سراج ميمڻ
سنڌي لسانيات
جي ماھر کي سلام
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
انگريزي ٻوليءَ جي لفظن Language ۽ Linguistics جي
سنڌيءَ ۾ معنيٰ عام طور تي هڪ ئي يعني ”ٻولي“ ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته انهن لفظن
جون ڌار ڌار معنائون آهن، لينگئيج جي معنيٰ ٻولي زبان، ڀاشا، ۱: ماڻهن جي وچ ۾ صوتي ۽ تحريري اشارن ۽ آوازن ذريعي رابطو ۲: رابطي جي ڪا به صورت، نشانن جو ڪمپيوٽر ۽ خاص طرح وارو استعمال
ٿيندڙ لاڙو يا طريقو ۳: ڪنهن قوم جي مخصوص ٻولي،
۴ ڪنهن ماڻهو، گروهه يا ڪنهن ڌنڌي جي خاص ٻولي يا
لهجو وغيره “
لنگسٽڪس جي معنيٰ آهي ”لسانيت ۱: ٻوليءَ جو علم يا سائنس، ۲: ڪنهن خاص ٻوليءَ جو اڀياس (سنڌيڪا ڊڪشنري)
سنڌي ٻولي تمام گهڻي شاهوڪار آهي، ٻوليءَ جي ماهرن ۾ به شاهوڪار آهي،
پر لسانيات جي ماهرن ۾ ڏاڍي غريب آهي، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا لسانيات جا ماهر آهن،
انهن ماهرن جي جيڪڏهن تاريخ ڏسنداسين ته گهڻي ڀاڱي انگريزن کان شروع ٿيندي،
انگريزن کان جيڪڏهن ڳڻپ ڪجي ٿي ته انگريز عالمن کان سواءِ مرزا قليچ بيگ، ڀيرومل
مهرچند آڏواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سراج الحق ميمڻ، ڊاڪٽر غلام علي الانا،
ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، آفتاب ابڙو ۽ شايد ڪجهه ٻيا شامل آهن، انهن سڀني ۾ رڳو ٽي
عالم اهڙا آهن، جن سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت پنهنجا نظريا ڏنا آهن، انهن عالمن
۾ پيرومل مهر چند آڏواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ سراج الحق ميمڻ اچي وڃن ٿا.
سراج الحق ميمڻ کان اڳ ۾ جيڪي نظريا آيا اهي هئا؛
۱. سنڌي ٻولي سنسڪرت جي لهجي وراچد، اپڀرنش مان ڦٽي نڪتي، ٻين لفظن ۾
سنسڪرت ڄائي آهي، (ڀيرومل مهر چند آڏواڻي)
۲. سنڌي ٻولي سامي سٿ جي ٻولين مان ڦٽي نڪتي، ٻين لفظن ۾ سنڌي ٻولي
عربي، عبراني ۽ ٻين ٻولين مان ڄائي، (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)
انهن ٻنهن نظرين جي حق ۾ مختلف عالمن جا رايا دليل ۽ حوالا ڏنا ويا
آهن، سراج صاحب اهو پهريون ماڻهو هو، جنهن انهن ٻنهي نظرين سان اختلاف ڪندي پنهنجي
تحقيق وسيلي ثابت ڪيو ته سنڌي ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ جي ڄائي ناهي، اها پاڻ هڪ مڪمل
ٻولي آهي، ان تي سامي سٿ، سنسڪرتي ٻولين ۽ ٻين ٻولين جا گهرا اثر آهن، هنن ٻولين
هڪ ٻئي کي لفظ ڏنا ۽ ورتا آهن، ان حوالي سان هن وڏي کوجنا ڪري مختلف مثال ڏنا آهن.
سراج صاحب جي ان نظريي کي تمام گهڻي پذيرائي ۽ مڃتا ملي، خاص طور تي
جڏهن اسان دعوا ڪندا آهيون ته هزارين سال قديم تهذيب جا وارث آهيون، ماضيءَ ۾ سنڌي
قوم تمام گهڻي قابل، مهذب، ترقي يافته ۽ عظيم هئي، وغيره وغيره ثابتيءَ لاءِ موهن
جي دڙي جو مثال ڏيندا آهيون، موهن جي دڙي جي آثارن هئي، وغيره وغيره ثابتيءَ لاءِ
موهن جي دڙي جو مثال ڏيندا آهيون، موهن جي دڙي جي آثارن مان اسان کي جديد نظام جون
اهي سموريون سهولتون ۽ رٿا بنديون مليون آهن، جيڪي اسريل ملڪن ۾ هن وقت رائج آهن،
ڊرينج سسٽم، آبهوا مطابق اڏاوت، مارڪيٽ، تعليمي ادارا، عبادتگاهون، ڦيٿو (گاڏي)
وغيره وغيره پنج ڇهه هزار سال پهريان سنڌ جي دنيا ۾ اها حيثيت هئي ته سنڌي ٻوليءَ
جو ڪيڏو عروج هوندو؟ ان لاءِ تاريخون خاموش آهن، موهن جي دڙي مان مليل نشانيون،
مهرون، ٺپا وغيره پنڊ پهڻ لڳا پيا آهن، انهن کي دنيا وارا پڙهي نه پيا سگهن. سرجان
مارشل موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪري اسان جي تهذيب کي مڃتا ڏياري، جڏهن ته سراج ميمڻ
ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت پنهنجو نظريو ڏئي، سنڌي ٻوليءَ کي اها مڃتا بخشي ته جيئن
سنڌو تهذيب ڪنهن ٻيءَ تهذيب مان ڦٽي نه نڪتي آهي، تيئن سنڌي ٻولي به ڪنهن ٻيءَ
ٻوليءَ جي ڪک مان نه نڪتي آهي.
هن موهن جي دڙي مان مليل مهرن کي پڙهڻ جي به وڏي ڪوشش ڪئي، لڌل
نشانين جون پڙهڻيون به مقرر ڪيون، هو سڄي زندگي سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ واڌاري
لاءِ جاکوڙيندو رهيو، هڪ طرف ته هو تحقيقي ڪم ڪندو رهيو، جيڪو مختلف ڪتابن ۽ مقالن
جي صورت ۾ عوام تائين پهچندو رهيو، سندس اهو پورهيو ادب جي مختلف صفحن جهڙوڪ:
تحقيق، ناول، ڪهاڻي، مضمون، مقالي ۽ شاعريءَ جي صورت ۾ آهي.
ٻئي طرف هو نوجوانن کي خاص طور تي لسانيات جي شعبي ۾ تحقيق لاءِ
همٿائيندو رهيو، مون کي ياد آهي ته سراج صاحب هڪ ڪچهريءَ ۾ ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪو
نوجوان سنڌي لسانيات ۽ موهن جي دڙي جي ٻوليءَ کي پڙهڻ لاءِ تحقيق جو ڪم شروع ڪندو
ته آءُ ان کي اسڪالرشپ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، پر بدقسمتيءَ سان نوجوان انهن موضوعن
کان پري ڀڄن ٿا، اسان جي تعليمي ادارن جهڙوڪ: سنڌ يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي،
وفاقي اردو يونيورسٽي ۽ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي لسانيات ۾ ايم اي نه ڪرائي
ويندي آهي، لسانيات هڪ سائنسي علم آهي، جنهن لاءِ ليبارٽري به ضروري هوندي آهي،
يونيورسٽين جي سنڌي شعبن وٽ ان قسم جي ڪا به سهولت ناهي، نتيجي ۾ لسانيات تي جيڪو
ٿورو ڪم ٿئي به ٿو ته اهو گهڻي ڀاڱي غير سائنسي بنيادن تي ٿئي ٿو، تنهن کان سواءِ
يونيورسٽين ۾ لسانيات جي ماهرن جي به کوٽ آهي.
سراج صاحب جي ڪيل ڪم مان سکڻ ۽ وڌيڪ تحقيق ڪرڻ لاءِ سڀني ادارن کي
جنگي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو، سراج صاحب جو وڇوڙو سنڌي لسانيات لاءِ ڪاپاري ڌڪ
آهي، خدا ڪري ته اسان سراج صاحب کي خراج پيش ڪرڻ ۽ افسوس ڪرڻ کان سواءِ سنڌي
لسانيات لاءِ به ڪجهه ڪري سگهون.
سراج
منھنجو بھترين دوست
سوڀو گيانچنداڻي
سراج الحق ميمڻ وڏي پائي جو
اديب هو، هن جيڪي به ناول لکيا، اهي سنڌي ادب جو وڏو سرمايو آهن. هن ڪيترن ئي
ڪارائتن ڪتابن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادب کي گهڻو مالا مال ڪيو. ڪهاڻي جي ميدان
۾ پڻ سراج جو مقام تمام گهڻو مٿانهون آهي. ائين جيئن جمال ابڙي جي ڪهاڻي ”پيراڻي“
اسان جي ادب جي ڪلاسڪ ۾ شمار ڪئي ويندي آهي، ائين ئي سراج جي ڪهاڻي ”ٻهڻي“ کي به
ساڳيو ئي درجو ڏئي سگهجي ٿو. سنڌ جي تاريخ کي ناولن ۾ سولو ڪري ۽ فڪشنائيز ڪري هن
سنڌ جي اڌ پڙهيل ماڻهن کي تاريخي شعور سان روشناس ڪرايو. هن جون صحافتي دنيا ۾ پڻ
خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. ۱۹۷۰ع
وارو ڏهاڪو “هلال پاڪستان” جي حوالي سان سنڌي صحافت ۾ مان سراج جو ڏهاڪو شمار ڪندو
آهيان ۽ ان سموري عرصي ۾ هن سنڌ ۾ جيڪا روشن خيالي جي لهر پکيڙي، اسان اڄ سوڌو ان
جو ئي کٽيو کائي رهيا آهيون. هينئر پاڪستان جي سڀني ٻولين جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ صحافتي
سجاڳي جون پاڙون جيڪي وڌيڪ مضبوط نظر اچن ٿيون، ان جو سڄو سارو ڪريڊٽ سراج ڏانهن
ئي وڃي ٿو ۽ هن جي طفيل ئي اها جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ ترقي ڪندي نظر اچي ٿي. سنڌي
ٻوليءَ بابت سراج جيڪو ”سنڌي ٻولي“ نالي سان ڪتاب لکيو، ان کي مان مثالي انڪري
چوندو آهيان، جو ان کان اڳ ۾ اهڙو حقيقت پسند ٿي ڪنهن به محقق تحقيق نه ڪئي هئي.
ان جو اعتراف اڄ هر باشعور ۽ روشن خيال ماڻهن سان گڏ محقق پڻ ڪري رهيا آهن ۽ ان
سلسلي ۾ جيڪو به محقق قلم کڻي ٿو، اهو سراج جي تحقيق مان استفادو ضرور حاصل ڪري
ٿو. هن سنڌ جي علمي ۽ ادبي ميدان ۾ ڀرپور نموني سان پنهنجو نالو ڪمايو. منهنجي هن
سان سنگت اڌ صدي تائين رهي.جڏهن مان سال ۱۹۵۳ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ ايم اي ۽ لا ۾ داخلا ورتي هئي ته ان وقت سراج
محمد ابراهيم جويو جي سربراهي هيٺ سنڌي ادبي بورڊ جي اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ طور پنهنجا
فرائض نڀائي رهيو هو. سراج ڪجهه عرصو سياسي تحريڪن ۾ به حصو ورتو، مونکي ياد ٿو
اچي ته هو سنڌي ادبي سنگت جي جلسن ۾ پڻ شريڪ ٿيندو رهندو هو.منهنجون هن سان تمام
گهڻيون ملاقاتيون ٿيون جن جون ڪيتريون ئي ساروڻيون آهن. جيڪي اڄ سراج کي ياد ڪندي
منهنجي ذهن ۾ گردش ڪري رهيون آهن. جيڪي ڪڏهن تفصيل سان ڪنهن مضمون ۾ ساربيون. هڪ
ڀيري سراج بيمار ٿي پيو هو ته مان ان جي گهر وڃي سندس عيادت ڪئي هئي. هڪ دفعو وري هندوستان کان جڏهن هتي سنڌي اديب آيا هئا ته
مان انهن کي سراج سان ملائڻ لاءِ هن جي گهر وٺي ويو هيس. سراج جي ثقافتي ماڳن ۾ پڻ
گهري دلچسپي هوندي هئي ۽ مون سان
جڏهن به ملندو هو ته اڪثر ڪري اڳ ۾ موهن جي دڙي جي سلامتيءَ بابت پڇندو هو. سال ۱۹۹۰ع جي ڏهاڪي جي اڌ ڌاران سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران
منٺار سولنگي ۽ ادل سومري جي ڪوششن سان مون سان جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ جيڪا سنڌ سطح تي رهاڻ رچائي وئي هئي، ان
موقعي لاءِ سراج جيڪو جاڳو اخبار ۾ مونکي وڏو مان ڏيندي ڪالم لکيو هو، اهو اڄ به
منهنجي اکين اڳيان گذرندو آهي ته مان پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهندو آهيان. هن جو
وڇوڙو مون لاءِ هن عمر ۾ وڏي صدمي جو باعث بڻيو آهي ۽ هن جي وڃڻ واري نقصان جي
تلافي ناممڪن آهي.
سون جھڙو سراج
غلام نبي مغل
سنڌي علم ۽ ادب جي هڪ ٻي مشعل اجهامي وئي، فيبروري جي ۲ تاريخ تي جيڪو سج لٿو ۽ اُڀ ۽ ڌرتي تي جيڪا اوندهه ڦهلجي وئي سا
اسان سنڌ وارن لاءِ ۽ سندن مجموئي ڏاهپ لاءِ اهڙو نقصان آهي جيڪو شايد صدين ۾ به
پورو ٿئي ته وڏي ڳالهه آهي.سراج الحق ميمڻ
اسان منجهان ويو هليو. هو سائين جو سائين هو. علم ادب جو مخدوم هو ڏاهپ جو
ڏيئو هو-روشن ڏيئو!
سراج سائين ويهين صدي جو
پوئين اڌ جو اهو اُسريل انسان هو، جنهن کي پنهنجي زماني ۽ مستقبل جي علمي ۽
ادبي گھرجن جي ڄاڻ هئي.سراج سائين نئين ۽
جديد سنڌي ڪهاڻي جي ابتدا ڪندڙن ۾ شامل هو.سندس ڪهاڻيون جديد سنڌ جي ادبي اڏاوت ۾
پيڙهه جو پٿر هيون. سندس ڪهاڻيون نه رڳو جديد
پر بين الاقوامي ادب جي معيار مطابق هيون.ڪي مسخرا ۽ ٽوٽڪائي ڪردار نظر نه آيا ۽
سراج سائين جو تخليق ڪيل ادب، وقت جي گھرج هو ۽ سنجيده هو. سندس پهريون ناول پڙاڏو سوئي سڏ تي جيتوڻيڪ
ڪجهه حلقن طرفان تنقيد ٿي پر اِهو ناول نه رڳو Larger than life هو پر
وقت جي هلندڙ قومي تحريڪن لاءِ هٿي هو. سندس ٻيا ناول پڻ سنڌي ادب جا شاهڪار ناول هئا.
سراج سائين جي سنڌي ٻولي جي بنياد
۽ ارتقا پڻ، علم جي شاگردن لاءِ هڪ نئون فڪر ۽ املهه کوجنا هئي ۽ عالمن
لاءِ سنڌي ٻولي بابت وڌيڪ کوجنا ۽ جاکوڙ ڪرڻ جي دعوت هئي. سراج سائين سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد جي باري ۾ هڪ نئون معيار مقرر ڪيو،
جيڪو ٻين عالمن لاءِ پڻ هڪ سوچ جو گس آهي. هلال پاڪستان اخبار سنڌي زبان جي اڌ مئي
صحافت جي نشان هئي. پر سال ۱۹۷۳-۱۹۷۲ع ۾ جڏهن سراج سائين انهيءَ اخبار جو ايڊيٽر طور
مقرر ٿيو ته سنڌي صحافت ۾ جديد دنيا جو ساهه پيو ۽ سنڌي صحافت جو هڪ نئون دور شروع
ٿيو، جيڪو اڃا تائين ترقي ڪندو اچي. اخبار ۾ خبرون ۽ تجزيا نئين دور جي طور طريقي
۾ اچڻ لڳا. سراج سائين جڏهن سياسي تجزيا نگاري ڪئي ۽ سياسي منظرنامو لکڻ شروع ڪيو
ته اسان جي اخباري طريقن ۾ نئين جدت ۽ زماني مطابق معاملا شروع ٿيا، جيڪا جديد
صحافت جي تقاضا هئي. جي اين مغل اسان جي صحافت جو وڏو نالو آهي، ۱۹۷۳ع ۾ مون مغل کي هلال پاڪستان جي آفيس ۾ سراج سائين
سان ملايو ۽ ٻڌايم ته هن ۾ سٺي صحافي ٿيڻ جا اهڃاڻ موجود آهن.سراج سائين جي اين
مغل جي ٿورڙي پرک ڪئي ۽ پوءِ پاڻ وٽ
سب ايڊيٽر ڪري رکيائين.قابليت پاڻ ڳالهائيندي آهي ۽ اڄ مغل پاڪستان جي
سينيئر اعليٰ صحافين منجهان آهي.
سراج صاحب ٿور-ڳالهائو ۽ نهايت سنجيده شخص هو، جنهن پلازا ۾ آئون
رهندو هئس اُت ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڪنهن دوست سان ملڻ ايندو هو، پر مون وٽ اچڻ لاءِ
تيار نه هو، مون هڪ دفعي چيو مانس ته ڪڏهن مون وٽ به ايندا ڪريو. جواب مليو ته تو
ڪڏهن سڏيو ئي ڪونه. پوءِ هر هفتي ايندو هو. وڏيون ڪچهريون ٿينديون هيون. شيخ اياز، علي احمد بروهي، سليمان شيخ به انهيءَ
پلازه ۾ رهندا هيا. اهي ڪچهريون مون کي
ياد آهن.
سندس شخصيت کي به مون کي
ويجهو ٿي پرکڻ جو موقعو مليو.آءٌ سراج سائين جو ادب جي ميدان ۾ همعصر ته هئس پر
گھڻو جونيئر هئس.
سراج صاحب سنڌي ٻولي ۽ ادب جو عالم هو،
سراج صاحب وچولي طبقي جو وڏو ۽ اعليٰ شخص هو.
سراج صاحب پنهنجين عادتن ۽ رهڻي ڪهڻي ۾ پختو شخص هو.
هن صدي ۾ اسان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کانپوءِ ڪهڙي نه املهه ماڻڪ شخص وڃائي ويٺا آهيون.
آخر ۾ مون کي سندس هڪ جملو هميشه ياد ايندو رهندو آهي ته ”غلام نبي تنهنجو ناول اوڙاهه پڙهي مون کي خواهش
ٿي ته اهو ناول آئون لکان ها !“
اهو جملو ۽ اُهو شخص مون کي هميشه ياد رهندو.
سراج جون ڪجھ ڳالھيون ڪجھ يادون
شيخ عزيز
هيءَ تن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن ون يونٽ جي خلاف سڄي سنڌ ۾ ڪاوڙ ۽
نفرت هئي. هر ماڻهو، ڀلي اهو ڪنهن وستيءَ واهڻ جو رهاڪو هجي يا وڏن شهرن ۾ وڏي
تقرير جو مالڪ هجي، هن کي اها ڳالهه سهڻ ۾ ڪا نه پئي آئي ته ڪيئن سنڌ جي نابلد
ليڊرن، اڳ پٺ سوچڻ بنا، انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿي سنڌ جي قسمت سوين ڪوهه پري وڃي
اڇلي.
سنڌ ۾ پڙهيل طبقو، خص ڪري نوجوان انهي مامري کان ڀليءَ ڀت واقف ئي نه
هو پر هن چاهيو ٿي ته اهو غلاميءَ جو طوق لاهي ڦٽي ڪري، اها ڳالهه هن ڪري وڌيڪ
قيمتي هئي جو نوجوان ڏاڍو سجاڳ ٿي چڪو هئو، اهو ڏسي اڳوڻي نسل کي اطمينان ٿيندو
هئو ته هڪ ڏينهن اها پاڃاري لاهي ڦٽي ڪندا.
انهيءَ ئي نسل جو هڪ نوجوان سراج هو، جنهن جي خاندان ٽنڊي ڄام مان
لڏي اچي حيدرآباد وسايو هو ۽ تعليم جي زيور سان آراسته ٿي ڪنهن سڦلي ڪم سان لڳڻ ٿي
گهريو. محمد عثمان ڏيپلائي تن ڏينهن م نه
صرف پاڻ ڪامريڊن وانگيان ڪم ڪندو هو پر
پرعزم نوجوانن لاءِ همت جو ذريعو به هُئو، هيءُ اهو زمانو هو جڏهن سنڌي ادبي سنگت
نوجوان نسل جي ذهني آبياري ڪرڻ لاءِ هڪ آزاد ماحول مهيا ڪندي هئي ته ٻئي طرف
ڏيپلائي، غلام محمد گرمي جهڙا ماڻهو هنن ۾ اتساهه پيدا ڪندا هئا. تنوير عباسي
ڊاڪٽري جو شاگرد هو، نياز همايونيءَ اچي حيدرآباد ۾ خيما کوڙيا هئا. شاعريءَ سان
گڏ حڪمت به هلائيندو هو، محمد ابراهيم جوئي، تعليم کان سنڌي ادبي بورڊ اچي وسايو
هو. ادبي بورڊ ابتدائي مرحلن مان مس مس نڪري آيو هو ته ابراهيم جويي جهڙي ماڻهو اچي
پرجهلو ٿيو. سراج جهڙي محنتي نوجوان کي ڏسي کڻي پاڻ سان کيائينس. اچي سنڌي ادبي
بورڊ ۾ وهاريائينس جتي غلام رباني آگرو، اڳئي ڪَرُ کنيو ويٺو هو، ٿورو بعد ۾ شمشير
الحيدري به اچي گڏين.
سراج ۽ آگري گڏجي انگريزي ادب کي سنڌي ۾ آڻڻ جو طئي ڪيو ۽ ڏسندي
ڏسندي چونڊ آمريڪي افسانا جهڙو ڪتاب تيار ٿي ويو. سراج بورڊ ۾ اچڻ کان اڳ ڏکڻ مان ٿو سج اڀري جهڙو ڪتاب لکي
ورتو هو. سو بورڊ ۾ ساراهه ملڻ سان ويتر وڌيڪ محنت سان ڪم ڪرڻ لڳو.
اتي ئي کيس سنڌي ٻولي جي پڻ بنياد بابت معلومات حاصل ڪرڻ جو شوق
جاڳيو، سوکڙي پيو. لسانيات جهڙي ڳوڙهي مضمون ۾، ان وقت جرمن اسڪالر ٽرمپ جو نظريو
گهڻو هلي رهيو هو. ڪاڪي پيرو مل به گهڻو ڪجهه لکيو. سراج به پنهنجي مٿاڪٽ کانپوءِ
”سنڌي ٻولي“ نالي ڪتاب ۾ سنڌي ٻولي جي ممڪن بنياد ۽ ٻين ٻولين سان لهه وچڙ بابت
چڱو بحث ٿيو هو. انهي ڪتاب سنڌي ٻولي وارن ماهرن ۽ ڄاڻن ۾ گهڻي چوپچو پيدا ڪئي.
بورڊ ۾ ويٺي ئي سراج چٽا ڀيٽيءَ واري امتحان ۾ ويٺو ۽ پاس ٿيو سو
انڪم ٽيڪس جهڙي کاتي ۾ هنيائونس. اتي به ڏاڍو نالو ڪمايائين پر لکڻ جي پچر ڪو نه
ڦٽي ڪيائين. سو ويو ڪتاب لکندو. سنڌ تي ارغونن وارو دور حڪومت ڏاڍو ظالماڻو دور
هو. هن دور ۾ ٿيل هاڃن کي هن پنهنجو موضوع بڻائي ناول ”پڙاڏو سو سڏ“ لکي پنهنجي
تاريخي معلومات کي افسانوي رنگ ۾ اهڙو رنڱي ڇڏيو جو اهو ناول ڏاڍو مقبول ٿيو. سراج
جي لکڻ واري شوق آڏو سرڪاري نوڪري به ڪا رڪاوٽ ڪانه بڻي ۽ هو لکندو ويو. سندس انهي
لکڻ جي پاداش ۾ هن ڀوڳيو به جڏهن فوجي حڪمران جنرل يحيٰ ملڪ جون واڳون سنڀاليون ته
اچڻ شرط تطهير جي نالي ۾ هن ۳۰۳
آفيسرن کي سرسري اعلان ذريعي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو. سراج به انهيءَ انڌ واري چڪيءَ ۾
پيسجي ويو. پر سچ هيءُ آهي ته سراج، انهي جي انجام کان بي نياز ٿي انڪم ٽيڪس جي
وڪالت شروع ڪري ڏني. جنهن ۾ هن گهڻو ناماچار ڪمايو.
انهيءَ عرصي دوران ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي پارٽي سميت ميدان تي لٿو.
ڀٽي جي شخصيت اهڙي هئي جو هن جي پارٽي ملڪ جي مقبول ترين پارٽي بڻجي وئي. پارٽي
کڻي حيدرآباد جي منشي برادران واري اخبار هلال پاڪستان خريد ڪري ان کي پارٽي جي
اخبار بڻايو. سراج کي ايڊيٽر مقرر ڪيائين ٿورن ئي ڏينهن ۾ اخبار ملڪ جي مشهور ۽ مقبول
اخبار بڻجي وئي. هن اخبار ذريعي هن نون نون لکندڙن کي آندو پر سندن صلاحيتن کي
پوريءَ ريت ڪتب آندو. پنهنجي ڀيڻ انيس، مشهور ڪهاڻي ڪار امر جليل، فقير محمد
لاشاري ۽ ٻيا ڪيئي کڻي گڏ ڪيائين. نيون ڳالهيون، نوان موضوع ۽ نت نوان لاڙا، اخبار
هلال پاڪستان جديد صحافت ۾ ڪيئي سٺيون ڳالهيون ميدان ۾ آنديون. خود سراج جو پنهنجو
قلم ڪنهن کان ڊڄڻ وارو ڪو نه هو. تنهن ادارتي تحريرن جو ڏاڍو مڻيادار لاڙو ڏنو.
سندس ڪتابن ۾ ”سنڌي
ٻولي“، ”ڏکڻ مان ٿو سج اڀري“، ”چونڊ آمريڪي افسانا“، ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“، ”اي درد هلي آءُ“، ”منهنجي دنيا هيڪل وياڪل“، ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“، ”منهنجي دنيا مرگه ترشنا“ جهڙا قابل تعريف ڪتاب
ڏنا.
سراج تمام ٿورو ڳالهائڻ وارو ۽ ملنسار ماڻهو هو. هن ۾ نهٺائي گهڻي ۽
مسئلن کي سمجهڻ جي خصلت تمام گهڻي هئي. اهائي سندس شخصيت جو خاصو هئي.
سراج ھليو ويو
ڊاڪٽر سليمان شيخ
سٺ وارو ڏهاڪو پرجوش سمون هو. شاگرديءَ وارو زمانو سڄي حياتيءَ جو سڀ
کان پيارو دور هوندو آهي. منهنجي سانڀر ۾ ملڪ ۾ ون يونٽ هو ۽ سنڌڙي سورن ۾ هئي.
اسان جونسل جيئن سِرجيو ته سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي حيثيت کي للڪاريو ويو. ون يونٽ
خلاف دستخط مهم هجي يا وري سنڌي شام جي نالي ۾ ادبي ثقافتي ميڙاڪا هجن سڀني جو
بنياد سنڌ جي سرهاڻ کي واپس وارئڻ جو وچن ڪرڻ هو. مشاعرا ادبي ميڙاڪا ٿيندا هئا.
جشن روح رهاڻ اسان لاءِ روحاني تسڪين جو هڪ اهڙو ميڙاڪو هوندو هو. جنهن جو انتظار
ڪبو هو. اهڙي ئي ڪنهن ميڙاڪي ۾ سائين سراج الحق ميمڻ صاحب جن سان ساڃاهه ٿي. سائين
ان وقت سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد تي تحقيق ڪري هڪ نامور ليکڪ طور سڃاتو ويندو هو. ان
کانپوءِ باقاعده سڃاڻپ تڏهين ٿي جڏهين سراج صاحب روزانه هلال پاڪستان ۱۹۷۲ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ڪرڻ شروع ڪئي. ڪورٽ ويو
بلڊنگ جي ٻي منزل تي سندن آفيس اسان لاءِ رهنمائي جو مرڪز هئي.
پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ الوحيد ڪراچيءَ مان بند ٿيڻ کانپوءِ سنڌي اخبار
ڪراچيءَ مان ڪڍڻ هڪ وڏي للڪار هئي. ۱۹۷۰ع
جولاءِ تائين سنڌ جو نالو وٺڻ به ڏوهه هو ان کانپوءِ سنڌ صوبو وري قائم ٿيو ۽
ڪراچي ۱۹۴۷ع کانپوءِ پهريون ڀيرو سنڌ جو گاديءَ وارو هنڌ
بڻيو. ان ڊگهي عرصي ڪراچيءَ جي سماج کي اوپرو بڻائي وڌو هو. ان ماحول ۾ سنڌي صحافت
کي پنهنجي جاءِ ۽ رتبو وٺي ڏيڻ هڪ ڪٺن مرحلو هلو. هن ڏکئي منزل کي سراج صاحب جي
بردباريءَ، اڳواڻ واري صلاحيت ڪامياب تجربو بنايو. جنهن جو نتيجو اڄ جي ڪراچيءَ جي
صحافتي دنيا آهي.
ذاتي طور سراج صاحب مونکي اخباري ڪالم لکڻ تي همٿايو ۽ مون پهريون
ڀيرو ۱۹۷۲ع کان هلال پاڪستان ۾ جزوقتي ڪالم لکڻ شروع ڪيا.
”انسان جا پراسرار دشمن“ لکڻ وقت مون کي ميڊيڪل سائنس جي لفظن کي سولي سنڌيءَ ۾
ترجمو ڪرڻ جي ڏکئي مرحلي ۾ پڻ سائين رهنمائي ڪئي. سگا جي بنياد وجهڻ وقت پڻ سائين
سراج صاحب جي رهنمائي حاصل رهي.
۱۹۸۰ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي خادمن جي جماعت سرونٽس آف سنڌ جو بنياد پيو
سائين غلام مصطفيٰ شاهه، محمد ابراهيم جويو ۽ سراج صاحب بنياد وجهندڙ بانيڪار هئا.
سراج صاحب هن سوسائٽيءَ جو بنيادي خيال “VISION” لکيو
جيڪو هتي جيئن جو تيئن نقل ڪريان ٿو.
We, as human beings, believe that Sindh is our
home, Pakistan is our country and earth is mankind’s only habitat in the
Universe.
We believe it is our natural duty to love our
home, and expect those who live in it and consider it their home, also to love
it.
We believe that it is our human duty to build
life-assets, physical as well as spiritual, of our home, and to protect them
from misuse and from suppression and usurpation.
We believe that with continuous supplanting of
democracy and repeated subversion of constitutions of the country, and the
resultant ethical impoverishment of society all around – social, economic, and
political – the question of the reordering of our national and intra-national
affairs has assumed fresh relevance and urgency to be squarely met and settled
de-settled de-novo within the frame-work of the Foundation Resolution of March,
1940.
We believe that a society based on justice,
including economic justice, and rule of law in which might as determinant of
right is eliminated, are essential pre-requisites for man in modern society to
evolve into a better human being.
We believe that man has no commitment in life
higher and nobler than service of man.
With the above beliefs, convictions and ideals,
we, who have subscribed the following Memorandum of Association have joined
together as Founder Members, and formed our-selves into a Society, called “The
Servants of Sindh Society,” for the service of Sindh and its people.
هن سوسائٽي اٽڪل ۲۵
سال بيحد سرگرميءَ سان سنڌ جي سياسي سماجي، معاشي، ثقافتي حقن تي پنهنجي وزندار
راءِ جو برملا اظهار ڪيو جيڪو بجا طور تي سنڌ جي ساڃاهه جو روشن ستارو هو سنڌ جي
سينڌ سنوارڻ جي سَڌ ڪرڻ وارن لاءِ اڄ به ان سوسائٽي جا ٺهراءَ ۽ بيان مشعل راهه
آهن. انهن سڀني بيانن ۾ علمي پورهيو اسان جي ٽن معزز رهنمائن جو هو جن هن جو بنياد
وڌو هو. سراج صاحب اها خدمت بيحد خاموشيءَ سان سنڌ جي عشق نڀائڻ لاءِ ڪئي. ان
سوسائٽيءَ جي روئداد ڇپيل صورت ۾ موجود آهي.
سائين سراج صاحب،
هڪ ناميارو قانوندان هو.
ان حيثيت ۾ به سائين قانوني طور ڪيترن نوڪرين ۽ ڪوٽا جي مسئلن ۾ رهنمائي ڪئي.
شريعت بينچ ڪوٽا سسٽم خلاف هڪ ”شرعي“ فيصلو ڏنو جنهن مطابق ڪوٽا سسٽم کي غير شرعي
قرار ڏئي ان کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان حڪم جي خلاف سنڌ جي مجاهد علماء ڪرام جو هڪ
وفد ڪراچيءَ آيو. سائين سراج صاحب جي صلاح سان ان فيصلي خلاف شرعي بنيادن تي سپريم
ڪورٽ جي سامهون اپيل داخل ڪئي وئي ان ڪري في الحال شرعي ڪورٽ جو فيصلو رڪجي ويو.
پر ڪيس جو اڃان به فيصلو نه ٿيو آهي.
سراج صاحب ذاتي زندگيءَ ۾ هڪ شفيق مهربان دوست ۽ پرجوش سنڌ جو عاشق
هو. سندن قلمي پورهيو ايندڙ نسلن لاءِ هميشه مشعل راهه رهندو پر اڄ جي دور ۾ پڻ
سندس لکڻين کي وري پڙهڻ سان سنڌ جي محبتن جو هڪ نئون حوالو جاڳي سگهي ٿو. سندن
سماجي-قانوني ڪردار پڻ قابلِ تحسين آهي.
انسان مختصر حياتي ماڻي ٿو پر سندس حياتي جي ڪيل هن جدوجهد جو لاڀ
پويان ماڻين ٿا. سراج صاحب جي محبتن ۽ محنتن جي سڳنڌ سدا سنڌ کي سرهاڻ بخشيندي
رهندي.
عشق سلامت سنڌ سلامت
سدا اڀريا سنڌ ۾ آنڌيءَ جيان انسان
مدد علي سنڌي
سنڌي ٻوليءَ جو مشهور ڪهاڻيڪار، ناولسٽ، محقق، صحافي ۽ ”سنڌي ٻولي“
جهڙي شاندار ڪتاب جو ليکڪ محترم سراج الحق ميمڻ، اسان جي لاءِ سدائين سراج صاحب ئي
رهيو، سندس طبيعت ۾ انتهائي ڳنڀيرتا شامل هئي، شايد اهو ئي ڪارڻ هو، جو هو گهڻن
ماڻهن سان ويجهڙائپ نه رکي سگهيو، پر ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته سراج صاحب کي سنڌ ۽
سنڌي ٻوليءَ سان هڪ عشق هو، اهو عشق هن ۾ شروع کان وٺي هو، ٿي سگهي ٿو ان عشق جي
وڻ کي مٿي اڀارڻ ۾ سائين محمد ابراهيم جويي جهڙي بڙ جي گهاٽي وڻ جي ڇانو نصيب ٿي،
جنهن جي ڪري سندس سنڌ جو عشق وڌي وڻ ٿيو هجي، پر ادب جي خوشبو ته سراج صاحب کي
پنهنجي والد مرحوم محمد يعقوب ”نياز ميمڻ“ کان حاصل ٿي، مرحوم محمد يعقوب پاڻ هڪ
وڏو تعليمدان، ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ڄاڻو هو، حافظ شيرازيءَ جي ”ديوان جا خط“ جو سنڌي
۾ سندس ڪل ترجمو ثابت ڪري ٿو، ته کيس سنڌي فارسيءَ تي هڪ ئي وقت مڪمل عبور حاصل
هو، اهڙي علم پرور ۽ علم دوست والد جو ساٿ کيس سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب ڏانهن ڇڪي
آيو، سال ۱۹۳۳ جي ۲۴
آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ سراج صاحب جو اسٽار لبرا هو، يعني ميزان، اهو اسٽار رکندڙ شخص
انتهائي ماٺيڻو ۽ انصاف پنسد پر شرميلو به هوندو آهي، حيدرآباد جي مشهور نور محمد
هاءِ اسڪول مان جڏهن هن ميٽرڪ پاس ڪئي ته ان وقت ساڻس گڏ مظهر الحق صديقي ۽ اڳوڻو نگران وڏو وزير رٽائرڊ جسٽس
عبدالقادر هاليپوٽو سندس هم ڪلاسي هوندا هئا، ان وقت ميٽرڪ جو امتحان سنڌ
يونيورسٽي وٺندي هئي، جتان هن ميٽرڪ جي امتحان ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي، ۱۹۵۳۾ هن ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جهڙي علمي اداري ۾
اچي ملازمت ڪئي، ۱۹۵۵ ۾ محمد ابراهيم جويي کيس بورڊ ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري
جي عهدي تي مقرر ڪيو، ان وقت سنڌي ادبي بورڊ سائين جي ايم سيد، سيد ميران محمد
شاهه، ڊاڪٽر شمس العلماءِ عمر دائود پوٽي، پير علي محمد شاهه راشدي، پير صاحب حسام
الدين شاهه راشدي، جهڙن عالمن جي سهڪار سان هلندڙ هو، ۱۹۵۷ ۾ هن سي ايس پي جو امتحان ڏنو، ۽ بورڊ کي خير آباد چئي انڪم ٽيڪس کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي، پر
ان نوڪريءَ دوران به هن سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ساٿ ڪڏهن به نه ڇڏيو، سنڌي
ٻوليءَ جي تاريخ تي هن هڪ شاندار ڪتاب سنڌي ٻولي لکي ۱۹۶۴ ۾ شايع ڪرايو، هن جو موقف هو ته سنڌي ٻولي ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي ڄائي
ڪونهي، بلڪ سنڌي ٻولي ننڍي کنڊ جي پراڻي ٻولي آهي، جنهن جي هڪ جداگانه حيثيت آهي،
اهو وقت ڏاڍو ڏکيو هو، ڇاڪاڻ ته ڪن ماهرن جو چوڻ هو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت جي ڄائي
آهي ته ٻيا واري ان کي ڇڪي وڃي عربن سان ملائيندا هئا، هڪ ئي وقت ان ڪتاب جي حمايت
۽ مخالفت شروع ٿي ويئي، خصوصي طور تي ڀارت ۾ رهندڙ هڪ سنڌي اديب ۽ لسانيات جي ماهر
گنگارام سمراٽ ان ڪتاب تي ڏاڍي ڇتي ۽ بيرحماڻي تنقيد ڪئي، اهو مضمون حيدرآباد جي
مشهور سهڻي مئگزين ۾ محترم طارق اشرف شايع ڪيو، نتيجي ۾ سراج الحق ميمڻ، مشهور
قومي رسالي روح رهاڻ ۾ ان جو
مدلل جواب ڏنو، ٻئي طرف سنڌ جي ترقي پسند فڪر سان تعلق رکندڙ هيءُ اديب سراج صاحب
جي حمايت ۾ ميدان ۾ لهي آيا، گنگارام سمراٽ ڇاڪاڻ اصل سن جو رهواسي هو، ان ڪري
سائين جي ايم سيد پنهنجي ڳوٺاڻي کي هڪ خط لکي ميار ڏني، ته سراج سنڌي ٻولي جو
نوجوان محقق آهي، اوهان کي ان تي ان قسم جي تنقيد کان پاسو ڪرڻ کپندو هو، گنگارام
سمراٽ جواب ۾ جيڪو خط لکيو آهي، اهو سيد صاحب جي خطن واري ڪتاب ۾ شامل آهي، ان مان
اوهين اندازو لڳائي سگهو ٿا ته سائين جي ايم سيد جهڙا ماڻهو سراج سان ڪيڏي نه محبت
ڪندا هئا.
ساڳئي وقت هن ۱۹۶۹
ڌاري هڪ ناول پڙا ڏوسوئي سڏ لکيو، اهو ناول سنڌ جي تاريخ جي پس منظر ۾ لکيو ويو
هو، ان وقت سنڌ ون يونٽ جي زنجير ۾ جڪڙيل هئي، ان ناول کي جيتوڻيڪ ڪن ليکڪن
نعريبازي قرار ڏنو، پر سنڌ جي نوجوان نسل ۾ اهو ناول ڏاڍو مشهور ٿيو.
۱۹۷۲ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سراج صاحب کي سيد قمر الزمان شاه جي صلاح
سان روزاني هلال پاڪستان ڪراچيءَ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو، پهرين مئي ۱۹۷۲ کان ڪراچيءَ مان نئين رنگ ۽ ڍنگ سان هڪ جديد سنڌي
اخبار هلال پاڪستان جو بنياد سراج صاحب جي هٿن سان پيو، يقينن ان ڳالهه کان ڪوئي
شخص انڪار نه ڪري سگهندو ته سراج صاحب، جي ايڊيٽر شپ ۾ نڪتل روزاني هلال پاڪستان
ڪراچي، سنڌي صحافت ۾ هڪ انداز، هڪ نئون موڙ هئي، ان اخبار سنڌي ٻوليءَ جا اصولڪا
لفظ ڪتب آندا، گرامر جو خصوصي طور خيال رکيو ويندو هو، تنهن کان سواءِ اعليٰ قسم
جي پروف ريڊنگ جو رواج به سراج صاحب هلال پاڪستان ۾ وڌو ساڳئي وقت ان وقت جي مشهور
اديبن جهڙوڪ امر جليل ۽ قمر شهباز کان ڪالم لکرائي، کين معاوضو ڏيڻ جو رواج به
سراج صاحب وڌو، نه رڳو اهو بل ان وقت کان وٺي اخبار جي وڪرو ٿيڻ تائين هلال
پاڪستان واحد اخبار هئي، جنهن ۾ ورڪرس کي ويج بورڊ پگهارون ملنديون هيون، ۱۹۷۷ جي مارشل لا کان پوءِ علي احمد بروهيءَ هلال
پاڪستان ۽ ان جي پيپلز فائونڊيشن کي مارشل لا وارن جي حڪومت جي حوالي ڪرائي ڇڏيو ۽
پاڻ شيخ سلطان ٽرسٽ (پيپلز فائونڊيشن جو ايڊيشنل ايڊمنسٽريٽر ٿي سراج صاحب کي
مجبور ڪيو ته هو مارشل لا جي فرمانبرداري ڪري. پر سراج صاحب استعيفيٰ ڏني ۽ اخبار
کي الوداع ڪري ويو، شايد گهٽ ماڻهن کي ان ڳالهه جي خبر هوندي ته هلال پاڪستان کي
ان وقت جيڪا جديد آفيسٽ پرنٽنگ مشين هئي، اها جنگ اخبار وٽ به بعد ۾ آئي، اهو ڪم
سمورو ڪم سراج صاحب جي صلاح سان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سر انجام ڏنو هو، ساڳئي وقت
شهيد ڀٽو، پيپلز فائونڊيشن کي سول لائينس ۾، پي آءِ ڊي سي بلڊنگ ڪراچيءَ وٽ به
شاهي پلاٽ به ڏنا، جن ۾ اها جديد پريس لڳل هئي، ٻن بلڊنگن جي ان وقت به مسواڙ
اداري کي لکين رپيا ملندي هئي، پر بروهي صاحب آخري ۱۹۹۲ جي آخر ڌاري اها جديد مشين وڪڻي، اخبار کي ورڪرس کي وڪڻي ڇڏي.ان
سموري ڳالهه تي سراج صاحب ڏاڍو ڏک ظاهر ڪندو هو.
سراج صاحب بنيادي طور تي هڪ اصول پرست اديب هو، شيخ اياز سان سندس
دلي قرب هوندو هو، منهنجي ذاتي ڏيٺ ويٺ سراج صاحب سان نومبر ۱۹۷۰ ۾ ٿي، شيخ اياز وٽ، اياز، فاران هوٽل ۾ رهيل هجي، اتي اوچتو سراج
صاحب اچي نڪتو سندس بهترين پوشاڪ يعني ٿري پيس فل سوٽ ۾ هو وڏي رعب ۽ تاب وارو شخص
ٿي اچي اسان جي سامهون بيٺو وات ۾ خوشبودار تماڪ سان پريل پائيپ، اياز منهنجي
واقفيت ساڻس ڪرائي يڪدم چوڻ لڳو، نوجوان اڳتي قدم بند ڪري ڇڏيئي ڇا ؟ ته سمجهي ويس
ته هن منهنجو رسالو اڳتي قدم جو پهريون پرچو پڙهيو آهي، وڌيڪ مون سان ڪو نه
ڳالهايائين اياز سان ڪچهري ڪري رهيو.
بعد ۾ ساڻس جڏهن به ملاقات ٿيندي هئي، ته عزت ۽ محبت سان ملندو هو، ۱۹۹۰ ۾ آئون جڏهن روزاني هلال پاڪستان جو چيف ايڊيٽر
ٿيس ته پاڻ مون کي فون ڪري مبارڪ ڏيندي چوڻ لڳو ته خبرداري سان اخبار کي هلائجان
محسوس ڪرايو آهي !
