۾ ڪيترن ئي
واقعن ۽ ڳالهين سبب وڌيڪ واقفيت ٿي چڪي هئي. مولانا عبدالڪريم (پنجابي) ديوبنديءَ
دهليءَ جي غدر جو اکين ڏٺو واقعو ٻڌايو هو ۽ ٻاراڻي ڄمار کان خانداني عورتن جي
صحبت ۾ (ٻڌل ڳالهين جي بنياد تي) انقلاب پنجاب جي مصيبتن کان منهنجو دماغ ڀريو پيو
هو، ان ۾ هڪ قسم جو انقلاب آيو، پهريان جو ڪجهه لاهور لاءِ سوچيندو هوس هاڻي
دهليءَ لاءِ سوچڻ لڳس.
مولانا شهيد جي مڪتوبات مان هڪ خط جو مضمون سامهون رکي
مان پنهنجو مختصر سياسي پروگرام بڻايو جو اسلامي به هو ۽ انقلابي به هو. مگر
هندستان کان ٻاهرين مسلمانن سان ان جو ڪوبه تعلق نه هو. مان حجة الله پڙهندڙ جماعت
کي ان ۾ شامل ڪيو. اهڙيءَ ريت پنهنجي خيال موجب آهستي آهستي ڪم شروع ڪري ڏنم.
ديوبند ۾ وري اچڻ
۱۳۱۵هه ۾ وري ديوبند آيس. پنهنجي
علمي معلومات جي رنگ ۾ ٻه رساله لکي کڻي آيس. هڪ علم حديث ۽ ٻيو فقه حنفيءَ ۾.
حضرت مولانا شيخ الهند ٻنهين رسالن کي پسند فرمايو. انهيءَ دفعي ٻارهن حديث جي
مشهور ڪتابن جا اطراف ٻڌائي ٻيهر مولانا صاحب کان روبرو اجازت حاصل ڪيم. ڪن جهاد جي
مسئلن وقت درس هلندي اسان جي جماعت جو ذڪر اچي ويو جنهن کي مولانا پسند فرمايو. ڪن
دوستن جو مشورو ڏئي انهيءَ ڪم کي اتحاد اسلام جي هڪ ڪڙي بڻايائون ۽ انهيءَ ڪم کي
جاري رکڻ جي وصيت فرمايائون. ان کان پوءِ منهنجا علمي ۽ سياسي سمورا شغل حضرت شيخ
الهند سان وابسته رهيا.
دارالرشاد ڳوٺ پير جهنڊو
ديوبند جي انهيءَ پوئين مختصر سفر کان پوءِ مان امروٽ
شريف ۾ رهي، هڪ پريس قائم ڪئي (محمود المطابع نالي سان) جنهن کي ٻن سالن تائين
هلائيندو رهيس. ڪي عربي ۽ سنڌي ناياب ڪتاب ڇپايا ويا. ۽ هڪ ماهوار رساله ”هدايت
الاخوان“ به شايع ٿيندو رهيو. ان سان گڏ مدرسه قائم ڪرڻ جي به ڪوشش جاري رهي. مگر
ان ۾ ڪاميابي نه ٿي، هوڏانهن اسان جو ڪم مدرسه کان سواءِ هلي نٿي سگهيو. تنهن ڪري
مان ٻئي ڪنهن جاءِ جي ڳولا ۾ حيران هوس ته حضرت مولانا رشدالله صاحب العلم الرابع ۱۳۱۹هه ۾ منهنجي تجويز
جي موافق مدرسه بنائڻ جو ارادو ڪيو ۽ دارالرشاد مدرسه جو نالو منهنجي رٿ سان مقرر
ٿيو. مان انهيءَ مدرسي ۾ شريڪ ٿي پورن ستن سالن تائين علمي ۽ انتظامي خدمتون مڪمل
اختيارات سان ڪندو رهيس ۽ مدرسي ۾ انهيءَ زماني جي وڏن علمائن مان حضرت مولانا شيخ
الهند ۽ حضرت مولانا شيخ حسين بن محسن انصاري يماني (محدث مقيم پوپال) امتحان وٺڻ
جي ارادي سان تشريف فرما ٿيا. مان انهيءَ مدرسه ۾ حضرت رسول الله ﷺ کي خواب ۾ ڏٺو
۽ امام مالڪ کي به ڏٺو جو ڄڻ مدرسه جي هڪ حجري ۾ اچي رهيو آهي.
جميعت الانصار ديوبند
۱۳۲۷هه ۾ حضرت شيخ الهند ديوبند
سڏايو. مفصل احوال ٻڌي ديوبند ۾ رهي ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنائون ته جيئن سنڌ سان به
لاڳاپو قائم رهي. چار سال جمعيت الانصار ۾ ڪم ڪندو رهيس. انهيءَ جماعت جي تحريڪ جي
بنياد ۾مولانا محمد صادق سنڌي، مولانا ابو محمد احمد لاهوري ۽ عزيز مولوي احمد علي
لاهوري به شريڪ هئا.
نظارة المعارف دهلي
حضرت شيخ الهند جي ارشاد سان منهنجو ڪم ديوبند کان
دهليءَ منتقل ٿيو. ۱۳۳۱هه ۾ نظارت المعارف قائم ٿي، انهيءَ ڪم جي
سرپرستيءَ ۾ شيخ الهند سان حڪيم اجمل خان ۽ نواب وقارالملڪ (سيڪريٽري علي ڳڙهه
ڪاليج) ساڳئي نموني ۾ شريڪ هئا.
حضرت شيخ الهند جيئن چار سال ديوبند ۾ رهي منهنجو پنهنجي
جماعت سان تعارف ڪرايو، اهڙيءَ طرح دهليءَ موڪلي مون کي نوجوان طاقت سان واقف ڪرڻ
گهريو. انهيءَ مقصد لاءِ ئي هڪ دفعو دهليءَ ۾ تشريف فرما ٿيو، مون کي ڊاڪٽر
انصاريءَ سان ملاقات ڪرايائين ۽ ڊاڪٽر انصاريءَ مون کي مولانا ابوالڪلام ۽ مولانا محمد
علي مرحوم سان ملايو جنهن ڪري مون کي ٻن سالن اندر هندستان جي اسلامي اعليٰ سياسي
طاقت سان واقفيت پيدا ٿي وئي.
هجرت ڪابل
۱۳۳۳هه مطابق ۱۹۱۵ع ۾ شيخ الهند جي
حڪم سان ڪابل روانو ٿي ويس. مگر مون کي ڪم جو ڪوبه مفصل پروگرام ڪونه ٻڌايو ويو.
جنهن ڪري منهنجي طبيعت تي اها هجرت گران پئي گذري مگر تعميل حڪم لاءِ وڃڻو ضرور هو
۽ الله تعاليٰ آسانيءَ سان هندستان مان نڪري وڃڻ جو رستو پيدا ڪري ڏنو. جنهن ڪري
آءٌ افغانستان پهچي ويس.
دهليءَ جي سياسي جماعت به مون کي پنهنجو عيوضي مقرر ڪيو
هو. پر مان هنن کي اها ڳالهه ئي ڪانه ڪئي ته اڳ ۾ ئي شيخ الهند جي حڪم موجب منهنجي
ڪابل وڃڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي.
افسوس جو دهليءَ واري مرڪز پاران به ڪو معقول پروگرام
ڪونه هو. ڪابل پهچي مون کي معلوم ٿيو ته حضرت شيخ الهند قدس سره جنهن جماعت جو پاڻ
عيوضي هو تنهن جي پنجاهه سالن جي محنتن جو نتيجو غيرمنظم شڪل ۾ منهنجي سامهون
تعميل حڪم لاءِ موجود آهي. جنهن ۾ حضرت شيخ الهند کي هڪ مون جهڙي خادم جي سخت
ضرورت هئي. هاڻي مون کي هجرت ۽ حضرت شيخ الهند جي چونڊ تي بيحد فخر محسوس ٿيڻ لڳو.
مان ستن سالن تائين حڪومت ڪابل جي امداد سان هندستان لاءِ ڪم ڪندو رهيس. ۱۹۱۶ع ۾ امير حبيب الله
خان هندن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جنهن جي تعميل جي هڪ ئي صورت هئي ته نيشنل
ڪانگريس ۾ شامل ٿي وڃان. ان وقت آءٌ ڪانگريس جو مبلغ بڻجي ويس. هيءَ ڳالهه نهايت
عجب جهڙي آهي ته امير صاحب مرحوم نج اسلام جي ڪم کان هندستاني ڪم کي وڌيڪ پسند
ڪندو هو.
۱۹۲۲ع ۾ امير امان الله خان جي
زمانه ۾ ڪانگريس ڪاميٽي ڪابل ۾ قائم ڪئي وئي. ڊاڪٽر انصاريءَ جي ڪوشش سان ”گيا“
واري اجلاس ۾ ان جو الحاق انڊين ڪانگريس سان ڪيو ويو. برٽش ايمپائر کان ٻاهر اها
پهرين ڪانگريس ڪميٽي هئي ۽ مان هن ڳالهه تي فخر ڪري سگهان ٿو ته آءٌ ان جو پهريون
پريزيڊنٽ هوس.
روس جو سفر
۱۹۲۳ع ۾ ترڪيءَ ڏانهن ويندي ست
مهينا ماسڪو (روس) ۾ وڃي رهيس. سوشلزم جو مطالعو پنهنجي طاقت آهر پنهنجن نوجوان
ساٿين جي مدد سان ڪندو رهيس. جنهن حالت ۾ نيشنل ڪانگريس سان لاڳاپو سرڪاري طرح
ثابت ٿي چڪو هو، تنهن ڪري سويت روس مون کي پنهنجو معزز مهمان بڻايو ۽ مطالعي لاءِ
هر قسم جون سهوليتون مهيا ڪري ڏنيون. هي بلڪل غلط آهي ته مان لينن سان ملاقات ڪئي،
ڇو ته ڪامريڊ لينن ان وقت اهڙو بيمار هو جو پنهنجن دوستن کي به سڃاڻي نه سگهندو هو.
انهيءَ مطالعي جو نتيجو آهي جو مان پنهنجي مذهبي تحريڪ
کي جا امام ولي الله جي فلسفي جي شاخ آهي ان کي لادينيت جي حملي کان محفوظ ڪرڻ جي
تدبير ۾ ڪامياب ٿي ويس. مان انهيءَ ڪاميابيءَ ۾ (۱) انڊين نيشنل
ڪانگريس (۲) هندستاني سفر جي ساٿين جن ۾ هندو مسلم نوجوان هئا جن ۾
سوشلسٽ ۽ نيشنلسٽ ٻئي قسم جا ماڻهو هئا. (۳) سويت روس جو هميشه لاءِ شڪر
گذار رهندس جيڪڏهن مون کي ٽنهين طاقتن جي امداد نه ملي ها ته آءٌ پنهنجي اصلي
امتيازي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿيان ها.
نئين ترڪي
ساڳئي سال ۱۹۲۳ع ۾ انگورا پهتس. منهنجي انهيءَ
سفر لاءِ ماسڪو واري ترڪي سفير ۽ روس جي وزارت خارجه سفر جو رستو مقرر ڪري ڏنو.
ممڪن آهي ته برطانيه جي ڪارندن کي ان جو پتو نه پيو هجي. (هي به غلط آهي ته آءٌ
استنبول ان وقت پهتس جڏهن فرانس ۽ برطانيه جي متحده قوت ان تي قابض هئي) اٽڪل ۳ سال ترڪيءَ ۾ رهيس.
مان اتحاد اسلامي تحريڪ جو پورو پورو مطالعو ڪيو. مگر مون کي مستقبل قريب ۾ ان
لاءِ ڪوبه مرڪز نظر نه آيو. تنهن ڪري مان ترڪن جي وطني خدمت وانگر پنهنجي اسلامي
تحريڪ کي انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ڪرڻ ضروري سمجهيو ۽ ڪانگريس ۾ پنهنجي اصول جي
هڪ مستقل پارٽيءَ جو پروگرام ڇاپي ڇڏيو، جنهن ڪري منهنجي تحريڪ هر هڪ مخالف انقلاب
کان محفوظ رهي سگهي ٿي.
اسان جو پروگرام
يورپ کي ان نموني ۾ اسلام جي تعارف ڪرائڻ ۾ منهنجو خيال
آهي ته آءٌ پنهنجي استاذ الاستاذ ۽ پنهنجي امام مولانا محمد قاسم ديوبنديءَ جي هڪ
قلبي خواهش کي پوري ڪرڻ ۾ عملي جامه ڍڪائي رهيو آهيان. انهيءَ پروگرام کي ترڪي
پريس مان شايع ڪرڻ لاءِ انگورا حڪومت کان اجازت وٺڻي پئي. جنهن کي پهريائين وزارت
خارجه ٻه جدا جدا ترجمه ڪرائي جيستائين حرف بحرف نه پڙهيو تيستائين اجازت نه ڏني.
ڪي هندو دوست اردو پڙهي نه ڄاڻيندا هئا تنهن ڪري انهن جي سهوليت لاءِ پروگرام جو
انگريزيءَ ۾ به ترجمو ڪرايم.
استنبول جي رهڻ واري زمانه ۾ لالا لڄپت راءِ سان تبادله
خيالات ٿيو. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر انصاريءَ سان به چڱيءَ طرح ڳالهيون ٿيون، اسان جا هي
ٻئي بزرگ نه انهيءَ پروگرام کي قبول ڪري سگهيا ٿي ۽ نه وري ان جو چڱو بدل ٻڌائي
سگهيا ٿي، ڪوشش ڪندا ته اسان کي هزار ٻه هزار سال گذريل زمانه ڏانهن وٺي وڃن،
يقيناً پنڊت جواهر لال نهروءَ هڪ فقره ان جي پسنديدگي تي لکيو. اهو منهنجي لاءِ
خوشيءَ جو ڪارڻ آهي. مان پنهنجي پروگرام ۾ عدم تشدد کي ضروري ٺهرايو آهي. ان ۾
مهاتما گانڌيءَ جا ممنون آهيون ۽ عدم تشدد جي اخلاقي حيثيت کي ڄاڻان ٿو. انهيءَ
بنياد تي پوليٽيڪل پروگرام جي تربيت ۽ اهميت مهاتما گانڌيءَ کان سکي. هُن اسان کي
حضرت مسيح جي تعليم جي يادگيري ڏياري آهي جا اسان وساري چڪا هئاسين.
مون کي اهو به پتو آهي ته اسلام جو پهريون دور انهيءَ
سياسي اصول تي عامل هو، دانائيءَ جي ڳالهه مؤمن جي وڃايل وٿ آهي پوءِ جتي به هٿ
اچيس ته اهوئي ان جو مالڪ آهي.
