; سنڌي شخصيتون: ڪامريڊ حيدر جويو -عيسيٰ ميمڻ

11 October, 2016

ڪامريڊ حيدر جويو -عيسيٰ ميمڻ

ڪامريڊ حيدر جويو
گھاٽي بَـڙَ جي ڇانوَ-
عيسيٰ ميمڻ
واقفيت: 1997ع ۾ مان ستين ڪلاس ۾ داخل اڃان مس ٿيو هئس، ٻاراڻا خيال ۽ سوچون بانبڙا پائڻ لڳيون هيون. علم و ادب ڏانھن ”گل ڦل“، ”ارچڪ مرچڪ“، ”گلستان“ ۽ ”سنڌي ٻارڙا“ جھڙن ٻاراڻن رسالن جي ذريعي لاڙو پيدا ٿي رهيو هو. جاگيرداري سماج ۾ هر شيءِ سست رفتار هلندي آهي، ان ڪري ڪم گهٽ ۽ واندڪائي وڌيڪ هئڻ سبب اڪثر هوٽلن تي پنھنجو وقت گذرڻ معمول جو حصو هوندو هو. رسالا هٿ ۾ به ان نيت سان کڻندو هئس ته پاڻ کي ٻين کان مٿڀرو ڏيکاريان. اهو ئي خيال کڻي هوٽل تي رسالن سميت اچي ويٺس ته ديو مالائي شخصيت به منھنجي ڀرسان اچي ويٺي. پھرين ڏسڻ سان ته ڀئُه پيدا ٿيو ته الائي ڪير آهي، وري اچي به منھنجي ڀر ۾ ويٺو. مون جھڙو جيتامڙو ماڻهو هن جي ڀرسان ايئن محسوس ٿيو ڄڻ ڪو جبل جي ڀرسان ڪا ڪِول بيٺي هجي.


”ڪير آهين؟“ رعبدار آواز ۾ پڇيائين.
مان هيڪاري ڏڪي ويس، ڊڄندي چيم ته ”ڪوري“.
”ڇا پڙهندو آن؟“
”ستين ڪلاس ۾.“
”ٻيو ڇا ڪندو آن؟“
”رسالا پڙهندو آهيان.“ جهيڻي ۽ معصوميت واري انداز ۾ وراڻي ڏنم.
”واهه ڙي واهه“، ”واهه سائين واهه.“جنهن مهل چيائين دل خوش ٿي ويئي. وري پڇيائين، ”ڪهڙا رسالا پڙهندو آهين؟“
”سڀئي رسالا ڏيکاريامانس.“
”واهه واهه“ هڪدم حوصله افزائي ڪيائين. تنھن باوجود به دل ۾ شڪ ۽ خوف ٿي رهيو ته ڪٿي مون کي ڦاسائي ته نه رهيو آهي. مون کي ڪهڙي خبر ته هو واقعي به اهڙو ڦاسائيندو جو سڄي ڄمار نه نڪري سگهندس.
”پوءِ هتي اديبڙا روز جمع تي ويھندا آهن. ڪهاڻيون ۽ شاعري پڙهندا ۽ ٻڌائيندا آهن، اتي اچ“ هن چيو.
مون گهٻرائڻ واري انداز ۾ هاڪار ڪئي ۽ چيو ته پوءِ ڪيئن هلبو.