پوءِ هو مون کي لائونج ۾ ٺهيل هالپسدي ان اسلام آباد هوٽل جي جيسمين ڪافي شاپ ۾ وٺي ويو،
اتي ڪافيءَ جو آرڊر ڏيئي پاڻ پائيپ ڇڪڻ لڳو. مون کي ان وقت هو ڏاڍو اداس لڳو، ٻاره شيشي جي دري مان شام جي مهل
ان مهل وسندڙ برسات کي ڏاڍي غور سان ڏسي رهيو هو. جڏهن ڪافي پي اسان اٿياسين ته هن بل جي پيمينٽ ڪري ڇڏي. اها ٻي ڳالهه هئي ته اسان هوٽل ۾ حڪومت جا گيسٽ
هئاسين. پر سندس خوددار طبيعت جي ڪري هن بل تي صحيح ڪرڻ
بدران، پنهنجي کيسي مان بل ڀري ڇڏيو ۽ مون کي خدا حافظ
چئي، واپس پنهنجي روم ۾ هليو ويو.
ساڻس آخري ملاقات پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۾ گذريل سال ٿي هئي. ڪراچي يونيورسٽي طرفان سڏايل شاهه لطيف ڪانفرنس
جي هڪ سيشن ۾ پاڻ آيو هو، ملاقات ٿي، ته مان پاڻ ساڻس جهڪي وڃي مليس، چوڻ لڳو،
مدد! تو ربانيءَ تي ڏاڍو سٺو مضمون لکيو آهي، در اصل لکڻ ته مون کي کپندو هو، پر
تو سٺو نڀايو آهي، تو منهنجي ادبي بورڊ مان ڇڏڻ واري تاريخ ۽ سال لکي ڇڏيو، مون کي
ڏاڍي حيرت ٿي ته تو اهو مواد ڪٿان هٿ ڪيو؟
مون سندس ٿورو مڃيندي محسوس ڪيو ته سراج صاحب سنڌي ادب کي باقائدگي
سان پڙهي رهيو آهي، هن ڌرتي هن ٻولي ۽ هن مظلوم قوم سان ڪيل پنهنجو وچن آخري دم
تائين قائم رکيائين وفات کان اڳ ۾ سندس ٻه لکيل انگريزي ڪتاب
History of Sindhi Language
Biography Of an unknown Sindhi
سندس انهيءَ وچن ۽ ڪمٽمينٽ جو اظهار آهي، سنڌي ادب ۽ سنڌ جي آسمان
تي، هو ٻين ڪيترن ستارن وانگر چمڪنڪدو رهندو، سندس ٻيا تارا مرڻ مون سين آءُ، منهنجي دنيا مرگهه ترشنا، منهنجي دنيا
هيکل وياڪل، سندس لکيل ڪهاڻيون، مضمون، ۽ سنڌي ٻولي ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم
باب آهن، اڄ شيخ اياز جي هنن لفظن ۾ اسين کيس ياد ڪري رهيا آهيون.
سدا اڀريا سنڌ ۾ آنڌي جيئن انسان،
وڙهندي مڙس مهان، مٽيءَ منجهه سمايا (اياز)
سراج
يارن جو يار
محمد ابراهيم جويو
سراج الحق ميمڻ منهنجو جگري دوست هو، هن صحافتي دنيا توڙي ادب جي
دائري ۽ علمي ميدان ۾ هڪ ئي وقت ڪم ڪيو آهي، سراج الحق ميمڻ نماڻي قسم جو انسان پڻ
هو، سراج جو مون سان ڀائرن وارو ناتو هوندو هو، سراج الحق ميمڻ علم ۽ ادب جي ميدان
۾ ايترو ته ڄاڻو انسان هو جو جيڪڏهن ادب ۽ علم جي ميدان ۾ ساڻس ڪا ڳالهه ڪبي هئي
ته سندس ردعمل دل پسند ۽ علمي لحاظ کان لاجواب هوندو هو، سراج الحق ميمڻ ۽ مون سڄي
زندگي گڏجي گذاريو ۽ علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي، توڙي جو سراج الحق کانئس عمر ۾ ننڍو
هو پر کيس وڏي ڄاڻ هوندي هئي، تنهن ڪري ڪنهن وقت هو سندس استاد به بڻجي ويندو هو،
افسوس ته آءُ وڏي عمر وارو زنده رهجي ويس ۽ هو ننڍي عمر وارو اسان کان الڳ ٿي ويو،
سندس وڇوڙي ته تمام گهڻو صدمو پهتو آهي، هو وڏي همٿ ۽ حوصلي وارو انسان هو، هن ادب
۽ علم جي دائري ۾ وڏي قابليت، همٿ ۽ حوصلي سان ڪم ڪيو، جنهن وقت آءُ سنڌي ادبي
بورڊ جو سيڪريٽري هيس، تنهن وقت سراج ميمڻ پهرين اسسٽنٽ طور مون سان گڏجي ڪم ڪيو ۽
ان دور ۾ بورڊ اندر جيترو ڪم ٿيو، ان ڪم ۾ سراج ميمڻ جو ڀرپور ڪردار هو، سراج ميمڻ
صحافتي دنيا ۾ اچي وڏي مقبوليت ماڻي ۽ صحافت ۾ نوان لاڙا پيدا ڪيا ۽ پنهنجي دور ۾
صحافتي دنيا ۾ اڀار آندو، سراج الحق ٻن دلين وارو انسان هو ۽ يار جو يار هو.
جديد ادب جو وڏو ماڻهو
رسول بخش پليجو
سراج الحق ميمڻ هڪ ماڊرن
ماڻهو هو، هو هڪ انسان، انقلابي، اديب ۽ دانشور هو، هو جديد ادب ۽ علم ۾ وڏو ماڻهو
هو، هو وزن دار شخصيت جو مالڪ هو، سراج الحق ميمڻ ڪمزور ڳالهيون نه ڪندو هو. هو سوچيندو هو ته سنڌي قوم ۾ تبديلي ڪيئن آڻجي ۽
انقلابي لاڙا ڪيئن آڻجن، سراج ڪڏهن به پنهنجي لياقتن جو فائدو وٺي پاڻ وڌائڻ وارو
ڪو به ڌنڌو نه ڪيو، هو ان خيال جو ماڻهو هو ته سنڌي ماڻهو سجاڳ ٿين پنهنجي وطن جا
مالڪ بڻجي تعليم حاصل ڪن، هو پاڪستان جو حامي ضرور هو ته سنڌ پاڪستان ۾ هجي، پر
غلام نه هجي نه مرڪز، نه وڏيرن جي غلامي ۾ هجي،
هو هوائي ڳالهيون ڪندڙن مان بيزار هوندو هو، هن جي وڃڻ سان جيڪو نقصان ٿيو
آهي، ان نقصان جو پورائو ٿي نٿو سگهي، اهڙا ماڻهو گهٽ هوندا آهن، جيڪي توڙ نڀائين
ٿا، جيڪي پلٽا نٿا هڻن، وڏيرن جا چمچا نه ٿيندا آهن، سراج انهن ماڻهن مان هڪ شخصيت
هو، سراج جهڙا ماڻهو روز پيدا نه ٿيندا آهن.
سراج
سندس جديد سنڌي صحافت ۾ ڪردار
جي اين مغل
سائين سراج الحق ميمڻ اديب هو، بيورو ڪريٽ هو، زبان جو ماهر هو ۽
صحافي به هو. اڄوڪي مضمون ۾ اسين گهڻو ڪري سنڌي صحافت ۾ سندس ڪردار جو ذڪر
ڪنداسين. سراج صاحب صحافت پيپلزپارٽي طرفان ڪراچي مان شايع ٿيندڙ ترجمان اختيار
”هلال پاڪستان“ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ شروع ڪئي، هلال پاڪستان جي ايڊيٽر طور ڪم ڪرڻ
کان اڳ سراج صاحب جو شايد باقائدي صحافت جي پيشي سان ڪو تعلق نهر هيو هو، پر جنهن
ڏينهن کان هن هلال پاڪستان جي ايڊيٽري سنڀالي ڪڏهن به ڪنهن کي به اهو احساس نه ٿيو
ته هلال پاڪستان جي چارج ڪنهن اڌو گابري صحافي وٽ آهي. ان جي برعڪس جنهن به هلال
پاڪستان پڙهي ته محسوس ڪيائين ته سندس هٿن ۾ سنڌي زبان جي هڪ اهڙي اخباري آهي جنهن
۾ صحافت جي مڙني معيارن جو خيال رکيو ويو آهي.
سراج صاحب جيترو وقت به هلال پاڪستان جو ايڊيٽر رهيو هلال پاڪستان نه
فقط پاڪستان جي بهترين اخبارن ۾ شمار ٿيندي آهي پر سندس ايڊيٽر شپ ۾ هلال پاڪستان
سنڌ جي زبردست خدمت ڪئي. سنڌ جو اهڙو ڪهڙو اشو هوندو جنهن تي هلال پاڪستان ملڪ
جامع حقيقت ... ۽ بي پاڪ موقف نه پيش ڪيو هجي. حالانڪه هلال پاڪستان حڪمران پارٽي
جي ترجمان اخبار هئي پر ان سموري عرصي ۾ نه هلال پاڪستان سنڌ جي مفادن کي نظرانداز
ڪيو ۽ نه حڪمران پارٽيءَ ڪڏهن ان قسم جي ادارين، خبرن، سرويز ۽ ٻئي مواد تي اعتراض
ڪيو. جن به سراج صاحب سان هلال پاڪستان ۾ ڪم ڪيو آهي اهي ان ڳالهه جي شاهدي ڏيندا
ته هو هڪ انتهائي سنجيده شخصيت هو. نه هن جي لکڻين مان ۽ نه هن جي رويي مان ڪڏهن
غير سنجيدگي لڳندي هئي. هلال پاڪستان جو ايڊيٽوريل سراج صاحب پاڻ لڳندو هو. اهي
ايڊيٽوريل جتي سنڌ جي اشوز تي هوندا هئا ته اتي ٻين قومي اشوز، بين الاقوامي اشوز
۽ اقتصادي اشوز تي هوندا هئا. اها ڳالهه به پوري ذميداريءَ مان چئي سگهجي ٿي ته
سراج صاحب جو لکيل ڪو به ايڊيٽوريل ... نه هوندو هو. ان ۾ ..... انداز ۾ موقف به
رکيو هوندو هو ته ان ۾ واسطيدار انگ اکر به هوندا هئا. شايد تمام گهٽ ماڻهن کي خبر
هجي ته سراج صاحب اقتصاديات جو به ماهر هو. اقتصاديات هن جو پسنديده مضمون هو.
سراج جي ادارن ۾ نڪرندڙ اخبار هلال پاڪستان هر لحاظ کان مڪمل اخبار هئي. اخبارن ۾
خبرون، ايڊيٽوريل ۾ قطعي، مزاحيه ڪالم، سياسي ۽ اقتصادي موضوعن وارن ڪالم کان
سواءِ هفتي دوران ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ڪو نه ڪو خاص صفحو به شايع ٿيندو هو. انهن ۾
خاص .... جو صفحو تمام مشهور هوندو هو جيڪو سندس مشير ادي فهميده حسين جي ادارت ۾
نڪرندو هو. ان کان سواءِ پورهيتن، هارين ۽ شاگردن جا صفحا به هر هفتي شايع ٿيندا
هئا. ان ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته هر صفحو پنهنجن پڙهندڙن ۾ ڏاڍو مقبول هوندو هو.
اها ڳالهه به ڪانهن کان لڪل نه آهي ته سراج صاحب زبان جو به ماهر هو.
سراج صاحب جي ان صلاحيت جو هلال پاڪستان ۽ ان ۾ استعمال ٿيندڙ زبان تي تمام زبردست
اثر پيو. سراج صاحب جون هدايتون هونديون ته هروڀرو انگريزي اردو ۽... لفظ استعمال
نه ڪيا وڃن جن جا نعم البدل سنڌي لفظ موجود آهن. اهڙن طرح، هلال پاڪستان ۾ استعمال
ٿيندڙ سنڌي ٻين سنڌي اخبارن ۾ به استعمال ٿيڻ لڳي. ان جو هڪ سٺو اثر پي ٽي وي تان
نشر ٿيندڙ سنڌي خبرن جي معيار تي به پيو. ڪجهه هيئن ٿيو ته جيڪا ٽيم ڪراچي ٽيليويزن
سينٽر تي سنڌي خبرون لکڻ جي انچارج هئي اها هلال پاڪستان جي تيار ڪيل ٽيم هئي جنهن
۾ خاص طور محترم انور پيرزادي محمد خان
سيال ۽ ٻين اهڙن دوستن جا نالا وٺي سگهجن ٿا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جڏهن سراج
صاحب هلال پاڪستان کان ڌار ٿيو ته نه فقط ٻين سنڌي اخبارن پر خود هلال پاڪستان مان
به سراج صاحب واري سنڌي گهڻي حد تائين ناپيد ٿي وئي. اهو سراج صاحب جو ڪريڊٽ آهي
ته هن ڪجهه ممتاز بين الاقوامي سياسي ٽرمنالاجي ۽ معاشي ٽرمس جا اهڙا نعم البدل
ٺيٺ سنڌي لفظ ... ڪيا جن کي نه فقط سنڌي اخبارن ۽ سنڌ اخبارن جي قارئين پر سنڌي زبان
جي ماهرن به قبول ڪيو. ان سلسلي ۾ مون کي هن وقت هڪ، ٻه مثال ياد اچن ٿا. مثال ياد
اچن ٿا. مثال طور، ان وقت فرانس جو صدر ڊيگال هو. ڊيگال ڪيئن اهم بين الاقوامي ...
سامهون آندا. ان وقت بين الاقوامي ٽڪراءُ کي ختم ڪرڻ يا گهٽائڻ لاءِ هن جيڪي ....
تن کي هو ديتان چيو ويندو هو. .... لفظ هو پر انگريزي زبان کي اهو فرينچ لفظ پنهنجو ڪرڻو پيو. اهڙي طرح اردو پريس به لفظ
ديتان استعمال ڪندي هئي پر سراج صاحب فرينج نقشو اديتان لاءِ نج سنڌي لفظ سرچاءُ
استعمال ڪيو ۽ ڪيتري عرصي تائين نه فقط هلال پاڪستان مگر اڪثر سنڌي اخبارون ديتان
لاءِ سرچاءُ استعمال ڪنديون هيون. اهڙي طرح اقتصاديات جو هڪ ٽرم آهي جنهن لاءِ پڻ
سراج صاحب ٽرم ناڻي جي واڌ استعمال ڪيو ۽ ڪيتري حد تائين اهو ٽرم سنڌي اخبارن ۾ استعمال ٿيندو رهيو.
سراج صاحب، زبان جي ماهر هئڻ جي حيثيت ۾ ان راءِ جو هو ته سنڌي زبان
موجوده رسم الفظ بدران رومن رسم الفظ ۾ لکي وڃي. ان سلسلي ۾ هن هلال پاڪستان ۾
ڪيئن حوالي سان ڪيئن جامع ڪالم لکيا. پر آخرڪار سراج صاحب کي اهو موو ... ڪرڻو
پيو. شايدع ان جو هڪ سبب اهو هو ته سندس ڪيترن همعصر سنڌي دانشورن ۽ زبان جي ماهرن
به سراج صاحب سان اتفاق نه ڪيو. هنن جي موقف هو ته موجوده رسم الحظ ۾ ايترو
سندن لٽريچر جو خزانو ڦهليل آهي جيڪو سڄي
جو سڄو رومن اسم الحظ ۾ منتقل نه ٿي سگهندو ۽ اهڙي طرح سنڌي زبان کي نقصان پهچي
سگهي ٿو. منهنجو خيال آهي ته رومن رسم ان جو ۾ سنڌي لکڻ واري سراج صاحب .... جي حق
خاص طور اهو موقف هو ته جيڪڏهن سڀ سنڌي پوءِ ڀلي دنيا جي ڪنهن به علائقي ۾ هجي
رومن رسم الحفظ استعمال ڪرڻ سنڌي زبان به ختم نه ٿيندي ۽ پاڪستان هندستان توڙي
دنيا جي هر حصي ۾ رهندڙ سنڌي قوم متحده ٿي سگهي ٿي.
سراج صاحب جي هوالي کان منهنجون ڪجهه ذاتي ساروڻيون ڪنهن حد تائين
دلچسپ آهن جن مان هن جي وڏائي لکي ٿي هلال پاڪستان ۾ رپورٽرن ۽ ايڊيٽرن جي ڀرتي
لاءِ هلال ۾ اشتهار شايع ٿيا. مون به رپورٽر بڻجڻ لاءِ درخواست ڏني، سراج صاحب
مڙني درخواست ڏيندڙن کان لکت ۾ ٽيسٽ ورتي جيڪا سي ايس پي واري معيار واري هئي.
جيڪي ان ۾ پاس ٿيا انهن کان زباني امتحان ورتو ويو. زباني امتحان ڏيڻ لاءِ جڏهن
آئون سراج صاحب جي ڪمري ۾ داخل ٿيس ته سراج صاحب مون کي سامهون صوفه سيٽ تي ويهڻ
جي لاءِ چيو. مون ڏٺو ته سندس مٿس ۾ مون وارو ٽيسٽ جو لکيل پيپر هو. سراج صاحب چيو
ته تو سٺيو لکيو آهي پر مون کي يقين آهي ته تون گهڻو وقت صحافين ۾ نه رهندي، تو
جهڙا ماڻهو جلد سٺي جاب ملڻ تي صحافت ڇڏي ويندا جڏهن ته صحافت کي توجهڙي سنڌي
صحافين جي ضرورت آهي مون چيو ته نه سائين آئون صحافت نه ڇڏيندس، چيائين وعدو ته
صحافت نه ڇڏيندي به مون چيو وعدو مون هلال پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر طور ڊيسڪ تي ڪم ڪرڻ
شروع هلال پاڪستان ۾ انٽرويو ڏيڻ کان ۴
مهين اڳ مون زرعي ترقياتي بئنڪ جي آفيسر جي لاءِ انٽرويو ڏنو هو. مون کي اها ڳالهه
وسري وئي هڪ ڏينهن مون ليٽر مليو جنهن ۾ چيو ويو ته توکي زرعي ترقياتي بئنڪ ۾
آفيسر طور مقرر ڪيو ويو آهي تون ٻن هفتن اندر فيصل آباد واري تربيتي اداري ۾ رپورٽ
... جتي توکي ڪجهه مهينن لاءِ ٽريننگ ڏني ويندي، آئون ڏاڍو خوش ٿيس. مون کي اها
ڳالهه وسري وئي ته هلال پاڪستان ۾ مقرري وقت سراج صاحب سان ڪهڙو وعدو ڪيو هو. آئون
سراج صاحب جي ڪمري ۾ ويس ۽ مقرريءَ واري ليٽر سندس پٽيل تي رکندي چيم ته منهنجي
زرعي ترقياتي بئنڪ ۾ بطور آفيسر مقرري ٿي وئي آهي. هاڻ مون کي اجازت ڏيو ته توهان
کان موڪلايان. سراج صاحب مون ڏانهن گهوريندي چيو ته تون وڃڻ چاهين ٿو ته ڀلي وڃ پر
پنهنجو وعدو ياد اٿئي. مون کي سچ پچ پهرين ڪا به ڳالهه ياد نه آئي پر پوءِ فوري
طور سڄي ڳالهه ياد اچي وئي. آئون شرمسار ٿيندي اٿيس ۽ سندس ٽيبل تي رکيل مون وارو
مقرري وارو ليٽر لفافي سوڌو کڻي سندس اڳيان ڦاڙي سندس ڀر ۾ پيل ڪچري واري دٻي ۾
وجهندي چيم ته سائني وعدو بلڪل ياد آهي. صحافت نه ڇڏيندس. آئون اڄ ڏينهن تائين
جهڙو تهڙ صحافت سان جيڪو نڀائيندو اڃا ۽ ان جو ڪريڊٽ سراج صاحب کي ڏيان ٿو.
هڪڙي مرحلي تي اسان هلال پاڪستان جي ڪارڪنن يونين ٺاهي. ساڳئي وقت
آئون ڪراچي يونين آف جرنلسٽ جو جنرل سيڪريٽري به هيس. هلال واري يونين جو جيتوڻيڪ
آئون سينيئر وائيس پريزيڊنٽ هوس پر يونين جي پويان جيڪي وڌيڪ متحرڪ هئا شايد انهن
۾ آئون پيش پيش هوس. اسان ۱۰۰
مطالبن تي مشتمل چارٽر آف ڊمانڊس ٺاهيو جنهن تي انتظاميا سان مذاڪرات ٿيا.
انتظاميا جي نمائندي سراج صاحب ڪري رهيو. ٻئي طرف يونين جي مذاڪراتي ٽيم منهنجو
اهم ڪردار هو. ان دور ۾ شايد سراج صاحب ۽ ان ۾ ڪي ناراضگيون به پيدا ٿيون، پر بعد
۾ جڏهن جنرل ضياءَ مارشل لڳائي، ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ختم ڪئي ته هلال
پاڪستان کي به ڪراچي جي آرمي ڪورٽيڪ اوور ڪيو. ان دوران هڪ مرحلي تي اسان پاڪستان
فيڊرل يونين آف جرنلسٽ ۽ ..... جي پليٽ فارمن تان سڄي ملڪ ۾ مارشل لا خلاف تحريڪ
هلائي ۽ ڪراچي ۾ صحافين طرفان گرفتاريون شروع ٿي ويون. پريس ڪلب ۾ جيڪي بک هڙتال
تي ويٺا انهن ۾ آئون به شامل هوس. رات جو اسين گرفتار ٿي وياسين. پر ڪجهه ڏينهن
دوران اسان کي ... ڪيو ويو ۽ مساوات ۽ هلال پاڪستان جي اشاعت بحال ٿي وئي. جيل مان
به ...ٿيڻ کان پوءِ مون کي ساٿين ٻڌايو ته توهان جي جيل ۾ هئڻ دوران ڪراچي پريس
ڪلب ۾ ٿيندڙ احتجاجي ميڙاڪي روزانو سراج صاحب خود شرڪت ڪندو هو ۽ چوندو هو ته مغل
۽ ٻيا ساٿي ... هليا ويا آهن ته هنن جي اڪري حد تائين اخلاقي حمايت ڪرڻ لازمي آهي.
سراج صاحب اصول پرست هو. هن سڄي زندگي پنهنجي اصولن تي مفاهمت ڪئي. سراج صاحب صحافت
۾ منهنجو استاد آهي ۽ جيسين جان ۾ جان آهي سندس احترام ۾ ڪڏهن به ڪمي نه ايندي.
ڪاش سنڌ ۾ سئو، ٻه سئو سراج پيدا ٿي پون ته سنڌ ڪهڙن ڏکن کان آجي ٿي پوي ۽ روج
واري زندگي گذرڻ لڳي.
سراج سان لاڳاپيل يادگيريون
عبدالحميد آخوند
جن کيس سڃاتو، مٿس موهت ٿي
پيا. جن هن بابت ڄاتو، تن تي سندس شخصيت جو روپ ڇانئجي ويو. سراج هڪ نهايت متا ثر
ڪندڙ شخصيت هو، هو اکين جو ٺار ۽ ذهنن کي تازو توانو ڪندڙ هو. پڪي پختي توريل تڪيل
ڳالھ
ڪرڻ وارو ۽ عملياتي شخصيت
هو، سندس حقيقي قد ڪاٺ ۽ وزن سندس خيالن ۾ آهي هن ڪڏهن به غير معقول جذبات نه ڌاريا.
سنڌ، سنڌ جي ماڻهن ۽ ٻوليءَ لاءِ سندس پيار لفاظي نه هو، پر هن سنڌي ٻولي تي
پنهنجي ڪتاب جي صورت ۾ ان کي سدا بهار ياد گار ڏنو، سراج انهيءَ مشن کي پنهنجي وطن
جي هڪ ذميواري ڪري هٿن ۾ کنيو، انهي ميدان ۾ان جي باني واري حيثيت رکندي، هو
نوجوان نسل لاءِ اتساھ جو ذريعو هيو، ڪراچي جي سنڌ فري ميسن لارج جي هڪ ڪمري ۾
”سنڌ صدين کان“ سيمينار دوران سراج مون کي تقرير پويان تقرير ٺاهيندي نظر آيو .
اهي تقريرون انهن ڪيترن ماڻهن کي ڪرڻيون
هيون، جيڪي مختلف سيشن جي صدارت لاءِ آيل هيا، پر ڪيئن موضوع بابت ڄاڻ گھٽ هئي،
مون کيس اهڙي ڪمانڊ سان تقريرون ٺاهيندي ڏٺو جيڪا مون ٻين ۾ تمام گھٽ ڏٺي آهي. اسان مان گھڻن جي ابتڙ هو جهڙو
تهڙو اجايو ڳالھائڻ، يا منافقت ۾ وقت ضايع نه ڪندو هو، پر سدائين هاڪاري ۽
همٿائيندڙ هوندو هو، سراج ڪنهن جي گلا ۾ يقين نه رکندو هو، ڪنهن جي بدنامي ۾
دلچسپي نه وٺندو هو، اسان سڀ کيس سندس سڄڻائپ، عقلمندي ۽ علم سبب عزت ڏيون ٿا.
جيتوڻيڪ سنڌي ٻولي تي سندس بنيادي ڪم ۴۰
سال اڳ لکيل ڪتاب آهي، هن وقت تائين ان ميدان ۾گھڻي تحقيق نه ڪئي وئي آهي، سندس دل
۾ ابراهيم جويو لاءِ گھڻي نرمي هئي ۽ هو سندس سڄي زندگي عزت ڪندو هو. مون کي ياد
آهي ته هن هڪ ڀيري هڪ عجيب درخواست ڪئي ۽ جڏهن مون سندس ڌيان ڇڪايو، هن ٻڌايو ته
هو مون کي اهو ڪجهه ڪرڻ لاءِ جوئي جي
احترام جي ڪري چئي رهيو آهي، اها ڳالھ مان ۱۹۹۰ جي وچ جي هڪ ڳالھ ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته تنهن وقت سنڌ جي گورنر، سراج
کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وي سي ٿيڻ جي آڇ ڪئي جيڪا هن تنهن وقت جي علمي ادارن جي
ماحول سبب قبول نه ڪئي. الائي ڪڏهن اسان انهيءَ اداري کي امن سان هلائينداسين.
سراج مهتا پيلس ميوزم لاءِ ”ٽرسٽ ڊيڊ“ جو مسودو ٺاهڻ ۾ حيلو وسيلو هو
۽ هو ان جي باني ٽرسٽيز مان هڪ هو.
سندس بيماريءَ دوران جيڪا کيس دهليءَ وٺي وئي، سندس جذبا جوان هئا ۽
هو هي صورتحال لاءِ تيار هو. ڇو ته هن هڪ ڀرپور زندگي گهاري هئي ۽ مطمئن هو. هو
پنهنجي ڊگهي بيماريءَ دوران به پر اميد هو. پر آخرڪار لڳو پئي ته هو (زندگيءَ جي )
قيد کان ٿڪجي پيو هو ۽ اميد جو ڪرڻو گم ٿي چڪو هو. ساڻس آخري گفتگوءَ ۾ هن مون کي
چيو هو ته امر جليل کي سندس تازي ڪتاب جي مهاڳ لاءِ ياد ڏياريان ۽ ساڳئي وقت افسوس
ڪيائين ته سندس صحت وڃي ٿي ڪرندي.
سراج هيءَ دنيا ان حالت ۾ ڇڏي جو هن پنهنجي ڌرتي، عوام ۽ پنهنجي ڪٽنب
جي خدمت ڪئي هئي ۽ کيس اطمينان هو. سندس روانگي شخصي نقصان آهي ۽ مون کي اميد آهي
ته سندس خاندان ۽ دوست ريسرچ اسٽڊيز جو هڪ انسٽيٽيوٽ قائم ڪري کيس ڦل ڏيندا. رڳو
نانءُ جي صورت ۾ نه پر آدرشن کي بلند ڪرڻ جي صورت ۾ به.
سراج
سنڌ جو عاشق ليکڪ
آفتاب ابڙو
سراج الحق ميمڻ سنڌ جي
انهن اهم شخصيتن مان هڪ آهي جن لاءِ لطيف سائين چيو آهي ته ”مون سي ڏٺا ماءِ، جنين
ڏٺو پرينءَ کي، تنين سنڌي ڪا، ڪري نه سگهان ڳالڙي“. سراج سنڌ جو اهو سپوت هو، جنهن
جو هر عمل سنڌ جي ترقي ۽ سُڌاري سان واڳيل هو، هو جنهن به شعبي ۾ رهيو انتهائي
متحرڪ ۽ باخبر رهيو. کيس پنهنجن ۽ پراون جي چڱي پَر خبر هئي. ڪهڙي رٿا سنڌ جي
ڀلائي ۾ آهي ۽ ڪنهن منصوبي (هو منصوبي کي منفي انداز ۾ وٺندو هو) مان سنڌ کي ڪهڙو
ممڪن خطرو ٿي سگهي ٿو، ان جو کيس چڱي ريت ادراڪ هو. پيپلز پارٽيءَ جي پهرين دور ۾
جيڪي چڱا فيصلا ٿيا، انهن ۾ سراج صاحب جو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان صلاح مشورو شامل
هو. سراج صاحب جي دلي خواهش هئي ته ”شاهه جي رسالي“ جي معياري ۽ جامع لغت جوڙجي،
جنهن ۾ هر لفظ جو رومن لپيءَ ۾ تلفظ (Transliteration) ان جو ڌاتو (Root)ته اهو لفظ ڪهڙي ٻوليءَ سان تعلق رکي ٿو.
ڌاتوءَ مطابق ان جي معنيٰ: مثلاً شمشير (Shamsher) شم= نهن+ شير= شينهن. اهو لفظ عربي ٻوليءَ جو آهي. جنهن کي تيغ،
تلوار ۽ ذوالفقار به چوندا آهن. شاهه سائين ان کي ’ترار‘ طور به استعمال ڪيو آهي.
انگريزيءَ ۾ sword، فارسيءَ ۾ به شمشير چوندا آهن. ان لفظ جي
عام رواجي سنڌي لغت مطابق معنيٰ ۽ شاهه سائين جي مخصوص معنيٰ ڏجي ۽ حوالي طور بيتن
۾ ان جو استعمال سمجهائجي. ان ڪم لاءِ مون کي اسٽنٽ طور مقرر ڪيائون. ڪجهه وقت
سندن نگراني ۾ ڪم ڪيم ۽ ڏاڍو پرايم، پر پوءِ هڪ ته سندن مصروفيتون وڌي ويون، ٻيو
ته ڪم جي نوعيت تمام مٿاهين هئي، جنهن تائين مان پُڄي نه ٿي سگهيس! هر لفظ جو ڌاتو
ڪڍڻ آسان ڪم نه هو، ٻيو ته سراج سائين جو ٻوليءَ بابت پنهنجو نظريو هو، جيڪو بلڪل
حقيقت تي مبني هو. مثلاً اصل لفظ ’اک‘ آهي. ان مان پوءِ ’آنکهه‘ ٿيو. بنيادي لفظ
’ڀت‘ آهي. هندي ۾ اهو ’بهيت‘ ٿيو وغيره. انکان پوءِ ساڳي ڊڪشنريءَ بابت فقير محمد
لاشاري کي به آڇ ڪيائون، پر هو به هام ڀري نه سگهيو. آخر ۾ پاڻ ويهي ڪارڊ تي ڪم ڪيائون، بقول ميڊم فهميده
جي ته ڪافي ڪم اڪلائي ويا هئا. جيڪڏهن اها لغت
شايع ٿئي ته شاهه لطيف کي سمجهڻ ۾ تمام گهڻي آساني ٿيندي. سراج سائين سنگت
ساٿ ۽ نوجوانن کي همٿائيندي، هميشه اها صلاح ڏيندو هو ته وقت جي رفتار کي سمجهو،
جيئن سڌريل سماجن ۾ ٿي رهيو آهي. اهڙا طريقا اختيار ڪريو، هڪ ڀيري مونکي
سمجهايائون ته ”آفتاب شاهه لطيف تي ڪم ڪرڻ بنهه آسان ٿي پيو آهي، جو سائين جو سڄو
رسالو اڌ انچ جي USB ۾ اچي وڃي ٿو. انکي جتان گهرون آساني سان ڪلڪ (Click) ڪري
ڳولي سگهون ٿا. سڄي رسالي کي ڦولهڻ جي هاڻي ضرورت نه آهي.“ هي اهو دور هو، جڏهن هت
ملٽي نيشنل ڪمپنين ۾ به ڪمپيوٽر مشڪل سان متعارف ٿيو هو.
سراج الحق ميمڻ بنيادي طور افسانوي ادب جو ماڻهو هو، سندس پهرين
تخليق مهان اديب ڪرشن چندر جي ناول ”جنوب سي سورج طلاع هو رها هي“ ’ڏکڻ مان سج
اڀري ٿو، ترجمو آهي، جيڪو عثمان ڏيپلائي ۱۹۵۲ ڌاري شايع ڪيو هو. سنڌ ۾، هي ترقي پسند سوچ جي پهرين اهم ڪتابن ۾
شمار ٿئي ٿو. ان سان گڏ هن يورپ ۽ روس جي مهان ليکڪن جي اهم ڪهاڻين جو به سنڌي ۾
ترجمو ڪيو. سندس فهم ۽ فڪر ۾ رومانيت رچيل بسيل هئي. جنهن جو اظهار هن پنهنجن ناولن
”پڙاڏو سوئي سڏ“، ”مرڻ مون سين آءُ“، ”پياسي ڌرتي رمندا بادل“، ”منهنجي دنيا هيڪل
ويا ڪل“ ۽ ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“ ۾ ڪيو آهي. ڪهاڻي جي ڪردار سازيءَ تي کيس
قدرت حاصل هئي، جنهن جو ذڪر سنڌ جي ڪيترن ئي ناليوارن افسانا نگارن: جمال رند،
نسيم کرل، غلام رباني آگري، جمال ابڙي ۽ امر جليل به ڪيو آهي. سراج صاحب کي سنڌ،
سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت سان ايمان جي حد تائين پيار هو. هن جيڪو لکيو، پڙهيو ۽ ڳالهايو ان جو محور سنڌ ۽ صرف سنڌ هئي. سراج
صاحب ناولن سان گڏ درسي ڪتاب انگريزيءَ مان ترجمو ڪري، ڪي اصول ۽ ضابطا جوڙيا ته
سنڌي ۾ ترجما هن ريت ڪبا آهن. سراج صاحب جڏهن سنڌي ادبي بورڊ ۾ هو ته هن سنڌي
ٻوليءَ جي درست استعمال، جوڙجڪ ۽ بيهڪ جي نشانين جي قاعدن ضابطن بابت اهم ۽ مثالي
ڪم ڪيو، جيڪي سنڌي ٻولي ۾ رهنما اصول مڃيا
وڃن ٿا. سنڌي ٻوليءَ جي بنياد بابت، سندس
لکڻ هڪ عجيب حادثو هو. ۱۹۵۹ع ڌاري ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ جو هڪ تفصيلي مضمون ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ مهراڻ ۾ ڇپيو، جنهن جو مول
متن اهو هوته ”سنڌي ٻولي پنهنجي تاڃي پيٽي ۽ جوڙجڪ جي حوالي سان سامي ٻولين: عربي،
عبراني ۽ توراني مان نسري نروار ٿي آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو صوتياتي سرشتو عربي مان
ورتل آهي“. اهڙي موقف سنڌ سان اَٿاهه پيار ڪندڙ ترقي پسند ليکڪن کي ڇرڪائي ڇڏيو.
سنڌ ۾ هلچل پيدا ٿي، پر ان جو جواب لکڻ لاءِ ڪو تيار ڪونه هو. پوءِ سائين ابراهيم
جو ئي، ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ مولانا غلام محمد گرامي جي حد کان وڌيڪ اصرار تي سراج
کي سندرو ٻڌڻو پيو. هن لاڳاتار پنج ورهيه گوڏو ڀڃي، ان موضوع تي مطالعو ڪيو. ڇهه
ست ڀيرا موهن جي دڙي جا ڀيرا ڀڳا، راتين جو راتيون رهي مختلف اهڃاڻن تي ڪم ڪندو
رهيو. سندس عشق جي حد اها هئي، جو رات جو خواب ۾ به موهن جي ديس جا مٽي هاڻا،
چاپهين ڏاڙهيءَ وارا ماڻهو ساڻس ڪچهريون ڪندا هئا. ايئن جيئن سسئي کي وندر جي واٽ
وڻن ٿي ڏسي! سراج صاحب آڏو سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد وارو ڪيس انتهائي ڳنڀير بڻجي
ويو. نه صرف کيس هتي جي روايتي عالمن کي جواب ڏيڻو پيو، پر انگريز محققن موهن جي
دڙي جي کوٽائي وقت جيڪي انومان ڪڍيا هئا ۽ جيڪي غلطيون ڪيون هيون، انهن کي به درست
ڪرڻو پيو. اها سڄي وارتا سندس ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ ۾ ڏسي سگهجي ٿي. سراج صاحب تاريخي
حوالن سان اهو ثابت ڪيو ته ’سنڌي ٻولي‘ هن ڌرتيءَ جي پيداوار آهي. سنسڪرت ۽ ٻيون
پراڪرتون هن مان ڦٽي نڪتيون آهن. سنڌو لکت (Indus Script) مان ’براهمي خط‘ وجود ۾ آيو ۽ جنهن مان پوءِ
’سنسڪرت لپي‘ جڙي. جڳ مشهور قديم آثارن ۽
لسانيات جا ماهر جي-آر هنٽر، سي جي گئڊ ۽ مسٽر سڊني سمٿ به ان راءِ جا هئا. سنڌي
ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت سراج صاحب پنهنجي راءِ بلڪ ايئن چئجي ته مڪمل ٿيسز (Thesis)
تحقيق جي مڃيل اصولن مطابق ڪتابي صورت ۾ ”سنڌي ٻولي“ جي نالي سان ۱۹۶۴ع ۾ شايع ڪرائي، جنهن جا موضوع آهن: سنڌي ٻوليءَ
جي تاريخ، سنڌي تمدن، موهن جي دڙي جي سنڌي ٻولي. سندس اسلوب ۽ پيشڪش جو انداز بنهه
نرالو آهي: هڪ وڪيل وارو! سنڌ جي ادبي عدالت ۾ ڪيس هلي رهيو آهي ته: “سنڌ جي ثقافت
اصل آهي يا ڌارين! موهن جي دڙي وارو خط (لپي) هتان جو آهي يا ڪن ٻين لوڪن جو!!”.
سراج صاحب ڪيس جي سڀني پهلوئن تي تاريخي حوالن سان بحث ڪيو. سندس سامهون وڪيلن جو
هڪ وڏو ۽ اثرائتو گروپ هو، جنهن کي سول سوسائٽي، ڪتابي دنيا جي اديبن ۽ مذهبي
پيشوائن جي سپورٽ حاصل هئي ۽ هيڏانهن هي تن تنها ادبي عدالت ۾ ڪيس وڙهي رهيو هو.
سندس شاهديون اولهه، اوڀر جي ملڪن ۽ مڪاني ڪورٽن ۽ ماحول مان ورتل آهن. سندس ڪيس لڳاتار پنج ورهيه هليو.
آخر جيت حق جي ٿي ۽ سڀني ساڃهه وندن اعتراف ڪيو ته سراج صاحب جا دليل وزنائتا ۽
ٺوس ثبوتن تي ٻڌل آهن، ڪو به ذي فهم انسان انهن کان انڪار ڪري نه سگهندو. سراج
صاحب موهن جي دڙي جي ٻوليءَ تي تحقيق هڪ
عاشق محقق جي حيثيت ۾ ڪئي آهي، ڏونگر ڏورڻ سڌائتن ماڻهن جو ڪم نه آهي، ان لاءِ
اندر ۾ جهير هئڻ لازمي آهن! اهو ڪم پروفيشنل محققن کان گهڻو مٿي آهي. مصري،
سميري، فينيشن وغيره قديم لپين جي انگڙين
کي هڪٻئي سان ڀيٽي، ڪي مفروضا يا هٿ ٺوڪيا لفظ ٺاهڻ سان، اصل نتيجا ڪو نه نڪرندا
آهن، انڊن ڀرڻ سان آلجبرا جا ڏکيا حساب حل ڪري ڪونه سگهبا آهن. موهن جي دڙي جي
ٻوليءَ جو ڀورو اهو ڀڃندو، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي اصولن، نحوي ترڪيبن،
اڳياڙين (Prefixes، پڇاڙين (Suffixes)
لڳائڻ جي بنيادي اصولن جي مڪمل ڄاڻ هوندي. ان کان سواءِ ان محقق لاءِ بنهه ضروري
آهي ته کيس سنڌ جي تمدني اهڃاڻن ۽ لاڙن جي چڱي پر ڄاڻ هجي، ڇاڪاڻ ته تاريخي طور
سنڌ پنهنجي تمدني روايتن کي هر حال ۾ برقرار رکيو آهي. اهڙو ڪو به سمو نه آيو آهي
جو اسان جي تمدني ڌارا ۾ ڪا وڏي وٿي آئي هجي. اسانجي کائڻ پيئڻ ڄمڻ مرڻ، ڪچهريون
ڪرڻ، هڪٻئي سان ساٿ ڏيڻ جو سلسلو اڄ به تقريباً اهو ئي آهي. دلن ، مٽن، دکين،
چاڏين، پارن، تونرن، ڪونرن وغيره جي گهڙت
تقريباً ساڳي آهي، جيڪا موهن جي دڙي مان لڌل مٽيءَ جي ٿانون جي آهي. انهن تي اڄ
سوڌو ساڳيا چٽ چٽيا وڃن ٿا. ڏاندن جي جهلن، اٺن جي مهارن وغيره جي گهاڙ پڻ اها ئي
آهي. شهري عالم توڙي ٻاهريان اسڪالر سنڌ جي انهن نرالين وٿن کي آساني سان نه سمجهي
سگهندا. ان لاءِ تمام ضروري آهي ته سنڌ جي انهن ثقافتي اهڃاڻن کي انهن جي اصلي ماهيت
مطابق سڃاڻجي. سراج صاحب ان کان به وڌيڪ نشانين جو ملهه ڪٿيو آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي
صوتياتي سرشتي کي سامهون رکندي، مهرن توڙي تائٿن تي اڪريل/ لکيل لفظن جون بامعنيٰ
پڙهڻيون به ٻڌايون آهن. جيڪي هنئي سان هرڻ جهڙيون آهن. سراج صاحب انهن ۾ تاريخي
تسلسل علم لسانيات جي Philology مطابق ڏيکاريو آهي. ساڳئي وقت علم اشتقاق (Etymology) جي علمي ۽ عقلي بنيادن تي انهن لفظن جو ڇيد ڪيو به آهي. ان ڏس ۾
ٻين عالمن به ڪافي لاڀائتيون ڪوشش ڪيون آهن، پر سراج صاحب جو دڳ سڌو آهي. ڪاش!
سراج صاحب جي اها ٿيسز (Thesis) ۷۰-۸۰ع واري ڏهاڪي
۾ انگريزيءَ ۾ پيش ڪئي وڃي ها ته هوند سنڌو لکت بابت تحقيق ۾ بين الاقوامي سطح تي
ڪافي اڳ ڀرائي ٿي چڪي هجي ها. اوندهه ۾ لـٺيون هڻڻ وارن کي سهائي ملي وڃي ها! وري
به چڱي خبر اها آهي ته گذريل سال ان جو انگريزي ترجمو “The Story of Sindhi Language” جي نالي سان شايع ٿي چڪو آهي.اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته سنڌ ۾
اهڙا سپوت حادثاتي طور جنم وٺندا آهن ۽ پنهنجي صلاحيتن سان اهڙو مقام حاصل ڪندا
آهن، جتي رسڻ عام ۽ خاص جي وس کان مٿي هوندو آهي. سندن ڪردار ۽ اصول ايندڙ وقت
لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندا آهن، جهڙوڪ ريت شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجو رتبو جوڙيو.
سچ پچ ته سنڌ هڪ مؤرخ ، محقق، عاشق، عظيم ليکڪ ۽ صحافي کان محروم ٿي ويئي. اهڙي
گهڻ رخي شخصيت جي پيدا ٿيڻ ۾ وقت لڳندو، تيسين علم ادب جا گهڻ گهرا کيس پيا ياد
ڪندا.
بقول شيخ اياز جي:
”واڪا ڪندي ووءِ صديون تولاءِ سنڌڙي“
سراج صاحب سنڌ ھيو
محمد روشن عيساڻي
مون کي اڄ ارشد سراج جو حڪم ٿيو ته پنهنجا تاثر لکان. آئون اُها ئي
وائي ورجائيندس ته سراج صاحب سنڌ هو، آهي، ۽ رهندو. سندس بين الاقواميت ۽ ڄاڻ
اُنهيءَ چنڊ نه پر سج مثل هئي جنهن جا ڪرڻا تاريڪ ڪنڊن ڪڙڇن ۾ پهچندا هجن. مون کي
اُهو فخر حاصل آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ زندگي جي پهرين تاريخي پٽيشن ۾ سراج صاحب
عبدالحفيظ لاکو صاحب ۽ عبدالرشيد آخوند صاحب سان گڏ نه رڳو پيش ٿيڻ پر سکڻ جو
موقعو مليو، ڇا لکي ڇا لکان. سندس شخصيت علم جو ڀنڊار هئي. سنجيدگي ۽ مذاح جو به
هڪ مخصوص انداز هو. آئون دعاگو آهيان ته ڌڻي پاڪ سندس پوين ۾ برڪت وجهي ۽ شال اُهي
سِڪون لاهين، ڀلوڙ اولاد آهي. سنڌ ۾ چوڻي آهي ته ڀاڳين جا وٿاڻ وسندا رهندا آهن.