مڪه معظمه ۾ پهچڻ
۱۳۴۴هه ۾ حج جي موسم ۾ مڪه معظمه ۾
خلافت ڪانفرنس منعقد ٿيڻ واري هئي ۽ منهنجا سمورا دوست ان ۾ اچڻ وارا هئا. مان هنن
جي ملاقات لاءِ ترڪيءَ مان اٽليءَ جي رستي مڪه معظمه پهچڻ جي ڪوشش ڪئي. مگر
ڪانفرنس ختم ٿيڻ کان پوءِ صفر ۱۳۴۵هه ۾ پهتس. آءٌ پنهنجي پوزيشن
کي صحيح نموني ۾ ڄاڻيندو هوس. تنهن ڪري حجاز گورنمينٽ کي يقين ڏياريم ته آءٌ هتي
ڪابه سياسي پروپيگنڊا ڪانه ڪندس، جنهن مون تي اعتماد ڪيو ۽ انهيءَ اعتماد سبب آءٌ
بلڪل محفوظ رهجي ويس. مان جيڪڏهن ڪنهن وقت ڪنهن ٿورڙي امداد جي گهر ڪئي ته حڪومت
ان کي پورو ڪيو ۽ منهنجي پنهنجي نموني ۽ پنهنجي مٿي رهڻ ۾ حڪومت جا اهلڪار حارج نه
ٿيا تنهن ڪري هو منهنجي پاران تمام گهڻي شڪريي ۽ دعا جا حقدار آهن. جزاهم الله
تعاليٰ خيراً
مڪي جا علماءَ
مون کي مڪي وارن مان ٽن هندوستاني ۽ هڪ عرب خاندان خاص
طرح علمي امداد پهچائي، سڀ کان پهريائين شيخ عبدالوهاب دهلويءَ (حاجي علي جان
وارا)، ٻيو شيخ عبدالستار بن عبدالوهاب دهلوي، ڪتبي مرحوم، ٽيون حضرت ابو اشرف
مجدديءَ انهن جي ڪتب خانن مان فائدو ورتم. عرب خاندان مان منهنجي شيخ محمد بن
عبدالرزاق حمزه شيخ دارالحديث ۽ شيخ ابو السمح امام الحرمين جو خاندان آهي.
منهنجو علمي شغل
آءٌ اٽڪل ۱۲، ۱۳ سالن کان قرآن عظيم
۽ حجة الله البالغه جو نهايت اونهي نظر سان مطالعو ڪندو رهيس. قرآن عظيم جي تفسير
۾ جيتريون جايون به مشڪل هيون تن کي مان امام ولي الله دهلويءَ جي اصول تي اطمينان
سان حل ڪندو رهيس. جيڪي ماڻهو امام ولي الله دهلويءَ کي اسان وانگي نٿا مڃين اسان
تن جي اطمينان ڏيارڻ جي دعويٰ ڪري نٿا سگهون. پر مون کي پنهنجي اصول تي قرآن عظيم
۾ قابل عمل نصاب تعليم نظر آيو ۽ ان معاملي ۾ هن تجلي ريز مقدس مقام (مڪه معظمه)
جو تاثير ضرور قبول ڪرڻو پوي ٿو. ان زماني ۾ امام ولي الله دهلويءَ جي مشهور ڪتابن
جو خاص طور مطالعو جاري رکيم. مثلاً بدور بازغه، خير ڪثير، تفهيمات الاهيه، سطعات،
الطاف القدس، لمعات وغيره.
انهن ڪتابن جي سمجهڻ لاءِ ڪنجيءَ طور مان مولانا رفيع
الدين دهلويءَ (ولد امام ولي الله) جو ڪتاب تڪميل الاذهان ۽ (مولانا محمد اسماعيل
شهيد امام ولي الله جي پوٽي جو) ڪتاب عبقات ۽ مولانا محمد قاسم جي ”قاسم العلوم“ ۽
”تقرير دل پذير“ ۽ ”آب حيات“ کي استعمال ڪندو رهيس. مون کي انهن ڪتابن جي پڙهائڻ
جو موقعو به مليو ۽ ان سان گڏ قرآن عظيم جو درس به جاري رهيو، جنهن ڪري منهنجا
نظريا بلڪل وسيع ٿي ويا. (ف لله الحمد)
امام ولي الله دهلويءَ جي حڪمت
جيڪڏهن مون کي اجازت ڏني وڃي ته آءٌ هن ريت ظاهر ڪريان
ته آءٌ امام ولي الله دهلويءَ کي حڪمت جو مجتهد مستقل فرض ڪريان ۽ امام عبدالعزيز
(ولد امام ولي الله) ۽ مولانا رفيع الدين دهلويءَ کي مجتهد منتسب جو درجو ڏيان ۽
مولانا محمد اسماعيل شهيد ۽ مولانا محمد قاسم کي مجتهد في المذهب جي درجي تي تسليم
ڪريان، ان کان پوءِ مان هڪ اهڙو اسڪول قائم ڪري سگهان ٿو جنهن ۾ (الف) قرآن عظيم
(ب) سنت رسول الله ﷺ ۽ سنت خلفاءِ راشدين (ج) تاريخ اسلام جي پوريءَ ريت عقلي
تشريح موجود هجي. ان کان پوءِ دنيا جي سمورن مذهبن ۽ سندن مقدس ڪتابن جي تحقيق ۽
تطبيق به انهيءَ اصول تي آسان ٿي سگهي ٿي. (ذالک فضل الله يؤتيه من يشاءالله
ذوالفضلٍ العظيم)
وطن ڏانهن واپسي
سنه ۱۹۳۶ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس منهنجي
واپسيءَ لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ منهنجا سمورا دوست ان جي تائيد ۾ ڪوشش ڪندا رهيا. جنهن ۾
سياسي مسلڪ جي اختلاف ۽ اتحاد جو ڪوبه خيال ڪونه رکيو ويو، انهيءَ ڪوشش جو هي
نتيجو نڪتو جو مون کي پهرين نومبر ۱۹۳۷ع ۾ وطن واپسي جي اجازت ملي وئي
۽ پهرين جنوري سنه ۱۹۳۹ع ۾ پاسپورٽ ڏيڻ جو فيصلو ٿي ويو پر حج جي موسم
مٿان اچي وئي هئي تنهن ڪري حج جي عبادات کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ واپسيءَ جو ارادو
آهي.
وطن پهچڻ کان پوءِ منهنجو پروگرام قريب قريب هيٺين ريت
هوندو:
(۱) اسان نيشنل ڪانگريس جا معمولي
ميمبر ٿي رهنداسين ته جيئن عدم تشدد جي متعلق اسان جي جوابداري قومي قانون هيٺ اچي
وڃي ۽ اسان پريشان دماغ دوستن جي پريشان ڪندڙ حرڪتن کان بچي وڃون. مگر اسان
ڪانگريس جي ڪنهن به پارٽيءَ سان عملي حصي ۾ شرڪت ڪانه ڪنداسين.
(۲) اسان جو محبوب مشغله امام ولي
الله جي تعليم جي اشاعت جو هوندو. اسان علم وارن مان اعليٰ طبقه کي ان ڏانهن متوجه
ڪندا رهنداسين جنهن ۾ ديني عالم ۽ جديد تعليم يافته ٻئي مخاطب هوندا، جيڪڏهن ڪوبه
غيرمسلم هندو يا عيسائي آزاد خيال وارو انهيءَ فلسفه جو مطالعو ڪرڻ پسند ڪندو ته
اسان ان جي پوري امداد ڪنداسين.
(۳) جڏهن به حالات سازگار ٿيا تڏهن
اسان نيشنل ڪانگريس ۾ فلسفه امام ولي الله جي روشنيءَ ۾ پنهنجي هڪ مستقل پارٽي
تيار ڪنداسين جيڪا عام تعليم ۽ اقتصاد جي مسئلن تي قائم هوندي. والله هو الموفق
والمعين.
منهنجا تجربا ۽ مشاهدا
اهو ضروري نه آهي ته انسان جنهن شيءِ جي تمنا رکي، ان جو
مقصد جيڪڏهن خواهش واري صورت ۾ ئي پورو ٿئي ته انهيءَ کي ڪامياب سمجهيو وڃي. ڪن
وقتن ۾ اهڙيون حالتون به پيش اينديون آهن جو انسان ڪنهن ڳالهه ۾ پاڻ کي ناڪام
سمجهندو آهي پر انهيءَ صورت ۾ به جيڪڏهن سندس محنت صحيح ۽ سوچيل سمجهيل پروگرام تي
عمل ۾ آئي آهي ته اها ڪڏهن به ضايع نه ٿي وڃي، پر ان تجربي کي حاصل ڪري پوءِ آئنده
ٻئي ڪنهن شئي ۾ اهو نقصان پورو ڪري سگهي ٿو ۽ اڳتي انهيءَ قسم جي غلطين کان بچڻ جي
هڪ مستقل شڪتي پڻ پيدا ٿي وڃي ٿي جيڪا عظيم الشان نتيجا پيدا ڪري سگهي ٿي.
مون پنهنجي زندگيءَ جي مختلف راهن تي ڇا ڇا حاصل ڪيو
آهي. اڄ مختصر نموني ۾ ان جي واقفيت ڪرائڻ گهران ٿو. هت جيون جي سفر جي نتيجن جو
سمورو ذڪر ڪرڻ منهنجو مقصد نه آهي البته ٿورا اهڙا واقعا ۽ فڪر بيان ڪنداسون جن ۾
هڪ خاص قسم جو سلسلو هوندو جو ايندڙ مسئلن جي حل ڪرڻ ۾ ڪجهه مدد ڏئي سگهندو. مون
پنهنجي جيون جي سفر جون اٺ منزلون بڻايون آهن: (۱) گهر ۽ اسڪول جي
زندگي (۲) ديني علم حاصل ڪرڻ ۽ ان جي تڪميل ڪرڻ (۳) عملي پروگرام جو
تعين ۽ ان کي سوڀارو بڻائڻ جي ڪوشش (۴) ڪابل ۾ قيام (۵) ماسڪو ۾ قيام (۶) استنبول ۾ قيام (۷) مڪي شريف ۾ قيام (۸) وطن ڏانهن واپسي.
پهرين منزل: گهر ۽ اسڪول ۾ ۱۲۸۹هه (۱۸۷۲ع) کان ۱۳۰۴هه (۱۸۸۷ع) تائين
(۱) اسڪول جي شاگرديءَ جي زماني ۾
تحفة الهند ۽ تقويت الايمان جي لڳاتار مطالعي سان اسلام جي حقانيت جو يقين حاصل ٿي
ويو.
(۲) سمجهيم ته ڪنهن کي به اسلام جي
صحيح تعليم جي ضرورت هجي ته ان کي قرآن ۽ حديث پڙهڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته قرآن ۽ حديث ۾
اصلي تعليم محفوظ آهي.
(۳) عام مسلمانن ۾ هندن وانگر غلط
رسمون رائج ٿي ويون آهن جن جو اسلام سان لاڳاپو ڪونه آهي.
(۴) مولوي محمد لکويءَ جي ڪتابڙي
”احوال الاخرت“ جي پڙهڻ سان عمل ۽ همت ۾ تيزي ايندي وئي.
ٻي منزل ديوبند ۽ سنڌ ۾: ۱۳۱۵هه (۱۸۹۷ع) تائين
(۱) دارالعلوم ديوبند ۾ شروعاتي علم
حاصل ڪرڻ
(۲) حضرت مولانا شيخ الهند جي خدمت
۾ حديث ۽ فقهه جي تڪميل
(۳) مولانا محمد قاسم رحه جي حڪمت
عمليءَ جي واقفيت ۽ محبت
(۴) سندس عملي طريقي کي پنهنجو
مرڪزي فڪر بڻائڻ
(۵) سنڌ ۾ علمي مطالعو ۽ تحقيق
(۶) ڪتاب ”حجة الله البالغه“ تي
پورو ڀروسو ڪرڻ ۽ ان جي برڪت سان اطمينان حاصل ٿيڻ
(۷) ڪتابڙي ”الفوزالڪبير“ جي اصول
تي قرآن عظيم تي غور ڪرڻ
(۸) حجة الله البالغه جي بنياد تي
هر هڪ سورة جي آيت ۾ لاڳاپو پيدا ڪرڻ.
(۹) قرآن عظيم جو (اڳين) ”سمورن
دينن کي ميٽي ڇڏڻ“ واري حڪمت جو راز کلي پوڻ.
ٽين منزل: سنڌ، ديوبند ۽ دهليءَ ۾ ۱۳۳۳هه (۱۹۱۵ع) تائين
(۱) حضرت مولانا محمد اسماعيل شهيد
ؓ جي اصول تي ننڍين ننڍين جماعتن جي تياري
(۲) حضرت مولانا شيخ الهند جي نظام
تي جماعت جي اعليٰ فردن جي تياري
(۳) سنڌ ۾ دارالرشاد جو بنياد رکڻ
(۴) دارالعلوم ديوبند ۾ جمعيت
الانصار جو سيڪريٽري ٿي رهڻ
(۵) دهليءَ ۾ نظارت المعارف جو برپا
ڪرڻ.
چوٿين منزل ڪابل ۾ ۱۳۴۰هه (۱۹۲۲ع) تائين
(۱) ڪابل ۾ امير حبيب الله جي
درٻاري سوسائٽيءَ جو اعتماد حاصل ڪرڻ
(۲) عملي سياست جي صحيح واقفيت حاصل
ڪرڻ
(۳) پوري يقين سان هڪ فڪري انقلاب
پيدا ٿي ويو ته جيڪڏهن هن زماني جا مسلمان بادشاهه پنهنجون ڪمزوريون دور ڪري
سگهندا ته انهن جي حڪومت جي طرز بهر صورت يورپين هوندي. دهليءَ وارو پراڻو نظام اڄ
نه هلي سگهندو.
(۴) امير حبيب الله خان هڪ سڌاري
پسند ۽ وڏي ارادي وارو بادشاهه هيو. هن جنهن قسم جو انقلاب آڻڻ گهريو ٿي ان جو مون
گهرو مطالعو ڪيو آهي. جيتري قدر مون سمجهيو آهي تنهن موجب سندس خيال ۾ يورپ جي نون
اصولن تي فوجي طاقت پيدا ڪرڻ جي ضرورت هئي، ان کان بي پرواهي ڪرڻ ناممڪن هئي.
انهيءَ ڪري امير حبيب الله يورپ جي پيرويءَ تي مجبور هو.
(۵) امير حبيب الله خان جي حڪم يا
مشوري سان مان انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿي ويس. ڪابل ۾ انقلابي هندو (به) موجود
هئا جن اسان کي ڪم ۾ شريڪ بڻائڻ گهريو.
(۶) ڪابل جي تفصيلي حالتن سمجهڻ کان
پوءِ مون کي خبر پئي ته ديوبندي نظام جيتريقدر هندوستاني مسلمان کي فائدو پهچايو
آهي جنهن ڪري هنن پنهنجي مرڪزيت محفوظ ڪري ڇڏي آهي، تنهن کان وڌيڪ فائدا هن
(ديوبندي) نظام افغانستان کي پهچايا آهن. افغاني حڪومت ۽ قبيلن جي سردارن ۾ اهڙا
ماڻهو تمام ٿورا هوندا جن ديوبند کان فيض حاصل نه ڪيو هوندو. مگر اُهي پاڻ کي
ديوبندي ظاهر نه ٿا ڪن. منهنجي آڏو ڪيترن ئي تجربن کان پوءِ جيڪي نتيجا سامهون آيا
تن مان هي يقين پيدا ٿيو ته اسان جا نوجوان، ڪاليج ۾ پڙهيا هجن يا ديوبند ۾ هنن جو
جيڪڏهن آزاد زندگيءَ جي پروگرام ۾ ڪنهن به ٻي قوم سان مقابلو ٿيندو ته هو ڪنهن به
ٻي قوم کان پٺتي نه رهندا. هن ۾ مسلم قومون ۽ يورپين قومون ٻئي هڪ جهڙيون آهن.
حقيقت ۾ انهيءَ تجربي منهنجي ذهنيت ۾ هندستانيت جو انقلاب پيدا ڪيو آهي. اڳتي هلي
دولت عثمانيه جي شڪست سان اتحادِ اسلام جو مرڪز يا خلافت باقي نه رهي. انهيءَ ترڪن
وانگر پنهنجي هندوستاني مرڪز تي اعتماد سيکاريو. (جيئن ترڪن دنيا جي مسلمانن کي
ڇڏي پاڻ تي اعتماد ڪيو.)