”ايندڙ جمع تي هتي ويهجانءِ، مان توکي وٺي هلندس.“ اهو چئي چانهه پياريائين. ڏاڍو خوش ٿيس. تڏهن ادبي سنگت ڏوڪري جون گڏجاڻيون اڪثر ڪري جمع تي ٿينديون هيون. ٻئي جمع تي ڀوَ سبب ڄاڻي واڻي نه آيس. پر هو انتظار ڪندو رهيو. نيٺ ٻيهر اتفاق سان ملياسين. مون کي ڏسندي چيائين، ”واهه ڙي واهه ڪوري ڪٿي آهين؟ مون تنھنجو انتظار ڪيو.“ ڪوڙ ڳالھائيندي چيم، ”ڪم ٿي پيو هو ان ڪري نه آيس.“ وري جمع تي ملڻ جو واعدو ڪيم. آخرڪار جمع تي ساڳئي هوٽل تي مون کان اڳ منھنجي انتظار ۾ ويٺو هو. مون کي ادبي سنگت جي گڏجاڻي ۾ وٺي هليو. اتي سڀني سان تعارف ڪرايائين، پوءِ مون کي خبر پئي ته هن کي ڪامريڊ حيدر جويو چوندا آهن. جنهن لاءِ اڪثر ڪري اسان جا وڏا چوندا هئا ته ڪافر آهي. الله، رسول، پيرن ۽ فقيرن جو منڪر آهي. جنهن لاءِ عجيب تصور ۽ ڳالهيون منهنجي ذهن ۾ اڳواٽ ئي موجود هيون. جڏهن تعارف ٿيو ته گهڙي کن لاءِ منهنجون وايون بتال ٿي ويون. ڪافر هئڻ واري تعارف سبب منهنجي دل ۾ هن لاءِ نفرت جو اُلو اُڀري پيو. اهو هو شروعاتي تعارف ڪامريڊ سان، جنهن منهنجي سڄي ڪائنات ئي تبديل ڪري ڇڏي.
ادبي تعلق: ڪامريڊ سان اڪثر ڪري ڪچهريون سندس هوٽل تي ۽ ان جي مٿان جڳهه تي ٿينديون هيون. بعد ۾ ادبي ۽ سياسي ڪتاب وغيره پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو. ان کان پوءِ آهستي آهستي مون کان بحث ڪرائيندو هو. ادبي سنگت کي ڪامريڊ نوجوانن جو ابتدائي تربيتي اداري طور تي ڪم وٺندو هو. اتي بحث مباحثا ڪرڻ لاءِ ماحول ٺاهي وٺندو هو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڪامريڊ 64-1963ع ڌاري ادبي سنگت ڏوڪريءَ جا بنياد وڌا، جنھن ۾ هميشه روح ڦوڪڻ لاءِ ڪامريڊ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. ادبي سنگت ۾ جڏهن محسوس ڪيائين ته نوجوان ڊائيس بنا ڳالهائڻ ۾ هٻڪ محسوس ڪن ٿا ته فوراً پنھنجي پئسن مان ڊائيس ٺھرايائين. سڀني کي ڊائيس تي ڳالهائڻ کان پوءِ اعتماد وڌيو.
ادبي سنگت ۾ جڏهن به ماٺار شروع ٿي ويندي آهي ته ڪامريڊ متحرڪ ٿي ويندو آهي. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته 01-2000ع ۾ سنگت غير فعال ٿي ويئي، ڪامريڊ پروگرام جي رٿ ڏني، جيڪا شايد نه پر پڪ سان سنڌ ۾ اها پهرين دفعو روايت وڌائين ته پوري تعلقي جي صاحبِ ڪتاب ليکڪن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو وڃي. صدارت ڪنهن به نه ڪئي. مهمان خاص ۾ نثار کهڙي کي گهرايائين. تڏهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ حزب اختلاف جو اڳواڻ هو. سڄي تعلقي جي شاعرن، اديبن، سياستدانن ۾ تحرڪ پيدا ٿي ويو. پهرين ته اسان به مخالفت ڪئي سين ته پروگرام جو مک مهمان ڪو ٻيو هجي پر پوءِ ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته ڪامريڊ سڀني ڌرين کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر ٿو اڇلي. پوءِ اسان ڏٺوسين ته ڏوڪري تعلقي جون بيمار سياسي، سماجي تنظيمون تضاد ۾ اٿي پيون. سڀني پنھنجي پنهنجي حوالي سان پروگرام رٿيا. ائين تعلقي ۾ سياسي، ادبي توڙي سماجي طرح سان چٽاڀيٽي شروع ٿي ويئي. هر تنظيم ٻي تنظيم کان بھتر پروگرام ڪرڻ جي چڪر ۾ لڳي وئي. نه صرف اهو پر ڪامريڊ سدائين بھتر لکڻ واري کي تحفا توڙي انعام ڏيڻ ڪامريڊ جو عام مشغلو رهيو آهي. اهڙا کوڙ مثال پيش ڪري سگهجن ٿا.