ڌڻي در دعا آهي ته هي وٿاڻ سدائين سائو ستابو ۽ آباد رهي. وري به ورجائيندس ته
سراج سنڌ هو ۽ سنڌ سراج آهي ۽ رهندو.
سراج صاحب جي شخصيت تي لکڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻ جي برابر آهي. هزار
صفحا به ٿورا آهن سراج صاحب تي لکڻ لاءِ.
اکين ۾ پاڻي ٿو اچي جڏهن سندس تصور ۾ پرتو ٿو پسان. انشاءُ الله جنت
جي حورن هنج هوندو. منهنجو ويساهه آهي ته
اُن دنيا ۾ به هو سنڌ کي نه وساريندو. سوچيان ٿو ته هيڏي وڏي شخصيت تي وڌيڪ ڇا
لکان. جذبات ۾ خبر ناهه ڇا لکي ويو آهيان. چُڪ ٿي هجي ته معافي. سراج صاحب مٿاهون
هو ۽ مٿاهون رهندو. جنت جي حقدارن ۾ هوندو....
مري ٿيا نه مات
قاضي علي اطهر
سراج صاحب هڪ گهڻ رخي شخصيت رکندڙ انسان هئا، منهنجي زندگي جا بهترين
ڏينهن سراج صاحب جي چيمبر ۾ ايسوسيئيٽ جي حيثيت ۾ گذريا کيس انتهائي شفيق پيءُ ۽
استاد جي حيثيت ۾ پاتو سنڌ سان Self
Conviction جي حد تائين رشتو سندن
شخصيت جو نمايان رخ هيو.
سراج صاحب هڪ صحافي، اديب، دانشور، ٻولي جي ماهر سان گڏوگڏ پروفيشنل
وڪيل جي حيثيت ۾ پاڻ موکيو ۽ هر ڪردار ۾ سندن رول انتهائي جاندار رهيو، سندن هڪڙو
ئي سلوگن/ مشن هيو ته پڙهو ۽ سنڌ جي خدمت ڪريو، سماجي ۽ مذهبي مت ڀيد کان ڌرتي جي
عام لوڪ کي آجو ڪريو.
سراج صاحب جهڙيون شخصيتون مرنديون ناهن. لطيف سائين چواڻي: مرڻا اڳي
جي مئا سي مري ٿيا نه مات. سراج صاحب جي سنڌ جو پڙاڏو سندن سوچون ۽ ويچار، جيڪي هن
پنهنجي لکڻين ۾ عام لوڪ سان ونڊيا سي هميشه ٻڌبا رهبا. موهن جي دڙي جي پرسيٽ، جيان
ڳاٽ اوچو ڪري گهمدڙ سراج جي صورت هميشه اسان جي سامهون رهندي. سراج صاحب پاڻ کي
هميشه سنڌ جو خادم سمجهيو انهيءَ جو ثبوت سندس جوڙيل Servants of sindh
سوسائٽي جو بنياد ۽ پاڻ کي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ارپڻ سندس هڪ وڏو ڪارنامو هيو. پاڻ
سنڌي ٻوليءَ کي نج هن ڌرتيءَ مان جنم وٺندڙ ٻولي جو پرچارڪ رهيو، نه صرف پرچارڪ
رهيو بلڪ پاڻ انهيءَ کي ثابت به ڪري ڏيکاريو.
رَتِيَ جي رهاڻ کان وٺي، قانون جي سخت زبان تائين سراج صاحب جهڪڻ نه
سکيو نه ئي وري مون جهڙن شاگردن کي جهڪڻ ڏنو.
سراج
منھنجو دوست منھنجو
ڀاءُ
امر جليل
مونکي ٺيڪ سان ياد ناهي ته اپريل ۱۹۷۲ع جي اها ڪهڙي تاريخ هئي، سراج مونکي چورائي موڪليو هو ته سڀاڻي شام
جو ستين لڳي شيزان ۾ اچ، چانهه پئينداسين ۽ لکڻ پڙهڻ بابت ڪجهه ڳالهائينداسين.
مونکي اچرج ٿيو هو، اچرج ان ڪري ٿيو هو جو دوستن هُلائي ڇڏيو هو ته
سراج مخصوص دوستن جي دائري کان ٻاهر نه ڪنهن سان ملندو آهي ۽ نه ڳالهائيندو آهي. ڪنهن
سان به ڊيگهه نه ڪندو آهي، سندن دوستيءَ جي
دائري ۾ شامل هوندا هئا، گڙنگ ليکڪ ۽ شاعر- رشيد ڀٽي، جمال ابڙو، شيخ اياز،
غلام رباني آگرو، رشيد آخوند، ابراهيم جويو، غلام محمد گرامي، سوڀو گيانچنداڻي،
تنوير عباسي، نياز همايوني، اياز قادري ۽ نورالدين سرڪي وغيره. تنهنڪري منهنجو
اچرج اجايو نه هو. ادب ۾ منهنجو نالو معتبر نه هو. يارن دوستن مشهور ڪري ڇڏيو ته
مان ملحد هوس، منڪر هوس، نظريه پاڪستان جي بنيادي ٻه قومي ٿيئري جو مخالف هوس، دين
ڌرم کان آجو هوس. سندن رائي ۾ ڪنهن قسم جو وڌاءُ نه هو. ان وقت تائين مون نج تصوف
جي تڏي تي هميشه لاءِ سر جهڪائي ڇڏيو هو.......
مون پهرين ڪهاڻي ۱۹۵۶ع
۾ لکي هئي ۽ ان کان پوءِ لاڳيتو چار پنج سال وساري ڇڏيو هيم ته ڪڏهن ڪا ڪهاڻي به
لکي هيم. اندر ۾ ڏاڍي اڻتڻ هئي. بيچيني هئي. زندگي، موت، مجبوري، بيوسي، بغاوت،
ويڙهه ۽ حالتن سان ٺاهه نه ڪرڻ جهڙا انيڪ ويچار ۽ رويا مونکي اڪيلو ڪري ڇڏڻ لاءِ
ڪافي هئا.
ورهين جا ورهيه اڪيلائين ۾ ڀٽڪندي هڪ انوکي دڳ جا در منهنجي لاءِ
کلندا ويا. هڪ راهه مان هزارين نڪرندڙ راهن مونکي نه مُنجهايو. هڪ راهه تي اڳتي
نڪري وڃڻ کان پوءِ موٽڻ ممڪن لڳندو آهي. پر راهن مان نڪرندڙ انيڪ راهن جي راهي ٿيڻ
کان پوءِ موٽڻ امڪان کان ٻاهر هوندو آهي. انهن راهن تي هلندي مون موٽي وڃڻ جي
امڪان بابت ڪڏهن ڪونه سوچيو ۽ نه اڄ تائين سوچيو آهي. مونکي موٽي اچڻو ناهي، مان
موٽي نه ايندس.
راهن مان ڦٽي نڪرندڙ راهن تي هلندي مان لاڳيتو لکندو رهيس. مسلسل
لکندو رهيس. جيڪي وڻيو، جيئن وڻيو تيئن لکندو رهيس. اندر جي اظهار لاءِ اهڙي قسم
جو رويو مونکي راهن مان ڦٽي نڪرندڙ راهن تي هلندي مليو آهي. امان جي اسهڻ کان پوءِ
مان لاڳيتو لکندو رهيس. ڪنهن کي وڻيس، ڪنهن کي نه وڻيس. ڪنهن دعا ڏني، ڪنهن بددعا
ڏني. ڪنهن گاريون ڏنيون، ڪنهن گل ڏنا. ڪنهن کڏ کوٽي ڪنهن مان ڏنو. ڪنهن ڀر ۾
ويهاريو، ڪنهن ڀر مان اٿاري ڇڏيو.
اهڙي نيم پاڳل ليکڪ کي سراج چوائي موڪليو، ته فلاڻي تاريخ شام جو صدر
واري شيزان ۾ ملنداسين، لکڻ پڙهڻ بابت ڪجهه ڳالهائينداسين.
تاريخ مون کي ياد ناهي. مهينو اپريل جو هو ۽ سال هو ۱۹۷۲ع . ان دور ۾ سنڌي ادب تي اياز، جمال، سراج، رباني
۽ رشيد جي هيبت ويٺل هوندي هئي. انهن مان ڪنهن سان به منهنجي ڪا خاص ڏيٺ ويٺ نه
هوندي هئي. بس اوچتو ڪٿي ڪٿي عليڪ سليڪ ٿي ويندي هئي. سراج جي باري ۾ مشهور هو ۽
اڃا به اهو ساڳيو تاثر برقرار آهي ته تمام سختگير طبيعت جو مالڪ آهي. کلندو ته اصل
ڪونهي. مرڪي پوي ته وڏي ڳالهه. سپيرئر
سروسز جي چٽا ڀيٽيءَ ۾ اڳ نڪري ويو هو ۽ وڃي انڪم ٽيڪس کاتي ۾ آفيسر ٿيو هو.
ٻڌائيندا آهن ته آفيسريءَ دوران منسٽرن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي ڪٿ ۾ نه آڻيندو هو.
سندس رعب تعاب اهڙو جو ڪو به جهڙو تهڙو، اثر رسوخ وارو شخص ساڻس کشٽ ڪري نه سگهندو
هو.
ملڪ ۾ سياسي ڏڦيڙ پيو. اهڙا ته لاها چاڙها آيا جو لکپتي ڀنواٽيون کائي
ڪکپتي ٿي ويا ۽ ڪي ڪکپتي ڦري گهري لکپتي ٿي پيا. سرڪاري ڪامورن لاءِ رڻ ٻري پيو.
پڪڙ ٿي. ڇنڊڇاڻ ٿي. سراج واند ٿي وڃي وڪالت سان لڳو. انڪم ٽيڪس جي ڪيسن ۾
اسپيشلائيز ڪيائين. ذهين بي انتها هو. وڃي سپريم ڪورٽ جي ايوانن تائين پهتو.
الاءِ ڪٿي ۽ ڪيئن ذوالفقار علي ڀُٽي جي دوربين نگاهن ۾ اچي ويو ۽ هو
پيپلز پارٽيءَ جو ٿي ويو. سن هو ۱۹۷۲ع.
مولانا ابوالڪلام آزاد جي پيشنگوئيءَ مطابق وجود ۾ اچڻ کان چوويهين سال پاڪستان ۱۹۷۱ع ۾ اڌ ٿي چڪو هو.مشرقي پاڪستان ٿي پيو هو.
بنگلاديش ۽ رهيل حصي مغربي پاڪستان کي ذوالفقار علي ڀٽي ڦيرائي پاڪستان ڪيو. هن
وقت اوهين جنهن پاڪستان ۾ ساهه کڻي رهيا آهيو سو پاڪستان ۱۹۷۱ع کان اڳ مغربي پاڪستان هو. موجوده پاڪستان جو ڪو وجود نه هيو.
موجوده پاڪستان ۱۹۷۱ع ۾ ٺاهيو ويو. اصل ۾ پاڪستان نالو هو پنجن صوبن
جي فيڊريشن جو. سنڌ، پنجاب، سرحد، بلوچستان ۽ مشرقي پاڪستان. ۱۹۷۱ع ۾ مشرقي پاڪستان علحيدگي اختيار ڪئي ۽ مشرقي
پاڪستان مان ڦري بنگلاديش ٿي پيو. مشرقي پاڪستانين وانگر مغربي پاڪستان کي نئون
نالو ڏيڻ بدران ذوالفقار علي ڀٽي ۱۹۴۷ع
۾ پنجن صوبن جي فيڊريشن واري ملڪ کي پاڪستان جو نالو ڏنو. اصل ۾ چئن صوبن واري
موجوده پاڪستان جي عمر ۳۷ سال آهي. ۶۱ سال ناهي. ها! پنجن صوبن وارو پاڪستان وجود ۾ هجي ها ته ان جي عمر ۶۱ ورهيه هجي ها.
۱۹۷۱ع ۾ وجود ۾ آيل چئن صوبن واري پاڪستان کي شاڪ مان ڪڍڻ لاءِ، وري پيرن
تي بيهارڻ لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو ويو فيصلن مٿان انقلابي فيصلا ڪندو. انهن فيصلن
جو وڏي ۾ وڏو مقصد هيو ماڻهن ۾ سجاڳي آڻڻ، آگاهي آڻڻ ۽ پاڻ سڃاڻڻ جو جذبو پيدا
ڪرڻ. ملڪ فقط تڏهن ابتر حالتن مان اڀري سگهندو آهي، جڏهن ماڻهن ۾ خودداريءَ جو
احساس پيدا ٿي پوندو آهي.
ذوالفقار علي ڀُٽي جي انيڪ فيصلن مان هڪ فيصلو هو سنڌيءَ ۾ انگريزي
اخبار ڊان جهڙي اخبار ڪڍڻ. مقصد ساڳيو هو.
سنڌ جي ماڻهن ۾آگاهي آڻي، چٽا ڀيٽيءَ واري دور ۾ اڳتي وڌي اچڻ جو جذبو جاڳائڻ لاءِ
ٽرسٽ ٺاهيائين. پاڻ سربراهه ٿيو. اخبار جو نالو هلال پاڪستان رکيائين. تجربيڪار ۽
پراڻا ايڊيٽر ڇڏي، سراج کي اخبار جو ايڊيٽر مقرر ڪيائين. سراج سنڌي ٻوليءَ جو
ماهر، ڪهاڻيڪار ۽ ناولسٽ هو. هڪدم ها ڪرڻ بدران هن ڪجهه شرط ٽرسٽ آڏو رکيا. انهن
شرطن ۾ هڪ شرط هو اخبار هلائڻ ۾ سندس مڪمل آزادي ۽ وزيرن، ميمبرن، ڪارڪنن ۽ ڪامورن
طرفان اخبار هلائڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دخل اندازي نه ڪرڻ جي ضمانت. سراج جا سمورا
شرط مڃيا ويا.
سراج اخبار لاءِ ٽيم گڏ ڪرڻ شروع ڪئي. ويو ماڻهن سان ملندو. چونڊي
چونڊي ماڻهو کڻندو، اسٽنٽ ايڊيٽر، سب ايڊيٽر، رپورٽر۽ نمائندا کڻندو ويو. جڏهن
مونکي ملڻ جو سڏ موڪليائين تڏهن ڳالهه مونکي بنهه سمجهه ۾ نه آئي هئي. هڪ ته صحافي
ٿيڻ جو مون ۾ ڏانءُ نه هو، نه اڄ تائين پيدا ٿيو آهي. ٻيو ته پبلڪ سروس ڪميشن جي
چٽا ڀيٽيءَ ۾ چونڊجي مان ريڊيو پاڪستان ۾ نوڪري ڪري رهيو هوس. بهرحال، منهنجي لاءِ
وڏو اعزاز هو. جو سراج مونکي چانهن جي دعوت ڏيئي لکڻ پڙهڻ جهڙي موضوع تي ڳالهائڻ
لاءِ گهرايو هو.
صدر ۾شيزان ريسٽورينٽ عبدالله هارون روڊ تي بي وي ايس پارسي اسڪول جي
سامهون هوندي هئي. هينئر اتي اليڪٽرانڪ سامان ۽ موبائيل فونن جا دڪان آهن. پيهه
ايڏي ڄڻ مال مفت ۾ پيو وراهجي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به اهو پاڪستان ۱۹۴۷ وارو هجي يا ۱۹۷۱ع وارو، سنڌ پنهنجي سڃاڻپ کان، شناخت کان محروم ٿي ويئي آهي، ڪاڏي ويئي
ٻولي! ڪاڏي ويئي تهذيب! ڪاڏي ويو تمدن؟ آئيني ۾ ڏسون، ته ڪنهن اوپري، اجنبيءَ جي
بگڙيل شڪل ٿي نظر اچي. علم ۽ آگاهيءَ جا ڀنڊار هوندا آهن ڪتاب. يارن ڪتابن جي جنس
مٽائي، ڪتابن کي مذڪر مان ڦيرائي مونث ڪري ڇڏيو آهي. اڳ ڪتاب منهنجو هوندو هو،
هينئر منهنجي ڪتاب ٿي پيو آهي. بدنيتيءَ واري سياسي، سماجي ۽ ثقافتي ڦير گهير ۾
ايئن ٿيندو آهي. وڏيون مڇيون ننڍين مڇين کي کائي ڇڏينديون آهن.
مان شيزان ريسٽورينٽ ۾ داخل ٿيس. ايڪڙ ٻيڪڙ هيڏانهن هوڏانهن ويٺا
هئا. آخريءَ دري وٽ سراج ويٺو، هميشه وانگر وهنتل سهنتل ۽ هينڊسم. هڪ ته شخصيت ۾
نمايان، مٿان جو ٺهڪندڙ ڪپڙا پائيندو هو ته هزارن ۾ هڪ لڳندو هو. جيتوڻيڪ هن ڳالهه
کي چاليهارو ورهيه گذري ويا آهن، پر سراج سان پهرين ملاقات پهرين تجربي ۽ پهرين
آزمائش وانگر مونکي اڄ به ياد آهي. سراج ريسٽورينٽ جي سڀ کان پرئين دريءَ وٽ ٽنگ
ٽنگ تي رکي وٺيو هو. هڪ هٿ ۾ ڪو انگريزي ڪتاب ۽ ٻئي ۾ پائيپ هوس. ڪتاب پڙهندي
پائيپ مان سوٽو هڻي پئي ورتائين.
مان وڃي سامهون بيٺومانس. ڪنڌ مٿي ڪري مون ڏانهن ڏٺائين. مُنهن تي
مرڪ تري آيس. ڪتاب رکي، اُٿي مونکي هڪ ٻانهن سان ڀاڪر پاتائين، ٻئي هٿ ۾ پائيپ
هوس، کلي چيائين، ”وقت جو ڏاڍو پابند ٿو لڳين.“
چيم، ”ريڊيو پاڪستان ۾ نوڪري جو ڪريان ٿو.“
”ويهه“ مونکي پنهنجي سامهون صوفي تي ويهڻ لاءِ چيائين.
اڳوڻي وڪٽوريا روڊ ۽ هاڻوڪي عبدالله هارون روڊ طرف کلندڙ شيزان
ريسٽورينٽ جي درين ڀرسان صوفا رکيل هوندا هئا، مان ويهي رهيس.
پڇيائين، ”ڇا پيئندين؟“
چيم، ”چانهن.“
منهنجي لاءِ چانهن ۽ پنهنجي لاءِ ڪافي گهرايائين. ان وچ ۾ ويٽر
پيٽيس، پيسٽريز ۽ سينڊوچز جي ٽري رکي هليو ويو. پُڇيائين، ”ڇا پيو پڙهين، اڄ
ڪلهه؟“
ٻڌائيندي هٻڪ ٿي. پر ٻڌائي ڇڏيومانس، ”پنج ڇهه ڪتاب پيو پڙهان.“
”پنج ڇهه ڪتاب!“ منهن تي مرڪ اچي ويس.
الاءِ ڪيئن ۽ ڪڏهن کان مونکي هڪ مهل چار پنج ڪتاب پڙهڻ جي عادت پئجي
ويئي هئي ۽ هن عمر تائين هلندي اچي. ٻڌائيندي مونکي پشيماني محسوس ٿيندي آهي.
چانهن آئي، ڪافي آئي. سراج کي مون اجائي سجائي ڳالهه ڪندي ڪڏهن ڪو نه
ڏٺو. سپريئر سروسز جي آفيسر ۽ وڏي وڪيل وانگر ٽودي پوائنٽ to the point سڌي
سنئين ڳالهه ڪندو آهي. مقصد جي ڳالهه ڦيرائي گهيرائي نه ڪندو آهي.
”اخبار پيا ڪڍون“ پڇيائين، ”خبر اٿئي؟“
چيم، ”ها.“
هڪدم چيائين، ”تون اخبار لاءِ ڪالم لک.“
”ڪالم!“ مان هٻڪيس.
چيائين، ”ڊيلي ڪالم روزانو هڪ، هفتي ۾ ڇهه دفعا، هڪ ڏينهن موڪل.“
مونکي تعجب ٿيو. ڪالم لکڻ منهنجي وس جي ڳالهه نه هئي ۽ سو به روزانو
۽ هفتي ۾ ڇهه دفعا!“
ان کان اڳ جو مان ڪجهه چوان، چيائين ”ته پوءِ فيصلو ٿيو ته هفتي ۾
ڇهه ڪالم لکندين، ايئن؟“
هٻڪندي هٻڪندي منجهندي، ”پر“ مس چيم جو فيصلو ڪندڙ لهجي ۾ چيائين
”ڪهاڻيون لکجانءِ، گشا لکجانءِ، جيڪي وڻِئي لکجان، توتي ڪا پابندي ڪونهي.“
پهرئين مئي ۱۹۷۲
تي اخبار جو افتتاحي اجراءُ ٿيو ۽ منهنجي لکڻ لاءِ هڪ بلڪل نئين تجربي جو. سراج
پنهنجي واعدي کي توڙ تائين نڀايو. مون طارق اشرف وٽ به مڪمل آزادي ۽ بنا ڪنهن جهل
پل جي لکيو هو. پر هي آزادي ان کان به ڪجهه سرس هئي. سرس ان ڪري هئي جو هلال
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اخبار هئي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ميمبرن جي روپ ۾ وڏيرن،
جاگيردارن، پيرن، ميرن، سيدن ۽ سردارن جي يلغار هئي. اسيمبلين جا ميمبر هئا، وزير
هئا، صلاحڪار هئا، اتحاد ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ وارا هئا.
مان وڏيرن، پيرن، ميرن، سردارن ۽ جاگيردان کي سنڌ جو ويري سمجهندو
آهيان. هو علم، آگاهي، سائنس، سجاڳي، اسڪولن ۽ ڪاليجن جا دشمن آهن. اڻپڙهيل ۽
نادان، هاري ناري ۽ ڳوٺاڻن جي رعيت سندن مضبوط ووٽ بينڪ آهي. جيڪا کين اسيمبلين
تائين پهچائيندي آهي ۽ اسيمبلين ۾ پهچڻ کان پوءِ اقتدار جي ايوان ۾ حاڪمن آڏو هٿ
ٻڌي بيهي رهندا آهن. هلال پاڪستان لاءِ ڪالمن ۾ لکيل ڪهاڻيون اهڙن ڪردارن کي واڙي
کڻي اينديون هيون ۽ سندن روين ۽ نيتن جو ايڪسري ۽ الٽرا سائونڊ ڪنديون هيون. سندن
ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وڃي ذوالفقار علي ڀٽي تائين پهچندو هو.
ٻاهرين ملڪن جي دوري لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو پاڻ سان چونڊ ايڊيٽرن جو
جٿو کڻي نڪرندو هو. ان ڊيليگيشن ۾ سراج ضرور شامل هوندو هو. سفر دوران هوائي جهاز
۾ ذوالفقار علي ڀٽو کيس سڏائي پاڻ وٽ ويهاريندو هو ۽ اخبار جي باري ۾ حال احوال
وٺندو هو. کيس خبر هئي ته هلال پاڪستان سنڌ ۾ هڻي وڃي هنڌ ڪيو هو. ڳالهين ٻولهين
دوران ڀٽو صاحب سراج سان پيرن، ميرن ۽ سردارن جي شڪايتن ۽ احتجاجن جو ذڪر ڪندي
منهنجي باري ۾ پڇندو هو: ڪير آهي جنهن کي تو ڇوٽ ڇڏي ڏنو آهي؟
سراج کيس سمجهائيندو هو، قبلا پهرين اکر کان آخري اکر تائين اخبار
پارٽي ۽ پارٽي ميمبرن جي خبرن ۽ ڪارنامن سان ڀريل هوندي آهي. ان ۾ جيڪڏهن هڪ شخص
کي اختلاف راءِ جو حق ڏجي ته اخبار جا جمهوري حق پورا ٿيندا. سراج جا اهڙا وضاحتي
جواب ٻڌي ذوالفقار علي ڀٽو کِلي چپ ٿي ويندو هو.
هلال پاڪستان لاءِ لکندي منهنجو سڌو سنئون رابطو سراج سان هوندو هو.
پهرين شماري کان ضيا الحق جي مارشلا۽ ذوالفقار علي ڀٽيءَ جي گرفتاريءَ تائين، سراج
مون سان توڙ نڀايو. اهڙي ڏکئي وقت ۾ منهنجو ساٿ ڏنو هئائين، جنهن جو فقط تصور ڪري
سگهجي ٿو. منهنجي خلاف اسلام آباد ۾ ملڪ دروهي ۽ بلاسفيميءَ جون انڪوائريون هليون،
تڏهن به سراج مونکي اخبار مان نه ڪڍيو. بلڪه اڃا به وڌيڪ پذيرائيءَ سان منهنجيون
ڪهاڻيون شايع ڪندو هو۽ پارٽيءَ جو ڏمر سهندو هو.
هلال پاڪستان ۾ شامل قصا ۽ ڪهاڻيون ۱۹۷۲ کان ۱۹۷۷ واري دور جون آهن. سمجهو
کڻي ته پنجٽيهه سال پراڻا قصا ۽ پنجٽيهه سال پراڻيون ڪهاڻيون آهن. پر پروف پڙهندي
مون محسوس ڪيو ته ڄڻ اڄ جون ڪهاڻيون آهن. سواءِ قيمتن جي واڌ جي. توهان کي هاڻي
اهو سڀ ڪجهه پڙهندي ڳالهه اوپري اتي محسوس ٿيندي، جڏهن ڏهين رپئي واري سٺي قميص ۽
پنجويهين رپئي واري عاليشان بوٽ جو ذڪر ايندو. سٺي هوٽل ۾ ماني کائڻ کان پوءِ ويهه
رپيا بل ۽ بيري کي هڪ رپيو ٽپِ ڏيئي ڄڻ حاتم جي قبر کي لت هڻبي هئي. باقي معاشري
جي زوال پذيريءَ ۾ ڪو فرق نه آيو آهي. سياسي پيداگيري اڳ وانگر عام آهي. راڄ ۽ ڪاڄ
۾ داداگيري اڳ وانگر جام آهي. قدر اڳ وانگر بيقدرن جي ور چڙهي ويا آهن. اڳ وانگر
چور ڀاڳيا ۽ ڀاڳيا چور ٿي پيا آهن. نه کوٽي جي خبر، نه کري جي خبر!. اڳ وانگر سڪي
جا ٻيئي پاسا هڪجهڙا ٿي پيا آهن. پاڪستان ۾ انڊر ورلڊ ان لاءِ ڪونهي جو انڊر ورلڊ
جا ڊان اپر ورلڊ تي حاوي ٿي ويا آهن ۽ ملڪ جو وهنوار ۽ ڪاروبار بندوق جي زور تي
يتيم حڪمرانن جي سامهون روبرو هلائي رهيا آهن. سموري ملڪ جو اقتصادي ڍانچو هٿيار،
هيروئن ۽ قيمتي گاڏين جا سمگلر ٿوڻيون ٿنڀا ڏيئي سنڀالي بيٺا آهن. هنن جي ڪاروبار
۾ شامل آهن بينڪر ۽ غير ملڪي ناڻي جا واپاري.
اهڙي ملڪ ۽ معاشري کان علم، آگاهي ۽ روحانيت رُسي ويندي آهي. اهڙي
ملڪ ۾ معاشري ۾ ذلت جهڙي زندگي گذارڻ اسان جي مقدر ۾ لکجي ويئي آهي. اهڙي ملڪ ۽
معاشري ۾ مون فقط توائي ڪهاڻيون لکيون آهن، گذريل پنجاهه سالن کان.
سراج
سنڌي ادب جو ديو مالائي ڪردار
نصير سومرو
هن رڳو ”سراج“ نالي لکيو، پورو نالو نه لکڻ به سندس طرفان نا ديده
بدعتن خلاف احتجاج هو. شڪايتن، ڏوراين ۽ ميارن ڏيڻ بدران پنهنجي تخليقي ڏات کي ادب
جو روپ ڏنائين. هن ادب ۾ ”تخيلاتي تحقيق“ جو رخ اجاگر ڪيو. تخليق ۽ تحقيق جي دائري
جون ٽيهٺ ئي ڊگريون سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ٻوليءَ ڏانهن وٺي ويندڙ آهن.
انقلاب فرانس کان پوءِ ادب ۽ آرٽ جي دنيا ۾ ڪيترا ئي اصطلاح متعارف
ٿيا. پارليامينٽ ۾ ساڄي پاسي ويٺل ”ساڄي ڌر“ ۽ کاٻي پاسي ويٺل ”کاٻي ڌر“ طور سڃاتا
ويا. سنڌي ادب ۾ ترقي پسند ۽ رجعت پسند ڌريون رهنديون آيون آهن. خاص طور، انهن
ڏينهن جون باقيات سمجهيون وينديون آهن. جڏهن دنيا ٻن بلاڪن جي پاور ۾ ورهايل هئي.
سرمائيداراڻو سماج ۽ سوشلسٽ سماج جيڪو طرز حڪومت ۾ هينئر يوني پولر آهي ۽ جو هر ۾
الڳ الڳ فڪري ڌارائن وارو آهي. ون يونٽ خلاف اديبن ۽ شاگردن جي جدوجهد هجي، يا ايم
آر ڊي تحريڪ جا اثرات هجن ، ڪهاڻين، ناولن ۽ شاعري ۾ انهن جا چٽا عڪس ملن ٿا، هي
زور اسي جي ڏهاڪي تائين شدت وارو رهيو. سراج کاٻي ڌر جي اهڃاڻن جو علمبردار هو.
تحقيق هر دور جو ادب آهي. لسانيات يعني سنڌي ٻولي جي کوجنا ۾ سراج
الحق پنهنجو گهڻو تڻو وقت صرف ڪيو. تحقيق ۾ سندس رويو ” غير روايتي“ هو.
سازن کان آواز رسي ويا
روايت آهي ته ”ميمڻ“ لفظ مومن مان ماخوز آهي ۽ پاڻ تحقيق ڪري
ٻڌايائين ته ان ج ڌاتو مئيندڙ يعني ماپڻ تورڻ وارو آهي. هيءَ دريافت ميمڻي لوڪ ادب
جي متن ۾ ڄاڻايل آهي.
ميمڻ اصل ۾ سنڌي آهن. واپار، ڌنڌي ۽ ڪرت سان سڃاڻپ هتان جي روايت رهي
آهي. ٺيڪ آهي ته سنڌي پنهنجي جهوني تاريخ سانڍي نه سگهيا پر هنن جي مڪاني ۽ ڌرتيءَ
ڌڻي هجڻ جو ثبوت اهو آهي ته سنڌي ٻولي لاڏائو ۽ تاريخي اٿل پٿل وارين حالتن ۾
برقرار رکي اٿائون. سنڌي ٻوليءَ کي ٻن ودوانن سنسڪرت جي ڌيءُ ڪوٺيو ته سراج چيو نه
سنسڪرت سنڌيءَ مان نڪتل زبان آهي. مروج آهي ته ”شاعري پيغمبري جو جزو آهي.“ پاڻ
چيائين، ” پيغمبري شاعريءَ جو جزو آهي.“
هو تخيلاتي تحقيق جو وڏو نالو هو. هو روشن دماغ ۽ چٽي بصيرت وارو
ليکڪ هو. ورهاڱي کان پوءِ هوقليچ ثاني هو. لسانيات ۾ يادگار ڪم ڪيائين. وڌ کان وڌ
ناول لکيائين. پرڏيهي ادب مان افسانا ترجمو ڪيائين ۽ انگريزي ۾ به ترجما ڪيائين. سنڌي ٻوليءَ تي انگريزي ۾
سنڌي لئنگويج اٿارٽي طرفان سندس ڪتاب ڪي ڇپيا ۽ ڪي اشاعت هيٺ آهن.
ڏيپلائي پريس ۾ پروف ليڊر طور علمي سفر جو آغاز ڪيائين. محمد ابراهيم
جويي جي اک کيس سڃاڻي ورتو ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ کيس نوڪري ۾ رکيائين هن اقتصاديات
بابت ڪتاب به ترجمو ڪيو. جيڪو بورڊ طرفان ڇاپيو ويو.
سراج الحق جي ناولن جي ڪردارن تي تفصيلي لکڻ جي ۽ تنقيدي تجزيي ڪرڻ
جي ضرورت آهي. هن جي سوچ ڌارائن جو احاطو ڪرڻ هن بنهه ننڍڙي ليک ذريعي نٿو ڪري
سگهجي.هن جي آخري ڏينهن وارين تصويرن مان لڳي ٿو ته هن جي ٻڌيمان ۾ وڏي ڪاوڙ ۽
”گهڻو چوڻ “ جي دٻايل قوت بي چين آهي. هن
جي فرزند امجد چواڻي ته سراج صاحب آخري ڏينهن ۾ سنڌ جي هاڻوڪين حالتن بابت متفڪر ۽
مايوس ڏسڻ ۾ آيو.
سراج صاحب وڏن وڏن عهدن تي فائز رهيو، هو طرز فڪر ۾ اڳتي طرف
ڏسندڙ ۽ سچائيءَ جو متلاشي هو. قوم، ٻولي
۽ ڌرتيءَ جي قلم ذريعي مثالي خدمت ڪيائين. هو ورچي ڪو نه ويٺو. اورچ قسم جو
ديومالائي ”ڪردار“ کيس امرتا ڏيندو.
دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس
هن پنهنجن نظرين جي قيمت چڪائي پر دڳ ڪو نه مٽيائين. سنڌي قومي ۽
مزاحمتي ادب لکڻ جي باداش ۾ کيس انڪم ٽيڪس جي نوڪريءَ تان هٿ ڌوئڻا پيا. صحافت جو
سفر شروع ڪيائين. روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. ضياءُ الحق جي مارشل لا
جي دور ۾ سرڪاري پاليسين سان مطابقت ۾اچڻ بدران ايڊيٽر جي عهدي تان استعيفا
ڏنائين.
سراج الحق ميمڻ ۲۴
آڪٽوبر سن ۱۹۳۳ تي ٽنڊي ڄام ضلعي حيدرآباد ۾ محمد يعقوب ميمڻ
سنڌيڪار ” ديوان حافظ شيرازيءَ“ جي گهر ۾
جنم ورتو. ايم اي- ايل ايل بي ڪيائين وهندڙ درياهه جي پاڻيءَ وانگر متحرڪ ذهن وارو
رهيو. پنهنجو رستو پاڻ ٺاهي ڪاميابيون ماڻيائين. ۲ فيبروري، سن ۲۰۱۳ع
تي فاني جهان ڇڏيائين. ڪراچي، سنڌ جي راڄڌاني شهر ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
آخر ۾ علامه اقبال جو شعر ڏئي اجازت وٺندس ؛
تيري آزاد بندون کي نه يه دنيا نه وه دنيا،
يهان مرني ڪي پابندي وهان جيني ڪي پابندي.
سراج
سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو خدمتگار
وزير فرهاد سولنگي
ٻين فيبروري ڇنڇر جي رات جو سوا ٽين وڳي اهو اڀاڳو وقت جنهن اسان کان
۽ سنڌ کان هڪ تمام ڏاهو ۽ وڏو ماڻهو کسيو. صبح جو سوير ٽي وي کولي تازيون خبرون
پڙهڻ لاءِ ڳاڙهيءَ پٽيءَ تي نظر ڊوڙايم ته ”سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب سراج الحق
ميمڻ ۷۹ سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.“ مون کي انهيءَ
وقت محسوس ٿيو ته هي ڪهڙي قسم جي ادبي کيپ هئي. جن سڄي سنڌ جي ادب ٻولي سياست،
صحافت، تحقيق، شاعري، ثقافت وغيره تي ايترو ته وڏو ڪم ڪيو. هي هيڏا سارا ماڻهو
ڪهڙن استادن تيار ڪيا. جن ۱۹۵۰ع
کان هن وقت تائين واندڪائيءَ کان رسي مسلسل قلم کڻي ٻولي لاءِ، سنڌ لاءِ سنڌي
ماڻهن لاءِ لکيو، ۽ ايترو لکيو جو پاڻ به تاريخ ٿي ويا. مهنجو انهن ماڻهن ڏانهن
اشارو آهي جن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، محمد عثمان ڏيپلائي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي،
الهداد ٻوهيو، ابراهيم منشي، تنوير عباسي، استاد بخاري، نجم عباسي، تاجل بيوس،
شمشير الحيدري ۽ هاڻي وري سراج الحق ميمڻ. هيءَ اها لسٽ آهي. جن تي مان سوچيندو آهيان ته ڇا سنڌ جي مستقبل ۾
اهڙي قسم جا ماڻهو سنڌ کي ملي سگهندا؟ ڇو ته مذڪوره ماڻهو ۱۹
صديءَ جي نظام جي پيدائش
هئا. ۽ ويهين صديءَ جي نسل کي اهڙي قسم جي تربيت، تعليم ۽ ماحول ملي سگهيو آهي يا
نه. مذڪوره مٿي ڏنل انهن سنڌ جي گهڻ گهرن
اديبن، شاعرن ۽ قلم ڌڻين جي ڇڏيل خال کي ڪير ڀريندو؟ ڇا موجوده حالتن ۾
اهڙا سگهارا نالا جڙي سگهن ٿا؟ ۽ اهي سوال منهنجي اندر ۾ هلچل مچائي رهيا هئا. ۽
سنڌ جي هن ڏاهي سراج جي وڇوڙي تي کن پل لاءِ منهنجو ذهن اهو سوچيندو رهيو. ۽ وري
آچر ۳ فيبروري جي اخبارن ۾ وڏا وڏا آرٽيڪل سراج بابت
ڇپيا. جن جو مرڪزي موضوع سراج هيو. ها! مونکي چٽيءَ طرح ياد آهي ته جڏهن مان پي ٽي
وي تي نشر ٿيندڙ هفتيوار ٻارڙن جي پروگرام “روشن تارا” جي پروڊيوسر عبدالحق عظيم
سان ڪراچي ٽي وي سينٽر تي ملڻ ويو هوس. ۽ مون ساڻس سان ڊگهي ڪچهري ڪئي هئي ۽ پوءِ
روشن تارا پروگرام جي تاريخ لکي هڪ هفتيوار مئگزين ۾ ڇپرائي هيم. ۽ انهي ڊگهيءَ
ڪچهري ۾ پهريون دفعو منهنجي ڪنن سراج الحق ميمڻ جو نالو ٻڌو. ۽ جنهن جو تذڪرو
عبدالحق عظيم پاڻ مون سان ڪيو ته منهنجو وڏو ڀاءُ سراج الحق ميمڻ هلال پاڪستان
اخبار جو ايڊيٽر به رهي چڪو آهي. ۽ ان کان پوءِ محترم سراج الحق ميمڻ جي شخصيت ۽
ادب کي ۾ ويجهڙائي کان جهاتي پائڻ جو موقعو مليو ته خبر پئي ته هي تمام وڏين ۽
گهڻين خوبين جو مالڪ هيو، ادب، تاريخ، تحقيق، ٻولي ۽ صحافت جهڙا شعبه سندس قلم هيٺ
آيا. ادب ۾ سندس ناولن ۽ ترجمي هيٺ آيل ڪتابن کي سڄيءَ سنڌ ۾ تمام گهڻي پذيرائي
ملي چڪي هئي. ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ جي
تحقيق تي سندس آيل ڪتاب ”سنڌي ٻولي” قابل تعريف آهي، جنهن ۾ هن سنڌي ٻوليءَ جي
پنهنجي وجود جو مڪمل دليل ڏئي اهو ثابت ڪيو ته سنڌي ٻولي ڪنهن ٻاهرين يا ڌاري ٻولي
جي نه پر خالص پنهنجي وجود جي پاڻ پيداوار آهي. تاريخ جي حوالي سان پاڻ سنڌ تي
ڌارين جي چڙهاين، حملن ۽ ڪاهن بابت تفصيلي تاريخ ناولن جي روپ ۾ ڏني جيڪا سندس
لکڻين ۾ انفراديت جو اهڃاڻ آهي. صحافت ۾ سندس ڪيل خدمتن کي به نٿو وساري سگهجي سندس
ئي دور ۾ روزنامه اخبار هلال پاڪستان سنڌي ماڻهن جي توجهه جو مرڪز ٿي. سندس ڪالم،
اقتصاديات تي لکيل آرٽيڪل، حالات حاضرا ۽ ان وقت جي سنڌ جي سياسي پس منظر ۾ لکيل
ڪالم سنڌي صحافت ۾ پنهنجو منفرد مقام رکن ٿا.
مٿين سڀني خوبين ۽ صلاحيتن سان سرشار ذهن جي تربيت، تعليم ڪنهن ڪئي؟
يقينا هڪ ڪامل استاد جو ئي هٿ ٿي سگهي ٿو. ۽ ها اهو استاد محمد يعقوب ميمڻ ئي هيو.
جنهن پنهنجي ٻچن جي اهڙي تربيت ڪئي. جو کين سڄي سنڌ پيار ۽ قدر جي نگاھ سان ڏٺو.
استاد محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ ۲۴
آڪٽومبر ۱۹۳۳ع ۾ پيدا ٿيندڙ سراج الحق جيڪو اڳتي هلي استاد،
انڪم ٽيڪس آفيسر، صحافي، ناولسٽ، تاريخدان، ايڊيٽر، محقق ۽ سنڌي ادب جو وڏو
خدمتگار ثابت ٿيو. اڄ سندس يادگار ڪتابن ۾ پڙاڏو سو ئي سڏ، پياسي ڌرتي رمندا بادل،
علم معاشيات، سنڌي ٻولي، اٺون گهر، منهنجي دنيا هيڪل وياڪل، تنهنجي دنيا سڀ رنگ
سانول ۽ منهنجي دنيا مرگ ترشنا، ڏکڻ مان ٿو سج اڀري، چونڊ آمريڪي افسانه ۽ مرڻ مون
سين آءُ آهن جيڪي سندس سنڌ، سنڌين ۽ پنهنجي ٻوليءَ لاءِ ناياب سوکڙيون آهن، هو ۽
پنهنجون يادگار لکڻيون ڇڏي پنهنجي مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿيو ۽ هڪ
دفعو ٻيهر سنڌ ۽ سنڌي اُٻاڻڪائي محسوس ڪرڻ لڳا. شال اسان جو ايندڙ نسل به اڳتي هلي
سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اهڙي طرح خدمت ڪري جيئن سراج پنهنجي قلمي پورهئي ذريعي ٻولي
جي خدمت ڪري ويو.
سنڌ جو محافظ
سسئي پليجو
چاچا سراج ميمڻ جي گهر ۾ هن نوٽ بوڪ تي تعزيتي جملا لکندي به اڃا
يقين نٿو اچي ته چاچا سراج ميمڻ هاڻ اسان ۾ ناهي رهيو ۽ اڃان به مرحوم لفظ سندس
نالي سان گڏ لکي نٿي سگهان. اهو پوري يقين ۽ عزم سان چئي سگهجي ٿو ته جديدسنڌ کي
ادبي، سماجي ۽ ڏاهپ جي ٻين حوالي سان جديد مزاح متعارف ڪرائڻ، نيون شيون نئين رخ ۽
زاويي سان ڏيکارڻ وارن ۾ سراج الحق ميمڻ جهڙن
ماڻهن جو شاندار ۽ بيباڪ ڪردار رهيو آهي. امان اختر جو ڪتاب قيدياڻي جي
ڊائري ۾ لکيل ان برجستي پر سادي مهاڳ کي ڪيئن ٿي وساري سگهان، اسڪول جي آخري سالن
۾ جيجي زرينه جي ڏنل ڪتاب پڙاڏو سوئي سڏ جي مزاحمت ڪردارن جي بهادر سوچ ۽ سندن
آزادي واري ويڙهه جي هر اکر ۾ ”سراج“ جي خود پنهنجي دل جو عزم محسوس ٿيو ته ”مرسون
مرسون پر سنڌ نه ڏيسون“ ۽ پوءِ ٻيا ناول جن ۾ ڪو ڪردار پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ؟ يلغار
تي آگ ۽ باهه پئي وسائي ته ڪي ڪردار انتهائي اميراڻي ٺاٺ باٺ سان وڏن شهرن جي بال
رومز ۾ حسينائن جي چيلهه ۾ هٿ وجهي عظيم موسيقارن جي ڌنن تي رقص ڪري رهيا هئا پر
هڪڙي شيءِ جيڪا هر ڪردار منجهان ڪنهن نه ڪنهن طريقي عيان هئي ته ناول جو بنيادي
خيال پنهنجي ڌرتيءَ جي بقا لاءِ ان جي دفاع لاءِ سڀ ڪجهه ڪري گذرڻ واري ڳالهه هئي،
جيڪا چاچا سراج جي پنهنجي سوچ هئي، خيال هو، خواب هو ۽ جنهن جي تعبير لاءِ هڪ روشن
۽ لبرل سنڌ لاءِ اها ڳالهه هن سنڌ واسين کان وٺي گهروارن ۾ به منتقل ڪئي.
سنڌ جو عظيم
ماڻهو
گل محمد جکراڻي
نهايت ڏک ۽ افسوس جهڙي ڳالهه آهي جو سنڌ جو بيباڪ اديب، دانشور جناب سراج الحق ميمڻ اسان کان
هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. سائين سراج ميمڻ صاحب جهڙا عظيم ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ڪن خوش
نصيب قومن ۾ پئدا ٿيندا آهن. افسوس جو هو جسماني طور اسان کان ڌار ٿي ويو پر سندن
عمل، ڪردار ۽ سنڌ ڌرتي جي لا ءِ خدمتون تاريخ جي اهم باب طور ياد رهنديون ۽ سنڌي قوم جي رهبري ڪنديون رهنديون.
اڄ سراج صاحب جي وڇوڙي تي پوري سنڌ غم ۽ ڏک ۾ سندن پونئرن سان گڏ
آهي، دعاگو آهيان ته رب تعالي سائين کي جنت الفردوس ۾ جڳهه ڏئي ۽ پونئرن کي سندن
نقشي قدم تي هلندي سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم هي خدمت ڪرڻ جي توفيق ڏئي. آمين.