پنجين منزل ماسڪو ۾ ۱۳۴۱هه (۱۹۲۳ع) تائين
(۱) انقلاب جي ڪاميابيءَ لاءِ پارٽي
ڊڪٽيٽرشپ ضروري آهي.
(۲) جنگ يا ٻئي ڪنهن حادثي جي ڪري
جيڪڏهن حڪومت ڪمزور ٿي وڃي ته ان حالت ۾ ڪمزور جماعتن کي عوام جي کاڌي جي سوال جو بندوبست
سڀ کان پهريائين پاڻ تي کڻڻ گهرجي. ايئن ڪرڻ سان اُها جماعت حڪومت تي قابض ٿي
ويندي.
(۳) جيڪڏهن هڪ ديندار جماعت، هڪ
ظالم طاقت سان ظلم جي پٺڀرائي ڪندي ۽ ان جي مقابلي ۾ ٻي هڪ بي دينن جي جماعت عوام
تان ظلم ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي ته اها بي دينن واري ٽولي ديني جماعت تي غالب پئجي
سگهي ٿي پر انهيءَ کي اسان بي دينيءَ جو غلبو نه ٿا سمجهون. ڇاڪاڻ جو امام ولي
الله دهلويءَ جي اصول موجب پيٽ جي تنگي يا مالي مشڪلاتن واري ظلم جو ملڪ مان دور
ڪرڻ سمورن آسماني دينن جو بنيادي مقصد آهي.
(۴) ماسڪو جي سوسائٽي جي مطالعي
کانپوءِ اسان امام ولي الله دهلويءَ کي سياست ۾ پنهنجو مستقل امام مڃون ٿا
(۵) جيڪڏهن ڪنهن به انقلابي بي دين
جماعت پاران اسلام تي حملو ٿئي ته اسان امام جي اصول جي پابنديءَ سان نوجوانن کي
اسلام جي طرف کان پوري پوري مدافعت ڪرڻ جا طريقا سيکاري سگهون ٿا.
ڇهين منزل: استنبول ۾ ۱۳۴۴هه (۱۹۲۷ع) تائين
(۱) مون تي هيءَ حقيقت ظاهر ٿي ته
هندوستاني مسلمان جي پٺتي رهجي وڃڻ جو اصلي سبب هي آهي ته هو حالتن کان ناواقف
رکيا ويا آهن. مان ڏاڍو حيران ٿيس جڏهن ڏٺم ته دارالخلافه جو ننڍو وڏو ماڻهو
يورپين زندگي گذاري رهيو آهي ۽ خليفة المسلمين ۽ سندس گهراڻو اٽڪل ٻن سؤ سالن کان
يورپ جي مٿانهين سوسائٽيءَ جي رسمن ۽ عادتن جا پابند آهن، پر اسان جي ملڪ ۾ بهترين
عالمن جو هڪ طبقو يورپين رهڻي ڪهڻيءَ کي اسلام جي ابتڙ سڏي رهيو آهي.
(۲) هڪ اهڙي مسلم (ٿورائيءَ واري)
قوم جيڪا غير مسلم اڪثريت جي گهيري ۾ آيل آهي تنهن جو پهريون فرض هي آهي ته: (الف)
هن جو هر مرد ۽ عورت تعليم يافته هجي (ب) هن جو هر مرد يا عورت ڪانه ڪا فوجي خدمت
ادا ڪرڻ جي مهارت پيدا ڪري. (ج) هو قوم جي غيرمسلمن سان گڏجي رهڻ لاءِ پنهنجي حال
آهر هڪ قومي پروگرام ٺاهي.
(۳) ڳوٺاڻن کي سندن مادري زبان ۾ تعليم
ڏيڻ گهرجي. لکڻ جو طريقو جيستائين ممڪن ٿي سگهي اوترو سؤلو اختيار ڪرڻ گهرجي. اسان
جي زماني ۾ رومن ڪيريڪٽر ۽ ٽائيپ رائيٽر جي مدد سان گهڻو ئي ڪجهه آسان ٿي ويو آهي.
ان کي انٽرنيشنل پوزيشن حاصل آهي. انهيءَ ڪري ترڪن ان کي اختيار ڪيو. انور پاشا
مرحوم فوجين جي جبري تعليم لاءِ لکڻ جو هڪ نئون طريقو ايجاد ڪيو هو. هڪ اهڙو واقعو
پيش آيو جو اڻ آزمودگار منشين جي ٿوري غلطيءَ جي ڪري هڪ پوري فوج تباهه ٿي وئي. ان
(واقعي) کان پوءِ ان (لکڻ جي نموني) کي ڇڏيو ويو. اسان هتي ويهي، سنڌ ۾ ترڪيءَ
(جهڙن) سڌارن جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي: (الف) هن تعميري ڪم واسطي اسان ڊومينين
اسٽيٽس جو پروگرام ٺاهيو آهي. (ب) سمورن مذهبي ۽ معاشي جهڳڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان
يورپين ازم کي آخري علاج ڪري مڃيو آهي. (ج) بيدينيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان يورپين
ازم کي آخري علاج ڪري مڃيو آهي. (ج) بيدينيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان امام ولي الله
جي فلسفي کي پنهنجي پارٽيءَ جو بنيادي اصول (ڪري) قبول ڪيو آهي. انڊين نيشنل
ڪانگريس ۾ گانڌي ازم جي خلاف هيءُ پهريون ئي آواز آهي، ان کان پوءِ سوشلسٽ آهن.
ستين منزل: مڪه معظمه ۾ ۱۳۵۶هه (۱۹۳۹ع) تائين
(۱) سڀ کان پهريائين اسان مڪي معظمه
۾ حڪومت سان هڪ ڪانگريسيءَ جي حيثيت ۾ پنهنجو تعارف ڪرايو، جنهن جو اسان کي هيءُ
فائدو ٿيو جو هندوستاني مسلمانن جي پاڻ ۾ مذهبي جهڳڙن ۾ اسان غيرجانبدار ليکجڻ ۾
آياسون نه ته مون لاءِ اُتي سخت مشڪلات پيدا ٿي پوي ها.
(۲) حرم شريف ۾ مون امام ولي الله
جي حڪمت پڙهائڻ شروع ڪئي جنهن ۾ چڱي درجي جا عالم شريڪ ٿيندا رهيا. خاص ڪري جاوي
مسلمانن وڌيڪ دلچسپي ڏيکاري.
(۳) مون امام ولي الله جي فلسفي جو
اونهو اڀياس شروع ڪري ڏنو، سموري قرآن شريف جي تفسير تي نظرثاني ڪندو رهيس جنهن
ڪري مون کي پنهنجا جهونا ساٿي به نه ٿا سڃاڻي سگهن.
(۴) علامه موسيٰ جارالله آفنديءَ
منهنجي تفسيري بيانن کي لکت ۾ آندو آهي، پر مان ان کان پوءِ به لڳاتار غور ڪندو
رهيس، وقتاً فوقتاً عجيب عجيب حقيقتون ظاهر ٿينديون رهنديون آهن. افسوس اٿم جو
منهنجن پراڻن ساٿين ۾ ڪوبه وڏي همت وارو ڪونه رهيو آهي جو منهنجي مطالعي ۽ ڄاڻ کي
ٻڌي. اهڙيءَ ريت پنهنجي سياسي پروگرام ۾ جيڪو يورپ ۾ ڇپجي چڪو آهي ان ۾ به مان
گهڻي اصلاح ڪري چڪو آهيان.
(۵) مون
کي ممڪن نظر نه آيو ته مان هندستان کان ٻاهر ويٺو رهان ۽ منهنجي خيالن کان فقط
محدود ٽولي واقف ٿيندي رهي، تنهن ڪري جڏهن وطن واپس اچڻ جو موقعو مليو ته مان اُهي
سموريون پابنديون پنهنجي فيصلي مطابق قبول ڪيون جيڪي گورنمينٽ طرفان مون کي پيش
ڪيون ويون، اهڙيءَ ريت منهنجي واپسي آسان ٿي وئي. (۶) مون مڪي معظمه مان
خط لکيو ته ڪانگريس کان ٻاهر رهي ڪو به سياسي ڪم نه ڪندس. سمجهو ته مسلم ليگ،
جمعيت العلماء، احرار، خاڪسار وغيره تحريڪن کان واسطو ٽوڙي ڇڏيم. مان ڪانگريس اندر
گانڌي پارٽي کي سرمائيداري ۽ برهمڻ ازم جو مجموعو سمجهان ٿو ۽ ماسڪو واري بي دين
پروگرام کان فارع ٿي چڪو آهيان. انهيءَ ڪري ٻنهي پارٽين کي قبول نه ٿو ڪريان ۽
جڏهن ڪو موقعو مليو تڏهن پنهنجي مستقل پارٽي ٺاهيندس.
اٺين منزل: وطن ۾ واپسي ۱۹۳۹ع ۾
۷مارچ ۱۹۳۹ع تي ڪراچيءَ پهتس ۽
۱۰ ڊسمبر ۱۹۳۹ع تي جمنانربدا سنڌ ساگر پارٽي
(ٺاهڻ) جو اعلان ڪيم، اهو اُهو ئي پروگرام آهي جنهن جو خاڪو ترڪيءَ ۾ ٺاهيو هيم،
نومبر ۱۹۴۰ع ۾ جامعه مليه (دهليءَ) ۾ شيخ الهند جي ياد ۾ بيت
الحڪمت جي ڪوشش شروع ڪئي وئي، انهن ٻنهي تحريڪن جو تفصيلي پروگرام جدا ملي سگهندو.
۲۰ فيبروري ۱۹۴۲ هندي
بيت الحڪمت قاسم العلوم لاهور
مولانا عبيدالله سنڌي
تاريخ ساز شخصيت
عرفان ڪريم مغل
مولانا محمود الحسن
جي شفقت ۾ ڪيترائي عالم اڪابر دارالعلوم ديوبند مان فارغ ٿي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي
ويا، انهن مان هڪ مولانا عبيدالله سنڌي پڻ هو. ۱۸۵۷ع جي انقلاب کانپوءِ هندوستان جي مسلمانن جي
طاقت ٻن ڀاڱن ۾ ورهائجي وئي، هڪ جو مرڪز عليڳڙھ هو ۽ ٻئي جو مرڪز ديوبند ٿيو، عليڳڙھ
مسلم ليگ پيدا ڪئي ۽ ديوبند جمعيت العلماءِ هند پيدا ڪئي. انهن عالمن اڪابرن پوري
دنيا ۾ پنهنجي علم جي روشني جي ذريعي انقلاب جي باھ ٻاري ۽ شعور ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي،
جن ۾ مولانا حسين احمد مدني، مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا عبدالحق، مولانا عبيدالله
سنڌي شامل آهن.
پنجاب جي علائقي
چيانوالي، ضلعي سيالڪوٽ جي سک گهراڻي رامسنگ جي گهر ۾ ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع تي هڪ ٻار پيدا ٿيو، جنهن جو نالو بوٽا
سنگھ رکيو ويو، سندس ڏاڏي جو نالو چسپتراءِ، ۽ سندس پڙڏاڏي جو نالو گلاب راءِ هو. سکن
جي حڪومت جي دور ۾ گلاب راءِ پنهنجي ڳوٺ جو مختيارڪار هو. سندس خاندان جو اصلي
پيشو سونارڪو هو پر ڪنهن وقت کان هڪ حصو سرڪاري نوڪريءَ ۾ لڳي ويو، ۽ انهن ۾ ڪيترا
شاهوڪار وياج تي پيسو ڏيڻ جو ڌنڌو ڪندا هئا. بوٽا سنگھ جي ڄمڻ کان چار مهينا اڳ ئي
وفات ڪري ويو هو، ٻن سالن کان پوءِ سندس ڏاڏو به گذاري ويو. جنهن بعد بوٽا سنگھ کي
سندس والده پنهنجي يتيم ٻارڙن سميت پيڪن جي گهر ڄامپور ضلعي ڊيري غازي ۾ آئي. ننڍڙي
بوٽاسنگهھ کي ڇهن سالن جي ڄمار ۾ اسڪول ۾ ويهاريو ويو. هي اسڪول ۾ ذهين ٻار ليکيو
ويندو هيو. هن کي ڪتابن پڙھڻ سان ننڍي عمر ۾ شوق هيو. ان وقت پاڻ اٺين جماعت ۾ پڙهندو
هو، ۱۸۸۴ع ۾ کيس هڪ دوست ڪتاب“تحفةالهند”نالي پڙھڻ لاءِ ڏنو، جيڪو هڪ نئين مسلمان ٿيل
سک جو لکيل هيو. جيڪو اسلامي تعليمات تي لکيل هيو. هن ڪتاب ننڍڙي بوٽاسنگھه جي ذھن
۾ ولولو پيدا ڪري وڌو. اسلام جي توحيد پرستي کيس متاثر ڪيو ۽ وڌيڪ ڪتاب پڙھڻ لڳو. پنجاب
مان نڪري سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڀرچونڊيءَ۾ حافظ محمد صديق سميجي جي هٿ تي بيعت قبول
ڪري اسلام جي حلقي ۾ داخل ٿيو، سندس نالو ڪتاب جي مصنف جي نسبت سان عبيدالله رکيو
ويو. سندس سنڌ ۾ ڪوئي مٽ مائٽ نه هيو، هن حافظ کي پنهنجو ابو سڏيو ۽ پنجابي قوميت
جو چولو لاهي سنڌي قوميت جو پهراڻ بدن تي پهريو، سنڌ کي پنهنجي امڙ بڻايو. ان ڏينهن
کانپوءِ تاريخ ۾ شخصيت نمودار ٿي جنهن کي اڄ پوري دنيا ۾ “مولانا عبدالله سنڌي”جي
نالي سان سڄاتو وڃي ٿو.
سال ۱۹۲۲ع ۾ پاڻ ماسڪو مان ٿيندو ترڪيءَ جي دوري تي
ويو، روس جي دوري دوران ڪميونسٽ اڳواڻ لينن سان ملاقات جي حوالي سان ڪجھ مورخ لکن ٿا
ته مولانا عبيدالله سنڌي سان ملاقات ٿي هئي ڪي مورخ لکن ٿا لينن بيمار هئڻ جي ڪري
ملاقات نه ٿي سگهي. مولانا علم جو ڄاڻو، ذهين شخصيت جو مالڪ هو. روس جي حڪومت مولانا
کي پنهنجو معزز مهمان ڪري ڄاتو، ۽ کين مطالعو ڪرڻ لاءِ هر قسم جي سهوليت ڪري ڏنائون،
انهيءَ مطالعي جو نتيجو اهو ٿيو، جو مولانا جن پنهنجي مذهبي تحريڪ (جا امام شاھ ولي
الله دهلويءَ جي فلسفي تي مبني آهي) کي هن زماني جي لادينيءَ جي حملي کان محفوظ رکڻ
لاءِ تدبيرن سوچن ۾ ڪامياب ٿيا. جنهن بعد مولانا انگورا ويا. ترڪيءَ جي سفير ۽ ماسڪو
جي وزارت خارجه- ٻنهي گڏجي مولانا لاءِ سفر جو رستو آسان ڪري ڏنو. برطانوي جاسوسن
کي انهيءَ راز جي بلڪل خبر ڪانه هئي. مولانا جن ساندھ ٽي سال ترڪيءَ ۾ رهي، تحريڪ اتحاد
اسلاميءَ جو تاريخي مطالعو ڪيو. حضرت مولانا يورپ مان ٿيندا مڪه معظمه پهتا، ۽ ساندھ
ٻارهن سال مڪه معظمه ۾ رهيا پر حڪومت سان سندن ڪوبه تعلق ڪونه هو، نه وري مولانا
جن ڪو سياست ۾ بهرو وٺندا هئا. مولانا جن فرمائيندا هئا ته ’اسان خانه ڪعبه ۾ اچي
امن ورتو آهي‘. اتي مولانا صاحب جن ڀوپال جي رباط ۾ رهندا هئا، ۽ پنهنجي هميشه
واري دستور موجب توڪل واري زندگي بسر ڪندا هئا. اسلامي دنيا جا ڪيترائي عالم ۽ هندستان
جا انگريزي خواندا کانئن قرآن حڪيم جو درس وٺندا هئا. مڪي معظمه جي حرم جو پيش
امام ۽ ٻيا علماء ڪرام، جي جامع ازهر جا فارغ التحصيل هوندا هئا، اهي به مولانا مرحوم
وٽ قرآن حڪيم جو درس وٺندا هئا. روس جو عالم موسيٰ جارالله جڏهن مڪه معظمه ۾ آيو، ته
مولانا جو درس ٻڌي گرويده ٿي پيو ۽ مولانا صاحب کان درس وٺندو رهيو.