سياسي وابستگي: ادب کان اڳتي سياست ۾ سماج جي نجات سمجهندڙ ڪامريڊ مون کي چوندو آهي، ”تون سياست لاءِ ٺيڪ آهين. پاڻ کي قوم جي نجات لاءِ تيار ڪر. سياست سماجي تبديليءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. جڏهن ته ادب توڙي ٻيا شعبا ان جا مددگار ٿي سگهن ٿا. ان ڪري سياست کي پنھنجو مشغلو بڻاءِ.“ سڀ کان وڏي ڳالهه جيڪا ڪامريڊ ۾ مون ڏٺي ته هو ڪنهن به ماڻهوءَ جي سياسي رخ طئه ڪرڻ جو اختيار پاڻ وٽ نه رکندو آهي. سدائين چوندو آهي ته ”هجو ڪنھن سان به پر توهان کي خبرهئڻ کپي ته توهان ان سان ڇو آهيو؟ پاڻ کان ۽ سماج کان بي خبر نه رهو.“ اڪثر ڪري چوندو آهي ته ”سچ لاءِ دروازا سدائين کليل رکجانءِ.“ وڌيڪ چيائين ته، ”سچ ٽن قسمن جو ٿيندو آهي هڪ منھنجو سچ، ٻيو تنھنجو سچ ۽ ٽيون اسان جو سچ. هر ماڻهوءَ وٽ هڪ پنھنجو سچ ٿيندو آهي. اهو منھنجو يا تنھنجو سچ انفرادي سچ آهي پر سڀ کان وڏو سچ اسان سڀني جو سچ آهي. ان سچ کي به ڪا معنى ٿيندي آهي. انهيءَ سچ لاءِ پاڻ کي تيار رکڻ کپي. اهو سچ سياست ئي حل ڪري سگهي ٿي.“ مون جڏهن ٻارهين جماعت سڄي لاڙڪاڻي ۾ ٽاپ ڪئي ته سائين جي ايم سيد جي ڪتابن جو سيٽ انعام ۾ ڏنائين. مان حيران ٿي ويس ته پاڻ سدائين ٽريڊ يونين جي سياست ڪيائين، جيلن، ٽارچرن کان وٺي عام تڪليفن سهڻ تائين انهن سان گڏ رهيو پر مون ۾ سائين جي ايم سيد جي فڪر جون ڏياٽيون روشن ڪيائين پئي. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته، ڪامريڊ پنھنجي نجي ڪچهريءَ کان وٺي خاص گڏجاڻين توڙي تقريرن ۾ سائين جي ايم سيد جا حوالا ڏيڻ سندس فطرت ۾ شامل آهي. ڪامريڊ جي ڪچهرين ۾ مون ڪڏهن به سائين جي ايم سيد تي تنقيد نه ٻڌي آهي. اهو ئي لاڙو هو جو مون کي سنڌ جي آزاديءَ طرف وٺي ويو. سنڌ آزاد ٿئي پر اهو سوشلسٽ سنڌ هجڻ کپي. سوشلزم کان به اڳتي ڪميونزم طرف سنڌ کي وڃڻ گهرجي. سنڌ ۾ عجيب الميو آهي، قومپرستن ۽ ڪميونسٽن سان، قومپرست طبقاتي سوال کي تسليم ڪرڻ لاءِتيار ئي نه آهي ۽ ڪميونسٽ قومي سوال کان ٽهندا وتندا. ٻنهي ۾ هم آهنگي پيد اڪرڻ لاءِ ڪامريڊ (Catalyst) وارو ڪردار ادا ڪيو آهي. جنھن سبب ڪميونسٽ ڪامريڊ کي قومپرست سمجهندا آهن ۽ قومپرست ڪميونسٽ ٻئي ڌريون ڪامريڊ کي زبردست تنقيد جو نشانو بڻائن ٿيون. پر حقيقت ۾ ڪامريڊ آزاد سوشلسٽ سنڌ ڏسڻ چاهي ٿو. جنهن ۾ هاري، مزدور ۽ پورهيت جو راڄ هجي اها آزادي به ڪهڙي ڪم جي جيڪا جاگيردار ۽ سرمائيدار لاءِ ڦلدائڪ ٿئي پر هيٺيون ڪلاس ساڳيو ئي عذابن ۾ هجي.