اهڙا مانجهي مرڻا نه آهن.
ويس مٽائي ورڻا آهن.
سنڌ ۾ قومي جاڳرتا پيدا
ڪندڙ ڪردار
خالق جوڻيجو
۱۹۷۰ واري ڏهاڪي دوران سنڌ جي قومي جاڳرتا جو جيڪو دور هئو ان ۾ سائين جي
ايم سيد کانپوءِ جن چند مکيه ماڻهن جو ڪردار آهي انهن ۾ سراج الحق ميمڻ صاحب جو
نالو نمايان آهي. اسان جڏهن ڪاليج مان نڪري يونيورسٽيءَ ۾ حيدرآباد آياسين ته جن
ڪتابن سڀ کان پهرين اسانجو آدرڀاءُ ڪيو انهن ۾”پڙاڏو سو ئي سڏ“ به هئو، سنڌ جي
تاريخ کي هلندڙ وقت جي قومي جدوجهد سان ڳنڍڻ جو اهو اعلٰي نمونو هئو جنهن نوجوان
قومي ڪارڪنن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ جي مطالعي کي نئون
۽ سائنسي رخ ڏيڻ ۾ پڻ سراج الحق صاحب جي جاکوڙ بي مثال آهي. ان کانپوءِ اخبارن ۾
لکيل نمونن ذريعي به محترم سراج سنڌ جي قومي شعور کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار
ادا ڪندو رهيو. نوڪري ڇڏڻ کانپوءِ جڏهن مون وڪالت شروع ڪئي ته سراج صاحب سان نياز
منديءَ جو نئون سلسلو شروع ٿيو. ملاقات گهٽ ٿيندي هئي پر جڏهن به ٿيندي هئي ته
مونکان سنڌ جي قومي جدوجهد بابت پڇندو هئو ۽ پنهنجي طرفان ڪجهه ٻڌائيندو هئو ۽ سنڌ
۾ تمام ڏکين حالتن جي باوجود هو پراميد هئو. اها منهنجي خوشقسمتي ٿي ته منهنجي
ويجهڙائيءَ ۾ ڇپيل ڪتاب ”سنڌ جي سياسي جدوجهد“ جو مهاڳ سراج ميمڻ صاحب لکيو.
سنڌي افساني کي نئون
روپ ڏيندڙ
مختيار ملڪ
سنڌ جڏهن ادبي کيتر ۾ ابتدائي وکون پئي کنيون تڏهن نثري ادب کي سگهه ڏيڻ لاءِ جن ادبي شخصيتن پنهنجو ڪردار
نڀايو انهن ۾ سراج الحق ميمڻ جون ڪوششون ڪڏهن به نٿيون وساري سگهجن، سنڌي افساني
کي نئون رنگ ۽ روپ ڏيڻ ۾ ”اي درد هلي آءُ“ اهم ڪوشش آهي. ان کانسواءِ سراج جا ناول
نرالي وک هئا. سراج ”پڙاڏو سو ئي سڏ“ سنڌ تي ترخان حڪمرانن ۱۵۵۵ کان جيڪي ويل وهايا، انهن کي تاريخي پسمنظر ۾ بيان ڪرڻ ادب ۾ هڪ
ڇرڪائيندڙ واڌارو رهندو. ان کانسواءِ ”مرڻ مون سين آءُ“ به سندس سهڻي ڪاوش آهي.
ساڳيءَ طرح پياسي ڌرتي رمندا بادل جي سري سان لڳاتار هر سال ٽي ناول ۱۹۸۸ع، ۱۹۸۹ع
۽ ۱۹۹۰ تائين منهنجي دنيا هيڪل وياڪل، پنهنجي دنيا سڀ
رنگ سانول ۽ منهنجي دنيا مرگهه ترشنا، لکيا. هن پهريون ڀيرو سڃاڻپ سنڌي افسانوي
ادب ۾ متعارف ڪرائي.
سراج جا سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان وڏا وڙ آهن، سنڌي ٻولي، ڪتاب اپريل
۱۹۶۴ ۾ آڻي، سنڌ ۾ سنڌي ٻولي بابت منجهيل روايتن ۽
مفروضن کي رٽي ڇڏيو. ۽ سنڌي ٻولي کي سنڌ جي اگاٽي زندگيءَ سان سلهاڙي ڪجهه نئين
حقيقتن کي نروار ڪيو. ابراهيم جويو صاحب، غلام رباني آگرو، تنوير عباسي، غلام محمد
گرامي، شمشير الحيدري جي حوصله افزائي تي اڳواڻن ٻولي جي نظرين سان اختلاف راءِ
رکندي نئون نظريو ڏنو ته سنڌين کي هڪ اصلوڪي ٻولي آهي نه ڪي سامي صفت يا سنسڪرت جي
ڄائي، هن تحقيق ۾ ثابت ڪيو آهي ته سنڌي اڻ سڌي طرح سنسڪرت تي اثر انداز ٿي، بهر
حال سنڌ پنهنجي هڪ محسن/ سڄڻ کان محروم ٿي وئي.
رهجي وياڳڻ
امان الله شيخ
سراج، سنڌ جي ساڃاهه وند ٽهي جو اُهوڪردار هو جنهن کي ديومالائي چئبو
ته واڌارو نه ٿيندو، دنيا ۾ جيڪي ماڻهو وقت جي ڌاراسان هلڻ کان انڪار ڪن ۽ پنهنجو
رستو ۽ رند جوڙڻ جي ڪوشش ڪن ته انهن کي تواريخ جي ورقن م دائمي ۽ لا زوال درجو
حاصل ٿيندو.
سراج پنهنجي لکڻين ۽ وابستگيءَ سان سنڌ جي ٽن پيڙهين تي اثر انداز
ٿيو. هن ادب کي محض ادب سمجهڻ کان نابري واريندي ادب کي قومن جي تقدير بدلائڻ ۾اهم
ڪارج طور ڪتب آندو. جنهن ڪري سندس لکڻين
کي مهانتا حاصل ٿي
سراج
با اصول ۽ وطن پرست
روچي رام
سراج الحق جهڙا مضبوط ارادي وارا سنڌ سان اٿاهه محبت ڪندڙ سنڌي تمام
ورلي پيدا ٿيا آهن. اسان لاءِ هي وڏو الميو آهي هر ڪنهن کي هلڻو آهي پر هيتري
ڀرپور، بااصول ۽ وطن دوستيءَ جي زندگي ڪنهن کي وري نصيب ٿئي ٿي؟
ساريم رات سنگهار، ماروئڙا ملير جا
دستگير ڀٽي
هيڏي وڏي جهان ۾ جتي قسمين
قسمين جا ماڻهو ايندا ويندا رهن ٿا، تتي تمام ٿورڙا انسان ڄائي ڄم کان وطن پرست
پئدا ٿيندا آهن، جن جي انگ انگ ۾، رَڳ رَڳ ۾ ۽ پور پور ۾، پنهنجي ڌرتيءَ جو عشق رت
سان گڏ ڊوڙندو آهي. سراج اهڙن ئي ناياب سپوتن مان هو، جنهن ڳالهين بدران عمل، يعني
پنهنجي لکڻين وسيلي، سنڌي سماج کي ڌوڏيو، ته جيئن سندس علم ۽ تجربي منجهان نئون
نسل جاڳرتا ۽ وطن دوستيءَ بابت سبق پرائي سگهي. سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي تابناڪ مستقبل
واسطي سُهڻا سُهڻا سپنا سرجيندڙ، آزاد فضائن ۾ پرواز ڪندڙ پکيئڙن جيان خوبصورت
خوابن جا آکيرا اُڻيندڙ، پوئتي پيل سنڌي سماج ۾ رونقون ۽ روشنيون، پکيڙيندڙ، ترقي
۽ سجاڳيءَ لاءِ قلم کي هٿيار بڻائي ساندهه جنگ جوٽيندڙ، هيءُ علم پرور ۽ ادب دوست
قافلي جو مهندار، گذريل هفتي پنهنجن مارو ماڻهن کي وڇوڙي جا وَڍ وجهي، موڪلائي ته
ويو آهي، پر جنهن چاهه ۽ پاٻوهه وچان سالن جا سال علمي پورهيو ڪري تخليقون، ڳاٽ
اوچو رکڻ واريون جيڪي بي مثال تخليقون، ورثي طور ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيون
اٿس، انهن وسيلي سنڌ جي سماجي، ادبي، صحافتي ۽ لسانياتي اُفق تي سراج جو نانءُ
اَبد تائين هڪ چمڪندڙ تارو بڻجي روشن رهندو.
مرحوم سان منهنجي پهرين ملاقات، ۱۹۷۰ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ تنهن زماني جي نامياري شاگرد اڳواڻ لالا قادر ڪرائي
هئي. ”پڙاڏو سوئي سڏ“ ڇپجڻ کانپوءِ، سنڌ جي شهر شهر، ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ سراج نالي هڪ
تخليقڪار جو نالو هر پڙهيل ڳڙهيل سنڌيءَ جي واتان ٻڌبو هو، نيو چاليءَ لڳ يوسف
پلازه ۾ واقع سندس وڪالت واري آفيس ۾ ٽائيم وٺڻ بنا پهتاسين. اسان کي وڏي پنهنجائپ
سان مليو. سنڌي ٻوليءَ ۾ ووٽر لسٽون ڇپرائڻ واري لالا قادر جي قيادت ۾ هليل ڪامياب
ٿيل تحريڪ تي ڏاڍو خوش نظر آيو. ڪجهه مهينن کانپوءِ جڏهن پاڪستان ٽُٽي ٽڪرا ٿيو،
بنگلاديش آزادي ماڻي ته، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، ملڪ جو سربراهه بڻيو، جنهن
ڪراچيءَ مان پنهنجي اخبار هلالِ پاڪستان شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اخبار جي ادارت
لاءِ سندس نظرِ انتخاب سراج تي پيئي، جنهن کي ايڊيٽر مقرر ڪيائين. آئون ان زماني ۾
هلال پاڪستان حيدرآباد سان وابسته هئس، جيڪا منهنجي پهرئين استاد ۽ سنڌي صحافت جي
سرواڻ شيخ علي محمد مرحوم جي نگرانيءَ هيٺ جنرل يحى خان واري مارشل لا دور ۾ ۱۴ آگسٽ ۱۹۶۹ع تي، ڀٽو صاحب ئي شروع
ڪرائي هئي. اسان جي ساٿي ۽ برک صحافي اسلم آزاد، وسيلي سراج صاحب مون کي ڪراچي
گهرايو ۽ هلال پاڪستان جو چيف رپورٽر بنجڻ جي آڇ ڪيائين، جيڪا مون هڪدم قبول ڪئي.
جيتوڻيڪ ان زماني ۾ ٻين
لکين سنڌين وانگر ڪراچيءَ ۾ مون وٽ به نه گهر نه گهاٽ، تڏهن به سنڌ جي گاديءَ واري
شهر ۾ صحافت ڪرڻ جو شوق من اندر موجزن هو. يقيناً اسان سڀني جو اصل ٽارگيٽ اهو ئي
هو ته، ۱۹۴۸ع ۾ جنهن بيدردي ۽ سان سنڌ جي سِسيءَ ڪراچيءَ کي
باقي ڌَڙَ کان ڌار ڪري، وفاقي گادي بڻائي، سنڌي ٻوليءَ کي مورڙئي جهڙن مٿير
ميربحرن جي نگريءَ مان لڏائڻ لاءِ، ويرين جيڪي سنڌ دشمن فيصلا ڪيا هئا، تن جي نه
رڳو رستا روڪ ڪريون پر پنهنجي مادري ٻوليءَ جي گلابن سان ڪلاچيءَ جي جهوليءَ کي
ڀرڻ سان گڏوگڏ، زوريءَ کسيل پنهنجو مورڙي وارو ماڳ به موٽائي وٺون. ڪراچيءَ جو
سهڻو شهر، جيڪو ورهاڱي کان گهڻو اڳ ۾ ئي سنڌ جي علم و ادب، واپار ۽ سياست جو مرڪز
بڻيل هو، اتي پوءِ به سوين سنڌي ميڊيم اسڪول قائم هئا. سنڌيءَ ۾ اخبارون، رسالا ۽
ڪتاب جام ڇپيا هئا، پر نئين ٺهيل ملڪ جي ”نون مالڪن“ کي بنگال جيان هتي به پنهنجي
ٻوليءَ کي زوريءَ مڙهڻ جو جيڪو جُنون چڙهيل هو، تنهن جي آبياري ڪندي تمام تيزيءَ
سان سنڌي اسڪول کي بند ڪرڻ ۽ ماڳهين سنڌين کي ڪراچيءَ منجهان تَڙڻ جون سازشون،
اهڙي خطرناڪ چالاڪيءَ ۽ تيز رفتاريءَ سان سَٽيون ويون، جن جو شڪار بڻجي، لکين
تعليم يافته هندو استاد، ليکڪ ۽ واپاري مجبور ٿي، پنهنجي ڌرتي ماءُ کي الوداع چئي،
نئين سرحد جي پرئين پار لڏي ويا.
ٿوري وقت اندر اوچتو ئي اوچتو سنڌ جو مڊل ڪلاس ئي ڪجهه سالن اندر
پنهنجو وجود وڃائي ويٺو. سراج نه رڳو ڪراچيءَ جي مرڪز پاران ڪيل Annexation تي ڏکوئجي درد ڀريو گيت لکيو، پر پَتنگن جيان پڪو پهه ڪيائين ته، هن هيڏي وڏي هاڃي ڪارڻ پئدا ٿيل
سماجي خال کي ڀرڻ لاءِ سنڌين کي نه رڳو
سجاڳ ڪجي، پر ڪراچيءَ ۾ وڌ ۾ وڌ انگ ۾ آباد ڪري، پنهنجي سُڃاڻپ ورائي وٺجي.
ڪراچيءَ مان سنڌي اخبار شايع ڪرڻ بابت، ڀٽو صاحب جي انهيءَ فيصلي کي تاريخ جو اهڙو
شاندار تحفو به قرار ڏيئي سگهجي ٿو، جنهن سنڌين جي ڏکن سورن ۽ سماجي توڙي معاشي
مسئلن کي پرنٽ ميڊيا وسيلي اجاگر ڪري، کين شعوري طور ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيڻ تي
اتساهيو. هيءَ ان دور جي ڳالهه آهي، جڏهن بنگلاديش ٺهڻ کانپوءِ، هزارين بنگالي
آفيسر، ڪراچيءَ جي مارٽن ڪوارٽرز، پاڪستان ڪواٽرز، جمشيد ڪواٽرز ۽ فيڊرل ڪئپيٽل
ڪواٽرز ۾ کين سرڪاري طرح مليل گَهر خالي ڪري، پنهنجي آزاد وطن ڏانهن ورڻ لاءِ
ماندا هئا. تعصب جي عينڪ پاتل آفيسر، اهڙا خالي گهر نون ڀرتي ٿيل سنڌي آفيسرن يا
ڪلارڪن کي ڏيڻ کان لنوائين هئا. اهڙين حالتن ۾ ئي سراج، هلال پاڪستان کي هٿيار
بڻائي تعصبي آفيسرن جي ناجائز عمل کي ايڪسپوز ڪيو. نتيجي طور پيپلز پارٽيءَ جي
پهرين سرڪار، خاص ڪري چيف منسٽر ممتاز علي ڀٽو پنهنجي وڏ وزارت جو جلوو ڏيکاريو.
نيٺ سنڌين کي بنگالين جا خالي ڪيل گهر تمام وڏي تعداد ۾ رهڻ لاءِ ملي ويا. آئون،
منظور قريشي، اسلم آزاد،راز ناٿن شاهي، محمود يوسفاڻي ۽ ٻيا ڪيترا ساٿي به تين
هٽيءَ ڀرسان اهڙي ئي هڪ ڪوارٽر ۾ رهڻ لڳاسين، جيڪو هڪ سرڪاري عملدار دوست کي الاٽ
ٿيو هو. هيءُ دور ون يونٽ ٽُٽڻ جي ڪري، سنڌ جي گاديءَ واري شهر ۾ سنڌين جي ٻيهر
وسڻ جو سنهرو دور هو. پهرين ٽِڪي کير ڀريءَ جي برڪتن سان ٿي، ڪراچيءَ جي ڪنڊ
ڪڙڇ ۾ هزارين سنڌين جي روزگار ۽ رهائش جو
بندوبست ٿيو. سراج صاحب جي ذاتي محنت ۽ ڪوششن سان سنڌين کي ڪراچيءَ ۾ نوڪريون ۽
پلاٽ به جام مليا. ڪِن وڪڻي ڇڏيا ته ڪن پنهنجا گهر اَڏيا. پلاٽن جي عام جام ونڊ
ورڇ واري هن ماحول ۾ ئي تڏهوڪي بلدياتي وزير مرحوم ڄام صادق عليءَ جي سخاوت به
هنڌين ماڳين مشهور ٿي.
سراج ۽ هلال پاڪستان جو
سنڌين کي سرڪاري کاتن ۾ پنهنجي حصي جي ڪوٽا مطابق روزگار ڏيارڻ ۾ مکيه ڪردار هو.
اسين هر هڪ ڊپارٽمينٽ جا انگ اکر ۽ تفصيل گڏ ڪري، روزانو خبرون هلائيندا هئاسين ته، فلاڻي کاتي ۾ سنڌي
آفيسر اٽي ۾ لوڻ جيترا به ناهن ۽ فلاڻي بئنڪ ۾ سنڌين سان ناانصافي ۽ بي واجبي آهي.
ساڳيءَ ريت واپڊا، پي آءِ ڊي سي، ڪي ايم
سي، ڪي ڊي اي، بئنڪن توڙي ٻين وفاقي کاتن جا سچا انگ اکر سرڪار جي ڌيان تي آڻبا
هئا ۽ ناانصافين جو ازالو به ٿيندو هو. ڪراچيءَ جو ترقياتي ادارو (ڪي ڊي اي)، جڏهن
به ترقيءَ جي نالي ۾ ڪراچيءَ اندر سنڌين جا ڳوٺ بلڊوز ڪندو هو. ته سراج تڙپي ويندو
هو. بلدياتي وزير ڄام صادق علي ته تعصبي ڪامورن جي انهن سنڌي دشمن ڪارروائين تي
خاموش هوندو هو، پر سراج مون کي ۽ فوٽو گرافر ظفر کي يڪدم متاثر ٿيل ڳوٺن مان مڪمل
تفصيل ۽ تصويرون آڻڻ لاءِ روانو ڪري
ڇڏيندو هو. ان کانپوءِ سنڌين جي بيدخلين خلاف سخت لهجي ۾ ايڊيٽوريل لکندو هو.
اهڙيءَ ريت هلال پاڪستان سوين سنڌي ڳوٺ بچايا. سراج صاحب ان وقت به شديد احتجاج ڪيو،
جڏهن غلام مصطفى جتوئيءَ جي وڏ وزارت ۾، مقبول سنڌي رسالن، سهڻي، تحريڪ ۽ سوجهرو
تي پابندي مڙهي ويئي. انهيءَ فيصلي خلاف سنڌ ۾ باهه ٻري ويئي هئي. رسول بخش پليجو
سنڌي رسالن پاران وڪيل بڻيو ۽ ڀٽو صاحب جي ٺاهيل ڪميشن آڏو شاندار نموني ڪيس
وڙهيو.
آئون سوچيان ٿو ته، جيڪڏهن ثقافت کاتو منهنجي تجويز تي عمل ڪري سراج صاحب جي حياتيءَ ۾ ئي کيس مان
ڏيڻ لاءِ ڪلفٽن تي ڪو يادگار Monument اَڏي ها ۽ سمورا سنڌي دانشور، سراج صاحب کي
جيئري ئي سندس خدمتن عيوض خراج تحسين پيش ڪن ها ته اسان سنڌي ماڻهن تان اها تهمت
به لهي سگهي ها ته، پنهنجن قومي هيرن جو سندن حياتيءَ ۾ قدر ئي ڪونه ٿا ڪريون. مون
کي اهو به فخر آهي ته، ايم آر ڊي واري تاريخي جدوجهد واري ڏکين ڏينهن ۾ ”برسات“
رسالي اندر ئي سراج صاحب جي ڪهاڻي ”اٺون ماڻهو“ ۽ ان کانپوءِ سندن ٽراءِ لاجي
”پياسي ڌرتي، رمندا بادل“ کي به قسطوار شايع ڪيم ۽ جيسين رسالو ڇپجندو رهيو، آئون
سراج صاحب سان رابطي ۾ رهيس، مرحوم هلال پاڪستان ۾ هڪ عدد ايڊيٽوريل انگريزي ٻوليءَ ۾ پڻ لکندو هو ته، جيئن دُنيا جا سفير،
وڏا وڏا عملدار ۽ خود ڀٽو صاحب پاڻ به سنڌي عوام جي جائز حقن ۽ مطالبن کان باخبر
هجي. سنڌ جي اهم معاشي توڙي سماجي مسئلن تي سراج صاحب انگريزيءَ ۾ ايڊيٽوريل لکڻ
جو جيڪو نئون سلسلو شروع ڪيو، تنهن جو اثر ايتري قدر ٿيندو هو، جو نه رڳو غير سنڌي
بيورو ڪريسي، پر خود وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو، انهن ايڊيٽوريلس جي جواب ۾ حڪم
جاري ڪندو هو، جنهن تي عمل به ترت ٿي ويندو هو. جنرل ايوب خان ۽ جنرل يحى جي ڊگهي
فوجي آمريت کانپوءِ، يعني پندرهن سالن کانپوءِ چونڊيل حڪومت ٺهي هئي، جنهن ۾ سنڌي
چيف منسٽر ۽ ڪابينا ۾ اڪثريت پڻ سنڌي وزيرن جي هوندي هئي، جن جي ڪارڪردگيءَ تي ڀٽو
صاحب ڪرڙي اک رکندو هو، منهنجو ڪالم ”سنڌ اسيمبليءَ جي پريس گئلري مان“ ۽ امر جليل
جو ”تنهنجون منهنجون ڳالهيون“ هلال جا قاري، وڏي شوق سان پڙهندا هئا. بعد ۾ سراج
صاحب جو ڪالم، ”رتيءَ جي رهاڻ“ ته سڀني کان سرس ثابت ٿيو، سنڌ جي خودمختياري ۽
محصولن ۾ جائز حصو وٺرائڻ بابت ته سراج صاحب دليلن سان ڀريل ايڊيٽوريل لکندو هو،
ڇاڪاڻ ته، پاڻ ذهين ۽ هوشيار قانوندان ۽ ٽئڪسيشن واري شعبي ۾ مهارت رکندڙ هو. وزير
اعظم ذوالفقار ڀٽي جڏهن نيشنل فنانس ڪميشن پاران آباديءَ جي بنياد تي صوبن کي
رقمون ورهائڻ لاءِ نا نصافيءَ تي ٻڌل اين ايف سي ايوارڊ عمل ۾ آندو ته، سراج وڏي
سچائي ۽ دليريءَ سان ڀٽو صاحب جي انهيءَ فيصلي جي سخت مخالفت ۾ تاريخي ايڊيٽوريل
لکيا ته، وزير اعظم جي ناراضگيءَ جي به ڪاڻ نه ڪڍيائين. جنهن مهل ڀٽو صاحب پنجاب ۾
پنهنجن ووٽرن ۽ جيالن کي خوش رکڻ ۾ رڌل هو، ان اوکيءَ ويل سراج سنڌ ۽ سنڌين سان
وفاداري ۽ حق جي ڳالهه لکڻ ۾ پنهنجي وسان ڪين گهٽايو، سراج جو هڪ ٻيو تاريخي
ڪارنامو آهي ”سنڌ صدين کان“ جهڙو شاندار بين الاقوامي سيمينار ڪرائڻ. سنڌ جي
تڏهوڪي وزير تعليم مرحوم پيار علي الانه کي تيار ڪرڻ ۽ ان مذاڪري ۾ سڄي دنيا مان
چوٽيءَ جا تاريخدان، لسانياتي ماهر، قديم آثارن بابت اونهي ڄاڻ رکندڙ آرڪيالاجيسٽ،
اسڪالر، اديب، شاعر ۽ دانشور دعوت ڏيئي گهرايا ويا، جن لڳاتار ٽي ڏينهن مُهين جي
دڙي واري قديم ترين سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب کان وٺي، پاڪستان ۾ سنڌ جي شامل ٿيڻ
تائين، هزارين سالن جي تاريخ ۽ ثقافت بابت تحقيقي مقالا پڙهيا ۽ سنڌين جي عظمت جي
واکاڻ ڪئي. هن سيمينار ۾ پيش ٿيل مقالن کي سهيڙي سنڌ سرڪار Sind Through the centuries جي سِري هيٺ جيڪو مخزن ڇپرايو، اهو پنهنجو مَٽ پاڻ آهي. سراج،
جنهن کي مُهين جي دڙي واري ٻوليءَ جو مُنجهيل سُٽ سنوارڻ واسطي هر دم اونو رهندو
هو. هن موقعي تي فِنلينڊ مان آيل لسانياتي ماهر مسٽر پرپولا جي سربراهيءَ ۾ انهيءَ
راز کي پروڙڻ واسطي تحقيق ڪرڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي ٺهرائي ۽ مسٽر پرپولا وڏي محنت
باوجود هن سلسلي ۾ ڪنهن نتيجي تي نه پهچي سگهيو.
اچو ته سراج جي زندگيءَ کي ملھايون
ڊاڪٽر ايوب شيخ
۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۳ع کان ۰۲ فبروري ۲۰۱۳ع تائين جا ۷۹ ورهيه جيڪي سنڌ جي محنتي، سڄاڻ ۽ سنڌ دوست دانشور ۽ ٻولي جي ماهر ۽
ايڊيٽر محترم سراج الحق ميمڻ گذاريا آهن ،سي
قيمتي ۽ املهه آهن، انهن ۾ ندامت ۽ پريشاني ڪانهي، انهن ۾ اورچائي۽ مڙس ٿي بيهڻ
جي ڳالهه موجود آهي. انهن ورهين ۾ سندن پاران جيڪا محنت ڪئي ويئي، جيڪي ڪتاب لکيا
ويا، جيڪي ڪتاب ترجمو ڪيا ويا، جيئن ”هلالِ پاڪستان“ جي ايڊيٽري ڪئي، ڪالم لکيا،
ڪيئي اديب پيدا ڪيا، ڪيترن کي سهارو ڏنو ۽ انهن ڳالهين سان گڏ وڏي ڳالهه ته روشن
خيال، ترقي پسند ۽ سنڌ دوست ۽ جمهوريت پسند
دانشور طور پنهنجي زندگي گذاري ۽ آخري
دم تائين ايمان جي حد تائين روشن خيالي کي پُٺي نه ڏني ته اهڙي املهه ماڻڪ جي
حياتي کانپوءِ ڏُک بدران اهڙي حياتي گذارڻ تي خوشي ڪجي ۽ اهڙي سورمي جي حياتيءَ کي
ملهائڻ گهرجي.
سراج صاحب ٽنڊي ڄام ۾ ڄائو ته وقت جي جوتشين ان دور جي پوليس وارن،
ميرن ۽ پيرن کي خبردار ڪيو هيو ته سندن علائقي ۾ اهڙو شخص پيدا ٿيو آهي جيڪو عورتن
جي تعليم جو حامي آهي، جيڪو سندن ڪُند ذهن روايتن جو مخالف آهي، جيڪو انگريزن ۽
انهن جي آپيشاهين جي خلاف آهي. اهڙي دور ۾ جڏهن سنڌ انگريزن توڙي بمبئي وٽ گروي
ٿيل هئي، ٽندوڄام هڪڙو ڳوٺ هيو. جناب سراج اهڙي ماحول ۾ پيدا ٿيو هيو جتي علم
بدران جوتشين وسيلي زندگيءَ جا دڳ ڳوليا ويندا هيا. پر هن جي لاءِ وڏو سهارو سندس
والد جناب محمد يعقوب ميمڻ جيڪو پاڻ تعليمي شعبي سان واڳيل هجڻ ڪري فارسي جو ماهر
هيو ۽ هن پاڻ ايران جي مشهور شاعر خواجه شمس دين محمد حافظ شيرازي (ڄم: ۱۳۲۵ ۽ وفات ۱۳۸۹) جيڪو ”حافظ شيرازي“ جي
نالي سان مشهور هيو تنهن جي ڪُل دانش مايا ” ديوانِ حافظ“ جو ترجمو ڪيو هيو. سراج
صاحب ننڍي هوندي والد جي تربيت ۾ لکڻ شروع ڪيو. هن پنهنجو تخلص رکيو ”بسمل“ (مئل)
ان تخلص يا قلمي نالي مان ئي ان زماني جي تصوير جا نقش سندس ذهن تي موجود ڏسي
سگهجن ٿا. سراج صاحب ۱۹ ورهين جي ڄمار ۾ ننڍي
کنڊ جي مشهور ناولسٽ ڪرشن چندر جو ناول ”ڏکڻ مان ٿو سج اُڀري“ جو ترجمو جناب محمد
عثمان ڏيپلائي صاحب جي چوڻ تي ڪيو هيو. ان ڪتاب تي پڻ سنڌيڪار جو نالو ”سراج الحق
”بسمل“ لکيل آهي. هڪ ڏينهن سراج صاحب جي تخلص تي سندس والد صاحب اعتراض واريندي
چيو هيو ته ”جيئرن کي مئل نه هجڻ گهرجي“.
مسٽر يعقوب ميمڻ صاحب کي ڇهه پٽ ۽ پنج نياڻيون ٿيون. گهر ۾ مسئلو پٽن
جو نه پر نياڻين جي تعليم جو پيدا ٿيو. مائٽن ۾ شور اٿيو. راويتن جا ”امين“ ۽
”روايت شڪن“ اٽڪي پيا. محمد يعقوب ميمڻ سراج صاحب جي تعليم کي ڳوٺ ۾ پورو ڪرائي
پنهنجي پنجن نياڻين جي تعليم جو جهنڊو اوچو ڪيو. چوڌاري رڙ پئجي ويئي. هڪ ڏينهن
سراج صاحب پنهنجين ڀينرن سان گڏجي نياڻين ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ پنهنجي جنم ڀومي
، ڳوٺ ۽ لڳ لاڳاپا ٽوڙي حيدرآباد پهتو. انهن نياڻين مان ٻن کان اوهان واقف آهيو جن
۾ هڪ ادي ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ ٻي انيسه حسين آهن.
نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ، بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي. اي
(آنرس)، ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي ڪيائين. اها تعليم پڙهي هن سنڌي ادبي بورڊ ۾ پهرين نوڪري ۱۹۵۳ع ۾ ڪئي. اتي ئي ٻن سالن کانپوءِ ۱۹۵۵ع ۾ ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. ”ون
يونٽ“ جي ڪري سنڌ جو هاڪارو رسالو ”مهراڻ“ وڏي ڏچي ۾ اچي ويو . اهڙين حالتن ۾ هن
وڌيڪ پڙهڻ جو خيال ڪيو .
۱۹۵۷ع ۾ سي ايس ايس جي امتحان ۾ سندس زباني امتحان دوارن هڪ ڄڻي کانئس پڇيو
هيو ته ” سرڪار ماڻهن کي ڪنهن جلوس خلاف ٽڙوڇڙ ڪري ته هو انهن تي ايڪشن کڻندو؟“
تنهن جي جواب ۾ هن چيو هيو ته ”سنڌ خلاف ڪوبه ڪم ڪري نه سگهندو“ سي. ايس. ايس. جو چٽاڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪري
انڪم ٽئڪس جي کاتي ۾ آفيسر مقرر ٿيو. جنرل يحيا جي زماني ۾ هن جي ”سراسري هلت“ ون
يونٽ انتظاميا جي حق ۾ نه هئي تنهن ڪري هو ۳۰۳ آفيسرن جي لاٽ ۾ جبري طور رٽائر ڪيو ويو. سنڌ جا آفيسر مختلف ڪچهرين
۾ ان ايڪشن کي آفيسر Three knot
Three (۳۰۳) جي اصطلاح سان ياد ڪندا آهن. وري اچي ساڳي ڊگري
سان انڪم ٽئڪس جي وڪالت شروع ڪيائين.
سراج صاحب جي زبردست زندگيءَ جو هڪ نئون باب جناب ذوالفقار علي ڀٽو
پاران جاري ڪيل اخبار”هلال پاڪستان“ سان شروع ٿيو، جنهن ۾ هو پاڻ ايڊيٽر هيو.
صحافت جي ان دور ۾ هن ”اخبار“ کي ”عوام“ سان ڳنڍي عوام جي حالتن، فتحن، شڪستن،
ترقين ۽ شعور جي زبردست تصوير پيش ڪئي. هن پنهنجي ڀائٽي ( اڄڪلهه آفيسر) غفران ميمڻ
جيڪو ننڍي هوندي ”غفران عاقلاڻي“ سڏائيندو هيو تنهن سنڌي ٻارڙن لاءِ شاندار رسالو
” گلن جهڙا ٻارڙا“ جاري ڪيو هيو. ان رسالي جي ڪري سنڌ ۾ قومي ۽ سياسي ڪارڪنن جو هڪ
وڏو لشڪر تيار ٿيو هيو. ڪتابن پڙهڻ، تقريرن ڪرڻ ۽ مقابلي جو لاڙو وڌيو هيو.
۱۹۷۷ع ۾ جنرل ضيا پنهنجي پوري آب تاب سان ڪاهي آيو. جمهوريت جا تختا
اونڌا ڪري هن جناب ڀٽي پاران جيڪا به شعوري واڌ ٿي هئي، جيڪو به درسي ۽ غيرتدريسي
علم وڌيو هيو تنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ اخبارن، يونيورسٽين، سياست ۽ سوچڻ تي بندش وجهي
ڇڏي. جنرل ضياالحق اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ پنهنجي حمايت ۾ اهي جٿا تيار ڪيا جيڪي
جمهوريت، يونيورسٽين، سياست ۽ سوچڻ جي خلاف هيا. ڏسندي ڏسندي سڄي سنڌ جي شاگرد تنظيمن جتي ”مقابلي ۽ دليل“ جو ميدان
هاوي هوندو هيو اتي ”جهيڙن“ ۽ ”غنڊه گردي“ واسو ڪيو. عوام پاڻ ۾ وڙهيل هجي ته
آمريت جي ان کان وڏي ٻي ڪهڙي خدمت ٿي سگهي ٿي. اهري حالت ۾ سراج صاحب فوجي حڪومت
کان ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪار ڪندي هلال پاڪستان مان استعيفا ڏني ۽ وري ساڳي ڊگري سان
واپس وڪالت جي شعبي سان لاڳاپجي آخري دم تائين ان سان واڳيل رهيو.
ادبي خدمتون
سراج صاحب جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ۱۹۶۱ع ۾ ’اي درد هلي آءُ‘ جي نالي سان شايع ٿيو ۽ ٻيو مجموعو ’اٺون
ماڻهو‘ ۱۹۸۵ع ۾ شايع ٿيو. ”اٺون ماڻهو“ ايم آرڊي جي پس منظر ۾
هڪ شاندار ليکي ويندڙ ڪهاڻي آهي. هن جو پهريون ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۱۹۷۹ع ۾ ڇپيو. اهو ناول ضيا دور ۾ اچڻ ڪري پرڏيهي قبضن
جي ڳالهه هوندي به ان جو اثر مڪاني پيو هيو. اصل ۾ ناول سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن جي
قهري دور جي تاريخ کي ناول ۾ لکڻ آهي. ٻيو ناول ’مرڻ مون سين آءُ‘ ۱۹۸۸ع ۾ ڇيپو، ان کانسواءِ ’منهنجي دنيا مرگھه ترشنا‘،
’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ سندس اهم ناول آهن. ٻولي جي
حوالي سان سندس اهم ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘ ۱۹۶۴ع
۾ ڇپيو.
جديد سنڌي ادب ۾ سراج صاحب سنڌي ٻوليءَ جو پهريون سنڌي ليکڪ آهي،
جنهن ٽن ناولن تي ٻڌل ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ جي نالي سان سنڌي ادب جي پهرين
ٽريالاجي لکي. هڪ سنڌيڪار جي حيثيت ۾ مٿي ڪرشن چندر جي ناول جو ذڪر آيو آهي. ان
کانسواءِ ترجمن ۾ ’چونڊ آمريڪي افسانا‘، ۽ ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ ڪتاب پڻ ترجمو
ڪيا. هن جي ڪالمن ۾ ’رتيءَ جي رهاڻ“ ۽ ”ملان جي ڊوڙ“‘ ۽ جاڳو اخبار ۾ ’سياسي
منظرنامو‘ جي سري سان سوين مضمون ۽ ڪالم لکيا. هن شاعري به ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي سنڌ
کان ڌار ڪري وفاق حوالي ڪرڻ جي موقعي تي ’ڪراچي‘ نالي سان تاريخي ۽ اهم نظم لکيو.
سندس اڻڇپيل ڪتابن ۾ ٻه ڪتاب: (۱)
History of Sindhi
Language ۽ (۲) پنهنجي آٽوگرافي Biography
of an unknown Sindhi لکي
مڪمل ڪيا.
ڪجهه يادون:
اسان سراج صاحب کي ۱۹۸۰ع
۾ روبرو ڏٺو هيو، جڏهن هن قمبر ۾ ”جشن لطيف“ جي پروگرام ۾ صدارت ڪئي هئي. هن شاهه
لطيف تي پنهنجي عاليشان تقرير ڪئي هئي. هن عورتن جي سجاڳي تي خاص ڳالهيون ڪيون
هيون.
محترما بينظير ڀٽو صاحبه (پنهنجي آخري جلاوطني کان اڳ) آخري اجلاس
سراج صاحب جي گهر ۾ ڪيو هيو جنهن ۾ ناميارا ماڻهو موجود هيا. انهن ۾، جناب ايم ايڇ
پنهور، پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، آپا شمس، محترم محمد ابراهيم جويو، سيد نويد
قمر، سراج صاحب، اعجاز قريشي، مشتاق ميراڻي ۽ ٻيا موجود هيا. محترما مونکي حاضرين
۾ موجود سڀ کان ننڍي عمر وارو هجڻ جي ڪري هدايت ڪئي هئي ته سنڌ جي مسئلن جو ٻن
جملن ۾ حل ٻڌايان. مون هڪ جملي ۾ چيو هيو ” تعليم، تعليم ۽ تعليم“ محترما اهو ٻڌي
سيد غلام مصطفيٰ شاهه مرحوم کان پڇيو ته ” اوهان ان جواب ڪي ڪيئن ٿا سمجهيو؟“ تنهن
تي شاهه صاحب چيو هيو ” سنڌ جو اهم ۽ اصل مسئلو اهو آهي، باقي سڀ اتان نڪرن ٿا ۽
ان وسيلي دفن ٿي ويندا“
سراج صاحب پنهنجي ڄمار جي آخري شرڪت آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ۳۱ جولاءِ ۲۰۱۲ع تي سنڌ جي هڪ ٻئي يگاني
شمشيرالحيدري جي مرتئي تي ”ادبي ريفرنس“ ۾ صدارت طور ڪئي هئي. هن کي صدارتي خطبو
ڏيڻو هيو، پر شمشير جي ياد ۾ هن جي هانءَ هن سان گڏ نه هلي سگهيو. مونکي اسٽيج تي
سڏيندي چيائين: ” آئون ڳالهائي نه سگهندس، ڳالهائيندس ته روئي پوندس، روئڻ نه ٿو
چاهيان، آئون بس شمشير تي ماڻهن جا رايا ٻڌي رهيو آهيان“
گذريل سال فبروري ۲۰۱۲ع
۾ جاويد سومرو ۽ مان سراج صاحب جي آفيس ۾ وياسين. جاويد کين پنهنجو نالو ”فاتح
مرڪ“ ڏيئي عرض ڪيو ته هو اچن ۽ ان تي پنهنجي راءِ ڏين. ان وچ ۾ ڦڦڙ جي ڪئنسر سبب
سراج صاحب کي انڊيا وڃڻو پيو جنهن ڪري هو نه اچي سگهيا.
ٻه مهينا اڳ، آئون سندن گهر ملڻ ويس. مونکي ڪرشن چندر جو اهو ساڳيو ۱۹۵۲ع ۾ شايع ٿيل ناول ”ڏکڻ مان ٿو سج اڀري“ جي
فوٽوڪاپي ڏنائون. ان ۾ سنڌيڪار جو نالو ”سراج الحق بسمل“ لکيل هيو. ايشيا جي ڏکڻ
۾، پاڪستان جي ڏاکڻين علائقي سنڌ ۾ سراج صاحب پنهنجي سڄي زندگي ”بسمل“ جي خلاف
گذاري. هن محنت، علم، تعليم ۽ جمهوريت توڙي روشن خيالي جو جهنڊو بلند ڪيو.
مون کين آرٽس ڪائونسل ۾ سندن جيئري مڃتا جي پروگرام ڪرڻ لاءِ اجازت ۽
ٽائيم گهريو. هن چيو ته ڪجهه ٻين اديبن جي مڃتا به ضروري آهي. انهن کي گهرج نه به
هجي پر انهن جي عزت وڌيڪ ٿيڻ گهرجي. هن انتهائي گهري سوچ منجهان چيو ته ”امر جليل،
مهتاب محبوب، نورالهُديٰ شاهه ۽ ڪجهه ٻين سان ڏينهن ضرور ملهايو“
آرٽس ڪائونسل ڪراچي سندن عزيزن، پٽن، ڀيڻن، ڀائٽن، سوٽن جي گڏيل صلاح
سان ايندڙ آچر ۱۰ فبروري تي ٻنپهرن جو ٻارهين وڳي هڪ شاندار ”مڃتا
پروگرام“ رٿيو آهي. جنهن جو عنوان آهي : سراج صاحب جي موت تي ڏکويل رهڻ بدران ان
جي حياتي کي ملهائڻ ضروري آهي“
سراج جو وڇوڙو
سوڳوار بڻيل سنڌ
ساجد چانڊيو
سنڌ جو ناميارو اديب، دانشور، ناول نويس، ماهرِ لسانيات سراج الحق
ميمڻ دل جي دوري سبب ڪالهه ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ وفات ڪري ويو آهي، سراج جي وفات
جي خبر سنڌ جي ادبي ماحول کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي. سراج ميمڻ جو وڇوڙو سنڌ کان هڪ
دور جو وڇوڙو آهي اهو دور جنهن جي ڪري سنڌي ڪهاڻي ۽ ناول وڌي مهانتا ماڻي آهي.
سراج نه صرف ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس به ڀلوڙ هو پر هڪ خوبصورت ماڻهو پڻ هو جنهن ۾
ماڻهپي جون سموريون خوبيون موجود هيون. سڄي سنڌ سراج جي وڇوڙي تي ڏک ۾ آهي.
سراج جو شمار ويهين صديءَ جي ذهين ترين ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، هُن سنڌي ادب
۽ ٻوليءَ کي جيڪا سُونهن ۽ سُندرتا بخشي اُها سنڌي ادب ۾ هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿي،
سراج سنڌي ادب توڙي سنڌ کي نوان خيال، نوان لهجا، نوان لاڙا، نوان فڪري ۽ بنياد
فراهم ڪيا، سندس لکيل ناول ٻولي، اسلوب، رواني ۽ عڪاسي جي لحاظ کان بيمثال آهن،
سندس ناول پڙهندي پڙهندڙ تي عجيب و غريب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي ۽ پڙهندڙ پنهنجو پاڻ
کي پوري طرح ناول جي ڪهاڻي، خيال، ماحول ۽ ڪردارن جي حوالي ڪري ڇڏي ٿو. سراج جا
لکيل ناول سنڌ جي پسِ منظر ۾ ئي سرجيل آهن، جنهن ۾ هُن سنڌ تي ڪاهي ايندڙن کي
ننديو آهي، سراج ادب براءِ ادب جو قائل نه هو، هُن هڪ واضع مقصد تحت ئي لکيو، اهو
مقصد سنڌ ئي هو، سنڌ جا مارو ماڻهو ئي هُئا، هُن سنڌ جي ڏکن جي تصوير پنهنجي ناولن
۾ چٽي طرح عڪاسي. هُن پنهنجي لکڻين ۾ سنڌ جي مسئلن، نفسياتي پهلوئن کي زيربحث آندو،
هُو سنڌ سان ٿيندڙ هر زيادتيءَ تي لُڇي پوندو هو ۽ سندس قلم جُنبش ۾ اچي ويندو هو،
هُن هر زيادتي ڪندڙ کي پنهنجي تحريرن ۾ ننديو، پوءِ اُهي ڌاريا حڪمران هُجن يا
پنهنجا وڏيرا. سراج سنڌي مُجاهدن جي قربانيءَ جا داستان پنهنجي هڪ ناول ”پڙاڏو
سوئي سڏ“ ۾ نهايت پُراثر انداز سان بيان ڪيا، سندس هي ناول سنڌي ادب هڪ شاهڪار
حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ تُرخانن جي زماني جي تاريخ کي پس منظر ۾ رکي سنڌي جوڌن جي
بهادري جا ڪارناما نهايت فخر سان ٻُڌايا ۽ تُرخان حڪمرانن جي پَتِ وائکي ڪندي سندن
مٽي پليد ڪئي آهي.