مولانا صاحب ترڪي
جي دوري دوران ۱۹۲۴ع ۾ هڪ مقالو“سرواجيه پارٽي جو منشور”جي نالي سان لکي ڇپائي هندوسان موڪليو،
هندوستان جي حڪوت ان جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪئي. ان ۾ مولانا عبيدالله سنڌي لکيو
ته:موجوده سرمائيداري نظام کي اسين رد ڪريون ٿا، پر ان جي بدران ڪوبه اهڙو نظام
قبول نٿا ڪريون جنهن ۾ مذهب لاءِ بلڪل گنجائش نه هجي ۽ اهو ٿوري انفرادي ملڪيت جي
اجازت نه ڏيندو هجي. ڇاڪاڻ ته اسان جي ملڪ جي ۷۲ سيڪڙو آبادي پراڻي زرعي سرشتي هيٺ زندگي گذاري
ٿي، عوام ۾ مذهبي رسمون سندن معاشرت جو جزو بڻجي چڪيون آهن. جيڪڏهن انهن ڳالهين جو
خيال نه ڪري ڪوبه پروگرام ٺاهيو ويو ته آزاديءَ جي تحريڪ گهڻو پوئتي ڌڪجي ويندي. اسان
نئون اقتصادي ۽ سياسي نظام پيش ڪرڻ وقت پنهنجي پارٽيءَ جي ميمبرن لاءِ جيڪي آزاد
هند جي نئين حڪومت ٺاهيندا. هي شرط لاڳو ڪيو ويو آهي ته هو پنهنجين ذاتي گهرجن ۽ خرچن
کي ملڪ جي وچين هاري طبقي کان مٿي نه وڌائيندا. جيئن حڪومت ۾ سرمائيداريءَ جي ڪهڙي
ريت به ٻيهر پيدا ٿيڻ جي گنجائش نه رهي ۽ اسان جي پارٽيءَ بابت هي شڪ نه ٿي سگهي ته
ان جو پروگرام فقط پاڻ پالڻ آهي يا هڪ سياسي چال جي حيثيت رکي ٿو.
جامعه مليه دهلي
۾“يادگار شيخ الهند”جو افتتاحي خطبي ۾ مولانا فرمايو ته:“اسان نظريا ته اُهي ئي مڃيون
ٿا جيڪي امام ولي الله دهلويءَ کان وٺي شيخ الهند تائين اسان جن بزرگن مقرر ڪيا پر
اڄوڪي انقلابي دور ۾ انهن عظيم مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پورگرام اسان يورپ کان سکڻ
ضروري سمجهون ٿا. جيئن سڀني مشرقي ملڪن ۾ هڪ صديءَ کان ٿي رهيو آهي. جاپان، ترڪي ۽
گذريل جنگ کانپوءِ ايران، افغانستان ۽ سڀني عرب ملڪن ۾ آخر ۾ نيشنل ڪانگريس جا رهنما
سڀ يورپ کان سکندا رهيا. تنهن ڪري اسان نوجوانن کي پنهنجي علمي نظرين سان گڏجي
عملي تجربن سکڻ لاءِ کين يورپين بڻجڻ جي دعوت ڏيون ٿا. ”
ڪانگريس جي ضلعي ڪاميٽي
ڪانفرنس ۾ افتتاحي تقرير ڪندي مولانا چيو ته؛“مون ٻڌو آهي ته مسلم ليگ جو ڊڪٽيٽر مسٽر
محمد علي جناح صاحب بالقابه سنڌي آهي. مان سندد خدمت ۾ آل انڊيا ليڊر جي حيثيت سان
نه پر هڪ سنڌي لبرل جنٽيلمين جي حيثيت سان عرض ٿو ڪريان ته جيڪڏهن مون کي ساڻس ملڻ
جو موقعو مليو ته مان کيس ٻه ڳالهيون ذهن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندس. کيس ڪرسي ڇڏي ڌرتيءَ
تي ڇو ويهڻ گهرجي؟
فيڊريشن مان اسان
جي مراد ڇا آهي؟ مان ڇو فيڊريشن کان سواءِ هندوستان جي ترقي جو ٻيو ڪوبه امڪان ڪونه
ٿو سمجهان؟ افسوس آهي جو اسان جي نظر ۾ فيڊريشن کي نه ڪو ڪانگريس ٿي سمجهي ۽ نه
ليگ. ڪانگريس کي قائل ڪرڻ لاءِ اسان کي تڪڙ آهي پر ليگ کي پنهنجو نقطه نظر سمجهائڻ
اسان ضروري سمجهون ٿا. “
دارالعلوم ديوبند
کان موٽي آيا ته مولانا ابوالحسن تاج محمود امروٽي وٽ پهتا، پهريان حافظ محمد صديق
ڀرچونڊي وارن ڏانهن ويا جتي خبر پئين ته حافظ محمد صديق فوت ٿي ويو، جنهن بعد مولانا
تاج محمد امروٽي وٽ آيا. مولانا ابوالحسن تاج محمود امروٽ کي خيال ڪيو ته مولانا جي
شادي ڪرائجي، سو کين سکر ۾ اسلاميه اسڪول جي مولوي ماستر محمد عظيم خان يوسف زئي
جي صاحبزاديءَ سان نڪاح ڪرايائون. مولانا جي والده کي به ان وقت گهرايو ويو. ان کان
پوءِ سندن والده ساڻن گڏ رهي، ۽ پنهنجي اصلي سک مذهب تي محڪم هئي. مولانا عبيدالله
سنڌي پيغام کي عام ڪرڻ جي لاءِ مولانا تاج محمد امروٽي سان گڏجي ماهوار رسالو“هدايت
الاخوان”جاري ڪيو. حضرت امروٽي، مولانا جي مطالعي خاطر تمام وڏو ۽ ناياب ڪتبخانو گڏ
ڪيو. مولانا جن نهايت ئي اطمينان سان مطالعو ڪندا رهيا، ۽ حضرت جن مولانا کي
پنهنجي اولاد وانگر سمجهندا هئا. ڳوٺ پير جهنڊي ضلعي حيدرآباد ۾ راشدي طريقي جي
پير صاحبن وٽ ديني علم جو بينظير ڪتبخانو هو. مولانا جن دوران مطالعي ۾ ڳوٺ پير جهنڊي
واري پير صاحب ڏانهن به تمام گهڻو ايندا ويندا هئا. مولانا جي مطالعي جي اضافي ۾ ڪتبخاني
جو وڏو دخل هو، ان سان گڏ حضرت مولانا جن پير رشيدالدين صاحب جي صحبت مان به مستفيد
ٿيا، ۽ ذڪر ”اسماءَ الحسنيٰ”به انهن کان سکيا. هي بزرگ دعوت توحيد ۽ جهاد جو هڪ مجدد
هو. حضرت مولانا جن پير ابوالتراب رشدالله صاحب العلم الرابع سان به علمي صحبتون ڪيون.
هو صاحب علم حديث جو وڏو عالم ۽ صاحب تصنيف هو. ان کان سواءِ، قاضي فتح محمد نظاماڻي
صاحب سان به علمي باري ۾ روح- رهاڻيون ڪيائون. قرآن شريف، حديث ۽ فقه جي تحقيق ۾، حضرت
مولانا محمد قاسم صاحب رحه ديوبنديءَ کان ويندي امام شاھ ولي الله رحه دهلويءَ
تائين جيڪي به وچ ۾ عالم ٿي گذريا، تن کي مولانا صاحب پنهنجو امام تسليم ڪيو. مولانا
صاحب جن ۱۹۱۴ع ۾ دهليءَ ويا، جتي پاڻ ڊاڪٽر انصاري ۽ حڪيم اجمل خان سان گڏجي، ترڪيءَ کي
بچائڻ ۽ هندستان کي آزاد ڪرڻ جي تحريڪ ۾ حصو ورتائون.
هندستان جو پهريون
وزيراعظم جواهر لال نهرو غلاميءَ جي زماني ۾ شايد اٽليءَ ۾ امام سنڌيءَ کي مليو، ان
جو ذڪر نهروءَ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو ته آهي پر ملاقات جو موضوع ۽ تفصيل ڪو نه لکيو اٿس
صرف هي لکيو اٿس ته سنڌي صاحب وٽ هر مشڪل مسئلن جو وڏو حل موجود هو. امام سنڌي جڏهن
جلاوطني ختم ڪري هندستان واپس موٽڻ لاءِ سعودي حڪومت ۾ برطانيه جي جدي واري قونصل
خاني کان ويزا جو مطالبو ڪيو ته قونصلر مولانا جو اهو مطالبو لنڊن موڪليو، انهن لکيو
ته هن شرط سان کيس ويزا ڏني وڃي ته هندستان ۾ وڃي ڪو به سياسي عمل نه ڪندو ۽ ان
لاءِ ڪو اتان جو ماڻهو بطور ضامن جي به ڏئي ته مولانا اهو شرط قبول ڪيو ۽ ضمانت لاءِ
شهيد الله بخش سومرو وزيراعظم سنڌ کي پيش ڪيو. امام سنڌيءَ ڪنفيڊريشن قسم جي
صوبائي خودمختياري واري منشور سان نئين پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو جنهن کي هو گهڻو هلائي
نه سگهيو. ۷ مارچ ۱۹۳۹ع ۾ ۲۳ سالن جي جلاوطني کان واپس اچي ڪراچيءَ پهتو مولانا تان بندش ختم ٿي. ڪراچي
بندر تي لٿو سندس استقبال ۾ سنڌ جو وزير اعلى خانبهادر الله بخش سومرو مرحوم گلن
جا هار کنيو موجود هو. ۲۳ ورهين جو وڇوڙو ختم ٿيو.
وطن واپسي تي ڪراچي
۾ هڪ تاريخي تقرير ڪندي چيو ته:“آءُ انقلاب جو پيغامبر بڻجي هندوستان موٽيو آهيان،
اُهو ڏينهن پري ناهي جو برطانيه ۽ آمريڪا وارن کي پاڻ سنڀارڻ مشڪل ٿي پوندو. هن
انقلاب کي قيامت کان گهٽ نه سمجهو، مون وڏن وڏن عالمن ۽ وڏن وڏن اميرن کي پنندي ڏٺو
آهي، عڳزتن کي لٽجندي ڏٺو اٿم، هي سيلاب ڪو موسمي ڇوپهو ناهي جو آيو ۽ ويو، هي
موجوده دور جي تاريخي گهرجن جو قدرتي نتيجو آهي
قرآن حق آهي، انجيل
حق آهي، تورات حق آهي، جيڪڏهن انجيل کي غلط رنگ ۾ پيش ڪرڻ سان نصارو ڪافر ٿي سگهي ٿو
ته هن ملڪ جا مسلمان قرآن پاڪ کي غلط رنگ ۾ پيش ڪرڻ سان ڪيئن ٿا مسلمان رهي سگهن. هاڻي
انقلاب جي گحڙي مٿان اچي بيٺي آهي پاڻ سنڀاريو نه ته ميسارجي ويندو.
جيڪڏهن زندھ رهڻ
گهرو ٿا ته اهڙي فلسفي کي قبول ڪيو، جنهن سان خدا تي ايمان به رهي ۽ غريبن جو ڀلو
به ٿئي، جنهن جي ترجماني امام ولي الله دهلوي ڪئي آهي.
جڏهن انقلاب غريب جي
جهوپڙي کان اٿندو آهي ته اهو اميرن جي محلاتن کي به زمين ۾ ملائي ڇڏيندو آهي، جيڪڏهن
اوهان انقلابي بڻجڻ گهرو ٿا ته قرآن ۽ سنت جي طريقي سان انقلابي بڻجو.
جيڪڏهن مان مري وڃان
۽ منهنجي مرڻ کانپوءِ ٽن سالن تائين انگريز هندستان مان نه نڪري وڃي ته منهنجي قبر
تي اچي چئجو ته انگريز هتي اڃا ويٺو آهي. آءُ توهان کي قبر کان جواب ڏيندس ته مون
انگريز جي پاڙ بنياد کان ئي اکيڙي ڇڏي آهي. هنيئر هو هندستان ۾ نه ٿو رهي سگهي ۽ جلد
اوهان مون کي ياد ڪندو، آءُ پنهنجي معاملي کي الله جي حوالي ڪيان ٿو. ”
وطن واپسيءَ بعد، شاھ
ولي الله جي فلسفي جي تشريح ۽ هدايت ڪندو رهيو. ان- فلسفي جي تدريس لاءِ “بيت الحڪمت‘
قائم ڪيائين، “بيت الحڪمت لاهور ۱۹۴۰ع ۾ قائم ٿيو ۽ ۱۵ مارچ ۱۹۴۴ع تي شاھ ولي الله جي فلسفي جي اشاعت- لاءِ “ولي -الله-
سوسائٽي لاهور” جو بنياد وڌائين. جلاوطني ختم ڪرڻ کانپوءِ مولانا مسلسل جدوجهد ۾
رهيو، مولانا صاحب جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي، محمد قاسم ولي الله سوسائٽي، سنڌ ساگر
اڪيڊمي، سنڌ ساگر انسٽيٽيوٽ قائم ڪئي. مولانا سنڌي جي ڪتابن ۾“التمهيد في ائمة
التجديد“، “شاھ ولي الله ۽ ان جي سياسي تحريڪ”، “شاھ ولي الله- ۽ ان جو فلسفئه محموديه”،
“خطبات”، “اردو- شرح حجة الله البالغه ”جلد اول، “مبحث اول و دوئم”، “سلسله تفسير-
قرآن” شامل آهن ان کان علاوھ اڪثر مقالا پڻ لکيا.