گهر ۾ توڙي ٻاهر ڪنهن کان به غلطي ٿيندي ته ڪامريڊ جو اهو تڪيو ڪلام هوندو آهي ته ”باقي سنڌ آزاد ڪيئن ڪرائيندين؟“ ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪامريڊ پنھنجو سياسي قبلو سنڌ کي بڻائي سياست ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو رهيو آهي ۽ هر قسم جي غلامي خلاف ويڙهه ڪرڻ ڪامريڊ جي مزاج ۾ شامل رهيو آهي. هڪ دفعو چيائين ته ”غلام ٿيڻ ۽ غلام بنائڻ ماڻهوءَ جي فطرت ۾ شامل ٿي ويو آهي. ان ڪري آزادي پسندن کي پنھنجو مزاج به آزادي سان ٺاهڻو پوندو.“ اهو سچ آهي ته اسان سڀني کي پنھنجي جوهر ۾ به آزادي پسند ۽ غلاميءَ خلاف پنهنجو مزاج ۽ فطرت به ٺاهڻي پوندي.
اندازِ گفتگو: ڳالهائڻ فن آهي. پنھنجو مؤقف رکڻ بحث مباحثي توڙي تقريرن ۾ انتھائي ذميداري جو ڪم آهي. ڪي ڪي ماڻهو تصنيف و تاليف جا ڪاريگر هوندا آهن پر گفتگو ۾ ماهر نه هجڻ سبب پنھنجو موقف وزنائتي انداز ۾ نه رکي سگهندا آهن. ڪامريڊ بحث مباحثن کان وٺي تقريرن ۾ ڪمال درجي جو فن رکي ٿو. هن جو اندازِ گفتگو تجريدي (Abstract) آهي. جڏهن ڳالهائي ته پنھنجا سمورا حواس (Senses) مرڪوز ڪرڻا پوندا آهن. عام جلسن ۾ عام ماڻهن جي انداز ۾ ڳالهائڻ سبب ڪامريڊ سڄي محفل ۾ حاوي رهندو آهي. هڪ دفعي ڏوڪري ۾ ٻيڙي مزدور يونين وارن پهرين مئي جي مناسبت سان جلسو منعقد ڪيو. سَون جي تعداد ۾ ماڻهن جي شرڪت هئي، ڪامريڊ به پروگرام ۾موجود هو. ڪامريڊ جڏهن پروگرام ۾ موجود هوندو آهي، محسوس ٿيندو آهي ته پروگرام واقعي به آهي. پنهنجي جهولي ڀريل محسوس ڪندا آهيون. ان پروگرام ۾ مزدورن تـَرَ جي وڏيري اڳوڻي ايم اين اي کي به پروگرام ۾ گهرايو هو. عجيب ماحول ٿي ويو. جنهن گاديءَ خلاف ڪامريڊ زندگيءَ جو وڏو حصو ”ڊاهينداسين ڊاهينداسين گـُڏ جي گادي ڊاهينداسين.“ وارو نعرو کڻي ڏوڪري تعلقي ۾ وڏيرن خلاف باهه ٻاري ڏني هئي. اڄ ان گاديءَ جو چڱو مڙس ۽ ڪامريڊ حيدر ٻئي جلسي ۾ ۽ اتفاق سان ٻئي اسٽيج تي. پنڊال ۾ آنڌ مانڌ لڳي پئي هئي ته الائي ڇا ٿيندو؟ هڪ ته دوست چيو ته حسين ۽ يزيد کي اسٽيج تي گڏ ويهاريو اٿائون. لڳي ٿو ته ڪربلا ٿيندي! اهو چؤٻول هلندڙ هو ته اوچتو اعلان ٿيو ته ڪامريڊ حيدر جويو اوهان سان مخاطب ٿيندو. سڄي پنڊال ۾ سڪتو طاري ٿي ويو. سڀني جون نظرون ۽ حواس ڪامريڊ ڏانهن متوجهه ٿي ويا. ڪامريد جنهن عوامي انداز ۾ عوام جي مسئلن ۽ وڏيرن جي ڪردار تي ڳالهايو. سڄي پنڊال ۾ واه واه ٿي ويئي. اسان تيستائين خود وڏيري جو ساهه لُڪي ۾ ڏٺوسين جيستائين ڪامريڊ اسٽيج تي تقرير لاءِ بيٺو رهيو. ڪامريڊ ڏاڍي خوشگوار انداز ۾ پنهنجو مؤقف ٻڌائي لٿو ته وڏيري کي به ساهه پئجي ويو ته ٻيلي اڄ بچي وياسين. پر جيڪڏهن وڏيري ۾ ٿورو Sense هجي ها ته سمجهي وڃي ها ته ڪامريڊ تجريدي انداز ۾ ڪيئن نه سندس بيعزتي به ڪري آيو ۽ کيس خبر به نه پئي.
اهڙا کوڙ واقعا ۽ پروگرام ڏٺا آهن جيڪي ڪامريڊ جي برجستائپ ۽ ڏاهپ جو واضع مثال آهن. هڪ دفعو ته ڪامريڊ سوڀي جي زندگيءَ تي لکيل ڪتاب ”مھين جو ماڻهو“ جي مهورتي تقريب ۾ اديبن ۽ سندس ڪردار جا ڇوڏا لاهي ڇڏيائين. ڪامريڊ سوڀي جھڙي ماڻهوءَ ڪامريڊ حيدر جي ڇڏيل سوالن کي نظرانداز نه ڪري سگهيو. سنڌ سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ڦٿڪي پـيو. بهرحال ان پروگرام ۾ ڪامريڊ حيدر جا ڇڏيل اڻ مٽ نشان اڄ به اسان جي ذهنن تي اڪريل آهن. سندس گفتگو ۾ تسلسل، فني انداز، پنھنجائپ، بي ڊپائي، ارڏائي ۽ اعتماد ڪنهن به طرح نظرانداز ڪرڻ جوڳو نه آهي. پر جيڪي ماڻهو ڪامريڊ جي انهن خوبين کان انحرافي ڪن ٿا منھنجي خيال ۾ وقت ۽ سچ جا اهي وڏا منڪر آهن.

ڪامريڊ تي لڳندڙ الزام: ڪامريڊ حيدر جي جيتري وڏي ديو قامت شخصيت آهي مٿس الزام به اوترا ئي وڏا لڳندا رهيا آهن. هُن جي 1989ع تائين وطن د وست انقلابي پارٽي جي پليٽ فارم تان جدوجھد انتھائي شاندار رهي آهي. جنھن جي ٽٽڻ کانپوءِ اڪثر ماڻهن جو خيال آهي ته هو پنھنجو سياسي قبلو درست رکي نه سگهيو. سندس وڏيرن جي اوطاقن تي موجودگي ڇرڪائيندڙ رهي، جنهن ڪري هو ڪيترن ئي ماڻهن جو سياسي Ideal نه بڻجي سگهيو ۽ نوجوانن ڪامريڊ سان گڏ سياست ڪرڻ کي ترجيح نه ڏني. ڪامريڊ جي ڪردار ۽ شخصيت تي الزام لڳندا رهيا آهن اُهي هُن جهول پائي جهليا آهن ۽ اڳتي به اهڙن الزامن جي وضاحت هو پاڻ ڪندو.

No comments:

راءِ ڏيندا