سراج لسانيات جو به هڪ وڏو ڄاڻو عالم هو، هُن ۶۰ واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ٻولي جي حوالي سان هڪ نظريو پيش ڪيو ته سنڌي ٻولي
سنسڪرت تان هرگز ورتل ناهي البت سنڌي ٻولي ڪيترين ئي ٻولين جي ماءُ آهي، سندس اهو
نظريو اڄ سچ ثابت ٿي چُڪو آهي، سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان سندس هڪ ڪتاب ”سنڌي ٻولي“
هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ هُن سنڌي ٻولي جي باري ۾ اهو به نظريو پيش ڪيو ته سنڌي
آريائي ۽ ويدن جي دور کان اڳ جي زبان آهي، جيتوڻيڪ لسانيات سندس شعبو ڪونه هو پر
هُن دنيا کي سنڌي ٻولي جي اصلي مڃتا کان آگاهه ڪرڻ واري ذميواري بخوبي نڀاهي.ان
کان علاوه سنڌي ٻولي جي باري ۾ هُن جا ڪيترائي جامع مضمون، مقالا ۽ ڪالم سنڌ توڙي
هند جي مختلف رسالن، مخزنن، اخبارن ۾ ڇپيا، جن کي هڪ ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جي اشد
ضرورت آهي.
۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۳ع تي ٽنڊو ڄام ۾ هڪ استاد
محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سراج الحق ميمڻ مان ڦري ”سراج“ جي نالي سان ادبي
دنيا ۾ پير پاتو، هُو ايم.اي، ايل ايل بي پاس هو، هُن ۱۹۵۳ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ کان پنهنجي عملي زندگيءَ جي ابتدا ڪئي، ۱۹۵۵ع ۾ ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو، ۱۹۵۷ع ۾ ڪميشن پاس ڪري انڪم ٽيڪس آفيسر مقرر ٿيو. سراج
ڪيترو ئي وقت روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر پڻ رهيو،
جنهن دوران هُن صحافت کي نوان موڙ ڏنا.
سراج سنڌ جو اُهو گهڻگهرو ليکڪ هو جنهن سنڌ جي مفادن خاطر سي.ايس.پي
تان به استعيفا ڏني، هُن سنڌ جي حقن لاءِ هميشه پاڻ پتوڙيو.
هُن سنڌي ادب جي جهول ۾ ڪيترائي ڪتاب ارپڻ ڪيا، جن ۾”ڏکڻ مان سج ٿو
اُڀري (ترجمو ناول ۱۹۵۳)، سنڌ جي اقتصادي تاريخ
(ترجمو ۱۹۵۸ع)، چونڊ آمريڪي افسانا (۱۹۵۸)، اي درد هلي آءُ (ڪهاڻيون ۱۹۶۲)، سنڌي ٻولي (لسانيات ۱۹۶۴ع)،
علمِ معاشيات ۱۹۶۴ع)، پڙاڏو سوئي سڏ (ناول ۱۹۷۰ع)، اٺون ماڻهو (ڪهاڻيون ۱۹۸۵)، مرڻ مُون سين آءُ (ناول)، منهمجي دنيا هيڪل وياڪل (ناول)، تنهنجي
دنيا سڀ رنگ سانول (ناول)، منهنجي دنيا مرگهه ترشنا (ناول)، پياسي ڌرتي رمندا بادل
سميت ڪيترائي ڪتاب قابل ذڪر آهن.
سراج جو وڇوڙو يقينن سنڌي ادب لاءِ هڪ نه ڀرجندڙ وڏو خال آهي، سنڌ ۽
سنڌي ماڻهو سراج کي ڪڏهن به وساري نه سگهندا. سنڌي ادب جي صحن ۾ سندس وڇوڙي تي تڏو
وڇايل آهي.
سراج ميمڻ کي سنڌو ماتا پنھنجي
ھنج ۾ سمھاري ڇڏيو
ڪراچي (رپورٽ: شبير لاشاري)
سنڌي ٻولي جي برک دانشور، ناول نگر ۽ صحافي سراج ميمڻ جو مڙهه گزري
قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ڪالهه ٻن پهري جي نماز
کانپوءِ سنڌي ٻولي جي ماهر ۽ جديد سنڌي
صحافت جي باني سراج الحق ميمڻ جي جنازي نماز ڊفينس جي سلطان مسجد ۾ ادا ڪئي وئي.
جنهن ۾ سنڌ اٿلي پئي. اديبن، ليکڪن، صحافين، تعليمي ماهرن، سياستدانن، قانون دانن
۽ شاعرن توڙي ٻي مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ نالي وارين شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري
ڪلهي ڪانڌي ٿي سندس مڙهه کي هميشه لا۳
ڌرتي امڙ جي هنج ۾ سمهاريو. سندس جنازي نماز ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر فخر الدين جي
ابراهيم، شرجيل انعام ميمڻ، راشد رباني، مجيب پيرزادو، عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر
ڊاڪٽر جبار خٽڪ، ڪراچي جي اڳوڻي ناظم نعمت الله خان، تاج حيدر، عبدالعزيز عقيلي،
محمد علي مانجهي، وفاقي وزير نثار ميمڻ، مدد علي سنڌي، غلام قادر پليجو، جلال
محمود شاهه، نالي وارن اديبن امر جليل، بدر ابڙو، عبدالقادر منگي، ڊاڪٽر ايوب شيخ،
تاج جويو، تعليمي ماهر مظهر الحق صديقي، غلام نبي مغل، جاويد جبار، سنڌي ادبي سنگت
گلشن حديد جي اڳواڻن اصغر باغي، ڊاڪٽر غفور ميمڻ، منان بروهي، سليم حيدري، جسٽس
عبدالقادر هاليپوٽو، سبحان ميمڻ، خالد پنهور، مصطفيٰ ملاح، ڪامريڊ روچي رام، ايم
پي اي امداد پتافي، ايم پي اي فياض ٻٽ، جاويد قاضي، ڊاڪٽر ايس ايم قريشي ۽ ٻين
شرڪت ڪئي. تدفين کانپوءِ سراج الحق ميمڻ جو تڏو ڪراچي جي ڪلفٽن واري رهائش گاهه تي
وڇايو ويو.
وطن! تنهنجي مٽي اوڍي
سُتاسين
نصير مرزا
وقت ڪنهن ريشمي ٿانَ وانگر منهنجي ذهن ۾ کلي رهيو آهي ۽ مون کي
پنهنجي ڳوٺ ٽنڊي ٺوڙهي جو اُهو وقت ياد اچي رهيو آهي، جڏهن سٺ واري ڏهاڪي ۾ سراج
صاحب جو خاندان عارضي طور ٽنڊي ڄام مان لَڏي اچي اسان جي ڳوٺ ۾ رهيو هو. استاد
محمد يعقوب ميمڻ، ادي فهميده (حسين)، عبدالحق عظيم، ادا انعام ميمڻ ۽ ادي انيسه
وغيره.....
هي ٽنڊو ٺوڙهو، جنهن جو ٻيو نالو، قليچ آباد به آهي.... انهيءَ ۾ هي
خاندان سچل سائينءَ جي پهرئين مولف مرزا علي قليچ بيگ ۽ سنڌ جي پهرئين مسلمان
ايڊووڪيٽ جنرل، خانبهادر سڪندر بيگ مرزا وارن جي عين هاويلي آڏو اچي رهائش پذير
ٿيو هو. تڏهن ٽنڊي ٺوڙهي ۾ ڪيڏو نه علمي ادبي ماحول هوندو هو ۽ هڪ پاسي ڪتب خانهءِ
قليچ....بابِ قليچ....سامهون باغ ئي باغ، پريان پڃاري واهه ۽ ٻئي پاسي ڦُليلي واهه
۽ ان جي ڪناري سان وڻ ئي وڻ ۽ انهن جي ڀرسان تعليمي ادارا..... ۽ انهن ئي درسگاهن
منجهان مرزا قليچ بيگ پرائمري اسڪول ۾، سائين محمد يعقوب ميمڻ صاحب جن پرائمري
استاد هوندا هئا ۽ هيڏانهن سراج صاحب بوڪ اسٽال جو مئنيجر ۽ پوءِ اسسٽنٽ سيڪريٽري بنايو
ويو..... جتان نهايت جلد ٽه ماهي ”مهراڻ“ ۽ ”گُل ڦُل“ جهڙا رسالا جاري ٿيا ۽ سنڌ
اندر سنڌي ادب روشن خياليءَ سان روشن ٿيڻ شروع ٿي ويو. ۽ اتي جويي صاحب جي ئي صحبت
طفيل سراج صاحب کي شيخ اياز..... جمال ابڙي ۽ رسول بخش پليجي صاحب جهڙن سجاڳ دماغن
سان شناسائي ٿي ۽ ائين هڪ ٻئي جي صحبت ۽ ساٿ سان هي سڀ رچي ريٽا ۽ رت و رت رتول
ٿيندا ويا. تڏهن تنوير عباسي صاحب پنهنجو هي شعر به ته، ان ئي زماني ۾ لکيو هو:
پيار ڇُهي ويو اسان سڀن کي سونا ٿي ويا آهيون. ۱۹۶۲ع ڌاري سراج صاحب جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو، ”اي درد هلي آءُ.....“
ظاهر ٿيو، تڏهن مجموعي ۾ آيل هڪ ڪهاڻي....”ٻهڻيءَ“ سبب ته خاص طرح سان ته هن جي
ادبي شهرت کي چار چنڊ لڳي ويا. ان مجموعي کانپوءِ، سندس نظريا ساز تحقيقي ڪتاب
”سنڌي ٻولي“ شايع ٿيو ته، هند سنڌ ۾ انهيءَ حيرت انگيز تحقيق آڌار، سراج صاحب جو
شمار، عين ڦوهه جوانيءَ ۾ ئي، لسانايات جي ماهرن ۾ ٿيڻ شروع ٿي ويو ۽ اهو ئي ته
اهو دور هو، جڏهن سنڌ جا وارث قلمڪار سجاڳ ٿي چُڪا هئا ۽ سنڌ سان ٿيندڙ هاڃن جي
تدارڪ لاءِ سڀني قلم ڌڻين جا قلم، تحرڪ ۾ اچي چُڪا هئا، اهو سن سٺ وارو ڏهاڪو،
ڀينرن منجهان ادي انيسه ته منهنجي ڀيڻن سان گڏ ۽ بنهه اسانجي گهر جي ڀرسان واري ئي
اسڪول ۾ پڙهندي ۽ اسان جي گهر ايندي ويندي هئي ۽ مون کي ياد آهي.... هي سڀ ڀيڻ
ڀائر مون کي چنڊ ستارن وانگر ئي ڀائيندا هئا ۽ انهن ۾ هي سراج الحق ميمڻ صاحب، ته
جهڙوڪر ننڍڙو ديوتا پيو نظر ايندو هو. ڀائيان ٿو..... ذهين ۽ حسين سراج صاحب جو هي
اهو ئي دور هو، جڏهن پاڻ حيدرآباد ۾ محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جي ”ڏيپلائي پريس“ ۾
رُپئي روز تي، ڪتابن جا پروف پڙهندا هئا ۽ ان ئي زماني ۾ ڏيپلائي صاحب کي ٻه ڪتاب
”چين ۾ هارين کي زمين ڪيئن ملي؟“ ۽ ٻيو ڪتاب ”ڏکڻ مان ٿو سج اُڀري“ ترجمو ڪري به
ڏنا هئائين. چون ٿا ان ئي ڏيپلائي پريس جي ڪنهن ڪرسيءَ تي ڪم ۾، ”منهمڪ ويٺل هن
خوبرو سراج تي، محمد ابراهيم جويي صاحب جي جيئن ئي پارس نگاهه پئي هئي، هن نوخيز
پروف ريڊر ۽ مترجم سراج صاحب جون سڀئي راهون سون جون ٿي ويون هيون. تڏهن ڏيپلائي
صاحب جي پريس مان جويي صاحب هن هيري کي کڻي سنڌي ادبي بورڊ جي مُنڊيءَ ۾ وڃي جڙي
ڇڏيو هو. جتي پهرين ته هُن کي هوءِ ون
يونٽ لاڳو ٿي چُڪو هو ۽ شريف ڪميشن سبب دلين ۾ نفرت جون باهيون ڀڙڪي چُڪيون هيون.
اجهو نياز همايوني صاحب، پنهنجو هي بي پناهه طاقتور شعر ان ئي زماني ۾ ته لکيو هو:
روئيندي روئيندي نيرَ کٽي ويا، لَهُو اچي ويو لڙڪن ۾،
آئون ڪيئن کِلندي کير پيئان، منهنجي سنڌڙي آهي سُڏڪن ۾.
هيڏانهن ٻئي پاسي وري شيخ اياز صاحب سنڌ ۾ آواز اُڀاريو: “مون شعلا
شعلا گيت، جيئن تنهنجو چارو روشن ٿئي.“ تڏهن نثر ۾، پنهنجي شعلا بيانيءَ سان سنڌ
جي جوڌن، دودن ۽ سوڍن لاءِ هڪ زبردست جنگ نامو.... ناول جي اسلوب ۾ سڀ کان اول
سراج صاحب ئي تحرير ڪيو ۽ نالو رکيائينس، ”پڙاڏو سوئي سڏ“ جيڪو اصل ۾ ته ترخانن جي
بدترين دور ۾ سنڌ سان ٿيل هاڃن جو تذڪرو آهي، پر درپده هر دور ۾ سنڌ ۾ آيل ڌارين
جي لوڌ، يلغار ۽ پنهنجن کي، اکين پٽي رکڻ جو زبردست درس به ان ۾ آهي ۽ هاڻي ڇا حرج
آهي ته.... ڪهاڻي ڪتابن....اي درد هلي آءُ.... اٺون ماڻهو.... مرڻ مون سين آءُ ۽
”سنڌي ٻولي“.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ناولن جي ٽرالا جيءَ جو بنياد رکندڙ سراج سان، پنهنجي
ذاتي تعلق بابت به ڪجهه لکندا هلون.... ۽ اها ڳالهه به ڪيترائي سال پراڻي آهي،
جڏهن ڪراچيءَ ۾ هو ڪنهن ادبي محفل ۾ موجود هو، جو مون اڳيان وڌي زندگيءَ ۾ پهريون
ڀيرو ساڻس هٿ ملائي کيس پنهنجو تعارف ڪرايو هو. تڏهن منهنجي حيرت جي انتها نه رهي،
جڏهن پنهنجي ڳنڀير آواز ۾ منهنجي چهري ڏانهن ڏسي بي اختيار چيو هئائون: ”اڇا! ته
تون آهين نصير مرزا.....“ تڏهن دل ۾ خوش ٿي چيو هئم، ”واهه!.... معنى ته سراج صاحب
جهڙي هستي منهنجي نالي ۽ ڪم کان اڳي ئي آگاهه آهي“! بعد ۾ نوي واري ڏهاڪي ۾ شيخ
اياز فائونڊيشن جي هڪ ميٽنگ ۾ لکڻ وارو قلم..... مون پاڻ وانگر ئي سندن کاٻي هٿ ۾
ڏٺو ۽ پوءِ ميٽنگ بعد رات جي مانيءَ وقت سندن ئي رهائشگاهه تي اسين ڊائننگ ٽيبل تي
ويٺاسين، ته جويي صاحب، مهتاب راشدي آپا، رباني، آگري صاحب ۽ جمال رند موجودگيءَ ۾، مون کي سراج صاحب جي ئي
ڀر ۾ ويهڻ لاءِ ڪرسي نصيب ٿي هئي، اڙي واهه......ڏٺم اتي به هنن ڪنهن به ڊش مان
ڪجهه به ڪڍڻ لاءِ، مون وانگر ئي، کاٻي هٿ کي پئي گهڻو استعمال ڪيو. تڏهن رهي نه
سگهيو هئس ۽ چئي ڏنو هئو مان، سائين! آئون به توهان وانگر کاٻڙيل آهيان. تڏهن فورن
مِٺي مُرڪ سان وراڻيائون، ”نصير!..... هي آئون ئي ڇا بابا...، منهنجي گهر جا سڀ
ڀاتي ئي کاٻڙيل اٿئي.“ تازو....رباني صاحب جي ڪهاڻي ڪليات، آبيعات“ تي مهاڳ لکرائڻ
لاءِ، ادي فهميده حسين معرفت کيس مسودو موڪليم، ته اُن تحرير ۾، رباني صاحب جو
تذڪرو پوءِ...... اول مون ئي بابت ههڙا شاندار ۽ سون ۾ تورڻ جهڙا لفظ لکيائون:
”نصير مرزا جو حڪم آهي ته ربانيءَ جي ڪهاڻين تي ڪجهه لکي موڪليان. سو هاڻي نصير
جهڙي پياري شخص کي ڪيئن نااميد ڪريان. جنهن منهنجي نظر ۾، ادب ۽ فن ۾ اهڙو نانءُ ۽
مرتبو حاصل ڪري ورتو آهي. جنهن جو هو لائق
به آهي ۽ مستحق به!“ سراج صاحب جا پاڻ بابت اهي لکيل لفظ پڙهي خوشيءَ ۾ ان وقت،
جيئن لڙڪ لاڙڻ شروع ڪري ڏنا هئم، اجهو ائين ئي.... سندن لاڏاڻي جي خبر ٻڌڻ سان
اکيون اشڪ بار ٿي ويون هئم..... تڏهن مون کي سندس پهرئين ڪهاڻي مجموعي جي سرنامي
تي درج نياز همايونيءَ جي هيءَ سٽ يڪدم اکين جي آڏو اُڀري آئي:
اي درد هلي آءُ ته يادن جي جزيري ۾ هلون!
سراج صاحب، سنڌ جا نهايت اميد پرست ۽ وطن جي روشن آئندي تي ويساهه رکندڙ عظيم قلمڪار هئا، جن
پنهنجي ناول پڙاڏو سوئي سڏ جي انتساب ۾ لکيو هو ته: ”سنڌ جي اڳوڻن، هاڻوڪن ۽ ايندڙ
وقت جي سورهيه سوڍن جي نالي“ ۽ اڄ ان انت سان پڙهڻ بعد مون کي پڪ آهي ته..... سنڌ
جي سنڌي سمونڊ ڪناري.... مائي ڪولاچيءَ واري شهر ۾ ڪالهه..... لحد ۾ جڏهن پاڻ لهي
چُڪا هوندا..... تڏهن سنڌ جي ماضي وارا سڀ سورهيه دودا.... جوڌا ۽ سورما....
.”پڙاڏو سوئي سڏ“ واري هن بهادر ليکڪ سراج صاحب جي اعزاز ۽ آجيان ۾، يڪدم ئي.....
اُٿي بيهي رهيا هوندا. ۽ احترام سان کين سلامي ڏيڻ لڳا هوندا.
سراج جي تحريرن جو فڪري
پسمنظر
ڊاڪٽر غفور ميمڻ
سراج جي ڪهاڻين ۾ جديد دور جي ڪهاڻين جي عالمگير سوچ جو احساس سمايل
آهي، جنهن ۾ اهڙي معاشري جي شديد خواهش آهي، جنهن ۾ استحصال نه هجي ناانصافي نه
هجي، ضمير ۽ ذهن جي آزادي هجي. سراج جي ڪهاڻين ۾ مقامي رنگ سان گڏ جديد دور جي
بدلجندڙ فڪر مطابق نوجوانن جو اهو شديد اظهار به موجود آهي جيڪي ڪائنات تسخير ڪرڻ
چاهين ٿا. ڪهاڻين ۾ نوان رنگ ۽ نوان ڍنگ موجود آهن، سندس ڪهاڻي ”اي درد هلي آ“
اهڙو احساس رکي ٿي جنهن ۾ جديد تهذيب ۽ قدرن وچ ۾ جاگيرداريءَ وارا رويا زيربحث
اچن ٿا. ڪهاڻيءَ ۾ هڪ طويل بحث ڇڙيل آهي ته وقت جي تقاضا ۽ مذهب جو رويو ڪيترو هڪ
ٻئي سان ٺهڪي اچن ٿا. ڪهاڻيءَ جي شروعات هڪ پارٽيءَ سان ٿئي ٿي، جنهن ۾ شفيق ۽ شمي
ٻه مرڪزي ڪردار آهن جن جو پارٽيءَ ۾ عورت ۽ مرد بابت بحث ڇڙيل آهي. ڪهاڻيءَ ۾
الميو ان وقت شروع ٿئي ٿو. جڏهن شمي محفل ۾ وڄندڙ موسيقي تي بي اختيار ٿي پنهنجا
ماضيءَ جا ورق اٿلائي ٿي، ان وقت شفيق جنهن جي پارٽيءَ ۾ انا جي تعمير ٿي رهي هئي،
انهي کي ڌڪ لڳي ٿو ۽ کيس خبر پوي ٿي ته سندس زال جو ڪو ٻيو چاهيندڙ هو، جنهن ان جي
محبت ۾ جان قربان ڪري ڇڏي، ان وقت سندس ذهن، شعور ۽ جذبات جي ڪيفيت کي ڌڪ لڳي ٿو ۽
پوءِ هو آفاقي قدرن ۾ انسانيت ڏانهن موٽ کائي ٿو ۽ شمي کي پيار ڪري ٿو. مجموعي طور
هن ڪهاڻيءَ ۾ مٿئين طبقي ۾ بدلجندڙ قدرن جي ٽوڙ ڦوڙ جو فڪر موجود آهي جنهن تي روشن
خياليءَ جو اثر آهي. سنڌي ڪهاڻيءَ تي
مغربي فن۽ موضوعن جا تجربا ۽ ديومالائن کي علامت طور کڻي انساني الميي کي پيش ڪرڻ
جو تجربو سراج شروع ڪيو، جنهن ۾ سندس ٻه ڪهاڻيون قابل ذڪر آهن. هڪ ”پاتال“ ۽ ٻي
”انسان ۽ ديوتا“. ڪهاڻي ”پاتال“ ۾ سراج طبقاتي سماج جي حقيقت کي علامتي انداز سان
پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ محسوس ٿئي ٿو ته ديوتائن جو عذاب ۽ ڏک سندن اذيت ايتري ناهي
جيتري انساني طبقاتي سماج ۾ انسان پل پل ۾ ڀوڳي ٿو. تمثيلي انداز ۾ ديوتائن جي
واتان غير طبقاتي سماج جي نظرئي جو پرچار ڏاڍي خوبصورت انداز سان ٿيل آهي. سراج هڪ
ئي وقت جديد دور جي گهڻن پاسن کي کڻي ٿو، جنهن ۾ سرمائيداريءَ جي بدلجندڙ قدرن ۾
انساني رويا ۽ انهن جو نفسياتي اثر، روشن خياليءَ جي بنياد تي جديد علمي بحث ۽
انهن جا اثر ۽ ساڳئي وقت سرمائيداريءَ ۾ پيدا ٿيندڙ معاشي گهوٽالو، پورهيت جي
زندگيءَ جو الميو، ساڻس ٿيندڙ غير انساني سلوڪ ۽ سماج کي تبديل ڪندڙ فڪر، پورهيتن
جي جدوجهد سڀئي موضوعن سراج
ڏاڍي فنڪاريءَ سان ۽ فڪري گهرائي سان کڻي ٿو. مجموعي طور هنن ڪهاڻين جي جائزي مان
معلوم ٿئي ٿو ته سراج سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ روشن خيال فڪر ۽ ترقي پسنديءَ جي تقاضائن کي
ڏاڍو فني ۽ پيرائتي ۽ جديد انداز سان پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪردار نه ته نعري بازي
ڪن ٿا، نه نظرئي جو پرچار بلڪ سندن معاشرتي ۽ نفسياتي زندگيءَ جا پهلو اهڙي طرح
پيش ڪيل آهن جو پڙهندڙ خود بخود طبقاتي سماج جي روپ کان نفرت ڪرڻ لڳي ٿو. پراڻين
روايتن، قدرن ۽ جديد دور جي تقاضائن کي سمجهڻ لڳي ٿو.
سراج ميمڻ
سنڌي علم وادب ۽ زبان جو پارکو
(۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۳ ــ ۲ فبروري ۲۰۱۳ع)
ارشاد ڪاغذي
سنڌي
علم وادب جا جيڪي بـ ڄاڻو ۽ ماهر ٿي گذريا آهن سراج ميمڻ تن ۾ سرفهرست آهي. هو
سنڌي علم وادب، تحقيق ۽ تخليق، پرک، دانش، سياست، لسانيات، صحافت، ناول ۽ ٻولي جو
ماهر هو. هو گھڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو، هو هڪ ئي وقت عالم، ڏاهو، اديب، ناول
نويس، ڪهاڻيڪار، شاعر، ترجمو ڪندڙ، صحافي، سياست جو ڄاڻو ۽ لسانيات جو پارکو هو،
ماڻهو هِڪڙو پر لک گھڻو هو. سراج الحق ميمڻ ٽنڊوڄام ۾ محمد يعقوب ميمڻ جي گھر ۾ اک
کولي، جيئن تـ سندس والد صاحب تعليمي ماهر هو ۽ علم وادب سان شوق، شغف ۽ چاه رکندڙ
هو تنهن ڪري سراج کي علمي ۽ ادبي ماحول مليو ۽ هن ان مان ڀرپور لاڀ حاصل ڪيو. سنڌ
جي اتهاس ۾ سنڌي جديد ادب جي آبياري ڪرڻ ۾ سراج جو حصو ٻين کان سرس آهي. هن جيئن
مضمون، تحقيق ۽ تخليق جو ڪم ڪيو ان نموني سان فنڪشن ۾ نالو ڪمايو. جيڪڏهن هو هڪ ئي
ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ لکي ها ۽ ٻيا ڪتاب ۽ ناول نـ لکي ها تڏهن بـ هن جي مڃتا، مڻيادا
۽ قد بت ٻين کان وترو هجي ها!
۱۹۵۹ع ۾ ڊاڪٽر نبي بلوچ صاحب جن جو هڪ مضمون “ سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ جي
سِري هيٺ ٽـ ـ ماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيو هو، تنهن سراج ميمڻ جي دل ودماغ ۾ طوفان مچائي
ڇڏيو. ڊاڪٽر صاحب جي ان مضمون متعلق سراج جو خيال هو تـ ”... ڊاڪٽر صاحب جن جو
مضمون، ماڻهن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ تمدن لاءِ بنهـ غير علمي روايتون ۽ مفروضا عام ڪري
ڇڏيندو، ۽ ٻاهريان تـ سنڌي ٻوليءَ ۽ تمدن کي هڪ خيرات ٿيل ۽ اڌارو سمجهندا.“ (سراج
ميمڻ جو ”سنڌي ٻولي“ ڪتاب تي لکيل پيش لفظ) سراج ميمڻ صاحب ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ صاحب جو مقابلو ۽ موازنو ڪجي تـ ڪٿي ڊاڪٽر صاحب ۽ ڪٿي سراج! سراج بـ پريشان
ٿي پيو هو. هو لکي ٿو ”... آءٌ پشيمان ۽ پريشان، تـ ڇا لڳي سراج، ۽ ڇا لڳي سنڌ
يونيورسٽيءَ جي ڊين آف آرٽس، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جهڙي عالم فاضل جي جواب
۾ مضمون!“ هو وڌيڪ ساڳئي ڪتاب جي پيش لفظ ۾ لکن ٿا ”جڏهن مضمون شايع ٿيو تـ هڪ
هنگامو مچي ويو: ڪن شابس ڏني، ته ڪن ڪچيون گاريون. ايترو ته احساس ٿيم تـ جيڪڏهن
منهنجي مضمون ماڻهن کي سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي، سندن ذهنن کي لوڏي وڌو آهي، تـ ضرور
منجهس ڪا ڳالهـ آهي.“ ۽ اهڙي ريت ٻنهي سنڌي ادب جي پارکن پنهنجي ليکن ۾ هڪٻئي کي
جواب در جواب ڏنا. سراج ان دور ۾ سنڌي ادب جي اُفق تي اڀري آيو. سنڌ جا ماڻهو،
عالم فاضل، اديب ۽ ليکڪن کي سراج جي حيثيت جي پرک پئجي وئي. جارج برنارڊ شا هڪ
ناول لکيو هو،The Adventure of the Black Girl in Her Search for God ان جي جواب ۾ علامـ آءِ آءِ قاضي هڪ ڪتابThe
Adventure of Brown Girl in Her Search for God لکيو هو.
جڏهن ڪتاب شايع ٿيو ۽ ماڻهن پڙهيو تـ ڪيترا ئي ماڻهو علامـ قاضي صاحب کي ڏسڻ آيا
تـ ڪهڙي شخصيت آهي جنهن برنارڊ شا جهڙي مهان اديب سان مقابلو ڪيو آهي. سو اهڙي طرح
جڏهن سراج اهي مضمون لکيا ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان کي جواب ڏنا تـ سراج جو علمي ۽ ادبي
قد ڪاٺ وڌي ويو ۽ هو اڃا وڏي محنت، جاکوڙ، تحقيق سان علمي پورهئي ۾ جنبي پيو ۽
”سنڌي ٻولي“ جهڙو شاهڪار ڪتاب پڌرو ڪري هڪ عالم ۽ فاضل جي حيثيت سان نروار ٿيو.
سراج
جن لکن ٿا : ”۱۹۵۹ع کان سنڌي ٻولي ۽ تمدن بابت
منهنجي ذهن ۾ ڪجهـ اهڙو هيجان پيدا ڪيو، جو بيان کان ٻاهر اوهين ان مان اندازو
لڳايو تـ رڳو ۱۹۶۰ع جي سياري ۾ پنج ڇهـ دفعا،
موهن جي دڙي جي ويرانين ۾، وڇائتن وانگر، مٽي ڇاڻيندو رهيس. مون کي خواب ۾ بـ موهن
جي دڙي جا ماڻهو ــ چاپئين ڏاڙهي، ٻٽون ڪٽ وار، وچان سينڌ نڪتل ــ، ۽ زالون ــ عاج
جي ٻانهينءَ سان ڪلهي تائين ڍڪيل ٻانهون، نڪ ۾ بولو، وارن ۾ ڪاٺ جي ڦڻي وڌل ــ مون
سان سنڌي ڳالهائيندا نظر ايندا هئا. ان سپني جي عالم ۾ ئي، ان کان پوءِ وارا ٽي
سال گذاريم ۽ ان وقت ۾ مختلف ٻولين، قديم رسم الخطن ۽ ٻين اهڙين موضوعن تي ڪتاب
چٽيندو رهيس.“ (سنڌي ٻولي تي لکيل پيش لفظ) سراج جن ڊاڪٽر نبي بخش خان کي جواب ۾
ڪيئي مضمون لکيا پر هو وڏي ڌيان ۽ گيان سان موهن جي دڙي جي ٻولي کي سمجهڻ جي ڪوشش
ڪئي ۽ هو موهن جي دڙي جي ٻوليءَ کي پڙهڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو ۽ پوءِ ”سنڌي ٻولي“ جهڙو
زبردست ڪتاب عالمانا انداز سان لکيو. جيڪو ڪم ادارا ڪونـ ڪري سگھيان سو هن ڪري
ڏيکاريو. جيتوڻيڪ هو افسانوي ادب جو شهزور هو پر هن اهو ڪتاب لکي هڪ اهڙو ڪارنامو
سرانجام ڏنو جنهن جي جيتري تعريف ڪجي گھٽ ٿيندي.
سراج
”پڙاڌو سوئي سڏ“ لکي سنڌ جي نئين نسل کي گھڻو متاثر ڪيو، هن هي ناول سنڌ جي تاريخ
جي پسمنظر ۾ لکيو هو جيتوڻيڪ هن ناول تي نعري بازي جا بهتان مڙهيا ويا پر نوجوان
نسل هن ناول کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ هينئن سان هنڊايو. سراج جو هي غير
معمولي تاريخي ناول ”پڙاڏو سوئي سڏ“ نوجوان نسل ۾ هڪ اهڙو جذبو جاڳايو جنهن ون
يونٽ جي تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ هڪ سپر مين جو عملي ڪردار ادا ڪندي هرهڪ سنڌي
نوجوان پنهنجي عمل جي ميدان ۾ ڪيئي ڪارناما ڪري ڏيکاريا. سراج ميمڻ بـ پنهنجي ناول
جي ڪردار جيان سپر مين هو، هو ذوالفقار علي ڀٽو جو ويجهو ساٿي هو پر هن ڪڏهن بـ ان
مان ڪو فائدو ڪونـ ورتو هو هڪ اعليٰ آفيسر هو ۽ جيئن انهن آفيسرن جي ڪنڌ ۾ ڪلي
هوندي آهي تيئن سراج جي ادب ۽ شخصيت ۾ اڏول پڻو هيو ۽ ڪڏهن بـ ڪنهن جي اڳيان ڪنڌ
ڪونـ نمايو. جاذب نظر شخصيت ۽ لکڻي ۾ شيرين بياني ۽ ويساه ۾ نـ ايندڙ ڪارناما جيڪي
هو پنهنجي ڪردارن جي واتان چوررائيندو هو اهڙا ڪم جيڪو ڪوبـ ڪري نـ سگھي سي سندس
ناول ڪري ڏيکارين ٿا. هو هڪ اهڙو بي مثل انسان هو جنهن جو تعلق حڪومت جي سربراهن
سان بـ هو پر اصولي طرح سنڌ جي ماڻهن سان هن جا پيچ پيل هئا، هو ڪنهن جو ڌر ڀر نـ
هو پر پوءِ بـ هن بابت اهو چئي سگھجي ٿو تـ شهيد ڀٽو سان هن جو واسطو هو. هو يگانو
انسان هو جنهن پنهنجي ادبي ۽ صحافتي دنيا ۾ هڪ اهڙي هلچل مچائي جنهن کيس ٻين کان
منفرد بنائي ڇڏيو. هو جديد ادب جو جديد انسان ۽ اديب هو. استاد رسول بخش پليجو
صاحب جن سراج جي باري ۾ لکن ٿا ”اهڙا ماڻهو گھٽ هوندا آهن، جيڪي توڙ نڀائين ٿا،
جيڪي پلٽا نٿا هڻن، وڏيرن جا چمچا نـ ٿيندا آهن، سراج انهن ماڻهن مان هڪ شخصيت هو،
سراج جهڙا ماڻهو روزروز پيدا نـ ٿيندا آهن.“
(ورسي
جي موقعي ۽ مناسبت سان ڀيٽا)
سراج ميمڻ
هڪ تاريخ ساز شخصيت
تاج جويو
۲ فيبروري ۲۰۱۳ع تي سنڌ جي ارڏي اديب، عالم ۽
محقق ’سراج‘ جي لاڏاڻي جي خبر علمي ادبي لڏي سميت سندس چاهيندڙن کي صدمو ڏنو. سنڌ
۽ سنڌي ٻوليءَ سان سچو عشق رکندڙ، ڏاهي دانشور، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، محقق ۽ ماهر
لسانيات ’سراج‘ جو پورو نالو سراج الحق ولد محمد يعقوب ميمڻ هو، هن ۲۴آڪٽوبر ۱۹۳۳ع تي ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾
جنم ورتو. سندس والد محمد يعقوب ميمڻ وقت جو بهترين تعليمدان ۽ علم ۽ ادب سان چاهه
رکندڙ هو. سندس ترجمو ڪيل ’ديوان حافظ‘ سنڌي ادب ۾ يادگار حيثيت رکي ٿو. سراج تي
پنهنجي والد جي مزاج جو اثر ٿيو ۽ شروع کان ئي لکڻ، پڙهڻ سان واسطو رهيس. ابتدائي تعليم
ڳوٺ مان وٺڻ کانپوءِ نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ سموري
بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ٽين پوزيشن کنيائين. سندس تعليم بي. اي (آنرس)، ايم. اي ۽
ايل. ايل. بي هئي. پيشي جي لحاظ کان ۱۹۵۳ع ۾
’سنڌي ادبي بورڊ‘ ۾ نوڪري شروع ڪيائين ۽۱۹۵۵ع ۾ ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۱۹۵۷ع ۾ سي. ايس. ايس. جو چٽاڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽئڪس جي کاتي ۾
آفيسر مقرر ٿيو، جتان ۱۹۶۹ع ۾
جبري رٽائرمينٽ ٿيس. سندس خلاف الزامن مان مکيه سرڪاري ملازمت ۾ هوندي قومپرست ۽
ترقي پسند ادبي تحريڪن ۾ حصو وٺڻ ۽ قوميت جي موضوع تي لکڻ هو. ان کانپوءِ ڪجهه وقت
وڪالت ڪيائين. ۱۹۷۱ع ۾ ڪراچيءَ مان هلال پاڪستان
اخبار جو اجراء ٿيو، جنهن ۾ کيس ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. هن اخبار ذريعي سراج، جديد
صحافت ۾ نوان ۽ اڇوتا لاڙا آندا. ان تي کيس سنڌي جديد صحافت کي نئون جنم ڏياريندڙ
چيو وڃي ٿو. ۱۹۷۷ع ۾ ضياءُ الحق جي دور ۾ هن
فوجي حڪومت کان ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪار ڪندي هلال پاڪستان مان استعيفا ڏني ۽ واپس
وڪالت جي شعبي سان لاڳاپجي ويو ۽ عمر جي آخري عرصي تائين سپريم ڪورٽ جو سينيئر
وڪيل رهيو. انڪم ٽيڪس قانون تي سندس مهارت سبب کيس ان مضمون جي ميدان ۾ ’انسائيڪلوپيڊيا‘
چيو ويندو هو.
سراج
سنڌي ادب جي هڪ گھڻ پاسائين شخصيت رهيو، سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو۱۹۶۱ع ۾ ’اي درد هلي آءُ‘ جي نالي سان شايع ٿيو ۽ ٻيو مجموعو ’اٺون ماڻهو‘ ۱۹۸۵ع ۾ شايع ٿيو. جديد سنڌي ادب ۾ سراج سڀ کان وڌيڪ تخليقي ناول لکيا ۽ هي اهو
پهريون سنڌي ليکڪ آهي، جنهن ٽن ناولن تي ٻڌل ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ جي نالي سان
سنڌي ادب جي پهرين ٽريالاجي لکي. سراج، سنڌ جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پڙهڻ جو
شوق پيدا ڪيو، جن سنڌ جي تاريخ اڳ ۾ ڪانه پڙهي هئي، تن سراج جا ناول پڙهي پوءِ سنڌ
جي تاريخ ۾ دلچسپي ورتي. سراج جو پهريون جڳ مشهور ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۱۹۷۹ع ۾ ڇپيو، هي ناول سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن جي قهري دور جي تاريخ کي افسانوي
انداز ۾ پيش ڪري ٿو. سندس ٻيو ناول ’مرڻ مون سين آءُ، سال ۱۹۸۸ع ۾ ڇيپو، ان کانسواءِ ’منهنجي دنيا مرگھه ترشنا‘، ’منهنجي دنيا هيڪل
وياڪل‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ سندس اهم ناول آهن. سراج ڪيترا ئي ڊراما پڻ
لکيا. هڪ مترجم جي حيثيت سان هن ’چين جي هارين کي زمين ڪيئن ملي‘، ’چونڊ آمريڪي
افسانا‘، ’ڏکڻ مان ٿو سج اڀري‘، ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا. سندس
ناول ۽ افسانن جا مجموعا، افسانوي ادب ۾ تمام گھڻي اهميت جا حامل آهن. سراج پنهنجي
صحافتي زندگيءَ ۾ روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر رهڻ دوران اهم مسئلن تي ايڊيٽوريل
لکڻ کانسواءِ ’رتيءَ جي رهاڻ ۽ ملان جي ڊوڙ‘ ۽ جاڳو اخبار ۾ ’سياسي منظرنامو‘ جي
سري سان سوين مضمون ۽ ڪالم لکيا. سراج شاعري به ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي سنڌ کان ڌار ڪري
وفاق حوالي ڪرڻ جي موقعي تي ’ڪراچي‘ نالي سان تاريخي ۽ اهم نظم لکيو.
لسانيات
جي حوالي سان سندس اهم تصنيف ’سنڌي ٻولي‘ ۱۹۶۴ع ۾ ڇپي، جنهن سنڌي ادب ۾ ٻوليءَ جي ارتقا جي حوالي سان نوان بحث ڇيڙيا. هن
ڪتاب ۾ پهريون ڀيرو هن سنڌ جي ٻين عالمن سان اختلاف ڪندي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي
اصلوڪي ۽ بنيادي ٻولي قرار ڏنو، جنهن کي شروع ۾ جن قبول نه ڪيو، انهن به تحقيق بعد
آخر ۾ اچي ساڳي ڳالهه ڪئي. هن ڪتاب کي ’پاڪستان رائيٽرس گلڊ‘ پاران انعام پڻ مليو
۽ ۲۰۰۹ع ۾ هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو
پڻ شايع ٿيو، جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپيو آهي.
هن
زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ انگريزيءَ ۾ ٻه ڪتاب: (۱) History
of Sindhi Language ۽ (۲) پنهنجي آٽوگرافي Biography of an unknown Sindhi لکي مڪمل ڪيا. انهن مان پهريون ڪتاب هيٺ اشاعت هيٺ آهي. سنڌ جي هن
نامور عالم ۽ اديب، ۲
فيبروري ۲۰۱۳ع، رات جو ساڍي ٽين وڳي، لياقت
نيشنل اسپتال، ڪراچيءَ ۾، دل جي عارضي سبب وفات ڪئي.
سراج
سنڌي ادب، صحافت ۽ تحقيق جو ھڪ باب
طارق عزيز شيخ
سراج حيدرآباد جي ڀر ۾ ٽنڊي ڄام سرسبز ۽ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۳ع ۾ پيدا ٿيو. سندس والد
محمد يعقوب ميمڻ تعليم جي شعبي سان وابسته هو. سراج صاحب جو والد جي اثر جي ڪري
توڙي پنهنجي ادبي مزاج سبب شروع کان لکڻ پڙهڻ سان گهاٽو واسطو رهيو. ادبي ماحول ۾
اڳتي وڌڻ سان گڏوگڏ هن وڪالت ۾ به ڪاميابيون ماڻيون ۽ ملڪ جي مايه ناز قانوني
ماهرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو.
ناول نگاريءَ ۾ سراج سنڌي ادب کي معياري ۽ تاريخي شيون ڏنيون. ڪهاڻين
لکڻ کان به اڳي هن ناول نگاريءَ ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪري ڇڏي هئي. جڏهن ته ارتقائي
تحريرن ۾ هن ترجما ڪيا هئا. ۱۹۵۳ع
۾ ”ڏکڻ مان ٿو سج اڀري” نالي انگريزي ناول هن ترجمو ڪيو، ان کان پوءِ ”چونڊ آمريڪي
افسانا“ ۱۹۵۸ع ۾ ترجمو ڪيائين ۽ انهيءَ سال يعني ۱۹۵۸ع ۾ ئي ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ جو ترجمو ڪيائين.
سندس طبعزاد لکڻين جي شروعات سٺ واري ڏهاڪي کان شروع ٿئي ٿي.
سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ۱۹۶۱ع ۾ ”اي درد هلي آءُ“ جي نالي سان شايع ٿيو. ان کان پوءِ ٻوليءَ جي
حوالي سان مختلف بحث رونما ٿيا. سنڌي ٻوليءَ کي ڪنهن محقق سنسڪرت جي ڌيءَ ٿي چيو
ته ڪنهن وري ان کي سميري ٻولين مان نڪتل ٿي چيو پر سراج وڏي محنت سان تحقيق ڪري
عالمي ماهرن جي دليلن ۽ پختي يقين سان ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌي ٻولي سنڌ جي
اصلوڪي ٻولي آهي، ان جا وارث سنڌ جا قديم باشندا ئي آهن. انهيءَ بحث تي هن ”مهراڻ“
۽ ”نئين زندگي“ رسالن ۾ مضمون پڻ لکيا، جڏهن ته لسانيا جي بين الاقوامي اصولن ۽
ماهرن جي نتيجن کي آڏو رکندي هن ”سنڌي ٻولي“ ڪتاب لکي پنهنجو نظريو پيش ڪيو. هيءُ
ڪتاب ۱۹۶۴ع ۾ شايع ٿيو جڏهن ٻوليءَ جي حوالي سان ماحول ۾
گهما گهمي هئي. انهيءَ سال سراج ”علم معاشيات“ ڪتاب پڻ لکيو جنهن ۾ معاشي مسئلن تي
نظرثاني ٿيل آهي.
سراج سنڌ جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پڙهڻ جو شوق ڏياريو. جن سنڌ جي
تاريخ اڳي ڪونه پڙهي هئي تن سراج جا ناول پڙهي پوءِ سنڌ جي تاريخ کي پڙهيو. سنڌ جي
هن بي مثال ناول نگار ارغونن ۽ ترخانن جي زماني جي تاريخ کي ”پڙاڏو سوئي سڏ“ ناول
۾ پيش ڪيو. جنهن ۾ سنڌي قوم، سنڌ جي صورتحال ۽ ڌارين جا ظلم سئنما جي پردي تي فلم
جيان نظر اچن ٿا. وڏي خوبي سان هن تاريخي ناولن جي شروعات ڪئي. سراج کان اڳي عثمان
ڏيپلائي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي تاريخي ناولن ۾ طبع آزمائي ڪئي هئي پر اهڙي ڪاميابي ڪونه
ماڻي سگهيا جهڙي سراج کي ملي. سراج انهيءَ ناول جو ٻيو حصو ”مرڻ مون سين آءُ“ جي
نالي سان لکيو جنهن جي ڪاميابي پڻ اڳوڻي ناول جيتري ٿي. ان کان پوءِ سنڌ ۾ ڌارين
جي مختلف دورن تي هن ٽي وڌيڪ ناول ”منهنجي دنيا هيڪل وياڪل“، ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ
سانول“ ۽ ”منهنجي دنيا مرگهه ترشنا“ لکيا. سراج جي ناولن جو سلسلو سنڌ جي تاريخ جي
ترتيبوار بابن جيان آهي. هن ناولن سان گڏوگڏ ڪهاڻين جو هڪ ٻيو مجموعو ”اٺون گهر“ ۱۹۸۵ع ڌاري پڻ لکيو، جڏهن ته مختلف موضوعن تي سندس
مضمون ۽ مقالا پڻ اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا. هن ”هلال پاڪستان“ اخبار جي
ايڊيٽر طور پڻ فرض انجام ڏنا ۽ پنهنجي صحافتي ڪردار کي به مڃرايو، جڏهن ته ڪيترين
ئي اخبارن ۾ ڪالم پڻ لکندو رهيو. سراج، شاهه لطيف جي حوالي سان پڻ مقالا لکيا خاص
طور تي شاهه جي سياسي ۽ مذاحمتي شاعري تي هن آمريتي ڏينهن ۾ به جرئت سان قلم کڻي
شاهه جي ٻوليءَ ۾ سنڌي قوم کي پيغام ڏنو. سنڌ جو هي نثر نويس نه فقط ڪهاڻيڪار،
ناول نگار، ٻولي جو ماهر ۽ ڪالم نگار آهي پر نثر جي حوالي سان آل رائونڊر رهيو
آهي.