مولانا عبيدالله سنڌي
کان انگريز سرڪار ڊنل هئي، جنهن ڪري کيس ڳجهي نموني زهر ڏياريو ويو جنهن جا اثر
سندس جسم تي ظاهر ٿيا ۽ رت جون الٽيون اچڻ لڳيون، ۲۲ آگسٽ ۱۹۴۴ع تي پنهنجي ڌيءَ وٽ دينپور تعلقي خانپور(رحيم
يار خان) ۾ سندس ساھ جو سڳو ٽٽي پيو، سندس مرڻ کي انگريز قبول نه پئي ڪيو، هڪ ٽيم
موڪليائين ته ڏسي اچو ساڳيو شخص ئي پوريو ويو آهي يا هي ٻيو ڪوئي ماڻهو اسان کي
بيوقوف بڻائڻ لاءِ ماريو ويو آهي، ان ڪميٽي رپورٽ ڏني ته واقعي مولانا وفات ڪري
ويو آهي، تڏھن وڃي انگريز کي سرير ۾ ساھ پيو هيو.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۰ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
مولانا عبيدالله سنڌي، سائين
عبدالوارث دَل ۽ نياڻين جي تعليم
الطاف شيخ
منهنجو والد صاحب گل
محمد شيخ هڪ عجيب فقير طبيعت جو انسان هو. هو اسان جي ڏاڏي جو اڪيلو پٽ هو... زندگي
جا شروع وارا سال هو ڪپڙي پوشاڪ جو شوقين رهيو.... اعليٰ عطر استعمال ڪندو هو، نيرن
بعد اوچو سگريٽ وڏي شوق سان ڇڪيندو هو.... پوءِ آمريڪا جي ڪارنيل يونيورسٽي (نيو
يارڪ) مان ائگريڪلچر ۾ M. Sc ڪرڻ بعد وڌيڪَ مغربي
تهذيب کي فالو ڪرڻ بدران هن مذهبي رخ اختيار ڪيو ۽ بيحد سادگي جي زندگي اختيار ڪئي....
ايتري قدر جو هن ان وقت کان جو کاڌي (هٿ جي اوڄي) جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا ته ڊپٽي
ڪمشنر ٿيڻ جي باوجود هن اها ڊريس قائم رکي. پنهنجي گاڏي نه فقط پاڻ هلائيندو هو پر
اسان پٽن سان گڏجي ان کي صاف به پاڻ ڪندو هو. نيڪ ۽ قابل ماڻهن جي هن هميشھ عزت ۽
احترام ڪيو ٿي پوءِ اهي ماڻهو سندس ڪلاس ميٽ سيد غلام مصطفيٰ شاھ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش
بلوچ جهڙا هجن يا اسان جي ٻنيءَ جا غريب هاري الھ رکيو ۽ خانڻن ابڙيجو جهڙا. آچر واري
موڪل تي نوڪري تان جڏهن ڳوٺ ايندو هو ته هو پنهنجي ٻني (زمين) تي اسانکي به وٺي هلندو
هو..... چوندو هو ته زميندار کي ٻنيءَ تي گهڻي کان گهڻو وقت گذارڻ کپي.... ٻنيءَ لاءِ
سڀ کان سٺو ڀاڻ زميندار جي جتيءَ جي دز آهي.... بهرحال اسان لاءِ انهن ڏينهن ۾ ڪار
جو چڪر اهم هوندو هو..... پنجين ڪلاس کان وٺي مون ٻنيءَ تي وڃڻ شروع ڪيو هو. ’گل فارم‘
نالي اسانجيون زمينون ۽ باغ هالا ۽ سعيد آباد جي وچ ۾ پڪي رستي تي “ٻاروچي باغ” ڳوٺ
کان ميل کن اڳتي “ونجھيرين” جي بس اسٽاپ وٽ آهي. ٻنيءَ جي چڪر بعد بابو اڪثر ڀر
وارن ڳوٺن جي وڏيرن، عالمن، ڏاهن ۽ بزرگ شخصيتن سان پاڻ به ملندو هو ۽ اسان پٽن کي
به ملائيندو هو. سعيد آباد ڀرسان “ڳوٺ پير جھنڊو” ۾ رهندڙ راشدي پيرن وٽ به ترسندو
هو جتي منهنجي ملاقات موجوده گادي نشين پير جھندو سائين عباد الله شاھ جي والد
صاحب “پير وهب الله شاھ راشدي” سان ٿي هئي جيڪو منهنجي والد جو هم عمر هو.... اهڙي
طرح ڀر وارن ٻين ڳوٺن: شهمير راهو، صابُو راهو، بکر جمالي (جتي جو اڄ ڪلھ وارو اي
آئي جي پوليس جمالي صاحب آهي)، وغيره جي ڳوٺن جي ڪن ڪن اهم ۽ والد صاحب جي پسنديده
ماڻهن سان ٿيندڙ ملاقاتون اڄ به ياد اٿم. انهن ڏينهن ۾ نه مون وٽ ۽ نه منهنجي والد
وٽ ڪئميرا هُئي جو کڻي فوٽو ڪڍجن. ابراهيم منشي نالي بابا جو هڪ دوست جيڪو ٻيلي کاتي
جو آفيسر هو، مون فقط ان وٽ ڪئميرا ڏٺي جيڪو اسانجي هالا واري اوطاق تي ايندو هو
ته اسان ٻارن جا فوٽو ڪڍندو هو.
بهرحال بابا جي
ڏينهن وارا من پسند ماڻهو اڄ منهنجي پيءُ وانگر هن جهان ۾ نه رهيا آهن پر انهن جي
اولاد سان اڄ به ملاقات ٿيندي رهي ٿي. هتي فقط هڪ، بابا جهڙي سادي طبيعت ۽ نيڪ اخلاق
واري انسان مولانا عبدالوارث دَل جو ذڪر ڪرڻ چاهيندس جنهن جي بابا تمام گهڻي تعريف
ڪندو هو. آئون به اڄ ڏينهن تائين اهڙن کي نه فقط اهم ۽ نيڪ انسان سمجھان ٿو.... بلڪ
عظيم سمجھان ٿو ۽ اهو ئي سوچيان ٿو ته هن جهڙن ماڻهن کي جَسُ هُجي جن گهٽ پگهار ۽
وڏي عيال هوندي به پنهنجن ٻارن کي اعليٰ تعليم جهڙو زيور ۽ اخلاق ڏنو. مولانا غلام
مصطفيٰ قاسمي وانگر سعيد آباد جي هن ماستر عبدالوارث دَل صاحب پنهنجن پٽن سان گڏ نياڻين
کي به پڙهايو. هو مولانا عبيدالله سنڌي جو وڏو معتقد هو جنهن جڏهن کيس چيو ته ٻارن
کي انگريزي پڙهائڻ ضروري آهي ته هن نه فقط سڀني ٻارن کي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي
اعليٰ تعليم ڏياري پر وڏن ٻن ٻارن (نياڻين) کي تعليم ڏيارڻ بعد گهر ۾ ڇوڪرين جو اسڪول
هلائڻ لاءِ پڻ چيو. هو هڪ عجيب نيڪ انسان هو جنهن کي مون شروع جي سالن بعدوري سندس
زندگي جي آخري سالن ۾ ڏٺو جڏهن سالن جا سال جهاز هلائي، ولايت ۾ نوڪريون ڪري پنهنجي
وطن جي مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهائڻ آيس ۽ منهنجي رٽائرمينٽ ۾ يعني سٺ سال پورا ٿيڻ ۾ باقي
ڪو هڪ سال وڃي بچيو هو. سائين عبدالوارث دَل صاحب هميشه وانگر مولانا عبيدالله سنڌي
صاحب جي ڪيل قرآني تفسيرن ۽ ٻين ديني ڪتاب جا بنڊل مٿي تي رکي دڪانن ۽ گهرن ۾ ماڻهن
تائين پهچايا ٿي.... هي ڪو هن ڪمائيءَ لاءِ نٿي ڪيو پر بقول اسانجي ڪتابن جي پبلشر
علينواز گهانگهري ۽ سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر يوسف پرديسيءَ جي ماستر عبدالوارث
دَل صاحب جو اهو جهاد يعني (Mission) مِشن هئي.... هو پاڻ به عالم، نيڪ ۽ قرآن
جي تعليم جو ڄاڻو هو ۽ هن جي زندگيءَ جي خواهش به اها ئي هئي ته گهر گهر ۾ قرآن جو
علم پهچايو وڃي گهر گهر ۾ ديني تعليم عام ڪئي وڃي.
هتي ڪجھ سٽون مولانا
عبيد الله سنڌيءَ بابت لکڻ ضروري سمجھان ٿو جيئن اڄ جي نوجوانن کي اها ڄاڻ رهي ته هن
سنڌي نه هجڻ جي باوجود سنڌ سان واسطو رکيو... هو ڪنهن پير، شاھ، گادي نشين جو ڪو
فرزند نه هو جو ماڻهن سندس وڏن ڪري هن جوادب، عزت ۽ فرمانبرداري ڪئي ٿي.... هو ته
رام سنگھ زرگر نالي هڪ سک جو پٽ هو جنهن اسلام قبول ڪري ديني تعليم حاصل ڪئي ۽ اسلام
جو پيغام ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايو...... دهلي، لکنؤ، بڙودا کان افغانستان روس تائين... ۽
هن پنهنجي زندگيءَ جو چڱو حصو ماستر عبدالوارث دَل جي ڳوٺ “سعيد آباد” ۾ پڻ گذاريو
جتي پير جھنڊو ڳوٺ ۾ “دارلارشاد” نالي مدرسي جي خذمت ڪئي.... اسان جي حڪومتن جي ڪاهلي
آهي نه ته هي مدرسو اڄ قاهري ۽ ڪولالمپور جهڙي اسلامي يونيورسٽي هجي ها.
مولانا عبيدالله
سنڌي سيالڪوٽ جي اُپل کتري سک فئملي ۾ ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع تي رام سنگھ جي گهر ۾ ڄائو. سندس ڄمڻ کان ۴ مهينا اڳ سندس والد گذاري ويو. ڏاڏي ۽ پوءِ
ناني کيس نپائي وڏو ڪيو. اسڪول ۾ هو ته هن کي “تفت الهند” نالي هڪ ڪتاب ڪنهن هندو دوست
پڙهڻ لاءِ ڏنو. اهو ڪتاب هندو مان مسلمان ٿيل هڪ اسڪالر “مولانا عبيدالله مالرڪوٽلا”
جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۽ ان بعد ڪجھ ٻين.... جهڙوڪ “تقويت الايمان” ۽ “احوال الآخرين”
مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ذهن تي وڏو اثر ڇڏيو ۽ پنڌرهن ورهين جي ڄمار ۾ سن ۱۸۸۷ع ۾ هو مسلمان ٿيو. ان ئي سال هو سيالڪوٽ کان
سنڌ آيو جتي حافظ محمد صديق ڀَرچونڊيءَ جو شاگرد ٿي رهيو...... ان بعد دين پور ۾ مولانا
غلام محمد کان ديني تعليم حاصل ڪئي ۽ پوءِ “دار العلوم ديوبند” ۾ داخلا ورتي جتي فقه،
حديث، تفسير ۽ ٻين مذهبي مضمونن جي تعليم ورتي. ۱۸۹۱ع ۾ اتان گرئجوئيٽ ٿيڻ بعد هو سڌو سکر آيو
جتي امروٽ شريف ۾ مولانا محمد صديق ڀرچونڊي جي نظر هيٺ.... ۽ ان جي وفات بعد مولانا
تاج محمد امروٽي سان گڏ ٻارن کي پڙهائڻ لڳو.... ۱۹۰۱ع ۾ شاديءَ بعد مولانا عبيدالله سنڌي سعيد
آباد جي پير جھنڊو ڳوٺ ۾ آيو جتي هن دارلارشاد نالي مدرسو قائم ڪيو ۽ لڳاتار ست سال
رهيو. ان بعد هو وري ديوبند هليو ويو. ان بعد هن حڪيم اجمل خان ۽ ڊاڪٽر انصاريءَ سان
گڏ دهليءَ ۾ پڻ ڪم ڪيو. پوءِ ڪيترا سال هو ترڪي، روس، افغانستان ۽ ٻين ملڪن ۾ اسلام
جي تبليغ ڪندو رهيو ۽ “تحريڪ ريشمي رومال” ۾ به حصو ورتو. مولانا صاحب هڪ عرصو
مديني ۾ به رهيو ۽ وچ وچ ۾ سنڌ جي شهرن: سکر، سعيد آباد ۽ ٻين ۾ به ايندو رهيو....
هي اهو دور هو جڏهن مولانا عبدالوارث جوان هو ۽ عبيدالله سنڌيءَ جو معتقد هجڻ ڪري
هن سان ملندو رهيو ٿي. مولانا عبيدالله سنڌيءَ ۱۹۴۴ع ۾ وفات کان اڳ ماستر عبدالوارث دَل کي اها
تلقين ڪئي ته هو ٻارن کي انگريزي پڙهائي ۽ اها ڳالھ پڻ ذهن نشين ڪرائي ته مسلمانن
لاءِ دين سان گڏ جديد سائنسي علم حاصل ڪرڻ پڻ ضروري آهي.
مٿي لکي آيو آهيان
ته ماستر عبدالوارث دَل صاحب منهنجي پيءُ جو هم عمر هو ۽ سندن وڏي نياڻي ٻار منهنجي
عمر جي لڳ ڀڳ هوندي. هي اهو زمانو هو جڏهن ماستر عبدالوارث جي ڳوٺ “خدا بخش دَل”
(سعيد آباد کان ۱۵ ڪلوميٽر) ۾ ته ڇوڪرين جو هاءِ اسڪول نه هو پر سعيد آباد يا هالا ۾ به نه
هو.... سنڌي مسلمانن ۾ ان وقت به تعليم حاصل ڪرڻ جي ايڏي سجاڳي نه هئي جو ڇوڪريون
ته ڇا ڪيترن گهرن جا ڇوڪرا به وڌيڪَ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ نه دلچسپي وٺندا هئا ۽ نه
ضرورت محسوس ڪندا هئا. جن ڏينهن ۾ آئون هالا جي هاءِ اسڪول ۾ آيس ته ان سال اسانجي
شهر جي پوسٽ آفيس جي پنجابي پوسٽ ماسٽر جي ڌيءَ پهريون ٻار هو جنهن اسان جي يعني
ڇوڪرن جي اسڪول ۾ داخلا ورتي. اسان جي شهر جي سنڌي سرڪاري ڪامورن توڙي سکين ستابن
جون نياڻيون به انگريزي نه پڙهنديون هيون... پڙهن به ڇا جڏهن ته ان وقت نه اسان جي
شهر هالا ۾ گرلس اسڪول هئو ۽ نه وري اڄ واري ضلعي شهر مٽياريءَ ۾. حيدرآباد شهر ۾ البت
هئا جيڪي هندستان جي ورهاڱي کان گهڻو اڳ انگريزن جي ڏينهن ۾ انگريزن ۽ سنڌي هندن ٺهرايا
هئا. اڄ اهو ٿو سوچجي ته سائين عبدالوارث دَل صاحب کي شاباس هجي جنهن مولوي ٿي ڪري
پنهنجي سڀني ٻارن خاص ڪري نياڻين کي به انگريزي پڙهائي. جيتوڻيڪ هو فقط هڪ گهٽ پگهار
وارو ماستر ماڻهو هو.... ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جو نه پر هڪ هاريءَ جو پٽ هو..... پاڻ سائين
عبدالوارث توڙي هن جو اولاد پنهنجي ڏاڏي محمد صالح دَل لاءِ اهو ٻڌائيندي عار نه محسوس
ڪندا آهن ته هو هڪ ڪڙمي هو جنهن زمين ٽڪرو پاڻ ئي کيڙيو ٿي ۽ پاڻ ئي پوکيو ٿي.
ماستر عبدالوارث دَل
کي ڇھ نياڻين بعد ٽي پٽ ٿيا. هن جي وڏين نياڻين: حسن بانو ۽ ذوليخا جيئن ئي سعيد آباد
مان پرائمري تعليم مڪمل ڪئي ته هن کين حيدرآباد جي ميران اسڪول ۾ داخل ڪرايو ۽ اتي
ئي هاسٽل ۾ رکيو.... اهڙي طرح ٻين نياڻين کي پڻ. ميران اسڪول بعد هنن مڙني حيدرآباد
جي زبيده گرلس ڪاليج ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪئي. وچ ۾ پئسي جي تنگي ڪري
وڏين ٻن ڌيئن کي ڪجھ عرصي لاءِ پڙهائي ڇڏرائي ماستري به ڪرائي ۽ پاڻ به رٽائرمينٽ
کانپوءِ مولانا عبيد الله سنڌي جي تفسير جا جُلد ۽ ٻيا اسلامي ڪتاب ڇپرائي وڪڻڻ لڳو.
پاڻ ڪڏهن ڪڏهن سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ۾ پروفيسر يوسف پرديسي جي گهر اچي رهندو هو. انهن
ڏينهن ۾ پرديسي صاحب ليڪچرار هو. هي مضمون لکڻ دوران پرديسيءَ کان پڇڻ تي هن مولانا
عبدالوارث کي ياد ڪندي چيو ته هو ڇا ته نيڪ ۽ ايماندار ماڻهو هو. “الطاف! مون مولانا
عبدالوارث دَل جهڙو محنتي ماڻهو زندگي ۾ نه ڏٺو. ”
پرديسي جهڙي شخص
کان، جيڪو پاڻ به ’سيلف ميڊ‘ ۽ ’هارڊ ورڪنگ‘ ماڻهو سڏيو وڃي ٿو... ٻئي لاءِ اهڙا
رمارڪ ٻڌڻ وڏي ڳالھ آهي.... هن چيو ته: “اڄ به سائين عبدالوارث جن هن جي اکين
اڳيان ڦري رهيا آهن. هو مٿي تي پٽڪو ٻڌندا هئا، ان مٿان ڪتابن جي وڏي هڙ رکي مختلف
آفيسن ۽ دڪانن تي ماڻهن وٽ هلي ويندا هئا. پوءِ ڪي کيس ڪتابن جي قيمت ڏيندا هئا ته
ڪن وٽ پئسو نه هوندو هو ته ماستر صاحب کين مفت ۾ ئي ڪتاب ڏئي ڇڏيندو هو. ”
سائين عبدالوارث سن
۱۹۲۲ع ۾ ڳوٺ “خدا بخش دَل” ۾ جنم ورتو. سنڌي فائنل پڙهي هو باگراڻي ڳوٺ ۾ ماستر
ٿيو. کين ٻه ڀائر هئا: مٺا خان جيڪو سعيد آباد ۾ درزي هو ۽ ٻيو محمد هاشم جنهن کي
شهدادپور ۾ ڪپڙي جو دڪان هوندو هو. سائين عبدالوارث جا مڙئي ٻار ڊاڪٽر، انجنيئر ۽
پروفيسر ٿيا. سندن پهرين ٻار حسن بانوءَ پوليـٽيڪل سائنس ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ ٽيچنگ ۾
رهي ۽ ٻيو نمبر ڌيءَ پروفيسر ذواليخا ڪيمسٽري سبجيڪٽ ۾ M. Sc ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ
۾ ئي پڙهايو. ٽيون نمبر خيرالنساءِ بئنڪنگ ۾ آهي ۽ اڄ ڪلھ شايد حيدرآباد ۾ ائگريڪلچر
بئنڪ جي مئنيجر ۽ ائڊيشنل ڊائريڪٽر آهي. ان بعد ڊاڪٽر رضيه سلطانا حيدرآباد جي مينٽل
اسپتال جي انچارج ميڊيڪل آفيسر آهي ۽ پنجون نمبر ڌيءَ جنهن فارميسي سبجيڪٽ ۾ ايم فل
ڪئي آهي اها مهراڻ يونيورسٽي ۾ نوڪري ڪري ٿي. کين هڪ ٻي به ڀيڻ هئي جيڪا ننڍي
هوندي گذاري وئي.
پوليس ڊپارٽمينٽ جو
ڊي آءِ جي ولي الله دَل ڇهن ڀيڻن بعد انهن جو ڀاءُ آهي جنهن بعد حماد الله دل آهي
جنهن ڪمپيوٽر انجنيئرنگ ۾ B. E ڪئي آهي ۽ آخري ٻار عبدالقادر دَل جيڪو
ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ آهي ان مهراڻ يونيورسٽيءَ مان سِول ۾ بي اي ڪئي هئي.
هڪ ڳالھ آهي ته غربت
۾ رهي ڪري هر ٻار خوب محنت ڪئي ۽ پڙهائيءَ ۾ نالو روشن ڪيو.
عبيدالله سنڌي
اچو ته اڄ کيس ياد ڪريون
شاھد جتوئي
“اچو ته شيڪسپيئر جي ناخوش بادشاهه کان انڪار ڪندي گڏجي ويهون ۽
اعليٰ ۽ عظيم مردن ۽ عورتن جون ڪهاڻيون ٻُڌايون.” اها ڳالهه نامياري آمريڪي ڏاهي
“ول ڊيورانٽ” پنهنجي ڪتاب “سورمن جي تاريخ” ۾ هڪ جاءِ تي لکي آهي. ول ڊيورانٽ جي
ان ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته، جڏهن ڪو ننڍا ۽ بندرا ماڻهو عظمت ۽ وڏائيءَ جا
دعويدار ٿين ٿا ته، فڪري بحران پيدا ٿي ويندو آهي، ان بحران مان نڪرڻ لاءِ انهن ماڻهن
جو ذڪر ڪرڻ گهرجي، جن جي عظمت کي تاريخ ۽ وقت تسليم ڪيو هُجي. اڄ اهڙي ئي عظيم
شخصيت جو ذڪر ڪريان ٿو، جنهن جو جنم ڏهاڙو ۱۰ مارچ تي ملهايو وڃي ٿو. اُها
شخصيت آهي مولانا عبيد الله سنڌي، جيڪو آزادي جي تحريڪ جو اڳواڻ ۽ ريشمي رومال
تحريڪ جو باني هو. هُو “امام سنڌي” جي نالي سان مشهور آهي.
مولانا عبيد الله سنڌي ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع تي سيالڪوٽ جي ڳوٺ
چلان والي جي هڪ غريب سک کتري خاندان ۾ پيدا ٿيو. سندس پيدائش کان چار مهينا اڳ ئي
ان جو والد بوٽا سنگهه اپل گذاري ويو. سندس پرورش سندن ڏاڏي ڪئي. ڏاڏي جي انتقال
کان پوءِ هُو پنهنجي چاچي وٽ سرائڪي وسيب جي موجوده ضلعي راجنپور جي وسندي ڪوٽلا
مغلان منتقل ٿي ويو، جيڪا وسندي ڄامپور جي ويجهو آهي. کيس هڪ هندو دوست “تحفته
الهند” نالي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنو. اهو ڪتاب ملير ڪوٽلا جي هڪ نئين مسلمان ٿيل ديني
عالم مولانا عبيد الله لکيو، جيڪو مولانا سنڌيءَ جو همنام هو. اهو ڪتاب پڙهڻ
کانپوءِ مولانا سنڌي کي اسلام سان دلچسپي پيدا ٿي ۽ هُن ٻين ڪتابن جو به اڀياس
شروع ڪيو. صرف پندرنهن سالن جي عمر ۾ هُو مسلمان ٿي ويو، ان کانپوءِ علم جي تلاش
جو سفر شروع ٿيو. ان کانپوءِ هُو ڀرچونڊي شريف، دينپور شريف کان ٿيندو، ديوبند
تائين پهتو. ديوبند سان گڏوگڏ اُن جو امروٽ شريف ۽ دين پور شريف سان گهرو تعلق
رهيو. مولانا سنڌي علم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ آزاديءَ جي تحريڪ جو به سرگرم ڪارڪن بڻجي
ويو. هن ريشمي رومال تحريڪ پڻ شروع ڪئي، جنهن جو مقصد اهو هو ته هندوستان ۾
آزاديءَ جي تحريڪ کي ڳُجهي نموني منظم ڪيو وڃي، هن هندوستان جي آزاديءَ لاءِ
افغانستان، ترڪي، ايران، روس، جرمني، سعودي عرب ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا
۽ اتي جي حڪمرانن ۽ ٻين حلقن جي هندوستان جي آزاديءَ جي تحريڪ لاءِ حمايت حاصل ڪئي.
هُن سياسي، مذهبي موضوعن تي ڪئين درجن مقالا لکيا، تن ۾ نئين دور جي هر سوال جو
جواب موجود آهي.
توڙي جو امام سنڌي ديوبندي مڪتبه فڪر سان واسطو رکندڙ
مذهبي شخص هو پر ان جو سياسي ۽ مذهبي فڪر مسلڪ ۽ مذهب جي قيد ۾ نه آيو. هُو سچو
آزادي پسند ۽ سامراج دُشمن هو. هُو مٽيءَ سان محبت ڪندڙ شخص هو. سندس فڪر مان مٽيءَ
جي سُڳنڌ اچي ٿي. هُو مذهب، فرقي، زبان، نسل ۽ علائقي جي بنياد تي انسانن جي ورڇ
جي خلاف هو. اُن جو سياسي شعور تمام گهڻو بلند هو، ديوبند ۾ رهندي هُو ڪُجهه عرصي
لاءِ ته هندوستان ۾ “اسلامي انقلاب” برپا ڪرڻ جو حامي رهيو. هُن “پان اسلامڪ موومنٽ”
جي پڻ حمايت ڪئي پر ٿوري ئي عرصي ۾ هُو ان تحريڪ کان الڳ ٿي ويو. ڪنهن ديوبندي
عالم لاءِ اهو فيصلو ايترو آسان نه هو، پر هُن اهو فيصلو ڪيو. ان جو چوڻ هو ته اها
تحريڪ سامراجي قوتن جي مفادن کي پورو ڪري رهي آهي. هُن صرف هندوستان جي آزاديءَ کي
ئي بهتر رستو سمجهيو. مولانا سنڌي ڪابل ۾ هندوستان جي جلاوطن حڪومت قائم ڪئي ۽ ان
حڪومت جو صدر راجا مهيندرا پرتاب کي بڻايو، جيڪو اتر پرديش سان تعلق رکندڙ حريت
پسند صحافي، ليکڪ ۽ مارڪسي انقلابي هو. “هندوستان خالي ڪريو تحريڪ” کي مولانا سنڌي
پنهنجي غلطي قرار ڏنو. هُو چوندو هو ته، ڌرتيءَ جي جنگ ڌرتيءَ تي ئي رهي وڙهي
ويندي آهي. مولانا سنڌي ڪُجهه آزادي پسندن جي ان تجويز جي زبردست مخالفت ڪئي ته ڪجهه
اسلامي ملڪن جي فوج هندوستان ۾ داخل ٿي انگريزن سان وڙهي ۽ هندوستان کي آزادي ڏياري.
مولانا سنڌي چيو هو ته، اسان کي ڪوبه حق نٿو پهچي ته اسان ٻين مسلمانن کي پنهنجي ڌرتي
تي حملو ڪرڻ لاءِ چئون.
پروفيسر محمد سرور پنهنجي ڪتاب “افاديت و ملفوظات مولانا
سنڌي” ۾ لکي ٿو ته، جامعه نگر ۾ مولانا جي هڪ ويهڪ هُئي، ڪنهن کانئس پُڇيو ته،
مسلمان ۽ هندو گڏجي انگريزن سان وڙهي رهيا آهن، گڏجي جيل وڃن ٿا ۽ تڪليفون برداشت ڪن
ٿا، ڇا هندن لاءِ “ڪافر” جو اصطلاح استعمال ڪرڻ درست آهي؟ مولانا سنڌيءَ وراڻيو
ته، هندن کي ڪافر چوڻ درست ناهي. اسان جي نبي ڪريم صلعم قيصريت ۽ ڪسرويت کي ختم ڪرڻ
لاءِ سڄي زندگي جدوجهد ڪئي، جيڪي پنهنجي وقت جا سامراج هُئا. ان دور ۾ به اسلام کي
به اڄ جي قيصريت ۽ ڪسرويت يعني سامراج کي ختم ڪرڻو آهي، جيڪي ماڻهو موجوده سامراج
جي خلاف اسان سان گڏجي وڙهي رهيا آهن، پوءِ ڀلي اهي اسان جي مذهب جا نه به هجن،
اسان انهن کي پنهنجو ساٿي سمجهنداسين ۽ انهن جي باري ۾ ڪفر جو اصطلاح استعمال نه ڪنداسين.
هندوستان جي آزاديءَ لاءِ مولانا سنڌي “سرو راجيه منشور”
تحرير ڪيو، جنهن ۾ آزاديءَ کانپوءِ سمورن مسئلن جو حل موجود هو. مولانا عبيد الله
سنڌي ڪراچي کان ڪولمبو تائين هڪ فيڊريشن قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي، جنهن ۾ ان خطي
جون سموريون رياستون شامل هجن، اهي سموريون رياستون خود مختيار هجن، هُو انهن
رياستن کي صوبي جو نالو ڏيڻ، انهن رياستن ۽ ان جي عوام جي توهين قرار ڏيندو هو.
مولانا سنڌي مقامي ٻولين ۽ ثقافتن کي ترقي وٺرائڻ جو حامي هو. هُن سرائڪي ٻوليءَ
جو پهريون ٻاراڻو ڪتاب ترتيب ڏنو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ به عملي جدوجهد ڪئي.
مولانا سنڌي جو اهو به چوڻ هو ته، اسان مسلمانن جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو مذهبي لٽريچر
آهي، جنهن کي انقلابي روح سان ترتيب ناهي ڏنو ويو. جيستائين ملوڪيت سان ترتيب ڏنل
فقه اسان جي بنياد ۾ ويٺل آهي، اسان مان ڪنهن چڱائيءَ جي اُميد نٿي ٿي سگهي. پاڪستان
جي موجوده حالتن ۾ ننڍن ۽ بندرن ماڻهن جيڪو بحران پيدا ڪيو آهي، ان مان ڇوٽڪاري
لاءِ اڄ مولانا عبيدالله سنڌي جي فڪر سان رجوع ڪرڻ
جي ضرورت آهي.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۵ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
امام انقلاب
مولانا عبيدالله سنڌي
عوامي آواز ايڊيٽوريل
اڄ مشھور سياسي، سماجي شخصيت انقلابن جي امام مولانا
عبيدالله سنڌي جي وصال جو ڏينھن آھي. سندس اصل نالو بوٽا سنگھه ھو. پاڻ سک مذھب جي
گھراڻي ۾ پيدا ٿيا ھئا. پاڻ اسلام کان متاثر ٿي ڪري اسلام قبول ڪيائين پر ان کان وڏي
ڳالھه جو پاڻ پنھنجو پاڻ کي سنڌي سڏرائڻ لڳو. ان زماني ۾ ملتان ۽ بھاولپور جا
علائقا سنڌ ۾ شامل ھئا سنڌ جون حدون ڪشمير تائين ھيون جتان سنڌو درياهه نڪري ٿو ان
ڪري ئي اھو سمورو خطو سنڌ ئي سڏبو ھو ۽ اتي رھڻ وارا نمڪ حلال ھئا جو پاڻ کي سنڌي
سڏرائيندا ھئا، اھو ئي ڪارڻ ھو جو مولانا عبيدالله پاڻ کي سنڌي سڏرائڻ لڳو. پاڻ
مطالعي جو شوقين ھو. شاهه ولي الله دھلوي جي ڪتابن جو مطالعو ڪندي پاڻ به علم جو ڀنڊار
بڻجي ويو ۽ مولانا جي نالي سان مشھور ٿي ويو.