سنڌ جو سراج
جامي چانڊيو
اوڻيهين ۽ ويهين صدين ۾ سنڌ ۾ وڏا ماڻهو پئدا ٿيا، جن زندگيءَ جي هر ميدان
۾ سنڌ جي وڏي خدمت ڪئي، ۽ ان جي حسناڪ آئيندي جا نه رڳو خواب ڏٺا، پر انهن جي ساڀيان
لاءِ سموري زندگي وِرچي به نه ويٺا. سراج الحق ميمڻ جو ڳاڻيٽو به سنڌ جي اهڙن ماڻِڪ
موتين ۾ ٿيندو. پنهنجي شخصيت ۾ باوقار ۽ حسين ماڻهو، علميت ۾ گهرو ۽ گهڻ-طرفو ڄاڻو
ماڻهو، هڪ بيحد سچو اديب ۽ پارکو، سُڀاوَ جو شانائتو، حساسيت ۾ گلن جهڙو نرم، ۽ فن
۾ ڳالهه جي اُڻت جو منفرد ڏانءُ رکندڙ ليکڪ، سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي هن جي محبت جا محور
۽ مرڪز هئا. سراج جهڙن ماڻهن جو وجود ئي سڀاڳ جي علامت هجي ٿو، سندن خاندان، دوستن،
۽ ويندي ٻولي، ادب ۽ پوري سماج لاءِ. ٽنڊي ڄام ۾ هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند پرائمري
استاد محمد يعقوب نياز جي گهر ۾ چويهين آڪٽوبر ۱۹۳۳ع تي جنم وٺندڙ سراج الحق ميمڻ اسان
کي پنهنجيءَ پوريءَ حياتيءَ ۾ هڪ آدرشي، محنتي، سچو، ٻوليءَ، وطن ۽ قومَ جو عاشقُ نظر
اچي ٿو. ڄڻ ته هڪ پارس هو، جنهن جنهن سندس ساٿ ۾ گذاريو ڄڻ ته سون ٿي ويو.
سراج صاحب سان منهنجو قرب جو ادبي ۽ علمي لاڳاپو هو، ۽ ساڻس اهو لاڳاپو
پهرين سائين محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي ۽ ف م لاشاريءَ معرفت، ۽ پوءِ سڌيءَ
ريت پنهنجين لکڻين ذريعي ٿو، جيڪو آخر تائين قائم رهيو. منهنجي خوشبختي آهي جو هو مونکي
بيحد ڀائيندو هو، ۽ منهنجين لکڻين کي پسند ڪندو هو، ۽ جيڪي لفظ چوندو هو اها هن جي
ادبي وضع داري ۽ شفقت هئي. سراج صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات پليجي صاحب سان گڏ ڪراچيءَ
۾ سندس آفيس ۾ ۱۹۹۱ع ۾ ٿي. مون ٻنهي کي هڪٻئي سان بيحد حجائتو ڏٺو. پليجي صاحب جي حجت
مٿس وڌيڪ هئي. ويهڻ شرط سراج تي ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويو، چئي، ”ڪجهه نٿو ڪرين، سڄو ڏينهن
آفيس ۾ ٿڌيءَ ڇانوَ ۾ ويٺو آهين، عوام کان ڪٽيل آهين، ۽ ڪنهن نه ڪم جو آهين! حساب ڏي
ته ڇا ٿو ڪرين!“ موٽ ۾ سراج صاحب جي چپن تي هميشه جيان اطمينان بخش مرڪ، ۽ نهٺائيءَ
وارو اعتراف. هن جو جواب عجيب هو. چئي، ”پليجا! جنهن خاڪ کي ڦُوڪون ڏئي باهِه ٿو ٻارڻ
چاهين، ان ۾ تپش رهي ئي نه آهي“! مون ٻڌو هو ته سراج تمام مغرور ماڻهو آهي، پر هي ته
ڪو ٻيو ماڻهو هو، بيحد ماٺيڻو، محبتي، نهٺو ۽ مرڪڻو. ف م لاشاري به سراج صاحب وٽ ويٺو
هو، پليجي صاحب مٿس پنهنجي سخت تنقيد جڏهن پوري ڪئي ته ف م لاشاري ۽ مون ڏي نهاري چيائين،
”پليجو سدائين ائين ڪندو آهي، ۽ صحيح ڪندو آهي، ڇو ته اسان سنڌي ڪم جا وڏا ڪاهل آهيون،
۽ خاص طور مان“. مون دل ۾ سوچيو ته جيڪڏهن ۱۹۵۷ع ۾ سي ايس ايس پاس ڪري ملڪ جو چوٽيءَ
جو ڪامورو ٿيڻ، ڏيپلائي پريس ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڇٻلاڻي صاحب جي لکيل سنڌ جي اقتصادي
تاريخ ۽ ٽي ايس ايليٽ جي لکڻين سميت انيڪ ڪتابن جا ترجما ڪندڙ، ۱۹۶۴ع ۾ ”سنڌي ٻولي“
جهڙو شاندار تحقيقي ڪتاب لکندڙ، هلالِ پاڪستان جهڙي سرڪاري اخبار کي سنڌ جي شعور جي
مهندار آواز ۾ تبديل ڪندڙ، ”پڙاڏو سوئي سڏ“، ”مرڻ مون سين آءُ“، ”منهنجي دنيا هيڪل
وياڪل“، ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“، ۽ ”منهنجي دنيا مرگ ترشنا“ جهڙا ناول سرجيندڙ،
”آءُ درد هلي آءُ“ جهڙيون ڪهاڻيون لکندڙ ۽ ملڪ جو چوٽيءَ جو انڪم ٽيڪس جو وڪيل سراج
به جيڪڏهن ڪاهل آهي ته پوءِ سنڌ جي باقي پڙهيل لکيل ماڻهن يا عام اديبن کي ڇا چئجي؟
پوءِ مون ڄاتو ته دراصل هنن ماڻهن جي مٽي ئي ٻي آهي. هنن وٽ ڪم جا معيار ۽ سندن آدرش
ايترا ته وڏا ۽ غير معمولي آهن، جو هو پنهنجي زندگيءَ جي ڪيل ڪمن کي وڏو ڪم سمجهن ئي
نٿا. دراصل اهو رويو ۽ سوچ ئي کين پنهنجي ڪردار
۽ عمل ۾ وڏو ماڻهو بڻائي ٿي. دنيا جو ڪو به وڏو ماڻهو پنهنجي ڪم مان مطمئن ناهي هوندو،
جو سندن ڪمن جي فهرست آڏو حياتي کٽي پوندي آهي، وقت هار کائي ويندو آهي.
هونئن ته سراج صاحب جو والد به هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند استاد هو، پر
سراج صاحب جي زندگيءَ تي پنهنجي والد کان پوءِ گهڻي ۾ گهڻو اثر سائين محمد ابراهيم
جويي جي فڪري تربيت جو به هو. سراج صاحب مونکي پاڻ ٻڌايو ته محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي
پريس تي ڪم ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ جويي صاحب جي نگرانيءَ هيٺ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪرڻ سندس
زندگيءَ جا اهم ابتدائي دور هئا، جن سندس شعور ۽ صلاحيت جي آبياري ڪئي. ڏيپلائي صاحب
کيس روپئي ڏهاڙيءَ تي ترجما ڏيندو هو ۽ ڪم به ڇڪي وٺندو هو، سراج صاحب ڀوڳ ۾ چوندو
هو ته، ”ڏيپلائي صاحب جي کُوري مان پچي نڪتاسين ته پوءِ دنيا ۾ ڪو به ڪم ڏکيو نه لڳو“.
ان کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪندي، نه رڳو هن جي سنڌي ۽ انگريزي ٻولين تي مهارت
وڌي پر هو پاڻ به هڪ اديب طور اڀري آيو. اهو ئي سبب آهي جو مون سراج صاحب وٽ ڪنهن ماڻهوءَ
جو وڌيڪ احترام ڏٺو ته اهو سائين جويو صاحب آهي. هو جويي صاحب کي هڪ شفيق دوست سان
گڏ هڪ استاد جو درجو ڏيندو هو. سراج صاحب وٽ سائين جويو صاحب ۽ مان ڪافي ڀيرا گڏجي
وياسين ۽ جويي صاحب لاءِ سندس احترام ۽ پيار ڏسڻ وٽان هوندو هو. هونئن سراج صاحب جو
شهيد ڀُٽي صاحب ۽ سائين جي ايم سيد سان به گهرو سُٻنڌ رهيو. ۱۹۵۰ع ۾ هن ميٽرڪ جو امتحان
ڊي جي نيشنل ڪاليج ڪراچيءَ مان پاس ڪيو ۽ هو پنهنجي تعليم جو خرچ جناح ڪورٽس ۾ پارٽ
ٽائيم ملازمت ڪري پورو ڪندو هو. ۱۹۵۷ع ۾ جڏهن هو سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري سول
سروس ۾ ويو ته ان ئي دور ۾ هن جي ڪراچيءَ جي ايس ايم لا ڪاليج ۾ شهيد ڀُٽي سان ملاقات
ٿي ۽ سندن اهو دوستيءَ جو تعلق آخر تائين قائم رهيو، اهو ئي سبب آهي جو جڏهن شهيد ڀٽو
اقتدار ۾ آيو ته هن هلال پاڪستان جو ايڊيٽر سراج کي بڻايو، ۽ سراج هلال پاڪستان جي
صورت ۾ جديد ترقي پسند سنڌي صحافت جا بنياد رکيا، ۽ روشن خيال صحافين جي هڪ وڏي کيپ
تيار ڪئي. ڇهن سالن جي مختصر دور ۾ سراج هلال پاڪستان کي وڏي اوج تي پڄايو. جڏهن ۱۹۷۷ع
۾ ضياءُ الحق مارشل لا هنئي ته سراج هلال پاڪستان مان استعيفا ڏئي پنهنجي وڪالت جي
ٻيهر شروعات ڪئي. هو انهن ۳۰۳ سرڪار جي ناپسنديده
آفيسرن مان هڪ هو، جن کي جبري طور ملازمت مان فارغ ڪيو ويو هو. سراج جو اهو ڪمال هو
جو هو شهيد ڀُٽي جو ويجهو دوست هوندي به جتي هن جي مثبت ڳُڻن کي واکاڻيندو هو، اتي
هن ڪڏهن به هن جي غلط فيصلن جي تائيد نه ڪئي. ائين ئي سائين جي ايم سيد پڻ سراج جو
وڏو احترام ڪندو هو، ۽ سندس اها هر دلعزيز حيثيت دراصل سندس معتبر شخصيت جو مظهر هئي.
سراج صاحب جو علمي ۽ تخليقي پورهيو نه رڳو گهڻ رخو آهي، پر ساڳئي وقت
تمام معياري پڻ آهي. سنڌي ۽ انگريزي ٻولين تي هن جي مهارت باڪمال هئي. هڪ ڀيري حميد
هارون کي مون سراج صاحب جي روبرو ڪراچي جم خانه ۾ پاڻ اهو چوندي ٻڌو ته جيڪڏهن احمد
علي خان کان پوءِ پاڪستان ۾ ڊان اخبار جي ايڊيٽر ٿيڻ جو ڪو اهل آهي ته اهو سراج آهي.
پر سراج صاحب صحافت کي عملي طرح ڇڏي چڪو هو، ۽ هن واپس صحافت ڏي ورڻ نٿي چاهيو. ڪراچيءَ
مان روزاني جاڳو جيتوڻيڪ ف م لاشاريءَ شروع ڪئي پر ان ۾ سراج صاحب جو بنيادي هٿ هو
۽ ان دور ۾ سراج صاحب جا ”سياسي منظرنامو“ جي عنوان سان لکيل تجزياتي مضمون شاندار
هئا، جيڪي ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيڻ گهرجن. هلال پاڪستان ۾ لکيل سراج صاحب جا اداريا پڻ
ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيڻ گهرجن، جو اها ان دور جي تاريخ آهي. سندن ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ پڻ
سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت لکيل اهم ڪتابن مان هڪ آهي.
سراج جون چند خوبيون اهڙيون آهن، جيڪي هن کي سنڌي سماج ۽ ادب ۾ هڪ منفرد
حيثيت ڏين ٿيون. هن سموري زندگي ڪا به دعوى نه ڪئي، نه سنڌ سان عشق جي، نه سنڌي ٻوليءَ
۽ ادب جي خدمت جي، ۽ نه پنهنجي ڪارنامن جي. اهو نهٺو سُڀاءُ هن جي اندر جي وڏ-ماڻهپي
جو آئينو هو. اُڀامندِي ته سکڻي ڪُنِي آهي، هيءُ ته سنڌ جو سراج هو، جيڪو سنڌي ادب
۾ ناول نگاريءَ جو امتياز هو. مون سراج کي ڪڏهن به ماڻهن تي ڳالهائيندي نه ڏٺو، هڪ
مڪمل انگريز ماڻهو هو. رڳو ڪم جي ڳالهه، روايتي اجائي ڊيگهه سراج جي مزاج ۾ ئي نه هئي.
مڪمل طور سيلف-ميڊ يعني پنهنجي پورهئي ۽ قابليت جي بنياد تي ٺهيل ماڻهو هو، ان ڪري
هميشه قابليت ۽ ادارن جي اهميت جو قائل هوندو هو. ان لاءِ رڳو ڪي سَڌُون نه ڪيائين
پر پنهنجو حيدرآباد وارو اباڻو گهر سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ کي ڏئي مثال پڻ قائم ڪيائين،
پر افسوس جو اهو ادارو ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگهيو. جڏهن ته سراج صاحب جو اهو خواب هو ته
اهو ادارو اڳتي هلي هڪ يونيورسٽيءَ ۾ تبديل ٿئي. منهنجي لاءِ اها ڳالهه ڪنهن اعزاز
کان گهٽ ناهي ته هو عمر توڙي ادبي ۽ علمي لحاظ کان وڏو هوندي به مونکي پنهنجي دوستن
۾ شمار ڪندو هو. ۲۰۰۶ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ادب تي ڪانفرنس ۾ کيس مقالو پڙهڻ
لاءِ چيو ويو، طبيعت ناساز هئڻ سبب پنهنجيءَ جاءِ تي کين منهنجو نالو تجويز ڪيائين.
سائين جويي صاحب جي ڪتاب ”ادب، ٻولي ۽ تعليم“، ۽ پليجي صاحب جي ڪتاب ”سياسي ادب“ تي
لکيل منهنجا تفصيلي مهاڳ پڙهيائين ته ٻنهي ڀيري فون ڪري جيڪي مهربان لفظ چيائين، اهي
منهنجي لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه آهن. ساڳيا رايا جويي صاحب ۽ پليجي صاحب کي به ڏنائين.
زندگي تمام مختصر آهي، ۽ ڪو به ماڻهو زندگيءَ ۾ سڀ ڪم پورا نٿو/نٿي ڪري سگهي. سو سراج
کان به گهڻا ڪم رهجي ويا هوندا پر هن زندگيءَ ۾ جيڪي ڪجهه ڪيو، اهو به گهٽ نه هو. هر ڪم بيحد معياري ۽ منفرد! لکڻ، ڳالهائڻ، اظهار
ڪرڻ، خوش ٿيڻ، ڪاوڙ ڪرڻ، رنجُ ٿيڻ، ڏوراپو ڏيڻ، ۽ راءِ ڏيڻ جو سليقو ته ڪو سراج صاحب
کان سکي. خوش ٿيو ته حَسين ۽ شانائتي مرڪ چپن تي، ۽ جي ارهو ٿيو ته منهن ۾ گُهنڊ وجهي
بس رڳو نهاريندو، ۽ اهو به هڪ لمحو ۽ بس! وڏا ماڻهو پنهنجي وڏائيءَ جو اظهار رڳو علميت،
فڪر، فن يا ادب ذريعي ئي نه پر پنهنجن روين ذريعي به ڪندا آهن. سراج سچ پچ ته سنڌ جو
وڏو ماڻهو هو. ٻاهر ماڻهو هن کي پٿر جو ٺهيل سخت مزاج سمجهندا هئا، اندر ۾ ته هو گلن
تي پيل ماڪ جهڙو ملائم ماڻهو هو. آخري ڏهن سالن ۾ سنڌ جي ڳالهه نڪرندي هئي ته بي اختيار
جُهري پوندو هو ۽ هن جون آدرشي اکيون تشنه خوابن سبب بي اختيار ڀرجي اينديون هيون.
خود اعتمادي ۽ خودداريءَ ۾ به سراج جو ڪو مَٽُ نه هو. هاءِ ڪورٽ جي جج ٿيڻ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ
جي وائيس چانسلر ٿيڻ جي آڇَ هن کي انيڪ ڀيرا ٿي، هن هميشه جواب ڏنو. هن جي مثالي خودداريءَ
۽ خوداعتماديءَ جو سبب دراصل هن جي قابليت ۽ هن جي خودشناسي هئي. گهڻن ماڻهن کي زماني
جي شناس ته هوندي آهي پر هو خودشناسيءَ کان وانجهيل هوندا آهن، سراج کي خبر هئي ته
هو ڪير هو. سراج صاحب ڪو عوامي ماڻهو نه هو، هو مٿئين وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ،
وچولي ۽ مٿئين طبقي سان رابطي ۾ رهندڙ اسڪالر، اديب ۽ وڪيل هو. مان سمجهان ٿو ته هو وچولي طبقي لاءِ هڪ رول ماڊل به هو ته ڪو ماڻهو
هڪ ڪامياب زندگي ۽ ڪيريئر باوجود پنهنجيءَ ٻوليءَ، ادب ۽ قوم لاءِ ڇا ڇا نه ٿو ڪري
سگهي.
اڪثر وڏن ماڻهن جو اولاد يا گهر جا ڀاتي سندن ڇڏيل دڳ تي ناهن هلندا،
پر سراج صاحب پنهنجي اولاد ۽ گهر ڀاتين ۾ سنڌيت جو اهڙو ته روح ڦُوڪيو، جو اڄ سندس
ننڍي ڀاءَ اعجاز ميمڻ، سندس ڀيڻ ڊاڪٽر فهميده حسين، ۽ پٽن ڊاڪٽر امجد سراج ۽ ارشد سراج
کي ڏسي جيڪا تصوير جُڙندي، اُها هوبهو سراج جي تصوير آهي. ساڳيو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ
لاءِ پيار، خدمت جو جذبو، علميت ۽ فضيلت. ٻين فيبروريءَ ۲۰۱۳ع تي سنڌ جي هن باوقار
اديب، دانشور، محقق، پارکو ۽ عاشق آخري ڀيرو سنڌ ۽ هن سنسار ڏانهن پنهنجي شانائتي مرڪ
سان نهاري پنهنجون تشنه خوابن واريون اکيون هميشه لاءِ ٻُوٽي ڇڏيون، ۽ ڪراچيءَ جي گِذري
قبرستان ۾ ان مٽيءَ سان وڃي مليو، جنهن جي علمي ۽ ادبي هُڳاءَ جو نالو سراج هو.
سراج
سنڌي ادب ۽ صحافت
جو املهه ماڻڪ - ۲ فيبروري ٻي ورسي
جي مناسبت سان
زاهد ڪاڪا
سنڌي ادب جي جرڪندڙ ستاري سراج کي قدرت ناول نگاري، لسانيات، ڪهاڻي کيتر،
ترجمي، تحقيق ، ۽ صحافت ۾ هڪ ئي وقت پاڻ موکي سنڌي ادب جي آبياري ڪري ان کي ميوي دار
وڻ بنائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو اعزاز بخشيو. سراج ۲۴ آڪٽومبر ۱۹۳۳ع تي ٽنڊي ڄام ۾ محمد
يعقوب ”نياز“ ميمڻ جي گهر ۾ اک کولي. سندس والد بهترين استاد، علم ادب سان لنئون لڳل
۽ فارسي زبان جو وڏو ڄاڻو حافظ شيزازيءَ جي ديوان حافظ کي سنڌي ۾ ترجمون ڪرڻ سندس قابليت
تي دلالت ڪري ٿو. سراج ۱۸ سالن جي ڄمار ۾ برک اديب ۽ بيباڪ صحافي محمد عثمان ڏيپلائي
جي اداره انسانيت ۾ پررف ريڊرنگ ۽ ترجمن جواجرت آغاز ڪيو ۽ ائين کيس ڏيپلائي جي بٺيءَ
مان پچي راس ٿيڻ جو موقعو مليو محمد ابراهيم جويي سان سندس ڏيٺ ويٺ ڏيپلائي صاحب جي
ڪري ئي ٿي. سندس ادبي سفر جي شروعات ترجمن سان ٿي جنهن ۾ سڀ کان پهرين هن ڪرشن چندر
جي ناول جب صبح هوتي هي. جو ترجمو ”ڏکڻ مان ٿو سج اڀري“ نالي سان کان علاوه ”چين جي
هارين کي زمين ڪيئن ملي“، ”انسان ۽ انسانيت جي تاريخ“ ترجما ڪيا. سراج انتهائي باصلاحيت
۽ ذهين نوجوان هو ادبي بورڊ ۾ هوندي ئي ۱۹۵۷ع ۾ سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري انڪم
ٽيڪم آفيسر بڻيو. ان عرصي ۾ سندس ٻه ترجما پي ايس ڇپلاڻي. جي ڪتاب جو سنڌي اقتصادي
تاريخ ٻيو ”چونڊ آمريڪي افسانا“ غلام رباني آگري سان گڏ ڪيا. ون يونٽ واري ان زماني
۾ جڏهن سنڌ جو نالو کڻڻ به ڪاريهر تي پير رکڻ برابر هو. سراج سرڪاري ملازم هئڻ جي باوجود
پنهنجو قلمي پورهيو دليريءَ سان جاري رکيو. (جنهن جي پاداش ۾ اڳتي هلي ۱۹۷۰ع ۾ کيس
نوڪري مان نيڪالي ڏني وئي). انھن ڏينهن ۾ ۱۹۵۹ع سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت سنڌ جي
برک عالم ۽ گهڻ رخي شخصيت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌ ٻوليءَ جي قدامت بابت ارنيسٽ ٽرمپ
۽ سرگريئرسن پاران سنڌيءَ کي سنسڪرت ڄائي قرار ڏيڻ واري نظريي کي رد ڪري ان کي سامي
صفت زبان يعني سنسڪرت جي ڀيڻ قرار ڏنو. ۲۶ سالن جي نوجوان سراج، ڊاڪٽر بلوچ توري ٽرمپ
وارن نظرين کي آمريڪي آرڪيلاجسٽ نوح ڪريمر جي کوجنا ۽ پنهنجي تحقيق جي آڌارتي رد ڪري
ادب ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. سراج جو نظريو آهي ته سنڌي سنسڪرت جي ڌيءُ يا ڀيڻ نه پر ماءُ
آهي. سميري تهذيب جو سنڌي تهذيب تي اثر نه ٿيو آهي پر بابل ۽ سمير جي تهذيب تي سڌو
تهذيب جا اثر نمايان نظر اچن ٿا. سراج کي شهرت جي آسمان تي پهچائيندڙ اهو نظريو هو.
سنڌ جي ٻنهي عالمن ۾ ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت، مهراڻ رسالي ۾ علمي بحث (۱۹۵۹ع کان ۱۹۶۱ع
) تائين هلندو رهيو. جنهن بعد ٻنهي ٻولي جي ماهرن جا پنهنجي نظرين جي دليلن تي ٻڌل
ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ ۱۹۶۴ع، سراج ۽ ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ ڊاڪٽر بلوچ منظر عام
تي آيا. سراج سنڌي ناول جو پڻ سگهارونانءُ آهي.
ارغون تر خان جي قهري ڪارروائين تي سندس پهريون ناول ”پراڏو سو سڏ“ شاهڪار
ناول آهي. جيڪو ۱۹۷۰ع ۾ ڇپيو ”مرڻ مون سين آءُ“ کان علاوه سنڌي ناولن ۾ ٽريالاجي ڏيندڙ
پهريون ناول نگارهو. سندس ٽريا لاجي پياسي ڌرتي رمندا بادل جا ٽئي ناول ”منهنجي دنيا هيڪل ويا ڪل“ ، ”تنهنجي
دنيا سڀ رنگ سانول“ ۽ ”منهنجي دنيا مرگهه ترشنا“ بهترين ناول آهن. سندس ناولن تي تبصرو
ڪندي مختيار احمد ملاح لکي ٿو ته” سراج جا ناول سنڌ جي تاريخي، سماجي، معاشي ۽ رومانوي
حالتن جي عڪاسي ڪن ٿا. انهن جي ٻولي، اسلوب ۽ رواني بهتر هوندي آهي. سراج پنهنجي ناولن
۾ سنڌ جي اوائلي تاريخ کي اجاگر ڪيو آهي هن جي ناول ۾ جذبات نگاري جو عنصر غالب آهي.
هو پڙهندڙ جي جذبات کي اڀاري ٿو. هوائين محسوس ٿا ڪن ته سندن ئي جذبن جي عڪاسي ٿي رهي
آهي“. سراج صحافت ميدان ۾ جدت آڻيندي هر سياسي، سماجي عوامي اهم مسئلي کي پنهنجي قلم
جو موضوع بڻائي وائکو ڪيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي هلال پاڪستان اخبار عبدالشڪور منشيءَ
کان خريد ڪرڻ کانپوءِ سراج کي ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيو. جتي هن صحافت ۾ نوان لاڙا آندا.
هو جديد سنڌي صحافت جو بانيڪار رهو سندس جاڳو اخبار ۾ ”سياسي منظر نامو“ جي سري هيٺ
لکيل ڪالم پنهنجو مٽ پاڻ آهن. سراج ڪهاڻي کيتر ۾ به پاڻ ملهايو، ”اي درد هلي آءُ“
۽ ”اٺون ماڻهو“ سندس ڪهاڻين جا ڳٽڪا آهن ۲۰۱۱ع ۾ سندس خدمتن جي مڃتا طور کيس ستاره
امتياز اعزاز ڏنو ويو. سندس ڪتاب سنڌي ٻولي تازو سندس پٽ ڊاڪٽر امجد سراج انگريزي
۾ ترجمو ڪري بين الاقوامي سطح تي سندس تحقيق کي پهچائڻ جي راهه هموار ڪئي آهي. سندس
اڻڇپيل ڪتابن ۾ ٻه انگريزي ڪتاب جيڪي سراج زندگيءُ جي آخري سالن ۾ لکيا هئا. ”آٽو بانيوگرافي
آف ائن ان نون سنڌي“ ۽ ”هسٽري آف سنڌي لئنگويج“ کان علاوه سندس اخبارن ۾ لکيل ڪالم
پڻ ڪتابي صورت ۾ پڌرانه ٿيا آهن. سندس وڇوڙي بعد سنڌي ادبي بورڊ اينٿالاجي ڇپائي آهي،
جنهن کي نامياري محقق شاعر ليکڪ ۽ اديب سائين تاج جويو وڏي محنت سان ”سراج: سنڌ جو
ديومالائي ڪردار“ جي عنوان هيٺ ترتيب ڏني آهي ان ۾ واقعي به مون لاءِ انڪشاف هو ته
سراج هڪ سٺو شاعر به هو. تاج جويي صاحب پنهنجي مقالي ۾ سراج جو هڪ نظم ڪراچي ڏنو آهي
جيڪو نه صرف هڪ شاهڪار نظم آهي. پر ڪيترا ئي سال اڳ سراج ڪراچي جي تاريخي حالتن جي
جيڪا تصوير ڪشي ڪئي آهي، اڄ جي حالتن جي به ڀرپور عڪاسي ڪري پئي.
اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روح وطن.
اڳ به تون سوداگرن جو شهر هئين.
اڄ به تون سوداگرن جو آن وطن.
پر ٻنهي سوداگرن ۾ فرق آهه !
اڳ جا سوداگر ڪندا صرف هڪ سوداگري.
سر ڏئي پنهنجي وطن کي غيرکان ڳنهنذا ها.
اڄ جا سوداگر ته پيا نيلام ڪن پنهنجو وطن.
ڪڻڪ جي مٺ تي وڪامي ٿو بهشت !
اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روح وطن.
تنهنجو ئي ماحول ڏس ڪيڏو آهي! اجنبي!
تنهنجو ساگر ڪيترو مايوس آهه!
هر گهٽيءَ ۾ لٽجي پيو آد ميت جو سهاڳ.
سون چانديءَ جي سجايل جانڊهن ۾
اندران ئي اندران ڏس زندگي پسجي پئي
آبرو لٽجي پئي.
امن و آزاديءَ سندي ظاهر ظهور!
غير ڏس ڪيڏو نه آهي سر بلند
ڪيترو مضبوط آهي سامراج!
ڊرامانگار طور سندس سنگيت ناٽڪ ”تنهنجي تند تنوار“ ۽ هڪ ترجمو ڪيل ”اڪبر
جي حياتي وارو هڪ ڏينهن“ شامل آهن. سراج جي ناولن تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول، تنهنجي
دنيا هيڪل ويا ڪل، منهنجي دنيا مرگهه ترشنا ۽ ڪهاڻين جي ڳٽڪي اي درد هلي آءُ جي نالن
مان ظاهر ٿئي ٿوته سراج سنڌ جي ناليواري شاعر نياز همايوني جي شاعري کان متاثر هو سنڌ
جو هي سرموڙ اديب ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع تي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو سندس شاندار علمي
ادبي خدمتن جي ڪري پاڻ هميشه عزت ۽ احترام سان ياد ڪيو ويندو ٻي ورسي جي موقعي تي سندس
گرانقندر شخصيت کي لطيف سرڪار جي هنن سٽن سان ياد ڪيون ٿا:
اڄ نه اوطاقن ۾ سندي جوڳين ذات
ساري سنياسين کي، رنم ساري رات
مون تنين جي تات، سي لاهوتي لڏي ويا.
سنڌ جو سراج
ڊاڪٽر فهميده حسين
سنڌ جي
ناليواري دانشور، اديب، صحافي ۽ وڪيل سراج الحق ميمڻ جي ڪالهه ۲ فيبروري تي ۳
ورسيءَ هُئي.
اسان
کان جڏهن اسان جو ڪو پيارو، دل گهريو دوست، عزيز يا مائٽ وڇڙندو آهي ته ائين لڳندو
آهي ڄڻ ته دل ڌڙڪڻ ڇڏي ڏيندي، ذهن ڪم ڪرڻ وساري ويهندو ۽ لڱ بي ست ۽ بيجان بڻجي
ويندا، پر وقت وڏو مرهم آهي، جيڪو دل دماغ ۽ بدن کي مليل گهاون کي ڀريِ ڇڏيندو
آهي، خاص ڪري ان وقت جڏهن ان شخص جي ياد ۾ ڏکوئجڻ ۽ روئڻ بدران ان کي ملهائجي ۽
ماڻجي، سو ادا سراج جي پهرين ورسيءَ تي
اسان وچن ڪيو هو ته اسين سندس يادن کي ملهائينداسين ۽ سندس سنڌ سان الستي عشق کي
ڳائينداسين ۽ ان جو مانُ وڌائينداسين.
سنڌ هن
جي محبوبه هئي، سندس دل پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ ڌڙڪندي هئي، ان جو هر ڏک ۽ درد هن کي
روئاڙي وجهندو هو، هُن پنهنجي هن ڪنوار ڌرتيءَ جي سلطانيءَ سهاڳ جا سپنا سرجيا هئا
۽ انهن جي ساڀيان جي لاءِ ڏينهن رات پاڻ پتوڙيو هو، پنهنجي قلم جي پورهيي سان ان
کي سينگاريو ۽ سنواريو هو. هو پنهنجي سپنن جي ساڀيان جو انتظار ڪندي ڪندي ابدي ننڊ
ڪرڻ لاءِ ڌرتيءَ جي هنج ۾ وڃي ستو آهي پر ويندي ويندي هو اسان کان پنهنجن پونيرن
کان سنڌ سان نينهن نڀائڻ جو وچن وٺي ويو ۽ پنهنجي لاءِ روئڻ کان منع ڪري سنڌ جي
سُورن تي ڏکوئجي انهن کي دور ڪرڻ جو درس ڏئي ويو هو. ان ڪري جڏهن سندس پهرين ورسي
آئي هئي ته سندس پٽن ان کي ورسي نه پر celebration ڪري ملهائڻ جو رواج وڌو ۽ سندس ياد ۾ اسان سڀني گڏجي سراج
انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽيڊيز قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ۽ سنڌ سان لاڳاپيل سندس دلپسند
موضوعن تي تحقيق ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جو وچن ڪيو. انهيءَ وچن تي سندس ٻي ورسيءَ تي پورو
لهندي اهو انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو ويو، جنهن جي طرفان پهرئين مرحلي تي سندس ٽي ڪتاب
پڌرا ڪيا ويا، جن مان ٻه سنڌيءَ ۾ ۽ هڪ انگريزيءَ ۾ آهي. پهريون ڪتاب ”ڏاهپ ۽ ڏات
جي لاٽ“ آهي جنهن ۾ سنڌ جي اهڙن ڏات ڌڻين جي ذات جي باري ۾ سندس لکيل ڪالم آهن. جن
جي ڏات سنڌ ۾ ساڃهه ۽ ڏاهپ جي لاٽ سان سوجهرو ڪيو ۽ دنيا کي ڏيکاريو ته سنڌين وٽ
پنهنجي علم ۽ دانش جا ڪهڙا ڪهڙا گوهر موجود رهيا آهن.
ادا
سراج جو ٻيو ڪتاب جيڪو ان موقعي تي پڌرو ڪيو ويو، سو هو سندس ڪالمن جو مجموعو. اسي
۽ نوي جي ڏهاڪي ۾ لکيل سندس اهي ڪالم ”سياسي منظر نامو“ جي عنوان سان باقاعدي ڇپيا
هئا، جن ۾ سموري دنيا جي سياسي تناظر ۾ سنڌ جو منظر نامو پڙهي ائين ٿو لڳي ته وقت
کي گذرڻ وسري ويو آهي، ورهين جا ورهيه لنگهي وڃڻ کانپوءِ به اهو اتي ئي بيٺو آهي ۽
سنڌ جو منظر نامو صفا ساڳيو آهي. اهو اڄ جي سياسيات جي شاگردن لاءِ اهم مطالعو پيش
ڪري ٿو، جنهن سان هو سنڌ، پاڪستان ۽ سموري دنيا ۾ هلندڙ سياسي شعبن کي سمجهي سگهن
ٿا.
سراج
جو ٽيون ڪتاب سندس دماغ ۽ دل جي بنهه ويجهي موضوع بابت آهي، جيڪو آهي ”سنڌي ٻولي“،
سن ۱۹۶۴ ۾ ڇپيل سندس ڪتاب ”سنڌي ٻولي“
جيڪا بيٺل تلاءَ ۾ اڇلايل پٿر واري ڪيفيت پيدا ڪئي هئي، ان کي اڃا وڌيڪ دليلن جي
ضرورت هئي، جيڪي هن گڏ ڪري رکيا هئا، پر زندگيءَ هن کي مهلت نه ڏني ۽ هو اهي ڇپائي
نه سگهيو. گهڻي وقت کان هن محسوس ڪري ورتو هو ته اهو موضوع اهڙو هو جنهن تي عالمي
سطح تي تحقيق هلندڙ آهي، ان ۾ سنڌ جو نڪته نظر اڻلڀ آهي، تنهن ڪري ضروري آهي ته
اسان جو مؤقف انگريزيءَ ۾ پيش ٿيڻ گهرجي. اهو ئي سبب هو جو هن پنهنجو اهو ڪتاب
پنهنجي پٽ ڊاڪٽر امجد سراج کان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرائي ڇپرايو، ان کانپوءِ ان
بابت ڪيل وڌيڪ تحقيق پڻ انگريزيءَ ۾ لکي ۽ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ بابت تاريخ جي نالي ۾
ڪيل ڪتاب جو نالو ئي رکيائين: Story of Sindh (Hi) and Sindhi
Language اهو ڪتاب پڻ سندس ٻي ورسيءَ تي پڌرو ٿيو،
سراج جي دل کي ويجهو هڪ اهم موضوع ”شاهه لطيف“ به هو. پاڻ شاهه تي جديد انداز ۾
ڪيترا تنقيدي مضمون به لکيائين، سندس انهيءَ پهلوءَ کي سامهون رکي سراج انسٽيٽيوٽ
طرفان ٽماهي ليڪچر سيريز شروع ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ شاهه جا پارکو شاهه شناسيءَ جي
عنوان هيٺ نت نون پهلوئن کي اجاگر ڪندا آهن، هن وقت تائين ٽي ليڪچر ٿي چڪا آهن،
جيڪي محترم جامي چانڊيي، تاج جويي ۽ منهنجي طرفان ڏنا ويا. گهٽ ۾ گهٽ ڏهه اهڙا
ليڪچر مڪمل ٿيڻ کانپوءِ انهن کي پڻ سهيڙي شايع ڪيو ويندو.
هن سال
ادا سراج جي ٽين ورسيءَ جو پروگرام رٿڻ ويٺاسين ته سراج انسٽيٽيوٽ جي بورڊ جي هڪ
ساٿي محترم مظهر جميل ڏاڍي دلچسپ ڳالهه ڪئي، چيائين ته سراج صاحب مدي خارج روايتن
جي خلاف هو، ان ڪري سندس ورسيءَ جو پروگرام به ايصال ثواب کان اڳتي ۽ غير روايتي
هئڻ گهرجي. ايصال ثواب خالص ذاتي معاملو آهي، اهو سندس گهر ڀاتين تي ڇڏيو ته جيئن
کپين تيئن ڪن پر هڪ اديب ۽ دانشور جي حيثيت ۾ سندس ورسي ڪجهه نئين انداز ۾ ملهائڻ
گهرجي“ – سوهن دفعي آچر ۷
فيبروريءَ تي ادا جي ورسي ڪجهه نئين انداز
سان ملهائڻ جو پروگرام رٿيو ويو آهي، ڪتابن جي پڌرائيءَ جي حوالي سان ٽن نون ڪتابن
جو مهورت ڪرايو ويندو. سراج سنڌي ٻوليءَ جو بهترين نثر نگار هو پر اها ڳالهه تمام
گهٽ ماڻهن کي معلوم هوندي ته سراج هڪ سٺو شاعر به هو. هن ٽيِن ورسيءَ جي موقعي تي
سندس هڪ ڪتاب شاعريءَ ۽ منظوم ڊرامن تي مشتمل ڇاپيو ويو آهي، جنهن ۾ سندس مشهور
نظم ”ڪراچي“ به آهي، جيڪو ۱۹۵۷ جو
لکيل آهي، جنهن ۾ ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جو نوحو آهي، جيڪو پڙهي ائين ٿو
محسوس ٿئي ڄڻ اهو اڄ ۲۰۱۶ ۾
لکيو ويو آهي، هن ڪتاب جو نالو آهي ”تنهنجي تند تنوار“. ٻيو ڪتاب سراج جي جڳ مشهور
ناول ”پڙاڏو سوئي سڏ“ جو انگريزي ترجمو Echo is the call نالي آهي، جيڪو ڊاڪٽر امجد سراج ڪيو آهي، جنهن نوجوانن ۾ سنڌ جي
تارخ جو رومانس اجاگر ڪيو هو، هاڻي ان جو ساءُ سنڌ کان ٻاهر به ضرور محسوس ڪيو
ويندو. هن موقعي تي پڌرو ٿيندڙ ٽيون ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو اصل نسل“ اهو مضمونن ۽
مقالن جي سهيڙ آهي، جيڪي سراج جي سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ قائم ڪيل نظريي جي پَس
منظر ۽ پيش منظر ۾ لکيا ويا. سراج جو اهو نظريو هو ته سنڌي ٻولي سنڌ جي اصلوڪي
بنيادي ۽ بڻائتي ٻولي آهي نه اها ڪٿان ٻاهران آئي، نه ئي اها ڪنهن ٻي ٻوليءَ مان
نڪتي آهي، مختلف دورن ۾ ساڻس رابطي ۾ ايندڙ ٻولين مٿس اثر ضرور ڪيو آهي، پر پنهنجي
بنيادي ساخت ۾ اها اڄ به نج پج ساڳي آهي، هنن مضمونن کي پڙهڻ کانپوءِ بهتر انداز ۾
سمجهه ۾ اچي ٿو: هن ڪتاب ۾ پنجاهه جي ڏهاڪي کان ۲۱ صديءَ تائين ڇپجندڙ ڪيترائي بحث مباحثا ۽ اختلافي رايا شامل آهن، جيڪي
سنڌي ٻوليءَ ۽ لسانيات جي شاگردن کي يقيناً
متاثر ڪندا.
اهڙي
نموني سنڌ جي سراج، سراج الحق ميمڻ کي غير روايتي انداز ۾ ڀيٽا ڏئي سندس ورسي
ملهائيندي اڄ اسين فخر مند آهيون ته اسان کان جسماني طور وڇڙي ويل اسان جو موڀي
ڀاءُ، ڪيئن نه اسان جي دلين ۾ يادن ۾، ڪتابن جي ورقن ۾ ۽ اهڙين گڏجاڻين ۾ زندهه
آهي ۽ رهندو. اڄ سندس پٽ پوٽا ۽ پوٽيون سندس نقش قدم تي هلي سنڌي ادب، ٻوليءَ ۽ سماج جي دامن کي وسيع ڪندي
انهن جي ترقيءَ ۾ اڳڀرا آهن.
جهوريان جهونا ڪوڙ الو ميان، ڪوٽ سوين ڪيرايان،
ڌرتي منهنجو ديس مگر، مان سنڌڙي جندڙيءَ لايان.
سراج
سنڌوءَ
جي ساڃاهه
علي نواز آريسر
سراج،
سنڌي ٻوليءَ جو اُهو سگهارو قلمڪار آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ سان انتها جي حد تائين
عشق ڪيو، هن سنڌي ادب ۾ جيڪي نوان لاڙا آندا، سي تاريخ جو هڪ مثال بڻجي ويا، ڇاڪاڻ
ته هن سڄي زندگي اُهو ادب تخليق ڪيو، جنهن جي سنڌ کي ضرورت هُئي. هن سنڌي ٻوليءَ
بابت نج سنڌيت جي جذبي هيٺ جڏهن پنهنجو منفرد نظريو قائم ڪيو، اُن وقت سندس منهن
تي مُڇن جي ساول به نه آئي هُئي، هو ان وقت جيتوڻيڪ ٻوليءَ جي وصفن ۽ گهراين کان
به ايترو واقف نه هوندو، پر سندس اندر ۾ ويٺل سنڌ جي عشق، نه رُڳو کيس ٻوليءَ جي
سڀني وصفن کان آگاهه ڪيو، پر هن ان وقت بيٺل پاڻيءَ ۾ ڄڻ ته پٿر اُڇلايو هو. اُن
جو پسمنظر هي آهي ته: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۱۹۵۹ع ڌاري ٽه ماهي مهراڻ ۾ ’سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ‘ جي عنوان سان هڪ
مضمون لکي، سنڌي ٻوليءَ بابت پنهنجي راءِ قائم ڪئي، ته ’سنڌي ٻولي، سامي صفت زبانن
مان هڪ آهي.‘ اُن وقت سراج جي ذهن ۾ مانڌاڻ مچي پيو، هن انهيءَ مانڌاڻ جو ذڪر جڏهن
سنڌي ٻوليءَ جي عالم محمد ابراهيم جويي سان ڪيو ته جويي صاحب کيس چيو: ”جواب ڇو نه
ٿو لکين؟“. سراج اُن وقت هڪو ٻڪو ٿي ويو هو ته ڪٿي ڊاڪٽر بلوچ جهڙو جيد عالم ۽ ڪٿي
سراج جهڙو شاگرد ۽ الهڙ جوان! وقت پنهنجي
رفتار سان گذرندو رهيو، سراج جي دل ۾
ٻوليءَ جو درد قرض بڻجي دُکندو رهيو ۽ ذهن ۾ سنڌ جي عشق جا اُلا ڀڀڙ بڻجي ڀڙڪندا
رهيا. سنڌي ٻوليءَ جا عاشق- محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، مولانا غلام محمد گرامي،
شمشيرالحيدري، غلام رباني آگرو ۽ نياز همايوني کانئس بار بار پُڇندا رهيا ته جواب
جو ڇا ڪيئي؟ اهڙيءَ ريت هُو پنهنجي دل ۽ ذهن جي انهيءَ آڙاهه کي جهڪو ڪرڻ خاطر
سياري جي سرد راتين ۾ نڪري پيو موهن جي دڙي جي کنڊرن کي ڦلهورڻ. اُهو موهن جو دڙو،
جيڪو پنهنجي اندر ۾ ڪيتريون تاريخي ڪٿائون دفن ڪري ويٺو هو، اُهو موهن جو دڙو،
جيڪو سنڌ جي آڳاٽي تاريخ جو اهم ۽ انوکو مثال هو. انهيءَ موهن جي دڙي جي کنڊرن ۾
راتين جون ننڊون ڦٽائي، سراج سنڌي ٻوليءَ جي آڳاٽي تاريخ جو تت ڳولي ڪڍيو. مسلسل جفاڪشي ۽ جاکوڙ کانپوءِ،
هن ۱۹۶۱ع ۾ هڪ طويل مضمون لکيو. جنهن
جي جواب ۾ وري ڊاڪٽر صاحب هڪ مضمون لکيو ۽ پوءِ ۱۹۶۴ع ۾ سراج ’سنڌي ٻولي‘ نالي هڪ ڪتاب لکي، سنڌي ادب جي جهول ۾ وڌو. جيتوڻيڪ
اُن وقت هن ڪتاب تي مختلف اديبن پاران سخت تنقيدون ٿيون، بحث مباحثا ٿيا، ڪتاب ۾
قائم نظريي کي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر چوندا آهن ته ڪڏهن ڪڏهن تاريخ
پنهنجو پاڻ کي ورجائيندي آهي ۽ اُهو ورجاءُ اهو آهي جو اڄ سنڌي ٻوليءَ جا سمورا
محافظ ’سراج جي نظريي‘ آڏو مٿو ٽيڪي بيٺل
نظر اچي رهيا آهن. خود ڊاڪٽر بلوچ هڪ پروگرام ۾ سراج جي پُٺي ٺپري چيو هو ته:
’نوجوان! اڄ آءٌ به تنهنجي راءِ سان متفق آهيان.‘ سراج جيتوڻيڪ اُن وقت ڪو ايڏو
وڏو محقق نقاد نه هو، پر هُو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو عاشق هو، جنهن سنڌ سان سسئيءَ
جهڙو عشق ڪيو هو ۽ سسئيءَ جيان جهنگ جبل جهاڳڻ شروع ڪيا هئا.