ھي دور سلطنت عثمانيه جو آخري دور ھو جتي پوري خطي ۾
انگريزن جي خلاف تحريڪون جاري ھيون. مولانا سنڌي به انھيءَ تحريڪ جو حصو بڻجي
ريشمي رومال تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو جيڪا انگريز سامراج جي خلاف تحريڪ ھئي ۽ اھي ان
وقت گوريلا نموني سان ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ تائين رومال تي تحرير لکي پنھنجي ڪارڪنن
تائين پھچائيندا ھئا. جئين ڪو شڪ نه ڪري سگھي. رومال ۾ ته ڪجھه به ناھي اھو آساني
سان ھڪ کان ٻئي جڳھه تائين پھچايو ويندو ھو. اڃان به وڌيڪ تعليم جي لاءِ ۽ سياسي
رابطن جي لاءِ مولانا ان وقت جڏھن روس ۾ سوشلسٽ انقلاب برپا ٿيو ته مولانا سنڌي
انھي نظام کان متاثر ٿيو ۽ پنھنجن ساٿين سان گڏجي روس جي دوري تي روانا ٿيا. جتان
قوم ۽ قوميت جو پرچار کڻي ٻيھر سنڌ ۾ داخل ٿيا ته پاڻ اتي سنڌي ماڻھن کي نئون فڪر
۽ فلسفو ڏنائين ته سنڌ، سنڌين جي آھي جيڪو سنڌ ۾ رھي ٿو سنڌي ڳالھائي ٿو ته اھو پاڻ
کي سنڌي سمجھي ۽ ڌرتي سان وفاداري نڀائي.
سندس دل ۾ قومي شعور ۽ قوميت جي پرچار جو حوصلو ڏسي ان
جا تمام گھڻا پولڳ پيدا ٿي پيا ۽ مولانا جي فڪر ۽ فلسفي کي عام ڪرڻ لاءِ تحريڪن
ھلائڻ لڳا. ته مذھب سان گڏوگڏ پنھنجي ٻولي ۽ ڌرتي جي به حفاظت ڪئي وڃي جنھن به ڌرتي
تي رھجي ته اتي غداري نه ڪجي۔ سال ۱۹۴۴ع ۾ پاڻ پڪي علائقي ۾ ھڪ وڏي
جلسي کي خطاب ڪندي چيائين ته سنڌيو ھڪ ٿيو. اسان سنڌ ۾ سنڌين جي مستقل طور تي حڪومت
ڏسڻ چاھيون ٿا. انھيءَ سلسلي ۾ ڪو به مذھبي سوال پيدا ٿيڻ نه ڏينداسين. اتي مولانا
قوميت جي باري ۾ فڪري پھلو ٻڌايا.
اسان اڄوڪي دور ۾ ڪيترو اڳتي وڌيا آھيون يا وري سوين سال
پوئتي ھليا ويا آھيون. مولانا ته پنھنجو وقت پورو ڪري پنھنجو پيغام فلسفو اسان کي ڏيئي
ويو آھي ان تي ڪيتري قدر عمل ٿيو آھي يا اڃان ٿيندو. مولانا جي فڪر کي عمل جو روپ ڏيئي
ان کي اڳتي وڌايون. جو ان وقت ۽ حالتن کي ڏسندي مذھب سان گڏ قوميت جي ڳالھه ڪرڻ ۽
وطن سان وفاداري ڪندي پاڻ کي ٻي قوم سڏراڻ بجاءِ سنڌي سڏائڻ وڏي بھادري آھي.
واضح رھي ته مولانا جي وفات ۽ آخري آرامگاه سنڌ ۾ئي آھي
پر ملڪ جي ٺھڻ ۽ جاگرافيائي ڦير گھير جي ڪري ھن وقت ڊيرا غازي خان ۾ آھي. اتي به
مولانا جي پولڳن مولاناعبيدالله سنڌي اڪيڊمي قائم ڪئي آھي ۽ ان تي عملي فڪري ڪم ٿي
رھيو آھي جيڪامولانا جي ڪيل ڪم جو نچوڙ آھي جو اڄ به ھي علائقو ھاڻي سنڌ ڌرتي ۾
شامل نه آھي پراتي مولانا سنڌي آھي. ان جانشين به آھن. ۽ اھي به مولانا سنڌي جي
مشن کي جاري رکندا اچن. ملڪي ۽ صوبائي سرحدن ته تمام گھڻا ويڇا وڌائي ڇڏيا آھن.
نئين ملڪي نظام ۾ اتي ھاڻي سنڌي ٻولي پڙھائي ڪونه ٿي وڃي. پر مولانا جو فڪر اتي
موجود آھي ته سنڌ سنڌين جي آھي.
سنڌ ۾ انھيءَ فڪر کي اجاگر ڪرڻ ۾ مولانا عزيز الله ٻوھيو
وڏو اھم ڪردار ادا ڪندي سنڌ ساگر پارٽي جو بنياد وڌو جنھن جو نظريو منشور مولانا
سنڌي جي فڪر تي ھو. مولانا عزيزالله ٻوھيو جيستائين زنده ھو انجي فڪر کي عام ڪندو
رھيو ۽ اھا ھڪ سگھاري سياسي پارٽي جي طور تي سنڌ ۾ سڃاتي ويندي ھئي. اڃان به ان جا
پولڳ آھن جيڪي سنڌ ساگر پارٽي کي سرگرم ڪندا نظر اچن ٿا. ۽اھا پنھنجو فعال ڪردار
ادا ڪري پئي.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۹ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
مولانا
عبيدالله سنڌي
[ ۱۸۷۲ع – ۱۹۴۴ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، خميس ۱۲ محرم الحرام ۱۲۸۹هه مطابق ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع تي سيالڪوٽ
(پنجاب) جي ڳوٺ چيانواليءَ ۾ پيدا ٿيو هو. ڄمڻ کان چار مهينا اڳ سندس والد وفات ڪري
چڪو هو. ٻن سالن جي وقفي بعد ڏاڏو به گذاري ويس؛ جنهن ڪري يتيميءَ دوران والده پيڪي
آندس؛ جتي پنهنجي مامي جي نظر هيٺ پرورش ورتائين – ۱۸۷۸ع ۾ ڄامپور (ديره
غازي خان) جي هڪ اردو مڊل اسڪول داخلا ورتائين. دوران تعليم پنهنجي رفيق (آريه
سماج سان تعلق رکندڙ اسڪولي شاگرد) وٽ ” تحفته الهند“ ۽ ”تقويتہ الايمان“ نالي ڪتاب
ڏٺائين. دل نه رهيس؛ جنهن ڪري کانئس وٺي پڙهڻ لڳو. پاڻ مطالع ۾ ايترو ته محو ٿي
ويو، جو کيس ”اسلام“ جي صداقت تي يقين ٿي ويو – ۱۸۸۷ع ۾ ستين درجي ۾ پڙهندي،
مسلمان ٿيڻ لاءِ پنهنجن کان جدا ٿي ويو.
آخر ديس ڇڏي، سنڌ ۾ پهتو. پهريائين ڀرچنڊيءَ وار بزرگ،
حافظ محمد صديق سميجو رح (۱۸۷۲ع – ۱۸۹۰ع) وٽ وڃي حاضري ڀريائين.
حافظ صاحب جي صحبت مان فيض حاصل ڪري ۱۹۱۰ع ۾ پير جهنڊي ڳوٺ (حيدرآباد) ۾
ديني مدرسو کوليائين؛ جنهن جو ناظم ۽ نگران به پاڻ ٿي رهيو. پاڻ کي ڀرچنڊي بزرگ جو
ديني فرزند ڄاڻي ، سنڌ ۾ مستقل رهڻ جو ارادو ڪيائين ۽ قادري ۽ راشدي طريقن ۾ بيعت
به وٽانئس ورتائين. ڪجهه وقت بعد مولانا کي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق ٿيو؛ جنهن ڪري
۱۹ شوال ۱۳۰۸هه (۱۸۹۰ع) ۾ روحاني رهبر جي
اجازت سان، سندس خليفي، موالان تاج محمود امروٽي رح (۱۸۴۴ع – ۱۹۲۹ع) جي خدمت ۾ اچي
حاضر ٿيو. مولانا امروٽي رح منجهس مڻيا ڏسندي، کيس ماستر محمد عظيم خان يوسفزئيءَ
جي صاحبزاديءَ سان نڪاح ڪرايائينس . امروٽي بزرگ کيس اولاد جي برابر سمجهند هو. وٽس
وڏو ڪتبخانو موجود هو؛ جنهن مان ۱۳۱۵هه (۱۸۹۷ع) تائين سنڌي صاحب ڪافي
استفادو حاصل ڪيو. آخر پير رشيدالدين وٽان ذڪر ”اسماء الحسنيٰ“ به حاصل ڪيائين.
پير ابوتراب رشدالله ۽ قاضي فتح محمد نظاماڻي صاحبان سان به روح رهاڻيون ڪندو
رهيو.
قرآن شريف، حديث ۽ فقہ وغيره جي درس ۾ مولانا محمد قاسم
نانو توي ديوبندي رح (وفات ۱۳۹۷هه = ۱۸۷۹) کان شاه ولي الله
دهلوي رح (وفات ۱۳۶۶هه = ۱۹۴۷ع) تائين عالمن سڳورن کي پنهنجو
استاد مڃيندو هو – ۱۳۲۷هه (۱۹۰۹ع) ۾ ديوبند جي صدر مدرس شيخ
الهند ابوالحسن مولانا محمود حسن صاحب کيس گهرايو. پورا چار ورهيه ”جميعت الانصار“
۾ ڪم ڪندي، ۱۳۳۱هه (۱۹۱۳ع) ۾ دهلي ويو؛ ۽ ”نظارة
المعارف“ نالي ادارو قائم ڪيائين. سال بعد ڪابل روانو ٿيو – ۱۹۲۲ع ۾ ترڪي ويندي، ستن
مهينن لاءِ روس ۾ رهڻ جو موقعو مليس. آخر آگسٽ ۱۹۲۳ع ۾ انقره پهتو،
اتان اڍائي، سالن لاءِ استنبول به ويو. ترڪيءَ ۾ قيام دوران، اتان جي ماحول ۽
مذهبي عقيدن جو غور سان مطالعو ڪيائين – ۱۳۴۵هه (۱۹۲۶ع) ۾ مڪي معظمہ ويو،
جتان پهرين نومبر ۱۹۳۷ع تي وطن واپس ورڻ جي اجازت مليس، مگر جيئن ته حج جو
موقعو قريب هو؛ انهيءَ ڪري ترسي، مارچ ۱۹۳۸ع ۾ واپس سنڌ ۾ آيو.
مولانا سنڌي صاحب جو شروعات کان ئي اهو نظريو هو، ته
انگريزن جي خلاف جهاد ڪري، هندستان لاءِ آزاديءَ جي راه هموار ڪجي. انهيءَ جو عملي
طرح آغاز ۱۹۱۵ع کان ڪيو هئائين. پاڻ عمر جو وڏو حصو قومي ڪمن ۾ صرف ڪيائين.
حالانڪ ڏکن ڏاکڙن جي زندگي به کيس بسر ڪرڻي پئي. بعض اوقات ته کيس خطرناڪ صورتحال
سان به منهن ڏيڻو پيو. پاڻ سياسي بيداريءَ سان گڏ تصنيف و تاليف
کي به چهٽيو رهيو.
هڪ طرف سفر جي تڪليفن کيس هيڻو ڪري ڇڏيو هو؛ ۽ ٻئي پاسي
قومي آزاديءَ جو اونو سندس ساه کي سوگهو ڪري ڇڏيو هو. تاهم به پيري ۽ بيماريءَ جي
پرواه نه ڪري، صبر سان ويهڻ نه آيس؛ جنهن ڪري ۱۶ جمادي الثاني ۱۳۶۴هه مطابق ۲۲ آگسٽ ۱۹۴۴ع جي سج ۾ لاهور ۾
پنهنجي فرزند وٽ رحلت ڪيائين. وصيت مطابق کيس رحيم يار خان (پنجاب) جي ڳوٺ
”خانپور“ ۾، ڀلارن بزرگن جي قديم قبرسان ۾ دفنايو ويو.
حوالا/ حاشيا
(۱) – مولانا صاحب اصل ۾ سک خاندان جو هڪ فرد هو. سندس
شروعاتي نالو ”بوٽا سنگ“ هو؛ ۽ پتا رامسنگ پٽ چسپتراءِ پٽ گلاب راءِ هو، جيڪو
پنهنجي ڳوٺ ۾ مختيارڪار جي عهدي تي رهي چڪو هو. هن خاندان جو بنيادي پيشو ”سونارڪو
ڪم“ هو. مگر چند فردن نوڪريءَ کي ترجيح ڏني هئي. منجهن ڪافي آسودا هوندا هئا، جيڪي
وياج تي پئسا به ڏيندا هئا [مولانا عبيدالله سندهي اور ان کي ناقد- سعيد احمد،
لاهور، ۱۹۴۶ع؛ صفحو ۳۳۳].
(۲) – مولان صاحب جا ناناڻا، ديري غازي خان ”ڄامپور“ ضلعي
جا رهاڪو هئا. سندس مامو تپيدا هو.
(۳) – ”تحفته الهند“ جو مصنف،
پايل (پٽيالا) جو رهاڪو، نو مسلم پنڊت اننترام پٽ منشي ڪوٽيمل، المعروف عبيدالله
هو؛ جنهن کان متاثر ٿي، پاڻ کي مسلمانڪي نالي ”عبيدالله“ سان سڏائڻ لڳو [تحفته
الهند – مولانا محمد عبيدالله (ديبا چه)، دهلي؛ ۱۳۳۰هه (۱۹۱۲ع)، صفحو ۱].
(۴) – ”تقويتہ الايمان“ جو ليکڪ،
شاه اسماعيل شهيد (۱۷۷۹ع – ۱۸۳۱ع) هو، جيڪو عربي ڪتاب ”روالاشرڪ“
جو اردو زبان ۾ ترجمو آهي.
(۵) – سچ پچ ته اها
ڀرچونڊيءَ واري بزرگ جي برڪت هئي؛ جنهن مولانا کي صحيح
الطريقت ۽ راسخ العقيدت مسلمان بڻائي، دين جو ڪم سونپيو هو. هڪ ڀيري حافظ صاحب،
مولانا لاءِ فرمايو هو، ته ”عبيدالله، الله ڪارڻ پنهنجا مٽ مائٽ ۽ مذهب ڇڏيو آهي،
هاڻي اسان هن جا ديني ماءُ پيءُ آهيون!“ [دائرة المعار اسلاميه (اردو) – دانشگاه
پنجاب، لاهور (جلد ۱۲)؛ ۱۹۷۳ع” صفحو ۹۸۴].
(۶) – اهويئ سبب هو جو پاڻ کي ”سنڌي“
سڏائڻ ۾ فخر محسوس پئي ڪيائين [خطبات و مقالات مولانا عبيدالله سندهي – مرتبہ،
محمد سرور، لاهور ۱۹۷۰ع؛ صفحو ۱۶۹].
(۷) – هن نيڪ رسم ۾ سندس والده به
شرڪت ڪئي هئي، جيڪا پڇاڙيءَ تائين ساڻ گڏ رهي؛ ۽ پنهنجي سک مذهب تي قائم رهي [ سه
ماهي ”مهراڻ“ (سوانح نمبر ۳-۴/۱۹۵۷ع)، سنڌي ادبي بورڊ،
صفحو ۲۶۷].
(۸) – ”ديوبند“، برصغير ۾ نامور
ديني درسگاه آهي. هي اتر پرديش (U.P) جي سهارنپور ۾ هڪ قديم شهر آهي؛ ۽ تعلقي جي
حيثيت حاصل اٿس. تاريخي لحاظ کان سندس شروعاتي ذڪر ”آئين اڪبريءَ“ ۾ آيو آهي. ان
کانپوءِ سندس احوال اساطيري ۽ رومانوي داستانن ۾ ملي ٿو. ڪسابن کان منجهس وڻن جي
گهاٽي جهڳٽي ۾ ديوي جو مندر (تيرٿ گاه) هو؛ جنهن جي نسبت سان مٿس ”ديوي (ديبي) بن“
(ديويءَ جو جهنگل) نالو پيو، جيڪو ڪثرت استعمال سان بگڙي ”ديوبند“ ٿيو. [دائرة
المعارف اسلاميه (اردو)، دانشگاه پنجاب، لاهور، جلد ۹، ۱۹۷۲ع، ص ۶۲]. هن وقت سندس آدم
شماري ۵۰ هزار آحي. جن ۾ ڪثرت مسلمانن جي آحي. هڪ سؤ مسجدن جي هن
سهر کي ”مسجدن جو شهر“ به سڏيو وڃي ٿو. منجهس وڏو ديني درسگاه آهي؛ جنهن جو قيام
مولانا محمد قاسم نانوتوي رح (۱۸۳۲ع – ۱۸۸۰ع) جي نگرانيءَ ۾، ۱۵ محرم الحرام ۱۸۶۶هه مطابق ۳۰ مئي ۱۸۶۶ع تي ٿيو. [تاريخ
ديوبند – سيد محبوب رضوي، ۱۳۷۲هه، ص ۹۷]. شروعات ۾ مولانا
محمود حسن نالي صرف هڪ شاگرد سان، کٻڙ جي وڻ هيٺان مدرسي جي ڪاررواي شروع ڪئي وئي؛
جنهن ۾ پهريون معلم مولانا يعقوب نانوتوي هو [حالات دارالعلوم ديوبند، محمد طيب،
ديوبند، ۱۳۷۸هه ص ۸۱] مدرسي ۾ قرآن مجيد، دارا لتفسير،
دارالحديث، صرف و نحو، فلسفو، منطق، فقہ ۽ فن وغيره جا شعبا قائم ٿيل آهن. خدا جي
فضل سان اڄ دنيا جو ڪو به ملڪ رهيل ناهي؛ جنهن ۾ هتان جو عالم نه پهتو آهي:
]India as I Knew it-
(1855-1905)- M.O` Dwyer, London 1925.
P.P 177[
مغل سلطنت جي زوال ۽ ۱۸۵۷ع واري انقلاب جي ناڪاميءَ
بعد، هنستاني مسلمانن هن قسم جي ديني درسگاه قائم ڪرڻ جي اشد ضرورت محسوس ڪئي
[انوار قاسمي – پروفيسر انوارالحسن قاسمي، ديوبند، ۱۹۵۸ع، ص ۴۱۸].
(۹) – مولانا سنڌي جلاوطنيءَ جي
زندگيءَ ۾ هينئر ۳۳ سال گذاري چڪو هو.
(۱۰) – پنهنجي تقريرن خواه تحريرن
۾ انگريزن خلاف کلم کلا آواز اٿاريائين. نتيجي طور پاڻ تي سخت پهرا به بيهاريائين.
هي اُهو وقت هو، جڏهن ”آزاديءَ جي تحريڪ“ شروع ٿي چڪي هئي پوءِ سنڌي صاحب
افغانستان هجرت ڪري ويو؛ جتي ڪابل ۾ ”آزاد هندستان جي عارضي حڪومت“
جو پايو وجهي، سربراهي سنڀاليائين – ۱۹۳۲ع ۾ ڇهن مهينن لاءِ روس به وڃڻو
پيس آخر ترڪيءَ ۾ وڃي ڪمال پاشا ۽ عصمت انونو کان سياسي امداد به حاصل ڪيائين.
]Ubaid- Allah Sindhi
in Turkey- Detleve H. Khalid (Journal of R.C.D)- Tuhran, Vol: No: 1&2:
P.P 38[.
(۱۱) – رسائل وغيره کان علاوه قرآن
پاڪ جو تفسير پڻ لکيو هئائين؛ جنهن ۾ مولانا احمد علي لاهوري ۽ مولانا عبدالحي
فاروقي به ساڻس فيض يافته هئا [بيس بڙي مسلمانان – عبدالرشيد ”ارشد“، لاهور ۱۹۶۹ع، صفحو ۴۰۹].
امام عبيدالله
سنڌي جي فڪري پرواز
عزيز الله ٻوهيو
امام سنڌي جلاوطني جي پهرين مرحلي ۾ ۱۹۱۵ع ۾ ڪابل ويا، اتي افغانستان جي بادشاهه امير حبيب الله سان پنهنجي اچڻ
جو مقصد انگريزن کان هندستان کي آزاد ڪرائڻ بيان ڪيائون، جنهن تي امير حبيب الله کيس
چيو ته اوهان جيڪڏهن اسان جي ملڪ ۾ رهندڙ ٻين ملڪن جي سفيرن سان پنهنجي مقصد لاءِ ملندؤ
ته ان لاءِ مناسب ٿيندو ته اوهان انهن سان پنهنجو تعارف هندستان ۾ انهيءَ مقصد لاءِ
قائم پارٽي ڪانگريس جو پاڻ کي نمائندو سڏايو. امام سنڌي بادشاهه جي ان تجويز کي اهم
سمجهي دهليءَ سان رابطو ڪري ڪانگريس جو ٻاهرين ملڪ ۾ يونٽ قائم ڪرڻ جي اجازت وٺي ورتي،
نه صرف ايترو پر آزاد هندستان جي حڪومت جي ٻاهرين باڊي به جوڙي ورتائون. چوويهه سال
جلاوطني کانپوءِ جڏهن واپس هندستان آيا ته هت مسلمانن لاءِ جدا ملڪ ٺاهڻ جي هلچل ڏٺائون.
امام سنڌي انگريز سامراج خلاف آزاديءَ کانپوءِ به هندستان کي متحد رکڻ ضروري سمجهن
پيا. سنڌي صاحب جي بصيرت ٻڌائي پئي ته اسان جيڪڏهن برطانيا کان آزادي حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي
حاصل به ڪئي پر سامراج جي نفسيات هيءَ هوندي آهي ته هو سڄي دنيا جي ملڪن ۽ قومن جي
دولت ڦٻائڻ لاءِ انهن کي نو آبادي طور غلام بنائي رکي، سو انگريز سامراج هڪ ڀيرو هتان
وڃڻ کانپوءِ به وري ڪڏهن نه ڪڏهن لوهه کائي وري اچي اسان کي غلام بنائيندو ان ڪري سنڌي
صاحب متحده هندستان جا حامي هئا، سنڌي صاحب ڏٺو ته هندستان جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪرڻ
وارا سرڪاري بيوروڪريٽ انگريزن جا پاليل نواب قسم جا ماڻهو آهن سنڌي صاحب ڏٺو ته مسلمانن
کي مذهب جي نالي الڳ رياست قائم ڪرڻ جو چمڪو پس منظر جي لحاظ سان ته انگريزن ڏنو آهي
ان ڪري اها راءِ قائم ڪيائون جو انهن پرکي ورتو ته ٻه قومي وارو نظريو علي ڳڙهه يونيورسٽي
جي انگريز پروفيسر جان برائيٽ ئي جوڙيو آهي ۽ سنڌي صاحب جو ڳوٺائي علامه اقبال انگريزن
طرفان سر جي خطاب ملڻ جي بدلي ۾ خوامخواهه ان نظريي کي اگهائڻ لاءِ پيو شاعري ڪري.
سو مسلم ليگي دانشورن جي مذهبي مسئلي ۽ ٿڏي جو حل به امام سنڌي سوچي روتو ۽ ڪانگريس
جي مرڪزي قيادت کي چورايو ته اوهان پنهنجي پارٽي پاليسي طور هيءَ ڳالهه تسليم ڪيو
۽ پاس ڪيو ته هندستان جي آزاد ٿي وڃڻ کانپوءِ برصغير جي آباديءَ جي لحاظ سان مسلم اڪثريت
وارن صوبن ۾ اتي مسلم اڳواڻن تي مشتمل حڪومتون قائم ڪنداسون. ان تي ڪانگريس وارن پهريائين
اهڙي ڳالهه جناح کان مڃائڻ جو شرط وڌو ته هو اسان جي اهڙي اعلان کانپوءِ جدا پاڪستان
ٺاهڻ جي ڳالهه تان هٿ کڻي وڃي ته اسان به سنڌي صاحب جي ان فارمولي کي قبول ڪيون ٿا
پر جناح کي مڃائڻ جي ڳالهه محال سمجهيو ويو. پوءِ انهيءَ باوجود سنڌي صاحب ڪانگريس
مٿان زور رکايو ته هو ان پاليسي جو هڪ طرفو اعلان ڪن، جناح کي مڃائڻ جو شرط نه وجهن.
پوءِ ڪانگريس وارن سنڌي صاحب جو مطالبو مڃيندي پارٽي پاليسي طور اها تجويز پاس به ڪئي،
جنهن جو ثبوت هي آهي ته اهي اڄ تائين ڪشمير ۾ مسلم قيادت کي قائم رکيو پيا اچن، جنهن
کي پاڪستان وارا ڪٺ پتلي سڏيندا ايندا آهن.
ان زماني ۾ جڏهن ڪانگريس وارن سنڌي صاحب جي تجويز کي پنهنجي پارٽي پاليسي
طور هڪ طرفو قبول ڪيو هو ته هندستان جي ڪافي علائقن جي مسلم ليگي ليڊرن جناح صاحب سان
ملاقات ڪئي ۽ کيس چيائون ته ڪانگريس طرفان مسلم اڪثريتي علائقن ۾ جڏهن هنن مسلمانن
جون حڪومتون قائم ڪرڻ جو واعدو ڏنو اٿائون ته اهڙي صورت ۾ ڄڻ ته مسلم ليگ جو مقصد به
حاصل ٿي ويو. اسان کي اڳتي لاءِ مذهب جي نالي تي هندستان جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪرڻ جو
جواز نٿو نظر اچي. جواب ۾ جناح صاحب بغير ڪنهن دليل جي انهن ماڻهن جي ڳالهه کي ٺڪرائي
ڇڏيو، پوءِ اهي ليگي اڳواڻ ليگ کان استعيفيٰ ڏيئي ڪانگريس ۾ شامل ٿي ويا. هيءَ حقيقت
مون سان مرحوم ڊاڪٽر احمد حسين ڪمال ڀوپالي بيان ڪئي هئي.
امام سنڌيءَ جو هي خدشو ته آزادي وٺڻ کانپوءِ به اڳتي انگريز سامراج وري
اسان کي غلام بنائي ٻيهر اسان جي ڌرتيءَ جو ڌن اچي لٽيندو. انهيءَ ڳالهه جو تازو ثبوت
ذوالفقار مرزا جو ميڊيا اڳيان قرآن کڻي هي بيان ڏيڻ ته انهن کي ايم ڪيو ايم جي الطاف
لنڊن ۾ هڪ ملاقات ۾ ٻڌايو ته امريڪا پاڪستان کي ختم ڪرڻ گهري ٿي. اسان ان جي مدد ڪنداسين
۽ ٻيو ثبوت ته برطانوي جاسوس کاتي جي آفيسر جيمس همفري جي ڊائري جي پراڻي ڇاپي ۾ لکيل
آهي ته اڳتي هلي اسان ڪراچيءَ جي ويجهو سمنڊ جي ڪناري تي نئون ملڪ اڏينداسون. همفري
جي انهيءَ انڪشاف تي مون سان سردار عطاءُ الله خان مينگل پنهنجو تجزيو هي بيان ڪيو
ته ان منجهان مراد هي ملڪ پاڪستان آهي مون سردار صاحب کي چيو ته ڊائري واري ڪتاب ۾
جيڪو هي لکيل آهي ته ان نئين ملڪ لاءِ عوام هندستان کان مائگريٽ ڪري آڻينداسون ۽ هاڻي
ايم ڪيو ايم وارن سنڌ جو ڏاکڻيون علائقو سمنڊ تائين مهاجرستان صوبي لاءِ گهريو آهي.
انهيءَ منجهان ثابت ٿئي ٿو ته ڊائري واري ڪتاب ۾ سامراج جو جيڪو اڳتي وارو پلان آهي,
سنڌ کي ٽوڙي نئين صوبي وارا مطالبا اهي سڀ ان منصوبي جون شروعاتي ڪڙيون آهن، پوءِ ڀلي
پاڪستان کي به انهن ڪڙين منجهان پهرين ڪڙي شمار ڪجي ته اها ڳالهه به صحيح چئبي.
بهرحال امام سنڌي جو اهو خدشو ته انگريز سامراج وري ٻيهر موٽي اسان کي
غلام بنائڻ جو منصوبو اندر ۾ رکي ٿو، ان ڪري سڄي هندستان کي متحد رکي دهلي کي پنهنجو
مرڪز بنائي ۽ هر صوبي ۾ جنهن قوم جي اڪثريت هجي اهو صوبو ۽ ملڪ ان قوم جو موروثي وطن
تسليم ڪيو وڃي ۽ پاڻ ڪانگريسي هجڻ باوجود 1939ع ۾ جيڪا جدا پارٽي جمنا نربدا سنڌ ساگر
پارٽي ٺاهي هئائون ان جو منشور به اهو ئي پاس ڪيو هئائون. گانڌيءَ سان ڪيترن ئي اختلافن
باوجود امام سنڌي ان جي متحده هندستان واري سوچ کي ڏاڍو ساراهيندو هو. هندستان کي متحد
رکڻ جو نظريو ته سر سيد احمد خان جو به هو، هن ملڪ جي ميڊيا جيڪا سر سيد احمد خان کي
نظريي پاڪستان جي بانين منجهان شمار ڪندي آهي اهو سراسر اجايو آهي وٽن اهڙي دعويٰ جو
ڪو به ثبوت ڪونهي هائو البت سر سيد احمد خان هندن جي ڀيٽ ۾ مسلمانن جي تعليمي ۽ معاشي
طور پوئتي هجڻ تي نهايت فڪرمند هو، جنهن جي حل لاءِ ان مسلم ڪاليج جي نالي سان علي
ڳڙهه ۾ تعليمي ادارو کوليو هو. امام سنڌي ۽ امام الهند ابوالڪلام آزاد ٻنهي اڳواڻن
سر سيد سان ان جي سياسي سوچن سان اختلاف رکڻ باوجود ان جي مسلمانن لاءِ خدمتن کي ساراهيو
آهي.
(نوٽ: ياد رهي ته امام عبيد الله سنڌي جي ۲۲ آگسٽ
(سڀاڻي) ورسي آهي).
رب العالمين توهان جي هن ملهائتي خدمات جو توهان کي اجر عطا ڪري امام انقلاب عبيد الله سنڌيء تي اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي سگھ عطا ڪري آمين.
ReplyDelete