سراج
رُڳو محقق هجي ها ته ڪنهن پراڻي طئه ٿيل نظريي تي بيهي رهي ها، پر هُو ته تخليقڪار
هو ۽ تخليقڪار ئي انتها جي حد تائين عشق ڪري سگهي ٿو. سراج عاشق نه هجي ها ته
ٻاروتڻ ۾ پڙهيل الف- ب واري پٽي، سندس ذهن تي اُڪريل نه هجي ها! – ۽ ها، اُهو
ٻوليءَ جو عشق، کيس پنهنجي والد صاحب محمد يعقوب ’نياز‘ کان وِرثي ۾ مليو هو.
سراج،
ٻيو جيڪو وڏو ڪم ڪيو، اُهو ڪم هو ’سنڌ جي تاريخي پسمنظر ۾ ناول لکڻ،‘ سراج جو
پهريون ناول ‘پڙاڏو سوئي سڏ’ تاريخي پسمنظر ۾ لکيل سنڌيءَ جو پهريون اهم ناول آهي،
جنهن جا هن وقت تائين ڏهن کان وڌيڪ ڇاپا پڌرا ٿي چُڪا آهن ۽ هيءَ ناول، سنڌي ادب
جي شاگردن کي ايم. اي ۾ سبجيڪٽ طور پڙهايو ويندو آهي. هن ناول جي ٻولي، جيتوڻيڪ
سادي آهي، پر ناول ۾ جيڪو انقلابي نُڪتو کنيو ويو آهي، تنهن سنڌ جي قومي هلچل ۾
چڱو خاصو اُڀار آندو. هي ناول ترخانن جي سنڌ سان ڪيل ڏاڍاين خلاف آهي.
سراج
صاحب جي مٿين راءِ اهو ثابت ڪري ٿي ته سنڌي ماڻهو ويڙهه جو عمل ۽ منظم جدوجهد هن
دور ۾ سکيا. سراج هن ناول ۾ ’جيئي سنڌ‘ جو نعرو به متعارف ڪرايو آهي، جنهن سنڌ جي
قومي هلچل ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. اهڙيءَ طرح سراج هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو به
لکيو، جيڪو ’مرڻ مون سين آءُ‘ جي نالي سان گهڻو پوءِ ڇپيو. اهڙيءَ طرح سراج وقت جي
نبض تي هٿ رکي ادب تخليق ڪندو رهيو ۽ ان سلسلي تحت هن سنڌي ناولن ۾ ’ٽريالاجي‘ به
متعارف ڪرائي، هن ٽريالاجيءَ ۾ سندس ٽي ناول: ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’تنهنجي
دنيا سڀ رنگ سانول‘ ۽ ’منهنجي دنيا مِرگهه ترشنا‘، شامل ڪيا، جيڪي ٽريالاجيءَ طور
’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ نالي سان ڇپيا. هن کان اڳ ڪنهن سنڌي مصنف سنڌي ناول جي
ٽريالاجي نه لکي هُئي.
مجموعي
طور سراج هر دور ۾ متحرڪ قلمڪار رهيو آهي. هن ڪهاڻيون به لکيون ته شاعري به ڪئي.
منظوم ناٽڪ به لکيا ته لاتعداد ڪالم به لکيا. هو جڏهن هلال پاڪستان اخبار جو
ايڊيٽر هو، تڏهن’ملان جي ڊوڙ‘، ’سياسي منظر نامو‘ ۽ ‘رتيءَ جي رهاڻ‘سِري هيٺ لاتعداد
مضمون ۽ تجزيا لکيائين، سندس اهي ڪالم اڄ به پڙهجن ٿا ته ايئن پيو محسوس ٿئي، ڄڻ
اڄ جي حالتن تي لکيا ويا آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ جون حالتون اڃا تائين ساڳئي پسمنظر ۾
ساهه کڻي رهيون آهن.
سراج
جي ٻين ڪتابن ۾: ’سج ڏکڻ مان ٿو اُڀري‘ (ڪرشنچندر جي ناول جو ترجمو:۱۹۵۳ع)، ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ (ايس. پي ڇٻلاڻيءَ جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۵۸ع)، ’چونڊ آمريڪي افسانا‘ (ترجمو:۱۹۵۸ع)، ’اي درد هلي آءُ‘ (ڪهاڻيون:۱۹۶۲ع)، ’اٺون ماڻهو (ڪهاڻيون‘:۱۹۸۵ع)، ’سياسي
منظر نامو‘ (۲۰۱۵ع) ’ڏات ۽ ڏاهپ جي لاٽ‘ (۲۰۱۵ع) شامل آهن.
منهنجي
سراج صاحب سان صرف هڪ ملاقات ٿي هُئي، اُن وقت آءٌ عمر ۾ ڪافي ننڍو هئس، هڪ ڀيري
آريسر صاحب [عبدالواحد آريسر] سان گڏجي ڪراچيءَ ويو هئس ۽ پوءِ اسان
شمشيرالحيدريءَ سان گڏجي، سراج صاحب سان مليا هُئاسين. نهايت ئي سنجيده انسان،
ضرورت وقت ڳالهائي رهيو هو، نه ته مسلسل خاموش، پر هن جيڪو به ڳالهايو پئي، ان ۾
سنڌ جو ذڪر هو، سنڌ جي شعور جي ٽمورتيءَ سان گڏ ويٺي مون پنهنجي پاڻ کي خوش نصيب
ڀانئيو هو ۽ اُن رات ڪيتري دير تائين ٽنهي جي ڪچهريءَ مان مون علم جا ڪيئي ڪڻا
ميڙيا هئا، جيڪي اڄ تائين منهنجي ذهن ۾ سانڍيل آهي. سراج سان منهنجي شناسائي هونئن
ته گهڻي پراڻي هئي، ڇاڪاڻ ته مون جيڪو پهريون ناول پڙهيو هو، اُهو سراج جو ناول
’پڙاڏو سوئي سڏ‘ هو جيڪو اُن وقت ته منهنجي سمجهه ۾ نه آيو هو، پر اڳتي هلي انهيءَ
ناول منهنجي ايتري ته رهنمائي ڪئي، جو آءٌ به ’ساڳئي پنڌ جو پانڌيئڙو‘ بڻيو هئس.
اهڙيءَ طرح انهي شُناسائيءَ کي عملي صورت اُن رات ملي هئي، جڏهن آءٌ هن جي سامهون
خاموش ويٺو کيس ڏسندو رهيو هئس. هماليه جهڙي هن اڏول انسان جي ذهن ۾ ان وقت به سنڌ
جي سوچ هُئي.
سراج،
بابت هڪڙي ٻي اهم ڳالهه آءٌ رڪارڊ تي آڻڻ چاهيان ٿو، جيڪا هن وقت تائين سامهون اچي
نه سگهي آهي ۽ اُها ڳالهه مون کي آريسر صاحب، ۲۲ اپريل ۲۰۱۵ع تي راجپوتانا اسپتال جي ڪمري
نمبر ۱۲۲ ۾ ٻڌائي هُئي ته:
جڏهن
بينظير صاحبه پاڪستان ۾ اپوزيشن اڳواڻ هئي، اُن وقت هن ڏکڻ ايشيا جي اپوزيشن
اڳواڻن جي ميٽنگ ڪوٺائي هئي، جنهن ميٽنگ ۾ شيخ حسينه واجد کان مختلف صحافي انٽرويو
وٺڻ آيا هئا ته حسينه واجد انهن کي وراڻيو هو ته: آءٌ انٽرويو صرف بنگالي ٻوليءَ ۾
ڏيڻ پسند ڪنديس، ظاهر ڳالهه آهي ته هِتان جي صحافين کي بنگالي ٻولي ڪانه ٿي آئي،
اُن وقت سراج ميمڻ، حسينه واجد سان مليو ۽ پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيائين ته آءٌ
توهان جي بابا جو دوست آهيان ۽ ڊاڪا مان به ٿي آيو آهيان، تڏهن هن وراڻيو ته: ’ها،
مون اوهان جو ذڪر بابا جي ڊائريءَ ۾ پڙهيو آهي- ۽ پوءِ هن سراج صاحب کي انٽرويو
ڏيڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي. اُن وقت پاڪستان ۾ بينظير، بنگلاديش ۾ شيخ حسينه واجد ۽
نيپال ۾ ڪُماري ٽنگا اپوزيشن جون عورت اڳواڻ هُيون.
ان مان
واضح ٿئي ٿو هو ڪيڏو وڏو ماڻهو هو ۽ ڪيڏو ڪميٽيڊ ۽ واسطا ڳنڍيندڙ انسان هو. سراج صاحب تي وقت جي نقادن ڪيتريون ئي تنقيدون
ڪيون، پر هن ڪڏهن مُڙي به انهن کي جواب نه ڏنو ۽ نه هن ڪڏهن ان جي ضرورت محسوس
ڪئي، ڇاڪاڻ ته هن ڄاتو ٿي ته تنقيدن جي ور چڙهي پنهنجو وقت وڃائڻ کان بهتر آهي ته
عملي ڪم ڪجي ۽ هو سڄي زندگي ڪم ڪندو رهيو.
اڄ
تاريخ سندس انهن مخالفن جي منهن تي سراج جي تخليقن جي اهڙي ته مُهر هڻي ڇڏي آهي،
جو وٽن سندس ادبي تخليقن جي ’اعترافي قبوليت‘ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو بچيو ئي ناهي.
سراج، جيڪو سنڌوءَ جي ساڃاهه هو، سو سنڌ کان ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع تي جدا ٿي ويو، پر سندس ڏنل
نظريو سنڌ ۾ اڄ به شعور جي چڻنگ کي روشن رکيو اچي.
سراج
پڙاڏو سو ئي سڏ جو خلقيندڙ
رکيل مورائي
سنڌ جي تاريخ کي، سنڌين جي ڌارين هٿان ٿيل قتلن کي، ۽ مسلسل سنڌ جي آجپي
لاءِ وڙهندڙ سنڌي سورمن کي، پنهنجي سنڌي تاريخ تي لکيل پهرئين ڪتاب ”پڙاڏو سوئي سڏ
۾“، فڪشنائيز ڪندڙ سنڌ جي محب وطن، سنڌ جي حقن لاءِ الڳ محاذن تان پنهنجو آواز سنڌي
توڻي انگريزيءَ ۾ اٿاريندڙ، سراج الحق ميمڻ، ۽ ادبي دنيا ۾ فقط ” سراج“ لکندڙ اديب،
ڪهاڻيڪار، ناول نويس، سنڌي ٻوليءَ کي پهريون ڀيرو سنسڪرت کان به قديم ٻولي سمجهندڙ
۽ ”سنڌي ٻولي“ جهڙو جديد ڪتاب لکندڙ سراج اوڻاسي روهين جي ڄمار ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه سنڌ
جي حوالي ڪري پاڻ مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ وڃي آرامي ٿيو، ۽ اهو آرام، اهڙو آهي، جيڪو هر
ان شيءَ لاءِ ضروري طئه ڪيل آهي، جيڪا ساهه کڻي ٿي. ائين سراج صاحب به سنڌ جي راڄڌان
ڪراچيءَ ۾ پنهنجو آخري ساهه کنيو، جو سندس دل شايد ساڻس ان ڪري بيوفائي ڪري وئي، جو
هن اها دل ڪنهن آفاقي قوت جي بجاءِ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن. سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب سان لڳائي
هئي.
دلين جون ادائون به عجيب آهن.
شايد سراج صاحب جي دل اهو قبول نه ڪيو هوندو، ۽ سندس ساٿ ڇڏي ڏنو.
عملي طور سراج صاحب، سنڌي ادبي بورڊ جي پهرئين نوڪريءَ کان شروعات ڪئي
جنهن کان پوءِ سي ايس ايس آفيسر ٿيو. جڏهن اها نوڪري کائنس کسي وئي ته ڀٽي صاحب کيس
هلال پاڪستان جو ايڊيٽر ڪيو. جيڪو وري سندس زندگيءَ جو الڳ باب آهي ۽ ڀٽي صاحب جي حڪومت
ختم ٿيڻ کان پوءِ سراج صاحب هڪ اعليٰ قانوندان طور ملڪ ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو.
ادب، صحافت ۽ وڪالت، هن جي زندگيءَ جا ٽي الڳ الڳ پهلو آهن، جن مان هر هڪ پهلوءَ تي ڪتاب لکي سگهجن ٿا ۽ لکيا
به ويندا، هلال پاڪستان اخبار سندس ذڪر کان سواءِ اڻ پوري رهندي، ائين ڪيئي ادارا سندس
ذڪر کان سواءِ اڻ پورا رهندا، ۽ اڄ کان پوءِ شايد ميڊم فهميده حسين، ڊاڪٽر امجد سراج،
ارشد سراج ۽ نويد سراج به دلي طور اڻپورا آهن، ڇو ته منجهن هاڻ سراج صاحب موجود نه
رهيو آهي، ٻيءَ طرح سنڌي ادب پڻ سندس کوٽ محسوس ڪندو، جيتوڻيڪ هو پوئين عمر ۾ سنڌيءَ
۾ ڪجهه لکي نه سگهيو هئو،پر سنڌ جي مسئلن بابت گهڻي عرصي کان هو
انگريزي ۾ لکندو رهندو هئو، سرونٽ آف سنڌ سوسائٽي پاران نڪرندڙ انگريزي ڪواٽرلي مئگزين
۾ سندس اهي لکڻيون پڙهي سگهجن ٿيون، نه رڳو پڙهي سگهجن ٿيون پر انهن کي گڏ ڪري ڪتاب
جي صورت ۾ به آڻڻ کپي.
سراج صاحب انگريزيءَ توڻي سنڌيءَ ۾ ڪجهه به لکڻ کان سواءِ پاڻ کي اڻپورو
محسوس ڪندو هئو، ڇاڪاڻ ته سنڌ به اڃا اڻ پوري آهي جنهن کي پورو ٿيڻو آهي.
سراج صاحب ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۳ع تي هڪ تعليمي ماهر محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ ٽنڊي ڄام ۾ جنم ورتو ۽
۲ فيبروري
۲۰۱۳ع تي سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻوڪيو.
هن تخليقي طور پڙاڏو سوئي سڏ – ناول، مرڻ مون سين آءُ – ناول، سنڌي ٻولي – تحقيق سنڌي
۽ انگريزي ءَ ۾ ”اي درد هلي آءُ“ ڪهاڻيون، اٺون ماڻهو – ڪهاڻيون، پياسي ڌرتي رمندا
بادل – ناول ٽريالاجي لکيا، ترجمي ۾ ”چين جي هارين کي زمين ڪيئن ملي“ ”ڏکڻ مان ٿو سج
اڀري“ ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ ۽ چونڊ آمريڪي افسانا نالي ڪتاب هن سنڌي ٻولي کي ڏنا.
۽ ڄاڻايل ڪتابن کان سواءِ هن اڻ ڳڻيا مضمون، مقالا ۽ ليک سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ لکيا آهن.
سراج
سندس شخصيت ۽ سنڌ شناسي
رکيل مورائي
ڳالهه
شايد ورجايل آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو ورجاءُ به لکڻ وقت ٿي ويندو آهي، سنڌي ٻوليءَ
جي بيمثال لکندڙ سراج صاحب جي حوالي ۾ به شايد ائين ٿئي، ڪيئن به سراج صاحب اهڙو
لکندڙ هئو. جنهن جي لکڻين جو اوسيئڙو پڙهندڙ ڪندو ئي هئو، ڊاڪٽر فهميده حسين صاحبه اهو سچ لکيو آهي.
سراج
صاحب جي هلال اخبار وارو دور اسان جي شعوري عمر واري دور کان اڳ جو آهي، پر جاڳو
وارو دور اسان ڏٺو، ان کان اول مون کي برسات جا اهي جهازي سائيز جا پرچا ياد اچن ٿا.
جن ۾ سراج صاحب جو ناول ”پياسي ڌرتي رمندا
بادل“ قسطن ۾ ڇپبو هئو، سراج صاحب جي هڪ لا جواب تصوير ناول
سان ڇپجي هئي، جڏهن ناول جي قسط پڙهي پوري ڪندا هئاسين ته ڪي پل من ۾ ماٺ واسو ڪري ويندي هئي، ڇا ته هن ناول جي ٻولي ۽
منظر نگاري هوندي هئي، تصور ڪبو هئو ته ڪراچي
جهڙي شهر ۾ ويهي، اهڙي ٻهراڙي جي حسن سان ڀرپور ٻولي به لکي سگهجي ٿي ڇا؟
ان کان
اڳ سراج صاحب جا ناول خاص طور ”پڙاڌو سو ئي سڏ“ ستر جي پڇاڙي ۽ اسيءَ جي شروعات ۾
پڙهيو. حيرت جي حد اها آهي ته ٽياسيءَ جي تحريڪ ۾ سنڌي ماڻهوءَ بلڪل ساڳيءَ طرح ويڙهه
ڪئي جيئن سراج صاحب ”پڙادو سو ئي سڏ“ ۾ ڏيکاري آهي، منهنجو ايمان تازو ٿي ويو هئو
ته اهم ڪتاب ماڻهن تي، پڙهندڙن تي پنهنجا اثر ائين ڇڏيندا آهن خير.
عوامي
آواز ۽ جاڳو ۾ ڇپيل سراج صاحب جو ڪالم ”رتيءَ جي رهاڻ“ هر هفتي انهيءَ اتساهه سان
پڙهڻ جو موقعو مليو، ڪالمن جي اهائي لاجواب ٻولي، جيتوڻيڪ ٻاهر جو ماحول انهن جي
ابتڙ هئو. انهن ڪالمن پڙهڻ وقت اسين ڪراچي جي ڪربلا ۾ هئاسين ۽ سراج صاحب جا ڪالم
سچ ته فرات جي پاڻيءَ جيان اسان جي روح جي اڃ اجهائيندا هئا. گذريل صديءَ جي آخري ڏهاڪي
جي قيد ۾ پيل سنڌ جو اهو ڪهڙو مسئلو هئو،
جيڪو سراج صاحب جي ڪالمن ۾ نه هئو؟ پر سندس ڪالمن جي ٻولي وري به ناول جهڙي وڻندڙ،
ڪهڙي به خشڪ موضوع تي ڪالم پڙهڻ لاءِ ملي
پر پڙهجي ته ڪهاڻي يا ناول جي باب جون سڪون لهن.
کانئس
پوءِ آيل سنڌ جي اڪثر تخليقي غربت ۾ مبتلا ڪهاڻيڪارن وانگر هن پنهنجي ڪالم کي هٿرادو
نالو ”ڪالم ڪهاڻي“ نه ڏنو، ان کي ڪالم ئي ڪوٺيو ۽ جڏهن هاڻ انهن ڪالمن جو چگو حصو
هڪ ڪتابي شڪل ۾ آيو آهي. تڏهن به انهن کي ڪالمن جو سرو ئي ڏنل آهي، ڇاڪاڻ ته سراج
صاحب جن به مسئلن تي پنهنجا ڪالم لکيا اهي ان ئي صنف جا گهرجائو هئا. پر ڇاڪاڻ ته
هو تخليڪار هئو ان ڪري سندس ٻولي خشڪ هجڻ جي بجاءِ اها ئي تخليقي رهجي وئي آهي،
جنهن سبب اڄ به جڏهن ٻيهر، ٽيهر سراج صاحب جا ڪالم پڙهجن ٿا، تڏهن جيتوڻيڪ ڪي
موضوع گذريل وقت جا آهن پوءِ اهي تازا توانا ۽ تخليقي محسوس ٿين ٿا. صحافتي لکڻي ۾
تخليقي ٻوليءَ جو ميلاپ سراج صاحب جي ڪالمن کي الڳ سونهن ڏئي ٿو. اهڙو اندازو ڪتاب
جي ڪالمن جا سرا پڙهي به ڪري سگهجي ٿو.
هنن ڪالمن
مان به اهو اندازو لڳائڻ ڪو گهڻو ڏکيو نه آهي ته سراج صاحب ڪجهه به لکڻ وقت پنهنجي
تخليڪار واري حيثيت برقرار رکي آهي. سندس
ٻولي، لفظن جي چونڊ، شاهه سائين جي شعرن يا شعرن جي ڪن اهم سٽن جو مناسب
استعمال، مهاوريدار اظهار، سڀ گڏ جي هن جي هڪ بيمثال تخليقڪار هجڻ جي ساک ڀرين
ٿا.
سچ ته
اهو آهي ته اسان جي نسل سراج صاحب جا ناول ئي پڙهيا، ان ڪري انهن جو اثر پوءِ سندس سڀني لکڻين پڙهڻ وقت ذهن ۾ رهندو آيو. هاڻ
جڏهن هو نه رهيو آهي ۽ ڀيڻ فهميده حسين جي ڪوششن ۽ دوست تاج جوئي جي محنتن سان
سندس سمورو ڪم سهيڙ جي رهيو آهي ۽ اهو گڏيل ڪتابن جي صورت ۾ اچي رهيو آهي ته نوجوان نسل آڏو سندس ڪيترائي پهلو ظاهر ٿي رهيا
آهن، جيڪي اڳ ايترا چٽا نه هئا، هاڻ اسين ڏسي رهيا آهيون ته سراج صاحب ڪهاڻيڪار ،
ناول نگار، ناٽڪ نگار، مضمون نگار، شاعر، ٻوليءَ جو ڄاڻو، شاهه جو پارکو، هڪ ئي
وقت سنڌي توڻي انگريزي ۾ لکندڙ هئو.
ايترن
الڳ الڳ حوالن ۾ هڪ اهڙو لکندڙ جنهن جي هر لکڻي پنهنجو نجو تاثر کڻي پرهندڙ وٽ
اچي، سنڌي ادب لاءِ ڀاڳ ۽ فخر جي علامت آهي ۽ سچ
پچ سراج صاحب سنڌ، سنڌي ادب ۽ ٻولي لاءِ ڀاڳ ئي آهي ”آهي“ مان ان ڪري
استعمال ڪريان ٿو جو اسان وٽ اهڙو ئي احساس آهي، ٻيءَ طرح هو پنهنجي ادب جي حوالي
سان اسان ۾ اڄ به موجود آهي. ان ڪري کيس لاءِ ”هئو“ لفظ منهنجو قلم لکڻ کان قاصر
رهجي وڃي ٿو.
ممڪن
آهي ته منهنجي دل ۽ دماغ پڻ ائين قبول ڪري
ورتو هجي، جيتوڻيڪ هن سال فيبروريءَ ۾ سندس چوٿين ورسي هئي ۽ سندس هن ورسيءَ تي جيڪي
ڪتاب شايع ڪرايا ويا آهن
رتيءَ
جي رهاڻ
به
انهن ۾ شامل آهي، جيڪو نالو به سندس ئي لکيل ڪالمن جو هئو، جنهن جو تفصيل مٿي اچي چڪو آهي ۽ وڌيڪ ڪتاب جي مرتب تاج جوئي
صاحب جي نوٽ ۾ ڏنل آهي.
سراج
اسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز، پاران ڇپايل هيءُ ستون ڪتاب آهي، ائين سندس سمورو ڪيل
پورهيو، جيڪو سمورو سنڌ شناسي بابت آهي ڪتابي صورت ۾ سهيڙجي رهيو آهي. ٻه سئو
ستيتاليهن صفحن تي ٻڌل هيءُ بيحد سهڻي پني تي، پڪي جلد سان ڇپيل ڪتاب جو ملهه ساڍا
ٽي سئو ريپا آهي.
سراج
انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز پاران اٺين نمبر ڇپيل
ڪتاب جو نالو آهي
شاهه
لطيف جي آفاقيت
جيئن
پنهنجي نالي مان ظاهر آهي ته هيءُ ڪتاب
شاهه سائين بابت آهي، جنهن کي لطيف شناسي ڪوٺجي ٿو. شاهه سائين جي بيتن جو جيڪو
استعمال سراج صاحب جي نثر جي الڳ الڳ صنفن
۾ ڪيل آهي، ان مان ئي سندسن لطيف شناس هجڻ جو پتو پوي ٿو. پر شاهه سائين
بابت سندس لکيل مقالا، مضمون ۽ ڪي ليک پڻ سندس هڪ عالم توڻي نقاد واري حيثيت کي اڀاري
بيٺا آهن.
شاهه
سائينءَ بابت لکيل سراج صاحب جا ليک ظاهر آهي ته الڳ وقتن ۽ الڳ الڳ موضوعن تي
لکيل آهن، جن مان شاهه سائين جي شاعريءَ جا ڪي نوان پهلو طاهر ٿيڻ لڳن ٿا.
”شاهه لطيف جي آفاقيت“ ڪتاب ۾ سراج صاحب جا نون مضمون، هڪ سرگها توءَ تي
رچيل ناٽڪ، هڪ مو کي متارا- لوڪ ڪهاڻي ۽ هڪ ليک شاهه سائين جي بيتن جي انگريزي
ترجمي تي آهي، جيڪي ترجما سراج صاحب جا ڪيل آهن، آخري مضمون تاج جوئي صاحب جو آهي، جيڪو هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ پڻ
آهي، مضمون جو عنوان آهي ” سراج ! شاهه جو شارح“ ائين هڪ بيمثال ڪتاب لطيف شناسيءَ
بابت سنڌي ٻوليءَ کي ڏيڻ پڻ سراج صاحب جي سنڌي ٻولي ۽ شاهه سائينءَ سان اٿاهه محبت
جي نشاني آهي.
شاهه
سائين جي فن ۽ فڪر بابت هن ڪتاب جا مضمون
موجوده شاهه بابت لکجندڙ لڪير کان الڳ آهن. انهن مان شاهه سائينءَ جي شاعريءَ بابت
وڌيڪ ڄاڻ پوي ٿي ۽ ڪجهه ڪجهه نئين ڄاڻ ملي
ٿي ، ڇاڪاڻ ته سراج صاحب جي سوچڻ جو انداز نئون هئو. هن جي اظهار جو انداز نئون
هئو، ان ڪري هو سنڌي ادب کي گهڻو ڪجهه نئون
ڏئي ويو آهي.
”شاهه لطيف
جي آفاقيت“ ڪتاب ۾ هڪ سئو نوي صفحا آهن پڪي جلد ۽ سهڻي پني تي ڇپيل لطيف شناسيءَ
بابت هن اهم ڪتاب جو ملهه ٻه سئو ريپا آهي، ڪتاب لطيف شناسيءَ سان واسطو رکندڙن
لاءِ بيحد اهم آهي.
اداري
جي نائين نمبر ڪتاب جو نالو آهي
مون
جاسِر جي سِٽ
آهي.
سراج صاحب جي هن اهم ڪتاب ۾ چئين موضوعن
تي ليک ڏنل آهن، اهي موضوع آهن. ” ادب، شخصيات، تاريخ ۽ آرڪيالاجي“ چئين
بابن ۾ ورهايل هن ڪتاب مان پڻ سراج صاحب جا الڳ الڳ پهلو ظاهر ٿين ٿا.
هڪ ليکڪ
طور ايترن گهڻن موضوعن تي ايترو سٺو لکڻ وارو سراج صاحب ئي سگهي ٿو.
ظاهر
آهي ته مٿين موضوعن تي گهڻو ئي لکيو ويو آهي، لکجي رهيو آهي ۽ لکبو رهيو پر سراج صاحب جي لکڻ جو ڏانءُ ۽ سوچڻ
جو ڏانءُ الڳ آهي، يا چوڻ گهرجي ته هو
لکندڙن جي عام ڀيڙ کان پري آهي، هن ڪتاب ۾ بابن جا عنوان هن طرح ڏنا ويا آهن.
۱ - مون جا سر جي سٽ
۲ - مون سي ڏٺا ماءِ
۳ - قديم سنڌ: دڙا ۽ کنڊر
۴ - ڪتابن جا مهاڳ
هنن سڀني
عنوانن کانپوءِ ڏنل آهن ٽي تبصرا، جيڪي سراج صاحب جي جڳ مشهور ناول ” پڙاڏو سوئي سڏ“ تي لکيل آهن، جن جا لکندڙ آهن. جمال ابڙو صاحب،
مراد علي مرزا صاحب ۽ رسول بخش پليجو صاحب ، ائين هيءُ ڪتاب ڪيترن ئي موضوعن جي
ترجماني ڪندڙ ڪتاب آهي ۽ ان مان الڳ الڳ پڙهندڙ
لاڀ پرائي سگهندا.
ساڳئي
وقت سراج صاحب جو ڇڙوڇڙ ٿيل ڪم پڻ هڪ هنڌ محفوط ٿي رهيو آهي، سچ پچ هن ڪتاب جا ڪي اهم ليک انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جهڙا آهن. خاص طور قديم سنڌ: دڙا ۽ کنڊر“ جي سري هيٺ آيل مضمون ته سڀ جا سڀ ترجمو ڪرڻ کپن، ممڪن آهي ته ادارو اهڙي سوچ رکندو هجي.
ڪيئن
به سراج صاحب جو ڪم گهڻ رخو آهي، جيڪو اڄ جي نسل آڏو ظاهر ٿي رهيو آهي، اسان جو فڪشن
رائيٽر ڪيترن محاذن تي سنڌ لاءِ، سنڌي ٻوليءَ لاءِ ۽ سنڌي ادب لاءِ هڪ ئي وقت وڙهي
رهيو هئو، اهو اسان جي نيئن نسل آڏو مثال هجڻ گهرجي ۽ پڪ سان سراج صاحب هڪ مثال
آهي، جنهن کي کڻي اڄ جو نوجوان اڳتي سفر جاري رکندو. ” مون جا سرجي سٽ“ ڪتاب ، سنڌي
ادب ۾ اهڙو واڌارو آهي، جيڪو وساري نه
سگهبو، ٻه سئو ٽيونجاهه صفحن جو هيءُ ڪتاب
به سانڍڻ
جهڙو آهي، ان کان وڌيڪ پڙهي لاڀ پرائڻ جهڙو ڪتاب آهي. جنهن جو ملهه ٽي سئو
پنجاهه رپيا آهي.مٿين ٽنهي ڪتابن پڙهڻ کان
پوءِ سراج صاحب لاءِ هڪ مناسب لفظ ”سنڌ شناس“ لکڻ ئي ڪافي آهي.
هنن ڪتابن
کي سهيڙڻ ۽ ڇپرائڻ لاءِ پڪ سان اسان جي مانواري ڀيڻ ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ جاکوڙي
اديب اسان جو دوست تاج جويو گهڻي تعريف لهڻن. ساڳئي وقت مالي سهڪار لاءِ اسان جو
سنڌ دوست، علم دوست ۽ ادب دوست سائين حميد آخوند به اوتري ئي تعريف لهڻي پر ڇا ڪجي
اسان گلا ۽ غيبت تي هريل سنڌي ڪنهن سٺي ڪم ڪرڻ واري جي تعريف ڪريون به ته ڪيئن ڪريون؟
سراج
سنڌ جو غيرتمند پٽ!
نصرت لاشاري
گهوڙن
۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا
ڪڏهن
منجهه ڪوٽن ڪڏهن راهي رڻ جا.
هي
زندگي جيڪا ٿوري آهي، پر هن ڪائنات ۾ جتي ڪا به شئي بي معنيٰ ناهي، بي مقصد ناهي،
اُتي انسان ته وري اشرف المخلوقات آهي، ان جو ذهن ۽ ذهني اوسر کيس اهم بڻائي ٿي،
اهو ڊاڪٽر آهي ته کيس قدرتي ڏات شفا طور مليل آهي، انجنيئر آهي ته ماڻا ماپا ڪري وڏيون
شاهڪار عمارتون کڙيون ڪيو وڃي، ۽ جي ڪو اديب، صحافي، ناول نگار، ٻولي جو ڄاڻو ۽
علم سان سندس ذهني ۽ روحاني اوسر ٿيل آهي، ته هو پنهنجي سماج جي اهنجن جو طبيب ٿيو
وڃي، سنڌ کي خوشقمستيءَ سان اهڙا باشعور، باعلم ۽ روشن ضمير اديب صحافي ۽ ليکڪ
مليا جن جي ضمير ۾ ڀٽائي جو ڌرتيءَ سان
عشق سفر ڪندو. ڪيترين پيڙهين تائين پنهنجي ماءُ سان محبت جو ناتو نڀائيندو آيو، اهڙن
غيرتمند پٽن مان هڪ پٽ سراج ميمڻ به هيو، جنهن جي شخصيت گهڻ پا سائين هئي، جنهن
پنهنجو ۽ پنهن جي ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ ڪارپوريٽ وڪيل جو پيشو اختيار ڪيو، پر سندس
اندر ۾ مچيل طوفان کيس رڳو هڪ عام وڪيل ڪٿي پيو رهڻ ڏئي.
سڄڻ ۽
ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري!
سنڌ جو
سڄڻ جنهن شاهه جي هن بيت ۽ ٻين ڪيترن بيتن کي هنيئن سان هنڊايو ۽ قلم کڻي صحافت
ذريعي ادب جي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ هو ڌرتيءَ جو ساڻيهه بڻجي ويو، سراج صاحب جنهن کي
اسان کان وڇڙي اڄ چوٿون سال آهي، پر مونکي اڄ به اها صبح ياد آهي، جڏهن ٻين
فيبروري ۲۰۱۳ع جي صبح منهنجي ڀاءُ سارنگ
مونکي فون تي ٻڌايو ته ادي اڄ سراج صاحب اسان کان موڪلائي ويو، مون کان رڙ نڪري
وئي وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيس بس نير هئا جن سڀ بند ڀڃي ڇڏيا هئا، پوءِ ياد آيم ته
مان ڪيترن ڏينهن کان رات جو سمهي نه سگهي هيس، ائين ٻه دفعا اڳ به مونسان ٿيو هيو،
هڪ بابا جي وڇوڙي کانپوءِ پورو مهينو منهنجي ماءُ ۽ مان سڄي رات هڪ عجيب بيچيني
هئي جنهن ننڊون ڦٽائي ڇڏيون هيون، ۽ ٻيو ڀيرو محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان اڳ ۾
هي ٽيون ڀيرو هو جو آنءُ خوف ۾ وڪوڙيل هيس.
سراج
الحق ميمڻ صاحب ڊاڪٽر فهميده حُسين جو ڀاءُ جيجي انيس ۽ جميلا جو ڀاءُ ادا ارشد،
امجد ۽ نويد جو والد اسان جي آنٽي جو ور ۽ ٻين ڪٽنب جي ميمبرن جو هر دل عزيز ته هو
ئي پر سنڌي ادب جي اُفق تي چمڪندڙ چنڊ هو، هڪ تحريڪ هو جهالت خلاف، ظلم جبر ۽ ڏاڍ
خلاف سراج صاحب هڪ روشن دور هو، سنڌ لاءِ جنهن جي وڇوڙي نيڻن نير واها جو هر اک
آلي هئي، اداسي سنڌ جي ڪلاچي کان ڪينجهر ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين ڦهلجي وئي.
سنڌ هن
ڌرتيءَ تي اهڙي سڀاڳي ماءُ آهي، جنهن اهڙا پٽ ڄڻيا جن جي ضمير ۾ غيرت جي مٽي شامل
آهي، جو سندس پٽن ڪڏهن به ويل نه وڃائي.
مون ڏاڍو
ذهن تي زور ڏنو ته پهريون ڀيرو مان سراج صاحب سان ڪڏهن ۽ ڪيئن ملي هئيس پر ياد نه
آيو.
ياد
آيو ته گهر ۾ هر روز ٿيندڙ سراج صاحب جو ذڪر، ڪڏهن امان ۽ بابا کي پاڻ ۾ صلاح ڪندي
ڏٺم ته امجد جي شاديءَ ۾ ٻارن کي نه وٺي هلنداسين ته ڪڏهن بابا گهران جلدي نڪري
ويندا هئا ته اڄ سراج صاحب وٽ وڃڻو آهي.اهڙو ڪو به ڏينهن نه هيو جو سراج صاحب جو ذڪر
اسان جي گهر ۾ نه ٿيندو هجي.
مطالعي
جو شوق بابا جي پنن کي سنڀالڻ ڪري مون ۾ شروع کان هيو، اڃان ڇهين ڪلاس ۾ هيس ته
مون بابا کان ڪيترائي سياسي سوال پڇڻ شروع ڪيا، هڪ ڀيرو بابا کان پُڇيم ته بينڪ ۾
ماڻهو پئسا ڇو رکندا آهن، ان مان بئنڪ کي ڪهڙو فائدو ۽ ماڻهن کي ڪهڙو؟ مرڪندي
مونکي چيائون ته سڀاڻي جي اخبار ۾ سراج صاحب جو مضمون ”بينڪنگ سسٽم“ تي لکيل آهي،
ان ۾ تنهنجي هر سوال جو جواب آهي، ٻئي ڏينهن جي عوامي آواز ۾ مون سراج صاحب جو
مضمون پڙهيو ۽ منهنجي بي علمي دور ٿي، اڄ سوچان ٿي ته اهڙي علم جي روشني پنهنجو
فرض سمجهي سراج صاحب گهر گهر پهچائي، اتان مون سراج صاحب کي ريگيولر پڙهڻ شروع ڪيو.
سراج
صاحب جا ناول ”مرڻ مونسين آءُ“، ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“، ”منهنجي دنيا مرگهه
ترشنا“، ”پڙاڏو سوئي سڏ“، مون ننڍي عمر ۾ پڙهيا تنهن ڪري منهنجي مٿان گذري ويا، جڏهن
سمجهه پُختي ٿي ته وري پڙهيم، تڏهن خبر پئي ته سنڌ جي سماجي، فڪري، روايتي، ريتن،
رسمن جو حال ۽ سنڌ اصل ۾ آهي ڇا؟ ان اوائلي سبق مون جهڙن نون سوچڻ وارن کي سراج
صاحب ڏنا، سراج صاحب صحافتي توڙي ادبي لکڻين ذريعي انتهائي ذميداري۽ سنجيدگي سان
پنهنجي قوم جي ذهني، علمي ۽ فڪري اوسر ڪرڻ ئي سندن اول ذميداري هئي، اهو ئي سبب هو
جو هلال پاڪستان واري ايڊيٽرشپ واري دور ۾ جيڪي ليک لکيائون انهن مان ڪيترائي نوان
لکاري پيدا ٿيا، جنهن ۾ منهنجو بابا فقير محمد لاشاري (جنهن لاءِ سائين ابراهيم
جوئي صاحب فخر سان مونکي ٻڌايو ته ادب جي دنيا ۾ مون سراج کي آندو ۽ سراج فقير
کي). سراج هلال پاڪستان ۾ پنهنجي ايڊيٽر شپ دوران صحافين جي هڪ وڏي کيپ تيار ڪئي،
جنهن ۾ اسلم آزاد، انور پيرزادو، جي اين مغل، نصير اعجاز ۽ فقير محمد لاشاري شامل
آهن، ان کان علاوه ڊاڪٽر فهميده حسين، بدر ابڙو، حسين شاهه راشدي، قمر شهباز وغيره
سراج صاحب کان متاثر ٿيا.
هڪ ڀيرو
مون ڪنهن ماڻهوءَ جو ليک پڙهيو ته سراج صاحب ڏاڍو سخت مزاج شخص آهي ۽ نوجوانن سان
سندس ورتاءَ ڪو چڱو ڪونهي، ڪافي پراڻي ڳالهه آهي ان ڪري ان ليکڪ جو نالو ياد ڪو نه
اٿم، پر مان جنهن سراج صاحب سان مان مليس اهو چهري تي سخت تاثر ضرور رکندڙ هو، پر
سندس من موتي جهڙو اُجرو ۽ ڪومل هو، مون سندس اندر ۾ درد جون ڇوليون اکرن ۾ اوتيندي
ڏٺيون جڏهن هنن بابا جي وڇوڙي تي طويل نظم لکيو، جنهن مان چند سٽون آءُ لکان ٿي.
هو جو
هڪ ماڻهو هو،
جنهن
سچ پلئه پاتو هو
جنهن
سچ ورهايو هو
جنهن
سچ ڳولهيو هو
جنهن
سچ سنواريو هو
جنهن
پاڻ اوجاڳا ڪڍي
ٻين کي
جاڳايو هو
جنهن
پاڻ هيڻو هوندي
ٻين کي
حوصلا ڏنا
جنهن قلم
هلائيندي
پنهنجا
هٿ زخمي ڪيا ها
ته
جيئن پنهنجن جا ڦٽ ڇُٽائي سگهي
جيڪو
گاجي کهاوڙ جي چيڪي مٽيءَ جو
قرض
لاهڻ ڪراچيءَ آيو هو..
جنهن
پنهنجي بنهه مختصر زندگيءَ ۾
سنڌ کي
صداقت جو سڏ ڏنو هو
سراج
صاحب درياهه دل باس هيو، هن ڪڏهن به پنهنجي سب آرڊيننٽ تي تنقيد نه ڪئي، منهنجي
بابا جو ذڪر ڪندي مون سندن اکيون ڀنل ڏٺيون، مونکي پاڻ ٻڌايو هئائون ته جڏهن فقير ڪيترا
ڀيرا مون وٽ نوڪري جو انٽرويو ڏيڻ آيو هو هلال پاڪستان جي آفيس ۾ ته مون چيومانس
تون ايڏو سهڻو اڇو اجرو گاجي کهاوڙ مان آيو آهين توکي نوڪري ته ملي ويندي پر تون ڪراچي
جي دونهاٽيل ماحول ۾ ميرو نه ٿي وڃين، هلال ۾ سراج صاحب سان ڪم ڪندي بابا ۽ سراج
صاحب جو باس ۽ سب آرڊيننٽ وارو رشتو نه جڙيو پر هڪ استاد ۽ شاگرد وارو جيڪو ٻنهي
آخري دم تائين هڪ ٻئي سان نڀايو.
جڏهن ٻنهي
گڏجي جاڳو اخبار ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو جنهن ۾ ٻيا به ڪيترا دوست اچي شامل ٿيا هئا، پر
سراج صاحب کي جيڪا ڳالهه ڪو چوندو هو، پوءِ اها ڪو وڏو فيصلو ڇو نه هجي ته سندن
پهريون سوال اهو هوندو هو ته فقير جو ڇا خيال آهي؟ يا جيئن فقير چوندو ٿيندو هو،
اهو اعتماد بابا جي قلم ۾ اتساهه اوتيندو هو.
جڏهن
سراج صاحب سان گڏجي بابا ”جاڳو جاڙيجا سَما! سُک ۾ سمهو“ جي سئين هئين ته اهو سنڌي
صحافت لاءِ انتهائي ڏکين حالتن ۾ وڏو اعزاز هو جو سنڌيءَ ۾ ڊان اخبار کان وڌيڪ
سگهارو آواز صحافي دنيا ۾ اڀريو، جاڳو اخبار جو پهريون پرچو جيڪو سائين محمد
ابرهيم جوئي صاحب جي نئين سال جي دعا ۽ سراج صاحب جو انگريزيءَ ۾ لکيل سنڌ سان وچن
the pledge to the people of Sindh يا سنڌ هو.
What does one do when darkness engulfs a community, a nation and there
is no visible light at the end of the tunnel? What does one do, when the very existence
of a community and a nation is threatened from within and from without, by
forces of treachery, deceit tyranny and terrorism? What must Sindh and her
people do when they are faced with a horrifying scenario described by shah
latif in these soul shaking words:
”مڙيا مَڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي!“
ڀٽائي
جي هن سٽ ۾ جيڪو چتاءُ ڏنل آهي، ان کان پنهنجي قوم کي وقتائتو سڏ ڪري جاڳايو، ساڳي
ئي وچن ۾ هڪ پيراگراف جون چند ستون آءُ هتي ڪاپي ڪيان ٿي.
We shall strive to make “Jaago” the torch bearer of independent, un-biased,
clean and enlightened journalism in Pakistan.
۽ آخري
پيراگراف به آنءُ توهان سان ونڊڻ چاهيان ٿي.
On behalf of the signatories, the sponsors of “Jaago” have solemnly affirmed that they
shall stand or fall with Sindh and her people and shall fulfil their pledge and
promise, and on my own behalf, give my solemn pledge- which has been capable or
making such a pledge to the people of Sindh that we shall safeguard the
integrity, solidarity and inviolability of Sindh and her people as a nation,
all we ask of the people of Sindh is their trust, support and encouragement if
we so deserve Siraj ul Haque.
هي ته
وچن هو سراج صاحب جو جنهن جي لفظ لفظ ۾ سنجيدگي ۽ ڌرتيءَ لاءِ درد جي جهلڪ چٽي نظر
اچي ٿي.
سراج
صاحب جاڳو جي ذريعي سنڌ سان هفتي ۾ ٻه ڀيرا مخاطب ٿيندا هئا، هڪ دنيا جي سياسي
صورتحال تي تفصيل سان مضمون ”سياسي منظرنامو“ هر جمع تي ڇپجندو هو، ۽ ٻيو ڪالم هر
اربع تي ”رتيءَ جي رهاڻ“ جنهن ۾ سنڌ جو سماجي درد
ونڊبوهو.
رتيءَ
جي رهاڻ ۲ جنوري ۱۹۹۱ع واري اخبار ۾ ڇپيل ڪالم ۾ سراج صاحب لکن ٿا ته ”منهنجي ڪل خوشي ڪيڏانهن
هلي وئي؟... . توکي ته ياد هوندو ته تو ئي مون کي دنيا جي بهترين ڪهاڻين جو ڪتاب پڙهڻ
لاءِ ڏنو هو، جنهن ۾ هڪڙي فرانسيسي ڪهاڻي جو ڪردار ٿو چوي ته ”والاريل“ ڌرتيون پنهنجي
کل ۽ خوشي وڃائي ويهنديون آهن، ماڻهن کان ٽهڪ موڪلائي ويندا آهن، محبوبائن جي چپن
تان ڄڻ ته ڪو مرڪ روڙي پٽي وٺندو آهي، ائين ڀائنبو آهي، ڄڻ ته ماڻهن جي اندر ۾ کل
خوشيءَ جا چشما خشڪ ٿي، سُڪي ٺوٺ ٿي ويندا
آهن.
۽ آنءُ اڃان
تائين فيصلو نه ڪري سگهيو آهيان ته هن جي ياد ڏيارڻ لاءِ آءُ سندس ٿورائتو ٿيان،
يا هن جي ڏنل درد تي اکين ۾ ايندڙ ڳوڙهن کي پنهنجي چپن جي گهنجن ۾ جذب ڪري ڇڏيان!”
هي ته
سراج صاحب جي شخصيت جي ۽ سندن دل دماغ ۽ قلم مان نڪتل علم هيو ان جي جهلڪ هئي، پر
سراج صاحب جي شخصيت کي جيڪڏهن مختصر جملي ۾ لکجي ته هو سنڌ جو غيرتمند پٽ هو جنهن
پنهنجي قلم ذريعي ماءُ جي لڄ بچائڻ جي جنگ وڙهي، اهڙن جوڌن پٽن لاءِ ئي شاهه سائين
چوي ٿو.
”هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيا.“
(سراج
الحق ميمڻ جي ياد ۾ آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ٿيل پروگرام ۾ پڙهيل مقالو)
سراج ميمڻ
جن جر جي جهاڳ مٿان ديپ جلايو
آغا نور محمد پٺاڻ
گذريل سال ۲۰۱۶ع کان اسلام آباد ۾
ادبي سرگرمين جو هڪ نئين سري سان سلسلو شروع ٿيو. جنهن ۾ انڊس ڪاٽيج لائبرريز نيٽ
ورڪ پاران اسلام آباد ۾ سنڌ جي ادبي اڪابرين جي ياد ۾ انهن جي ورسين، سالگرهن ۽ ڪتابن
جي تعارفي تقريبن جي مناسبت سان هڪ درجن کان وڌيڪ پروگرام ٿيا آهن جن ۾ مولائي
شيدائي، آغا سليم، محمد عثمان ڏيپلائي، ڊاڪٽر دائود پوٽو، علي بابا، ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ جي ياد ۾ پروگرام ڪيا ويا ۽ ۲۰۱۷ع جي شروعات ۾ سائين غلام رباني
آگرو ۽ ڪالهه سائين سراج ميمڻ جي ياد ۾ پروگرام ٿي گذريو سنڌ جي انهن ادبي اڪابرن
۽ ڏاهن کي ياد ڪندي شيخ اياز جو هي شعر به ياد اچي ٿو.
ڪنهن ڪاريءَ چڳ تي رات کٽي، ڪنهن
ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽي،
ايئن وقت ڪٽيو، ايئن عمر لٽي، سڀ سانگ سجايو آ پيارا!
هي ڪارو ڪارونڀار ته ڏس، هو ڏوراهن
هون ڏهڪار ته ڏس،
مون ڪيڏي جر جي جهاڳ مٿان، هي
ديپ جلايو آ پيارا!
انهن ادبي هيرن ۽ جواهرن کي شيخ
اياز هن طرح ڀيٽا پيش ئي آهي ته:
هيرا ته ڏسو، ڪنڪر نه هڻو،
ايندو نه وري هي وڻجارو،
ڪجهه ڏات ڏسو، پو بات ڪريو، هي شور اجايو آ پيارا!
۱۸ جنوري ۲۰۱۶ع تي سنڌ جي معتبر،
برک اديب ۽ ڪهاڻيڪار سائين غلام رباني آگري جي ياد ۾ پروگرام ٿيو هن پروگرام ۾ پاڪستان
جي تقريباً سڀني زبانن جي اديبن خراج تحسين يش ڪيو ڇاڪاڻ ته پاڻ اڪادمي ادبيات پاڪستان
جا چيئرمين رهيو ۽ اسلام آباد ۾ رهڻ جي دوران پوري پاڪستان جي اديبن سان ان جا
ميلا ملاکڙا ٿيندا رهيا.
اسلام آباد ۾ هڪ قومي سطح جي
اداري ۾ رهڻ ۽ ڪاميابي سان وقت گذارڻ ڪو سولو ڪم نه آهي. منهنجو جيئن ته سائين
غلام رباني آگري سان يونيورسٽي ۾ شاگردي جي زماني کان واسطو رهيو آهي جڏهن عظيم
شاعر شيخ اياز ان يونيورسٽي جو وائس چانسلر ۽ آگرو صاحب پرو وائس چانسلر هيو.
شيخ صاحب تي شڪارپور جي حوالي
سان به اسان فخر محسوس ڪندا آهيون انڪري هن جي وائس چانسلري واري دؤر ۾ هڪڙو وقت
اهڙو به آيو جو ان وقت جي قوم پرست دوستن ان جي مخالفت شروع ڪئي پر ان موقعي تي
اسان شيخ اياز سان تعلق وڌايو ۽ ان سان ان جي گھر وي سي هائوس ۾ ملندا هياسين ۽
غلام رباني آگرو صاحب به شيخ اياز جو دوست ۽ ساٿي هيو جنهن آخري وقت تائين هن سان
ساٿ نڀايو.
يونيورسٽيءَ کانپوءِ رباني صاحب
سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ٿي آيو ۽ وري ان سان اتي ميل ملاقاتون جاري رهيون. سنڌ
جي هن ڏاهي اسان جي من کي موهي وڌو، مان ۽ اسانجي ٻين دوستن جو رباني صاحب سان
دوستي جو تعلق ايترو وڌيو جو اسان گھر جا ڀاتي ٿي وياسين، رباني صاحب سنڌي ثقافت
جي هڪ خوبصورت شخصيت هئي جنهن جي گفتگو، تحرير، تقرير، ڪچهري سؤ سيڪڙو مڪمل طور سنڌي
ثقافت جي امين هئي ۽ پوءِ اهو تعلق اڪادمي ادبيات پاڪستان جي ملازمت دوران اڃا وڌيڪ
گھرو ٿيو جو رباني صاحب اڪادمي ادبيات پاڪستان ۾ جڏهن آيو تڏهن سنڌ جي ماڻهن کي هن
قومي اداري جي سرگرمين جي خبر پئي ۽ ڄاڻ ملي ڇو ته ان وقت اسلام آباد ۾ سنڌ جا ماڻهو
تمام گھٽ هيا ۽ رباني صاحب جو گھر انهن جي لاءِ ڄڻ مهمان خانو هيو ۽ ان جي آفيس سنڌ
جي ماڻهن جي ڄڻ اوطاق سمجهي ويندي هئي، هن جي اچڻ کانپوءِ چئني صوبن ۾ اڪادمي جون
شاخون قائم ٿيون ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ترجمو پاڪستان جي ٻين ٻولين پشتو،
بلوچي، پنجابي ۽ اردو ۾ ڪرائڻ جي لاءِ پروگرام رٿيو ويو.
سنڌ ۾ پروفيسر اياز قادري ۽ ڊاڪٽر
وقار احمد رضوي کي اردو ۾ نثري ترجمو ڪرڻ جي لاءِ چيو ويو، بلوچي ۾ گلزار احمد مري
۽ ان وقت ملير جي رهائشي هڪ سنڌي زبان جي استاد پروفيسر شير محمد بلوچ جيڪو
اسلاميه ڪاليج سکر ۾ پرنسپل به رهيو ان کي اها اسائنمنٽ ڏني وئي جيڪا هنن خوش
اسلوبي سان مڪمل ڪئي. پروفيسر اياز قادري ۽ ڊاڪٽر وقار احمد رضوي واري اردو ترجمي
جي ڇپائي جي سموري ذميواري رباني صاحب منهنجي حوالي ڪئي ۽ ڪراچي ۾ اهو رسالو حافظ
محمد صديق صاحب علمي پرنٽرس جي معرفت ڪمپوز ٿيو ۽ بعد ۾ اسلام آباد مان ڇپيو پر
بلوچي ۽ پشتو وارو ترجمو رباني صاحب جي وڃڻ کانپوءِ اڃا تائين ڪو نه ڇپيو آهي.
رباني صاحب جي زماني ۾ ان جو ٻيو
وڏو ڪارنامو اهو آهي ته قومي ادبي ڪانفرنسز ۾ سنڌ جي ماڻهن کي مناسب نمائندگي ڏني
وئي نه ته ان کان پهريون اڪادمي ادبيات پاڪستان کي به فقط مقتدره قومي زبان سمجهيو
ويندو هيو پر رباني صاحب جي اچڻ کانپوءِ هو پاڪستان جي ٻولين جو نمائنده ادارو ٿي
اڀريو ۽ سنڌي، بلوچي، پشتو، پنجابي، براهوي، گلگتي اديبن جي پذيرائي قومي سطح تي
شروع ٿي.
مون ۱۹۸۵ع کان اڪادمي جون
قومي ادبي ڪانفرنسون اٽينڊ ڪيون آهن پر ۱۹۸۸ع کانپوءِ ادبيات پاڪستان
صحيح معنيٰ ۾ قومي ادارو نظر ايندو هيو ۽ اديبن جا ملڪي سطح تي هڪ ٻئي سان ادبي
رشتا وڌيا. رباني صاحب جو ٽيون وڏو ڪارنامو اهو آهي ته ان کان پهريان اردو کي قومي
۽ ٻين زبانن کي علائقائي زبان جو درجو مليل هيو پر رباني صاحب هڪ قومي ادبي ڪانفرنس
۾ ان کي پاڪستاني ٻولين جو لقب ڏياريو. ان کانپوءِ انهن سڀني پاڪستاني زبانن جا
ادبي انعام برابري جي بنياد تي ڏنا ويندا آهن. جڏهن ته پهريون قومي ۽ علائقائي
زبانن جي انعامن ۾ به فرق هيو ۽ رباني صاحب کانپوءِ اڪيڊمي جي هڪ ٻئي چيئرمين محترم
فخرالزمان جيڪو پاڻ به پنجابي ٻوليءَ جو هڪ اديب آهي ان به ان موقف کي هٿي ڏني.
رباني صاحب جو چوٿون ڪارنامو
اهو آهي جو هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي نالي تي ٻه ايوارڊ جاري ڪرايا هڪ سنڌي ٻوليءَ
جي حوالي سان شاهه عبداللطيف ڀٽائي ادبي ايوارڊ ۽ ٻيو شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ تصوف
ايوارڊ جيڪو لطيفيات جي حوالي سان ٿيل ڪم تي هر سال ڏنو ويندو آهي جنهن تي اسانجي ڪجھه
اديب حضرات کي حيرت ۽ حسرت به ٿيندي رهي پر شاهه سائين جو هي ايوارڊ جاري آهي.
مون رباني صاحب کي هڪ سچو، هڏ ڏوکي
۽ همدرد انسان ڏٺو. هن جو مشهور ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ ڪراچي مان سنڌيڪا اڪيڊمي
جي پاران منهنجي نگراني ۾ پرنٽ ٿيو، جنهن جو اکر اکر منهنجي نظر مان گذريو ۽ بعد ۾
ان ڪتاب متعلق ماڻهن پنهنجا ايڏا تعريفي خط لکيا جو انهن تي هڪ ٻيو ڪتاب تيار ٿي
ويو ۽ اسان ان کي ڇپيو. ايڏي وڏي اديب هوندي به هن جي اها عظمت هئي جو هو مونسان
لکڻ پڙهڻ جي هر مرحلي ۾ مشورو ڪندو هيو.
مونکي ياد آهي ته منهنجي چوڻ تي
هن پنهنجن ڪيترين تحريرن ۾ ردوبدل ڪئي. سائين رباني صاحب جي شاهه عبداللطيف ڀٽائي
جي ترجمي جو مقدمو به هڪ شاهڪار تخليق آهي ۽ سندس ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ جو مقدمو
جيڪو سؤ صفحن تي مشتمل آهي اهو هن جي ادبي تجربن جو هڪ نچوڙ آهي ڇاڪاڻ ته هن سَوَن
۽ هزارن جي تعداد ۾ ڪتاب پڙهيا، ڇپرايا، ايترن اديبن کي ڏٺو ۽ انهن سان ڪچهريون ڪيون،
هي مقدمو ۽ ”ماڻهو شهر ڀنڀور جا“ ڪتاب به ان جو شاهد آهي.
رباني صاحب پنهنجي والد محترم ۽
پير حسام الدين راشدي کان متاثر هيو ۽ آخري وقت تائين انهن جو نالو کڻڻ تي ان جي
اکين ۾ پاڻي تري ايندو هيو جيڪو مون بار بار ڏٺو. آگرو صاحب سائين جي.ايم.سيد ۽
علامه آءِ.آءِ قاضي کان به متاثر هيو ۽ مذهبي ۽ سياسي ماڻهن ۾ ابوالڪلام آزاد ۽
مولانا عبيدالله سنڌي کان متاثر هيو، هن جو مشهور جرمن مستشرق ڊاڪٽر اين ميري شمل
سان به پير صاحب جي حوالي سان دوستاڻا تعلقات رهيا ۽ هر سال هو پاڪستان ايندي هئي
۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ تصوف جي موضوع تي ليڪچر ڏيندي هئي.
هڪڙو دفعو هن رباني صاحب سان ان
خواهش جو اظهار ڪيو ته مونکي اهي ماڳ مقام ڏسڻا آهن جن جو ڀٽائي ڀيرو ڪيو آهي ۽ ان
لاءِ هن هنگلاج جو پروگرام تجويز ڪيو. ان زماني ۾ رباني صاحب اڪادمي ادبيات پاڪستان
جو ڊائريڪٽر جنرل هيو هن محمد خان جوڻيجي کان خصوصي هيليڪاپٽر هٿ ڪري ڪوئٽا کان
هنگلاج تائين هن کي وٺي ويو ۽ پهاڙن جي وچ ۾ جوڳين جي جهان ۾ وڃي هن کي چانهه
پياري ۽ ان تي هڪ سفر نامو ”هنگلاج ۾ چانهه“ تخليق ٿيو جيڪو سنڌيالاجي پاران محمد
قاسم ماڪا ڇپرايو. مونکي اهو منظر به ياد آهي جو جرمن سفير سان گڏ اين.ميري شمل جي
آخري وصيعت جنهن ۾ هن مڪلي ۾ دفن ٿيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو هيو اها پٿر تي لکرائي
مڪليءَ جي قبرستان لڳرائي هئي.
سائين سراج ميمڻ سان منهنجي
ملاقات فقط اڪيڊمي جي ڪانفرنسز جون دعوت پهچائڻ جي حوالي سان ٿيندي رهي ۽ اڪيڊمي
جي قومي ادبي ڪانفرنسز ۾ هن جي حصي ۾ ڪنهن نه ڪنهن سيشن جي صدارت هوندي هئي ۽ آخري
صدارت هن غلام رباني آگري صاحب جي ادبي ريفرنس جي ڪئي جيڪو ڪراچي ۾ لياقت لائبرري
جي آڊيٽوريم ۾ منهنجي انتظام هيٺ منعقد ٿيو هيو. سراج ميمڻ صاحب سان آخري ملاقات ٺٽي
شهر ۾ قادر بخش ڀٽو جي قائم ڪيل هڪ ميڊيڪل سينٽر ۾ مريضن ۾ فروٽ تقسيم ڪرڻ واري
عمل ۾ ٿي جنهن ۾ ساڻس تفصيلي ڪچهري ٿي.
سراج صاحب جو وڏو ڪارنامو جديد
سنڌي صحافت جو بنياد وجھڻ آهي، ان کان اڳ سنڌ جي وڏي اخبار عبرت هوندي هئي پر سراج
صاحب جي ايڊيٽري ۾ هلال پاڪستان اخبار نئون جنم ورتو، اهو فقط اخبار جو نئون جنم
نه هيو پر سنڌي صحافت جو به نئون جنم هيو، هن ئي اخبار امر جليل، فقير محمد
لاشاري، دستگير ڀٽي، سلطانه وقاصي ۽ فهميده حسين جهڙا اديب پيدا ڪيا ۽ گلن جهڙا ٻارڙا
سنگت جو بنياد وڌو. اڳتي هلي عوامي آواز ۽ جاڳو اخبار به هنن ئي اديبن جي سهڪار
سان هلي ۽ ان اخبار جو فقير محمد لاشاري کي ايڊيٽر بڻايو ويو. اهي ادارتي نوٽ اڄ
به ماڻهن کان وسرن نٿا.
سراج ميمڻ صاحب پيشي جي لحاظ
کان ته وڪيل هيو پر هن جي تحقيق ۽ ڪالم نگاري سنڌي ٻوليءَ کي نئون مان ڏنو. خاص
طور تي سنڌي ادبي بورڊ کان هلال پاڪستان تائين هن جي سفر روشن سج وانگر سنڌ جي
ادبي ماحول کي تابناڪ بڻايو ۽ آخر ۾ حيدرآباد ۾ هن سنڌ جي تعليم جي ترقي لاءِ هڪ
انسٽيٽيوٽ به قائم ڪيو جنهن لاءِ ٺٽي ۾ مونسان پنهنجي ڪچهري دوران پنهنجن دوستن جي
عدم دلچسپي تي مايوسي جو اظهار ڪيو.
سراج ميمڻ
سنڌ جو عاشق ھميشه لاءِ وڇڙي ويو
ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار واهوچو)
سنڌ جو ناميارو ليکڪ، اديب، مصنف، ٻوليءَ جو ماهر، صحافي، دانشور
سراج ميمڻ لاڏاڻو ڪري ويو. سراج کي جديد سنڌي صحافت جو بانيڪار به چيو وڃي ٿو،
سراج ميمڻ ۱۹۳۳ع ۾ ٽنڊوڄام ۾ هيڊ ماستر محمديعقوب نياز ميمڻ جي گھر ۾ جنم ورتو، کيس ۲ ڀائر ۽ ۴ ڀينر آهن جڏهن ته کيس ۳ پٽ آهن، سراج الحق ميمڻ جي ايڊيٽرشپ هيٺ، مئي ۱۹۷۲ ۾ هلال پاڪستان، ڪراچيءَ مان ڇپجڻ شروع ٿي هئي، سراج ميمڻ ڪيترا ئي
ڪتاب لکيا جن ۾ سنڌي ٻولي، سنڌي لينگويج
انگريزي، پڙاڏو سوئي سڏ، مرڻ مون سين آءُ“ ناول ان کان علاوءِ ٽن ناولن تي
ٻڌل ڪتاب سڀ رنگ سانول ٻه ڪهاڻين جا ڪتاب، اي درد هلي آ، اٺون ماڻهو شامل آهن ،
جڏهن ته سراج الحق ميمڻ جاڳو، عوامي آواز اخبارن ۾ رهاڻ ۽ سياسي منظر نامي جي
عنوان سان ڪيترا ئي ڪالم به لکيا آمر يحيى
خان جڏهن ۳۰۳ انڪم ٽيڪس آفيسرن کي نوڪري مان ڪڍيو هو ان ۾ سراج
الحق ميمڻ به شامل هو، هي سنڌ جو پهريون عالم آهي، جنهن ان نظريي جي مخالفت ڪئي ته
سنڌي ٻولي سنسڪرت يا سامي صفت زبانن مان جنم ورتو آهي هن چيو ته سنڌي ٻولي انهن
ٻنهي زبانن کان قديم زبان آهي، هن جو چوڻ هو ته سنڌي هن خطي جي اصلوڪي ٻولي آهي ۽ هي پهريون ماڻهو هو، جنهن
موهن جي دڙي جي لکڻي جو ملھه مقرر ڪيو يعني پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ،هن تحقيق ڪري ميمڻن
جي تاريخ تي به ڪتاب لکيو هو. ڪجھه ڏينهن کان اسپتال ۾ علاج هيٺ هو جتي ڪالهه صبح ۴ وڳي دم ڏنائين، سندس عمر ۷۹ سال هئي سندس جنازي نماز اڄ سلطان مسجد ڊفينس ۾ ادا ڪئي ويندي، جنهن
کان پوءِ ڊفينس قبرستان ۾ مڙھ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو، لاڏاڻي جو اطلاع ملندي
سندس تڏي تي مظهرالحق صديقي، امداد حسيني، قلندرشاھ لڪياري، بدر ابڙو، مدد علي
سنڌي، اعجاز قريشي، عبدالحميد آخوند، صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر، ڊاڪٽرعبدالستار
راڄپر، ايم اين اي ظفر علي شاھ، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سبحان ميمڻ،
عبدالحق عظيم سميت ڪيتريون ئي سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتون پهتيون.
سراج الحق ميمڻ
سندس علمي ادبي خدمتون -
ستين ورسيءَ جي مناسبت سان
ڊاڪٽر فهميده
حسين
اڄ سنڌ جي سراج کي
اسان کان وڇڙئي ڀريا ست ورهيه گذري ويا آهن. (اڄ سندس ورسي آهي) پر هو اسان جي
اداس دلين ۾ ايئن ئي موجود آهي جيئن سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ ۾ سندس مٽي موجود آهي. هن
جو جيئڻ ۽ مرڻ سنڌ سان هو، جسماني طور هن جنم ته ٽنڊي ڄام جي امڙ ”حوا“ جي ڪک مان
ورتو هو جنهن کيس سنڌ سان سنيهه جي ستي پياري هئي پر سندس ذهني اوسر ڪري لافاني ڪردار
سندس والد محمد يعقوب نياز جوڙيو، جنهن سندس هٿ ۾ قلم ڏئي انهيءَ محبت کي ملهائڻ
سيکاريو ۽ سراج محض ۱۹ سالن جي عمر کان انهيءَ قلم کي سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ماڻهن کي ارپي ڇڏيو
۽ سنڌ سان سندس روح جو رشتو به ان ئي دور ۾ جڙيو ۽ ۲ فيبروري ۲۰۱۳ تي سندس وفات تائين رهيو پر هن جي سدا حيات
لکڻين جي ڪري اهو اڄ تائين قائم آهي ۽ قيامت تائين رهندو.!
سراج ۱۹۵۲ع کان مرڻ گهڙيءَ تائين لفظ جي حرمت کي قائم رکيو ۽ سنڌي
ادب جي شاهوڪاريءَ ۾ پنهنجي پتي وڌي ۽ هزارين لکين پنا پنهنجي کاٻي هٿ سان لکيا،
هو کاٻڙيل به هو ته کاٻي ڌر جي آدرشن سان سلهاڙيل به هو ۽ انسان ذات جي مجموعي ڀلائيءَ
واري آدرش سان نينهن نڀائيندي، پنهنجي ڌرتيءَ، پنهنجي سنڌ وطن ۾ به ترقي پسندي،
روشن خيالي، سماجي انصاف ۽ برابريءَ جي لاءِ ڏينهن رات پاڻ پتوڙيندو رهيو، عملي طور
به ته قلمي حوالي سان به. هن ڪڏهن ڪهاڻيون لکيون، ڪڏهن ناول لکيا، ڪڏهن ڊراما ته ڪڏهن
وري شاعري ڪئي ۽ پنهنجي تخليقي صلاحيتن جو انهن تخليقي صنفن ۾ ڀرپور استعمال ڪيو،
وري جڏهن سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وجود تي وار ٿيا ۽ انهن جي عظمت جي اهڃاڻن کي مڃڻ
کان انڪار ڪيو ويو ته هن جي اندر جو محقق جاڳي پيو.
هڪ طرف هن سنڌ جي تاريخ جا پيرا کنيا ته ٻئي طرف سنڌ ڌرتيءَ،
سنڌي ٻوليءَ جي اصليت، قدامت، عظمت ۽ آزاد توڙي خودمختيار حيثيت کي ثابت ڪرڻ لاءِ علم
لسانيات جي اٿاهه سمنڊ ۾ ڪنهن غواص وانگر غوطا هڻي تاريخي لسانيات جي مدد سان ڪيئي
اُملهه ماڻڪن جهڙا اهڃاڻ سوجهي ڪڍيا، جيڪي سندس ان دعويٰ جو ثبوت هئا ته سنڌ ۾ سنڌو
سڀينا ڪيتري قديم ۽ مهان آهي ۽ سنڌي ٻولي قديم دور کان هتان جي اصلوڪي، آڳاٽي، آزاد
۽ خودمختيار ٻولي هئي جنهن جي لکت، ان جي قدامت جو ثبوت پيش ڪري ٿي. نه صرف ايترو
بلڪ موجوده سنڌي ٻولي ان جي ڄائي هئڻ ناتي، برصغير جي ٻين ٻولين کان منفرد ۽
انوکيون خوبيون ۽ خصوصيتون رکي ٿي، ان لاءِ سنڌي گرامر جي مدد سان اهڙين نرالين خصوصيتن
کي پڌرو ڪري ڏيکاريائين ۽ سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي قدامت ثابت ڪرڻ لاءِ شاهه لطيف
کان ٻه سئو سال اڳ جي اوائلي شاعري، بنهه ساڳي روايت واري، برٽش ميوزيم لائبريريءَ
مان هٿ ڪري ان بابت ۱۹۶۷ع ۾ ”نئين زندگيءَ“ ۾ ليک لکيائين.
هو سنڌي ٻوليءَ جو سچو پچو عاشق هو ۽ جيئن ڪنهن به عاشق
کي پنهنجي معشوق جي هر هڪ انگ ۾ سونهن نظر ايندي آهي ۽ هو ان سان غير مشروط محبت ڪندو
آهي تيئن سراج به سنڌي ٻوليءَ جي هڪ هڪ انگ سان عشق ڪيو هو. هن ڀٽائيءَ کي سنڌي ٻوليءَ
جو معمار ۽ محافظ سمجهندي ان جي ٻوليءَ جي لغت پئي جوڙي جنهن ۾ به هن جو مقصد صرف لفظن
جون معنائون ڏيڻ ڪونه هو بلڪ هن دراوڙي ٻولين جي لغت، آريائي ٻولين جي توڙي عربي ۽
فارسيءَ جي لغتن ۽ سنڌو ماٿريءَ جي ٻين ٻولين سرائڪي، پنجابي، هندڪو ۽ ڪشميري
وغيره ۾ موجود لفظن سان سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي ڀيٽ ڪري انهن جي اصل نسل کي پڌرو ڪرڻ
ٿي چاهيو ته جيئن سنڌيءَ جي اصلوڪن لفظن ۽ اڌارن ورتل لفظن کي ڌار ڪري نج سنڌيءَ جي
قدامت ثابت ڪري سگهي. اهو ڪم هلندڙ هو ۽ انهيءَ کي ڪنهن دور ۾ شاھ لطيف چيئر جي طرفان
ڇپائڻ جون مون ڪوششون ڪيون هيون پر پوءِ ڪجهه ماڻهن جي تنقيدن سبب مون جڏهن ان تان
هٿ کنيو هو ته اهو ڪم جهڙوڪر رلي ويو، جي ان جي ڇپائي شروع ٿئي ها ته ادا کي ٻيا سڀ
ڪم ڇڏي ان کي پورو ڪرڻو پوي ها، پر هو گهڻن ڪمن وارو ماڻهو هو، سو ان ڪم ۾ ڍرائي اچڻ
سبب سندس زندگيءَ ۾ پورو نه ٿي سگهيو. آخري ڏينهن ۾ مون کي چوندو هو ته جڏهن تون رٽائر
ٿيندينءَ ته پوءِ تون ئي ان کي پورو ڪجانءِ اهو آءٌ ڪري ڪانه سگهيس جنهن جو ڏک اٿم!
ادا سراج وڏي پائي جو مڃيل اديب، دانشور ۽ محقق ته هو ئي
پر جڏهن اتفاقي يا حادثاتي طور هن کي هڪ سنڌي اخبار جي ادارت جي ذميواري ملي ته هن
سنڌي صحافت ۾ نوان لاڙا ۽ نيون روايتون وڌيون ۽ کيس جديد سنڌي صحافت جو باني هئڻ
جو لقب مليو. انهيءَ ذميواريءَ دوران هڪ طرف هن سنڌ جي عوام جي حقن لاءِ آواز اٿاريو
ته ٻئي طرف سنڌي ٻوليءَ کي صحافت جي ٻوليءَ طور به ڪيترا ئي نوان لفظ ۽ اصطلاح ڏنا
۽ محض اردوءَ جي لفظن جي ورجاءَ يا لفظي ترجمي بدران سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترا ئي متروڪ
لفظ جياريا ۽ نوان لفظ جوڙيا. ايئن سندس تخليقي ٻوليءَ جو اثر سندس صحافتي ٻوليءَ
تي پيو ۽ ان جو مجموعي تاثر سنڌي سماج جي فردن تي به پيو جيڪي بگڙيل اخباري ٻوليءَ
جي اهل ڪندي پاڻ به پيا غلط ٻولي ڳالهائيندا ۽ لکندا هئا. (هاڻي وري ايئن ئي ٿي
رهيو آهي).
هن هڪ ڪامياب ايڊيٽر هئڻ سان گڏ ايڊيٽوريلن کانسواءِ بهترين
ڪالم به لکيا. ”هلال پاڪستان“ اخبار کانپوءِ ”جاڳو“ ۽ ”عوامي آواز“ اخبارن ۾ سوين ڪالم
لکيائين جن مان ڪن جا عنوان هئا: ”رتيءَ جي رهاڻ“، ”ملان جي ڊوڙ“ ۽ ”سياسي منظرنامو“
وغيره.. سندس ايڊيوٽوريلن وانگر ڪالمن جو محور به ”سنڌ“ هئي، ان جي ماڻهن، ٻوليءَ،
ادب ۽ سماج جا معاملا ۽ مسئلا هئا. اهڙي هڪ سڄاڻ عالم، اديب، دانشور ۽ صحافيءَ جا
لکيل اهي لکين ڪروڙين لفظ ڪتابي صورت ۾ نه هئڻ جي ڪري تاريخ جي ڌنڌ ۾ وڃائجي نه وڃن،
اهو سوچي سندس وفات کانپوءِ ”سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز“ قائم ڪيوسين ته جيئن
نه صرف سندس ٽڙيل پکڙيل لکڻين کي سهيڙي ڇپائجي پر سندس دلچسپيءَ وارن دل گهرين
موضوعن تي تحقيق ڪرائي شايع ڪجي جن ۾ سنڌ، ان جي تاريخ، ٻولي، ڪلچر ۽ ادب جا موضوع
شامل آهن.
ادا سراج جي حياتيءَ ۾ سندس افسانن جا ٻه مجموعا، پنج
ناول، هڪ ٻوليءَ تي لکيل ڪتاب ۽ ڪي ترجمو ٿيل ڪتاب ڇپيل هئا، سندس وڃڻ کانپوءِ
اسان سندس انهن سمورن لکيل لفظن کي سهيڙڻ شروع ڪيو ۽ هن وقت تائين ارڙنهن (۱۸) ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪري چڪا آهيون، ۽ ٻه ڪتاب
هن ستين ورسيءَ تي رٿيل پروگرام ۾ پڌرا ڪنداسين جيڪو هن جي دل گهرئي عظيم شاعر شاه
لطيف بابت انٽرنيشنل ڪانفرنس جي صورت ۾ ۲۰-۲۱ مارچ ۲۰۲۰ع تي ڪراچيءَ ۾ رٿيل آهي.
ڏٺو وڃي ته ادا سراج جي اڻ ڇپيل آتم ڪهاڻيءَ کان سواءِ اڃا
به ڪيترا ئي مضمون، مقالا، ايڊيٽوريل، ڪالم سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ موجود آهن، جن مان ڪي
هٿ آيا آهن ته ڪن جي ڳولا جاري آهي، ايئن اميد ته ايندڙ سالن ۾ اڃا به سندس ڪيئي ڪتاب
سهيڙي ڇاپيا ويندا. سراج انسٽيٽيوٽ پاران سراج جي علمي ادبي ۽ سماجي خدمتن تي ايم فل
يا پي ايڇ ڊيءَ لاءِ تحقيق ڪندڙ ڪنهن به ضرورتمند نوجوان ڇوڪري يا ڇوڪريءَ کي اسڪالر
شپ ڏيڻ جو به ارادو آهي، ڏسجي ته ڪير ٿو ان ڏس ۾ اڳتي اچي. ان کانسواءِ سنڌي ٻوليءَ،
تاريخ ۽ ڪلچر بابت ڪابه نئين تحقيق سامهون اچڻ جي صورت ۾ ان سان ڀرپور سهڪار ڪيو
ويندو ۽ تحقيق ڪرڻ کان وٺي ان جي اشاعت لاءِ پڻ هي ادارو سهڪار ڪرڻ جو مقصد رکي ٿو.
آئون ڀانيان ٿي ته ادا سراج جهڙي سنڌ جي عاشق جن جن موضوعن
تي لکيو اهي سڀئي تمام اهم آهن ۽ جيڪڏهن ڪو اديب انهن تي لکي ٿو ته ان سان سهڪار ڪرڻ
به سنڌ سان سڄڻپائي آهي. هڪ اهڙو ماڻهو جنهن سدائين سنڌ جي روشن آئيندي جا خواب ڏٺا
ان کي خراج پيش ڪرڻ جو سڀ کان مانائتو طريقو به اهو ئي آهي جنهن کي جيستائين ممڪن ٿي
سگهيو جاري رکي اسين سندس يادگيرين کي ملهائيندا رهنداسين. ايئن سندس ڳالهيون،
سندس سارون جيءَ کي جيارڻ جو سبب بڻجنديون ۽ هنيون سڄو ٿيندو.
مون کي جياريو، پرين جي ڳالهه ڪري،
ڊٺو اڄ اڏيو، هينئڙو ڪوٽ برج جيئن.
سراج ميمڻ
هڪ تاريخ ساز شخصيت -
جنم ڏينهن جي حوالي سان
تاج جويو
سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ
سان سچو عشق رکندڙ، ڏاهي دانشور، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، محقق ۽ ماهر لسانيات ’سراج‘
جو پورو نالو سراج الحق ولد محمد يعقوب ميمڻ هو، هن ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۳ع تي ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
سندس والد محمد يعقوب ميمڻ وقت جو بهترين تعليمدان ۽ علم ۽ ادب سان چاهه رکندڙ هو.
سندس ترجمو ڪيل ’ديوان حافظ‘ سنڌي ادب ۾ يادگار حيثيت رکي ٿو. سراج تي پنهنجي والد
جي مزاج جو اثر ٿيو ۽ شروع کان ئي لکڻ، پڙهڻ سان واسطو رهيس. ابتدائي تعليم ڳوٺ
مان وٺڻ کانپوءِ نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ سموري
بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ٽين پوزيشن کنيائين. سندس تعليم بي. اي (آنرس)، ايم. اي ۽
ايل. ايل. بي هئي. پيشي جي لحاظ کان ۱۹۵۳ع ۾ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ ۾ نوڪري شروع ڪيائين ۽ ۱۹۵۵ع ۾ ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو.
۱۹۵۷ع ۾ سي. ايس. ايس. جو چٽاڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽئڪس جي کاتي ۾
آفيسر مقرر ٿيو، جتان ۱۹۶۹ع ۾ جبري رٽائرمينٽ ٿيس. سندس خلاف الزامن مان مکيه سرڪاري ملازمت ۾ هوندي
قومپرست ۽ ترقي پسند ادبي تحريڪن ۾ حصو وٺڻ ۽ قوميت جي موضوع تي لکڻ هو. ان
کانپوءِ ڪجهه وقت وڪالت ڪيائين.
۱۹۷۱ع ۾ ڪراچيءَ مان هلال پاڪستان اخبار جو اجراء ٿيو، جنهن ۾ کيس ايڊيٽر مقرر
ڪيو ويو. هن اخبار ذريعي سراج، جديد صحافت ۾ نوان ۽ اڇوتا لاڙا آندا. ان تي کيس
سنڌي جديد صحافت کي نئون جنم ڏياريندڙ چيو وڃي ٿو. ۱۹۷۷ع ۾ ضياءُ الحق جي دور ۾ هن فوجي حڪومت کان
ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪار ڪندي هلال پاڪستان مان استعيفا ڏني ۽ واپس وڪالت جي شعبي سان
لاڳاپجي ويو ۽ عمر جي آخري عرصي تائين سپريم ڪورٽ جو سينيئر وڪيل رهيو. انڪم ٽيڪس
قانون تي سندس مهارت سبب کيس ان مضمون جي ميدان ۾ ’انسائيڪلوپيڊيا‘ چيو ويندو هو.
سراج سنڌي ادب جي
هڪ گھڻ پاسائين شخصيت رهيو، سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ۱۹۶۱ع ۾ ’اي درد هلي آءُ‘ جي نالي سان شايع ٿيو
۽ ٻيو مجموعو ’اٺون ماڻهو‘ ۱۹۸۵ع ۾ شايع ٿيو. جديد سنڌي ادب ۾ سراج سڀ کان وڌيڪ تخليقي
ناول لکيا ۽ هي اهو پهريون سنڌي ليکڪ آهي، جنهن ٽن ناولن تي ٻڌل ’پياسي ڌرتي رمندا
بادل‘ جي نالي سان سنڌي ادب جي پهرين ٽريالاجي لکي. سراج، سنڌ جي تاريخ کي افسانوي
انداز ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪيو، جن سنڌ جي تاريخ اڳ ۾ ڪانه پڙهي هئي، تن سراج جا
ناول پڙهي پوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي ورتي.
سراج جو پهريون جڳ
مشهور ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۱۹۷۹ع ۾ ڇپيو، هي ناول سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن جي قهري دور
جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پيش ڪري ٿو. سندس ٻيو ناول ’مرڻ مون سين آءُ، سال ۱۹۸۸ع ۾ ڇيپو، ان کانسواءِ ’منهنجي دنيا مرگھه
ترشنا‘، ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ سندس اهم ناول آهن.
سراج ڪيترا ئي ڊراما پڻ لکيا. هڪ مترجم جي حيثيت سان هن ’چين جي هارين کي زمين
ڪيئن ملي‘، ’چونڊ آمريڪي افسانا‘، ’ڏکڻ مان ٿو سج اڀري‘، ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘
ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا. سندس ناول ۽ افسانن جا مجموعا، افسانوي ادب ۾ تمام گھڻي اهميت
جا حامل آهن.
سراج پنهنجي صحافتي
زندگيءَ ۾ روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر رهڻ دوران اهم مسئلن تي ايڊيٽوريل لکڻ
کانسواءِ ’رتيءَ جي رهاڻ ۽ ملان جي ڊوڙ‘ ۽ جاڳو اخبار ۾ ’سياسي منظرنامو‘ جي سري
سان سوين مضمون ۽ ڪالم لکيا. سراج شاعري به ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي سنڌ کان ڌار ڪري وفاق
حوالي ڪرڻ جي موقعي تي ’ڪراچي‘ نالي سان تاريخي ۽ اهم نظم لکيو.
لسانيات جي حوالي
سان سندس اهم تصنيف ’سنڌي ٻولي‘ ۱۹۶۴ع ۾ ڇپي، جنهن سنڌي ادب ۾ ٻوليءَ جي ارتقا جي حوالي سان
نوان بحث ڇيڙيا. هن ڪتاب ۾ پهريون ڀيرو هن سنڌ جي ٻين عالمن سان اختلاف ڪندي سنڌي
ٻوليءَ کي سنڌ جي اصلوڪي ۽ بنيادي ٻولي قرار ڏنو، جنهن کي شروع ۾ جن قبول نه ڪيو،
انهن به تحقيق بعد آخر ۾ اچي ساڳي ڳالهه ڪئي. هن ڪتاب کي ’پاڪستان رائيٽرس گلڊ‘
پاران انعام پڻ مليو ۽ ۲۰۰۹ع ۾ هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو پڻ شايع ٿيو، جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ
ڇپيو آهي.
سنڌ جي هن نامور
عالم ۽ اديب، ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع، رات جو ساڍي ٽئين وڳي، لياقت نيشنل اسپتال، ڪراچيءَ ۾، دل جي عارضي سبب
وفات ڪئي.
سنڌ جو سراج
زبير عاقلاڻي ميمڻ
مون کي ياد آھي ته
اياز ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو ھو، صبح جو جيئن ئي اٿيس ته نظر اخبار تي پيم ته اھي
سٽون فرنٽ تي ھيون؛ “ڀونءِ نه آئي ڀانءِ، الا مان اڏري ويندوسانءِ.”
۽ ڏٺو ھيم
ته بابا سائين اخبار تي لکيل سٽن کي ڏسي
اوڇنگارون ڏئي روئي رھيو ھو، تڏھن اچرج
مان معصوم نگاھن سان بابا کي ڏٺم ته ھڪ اجنبي ماڻھو لاءِ بابا ڪيئن ٿو روئي، ڄڻ
بابا جو ھن ماڻھو سان خون جو رشتو ھجي، منھنجو ٻاراڻو ذھن ان ڳالھه کي سمجھڻ کان
قاصر ھيو ته ھو ماڻھو سنڌ جو اياز ھو. وڏو ٿي جڏھن شعور جون منزلون طئي ڪري سنڌ جي سراج کي پڙھيم
ھن جي آدرشن صفا ششدر ڪري ڇڏيو، پياسي ڌرتي
رمندا بادل، دل جي ويران بنجر کي سيراب ڪري ڇڏيو، پڙاڏو سوئي سڏ دل جو پڙاڏو بڻجي
ويو , آئون سوچيندو ھوس سراج سنڌ جو سراج ڪيئن ٿيو ؟ پر پوءِ سوچيم ھن کي سنڌ جو سور
ھو، سنڌ جي محبت جو سرور ھو، جنھن ھن کي مسرور ته ڪيو پر محصور به ڪري سنڌ جو سراج
ڪري ڇڏيو. ھن جي خاندان کي جڏھن ٽنڊو ڄام شھر ڇڏڻو پيو تڏھن ھن جيون جي جوت جلائڻ لاءِ الاھي مشعلون ٻاريون
ھيون ته جنھن ھن جي روح کي ھڪ نئون اتساھه بخشيو ھو.ھن جلاوطني جو سور پيتو ھو، ھن
پنھنجن جي بيوفائي سٺي ھئي، ھن پنھنجي بابا يعقوب ميمڻ جي ھڪ ڏيئي مان ڪيئي ڏيئا ٻاريا
ھيا، ھو خود ته ٽنڊو ڄام مان ھليو ويو ھو پر پنھنجي ڪلپائن جي ڇانو
کي ٽنڊي ڄام ۾ ڇڏي ويو ھو ، جنھن جي ھيٺيان ويھي گھڻن ئي پنھنجي روح جي آڪسيجن
ورتي .
بھرحال سندس وڇوڙو
تڏھن ٿيو جڏھن مون ھن کي سڃاڻڻ شروع ڪيو ھو، ھن جي ھڪ ملاقات منھنجي دل جي درد کي
وڌائي ڇڏيو ھيو، ھن جي محبت مونکي محنت ڪرڻ تي مجبور ڪيو ھو، ھن جي شخصيت من اندر
طوفان مچائي ڇڏيو ھو .
وڌيڪ درد ته اھو به
آھي ڪمپيوٽر کان اڳتي موبائيل وارو دور آھي، اڳي ته وقت نه ھجڻ جي ڪري به سفر ۾ ڪتاب
ھٿ ۾ ھوندو ھو، ھاڻي ڪتاب جي جڳھه موبائيل والاري آھي، تڏھن ان دور ۾ اڃان به وڌيڪ
اھڙن ماڻھن جو خلا شايد ڪابه صدي پورو نه ڪري سگھي.
سراج الحق ميمڻ جو ڄم
ٽنڊي ڄام جي عاقلاڻي ميمڻ پاڙي۾ سن ۱۹۳۳ع ۾ ٿيو سراج ميمڻ جي بابا محمد يعقوب پنھنجي ٻچڙن سان گڏ
حيدرآباد ۾ اچي آباد ٿيا، ڪجھه مٽ مائٽ ٽنڊي ڄام ۾ ئي رھيا، ٽنڊو ڄام کي پياسي
نگاھن سان تڪيندي چوندا رھيا.
اس دل ڪي ٽڪڙي هزار
هوئي
ڪوئي يهان گرا ڪوئي
وهان گرا.
سراج ميمڻ پھرين ته
ٽنڊو ڄام مان ھليو ويو جنھن لاءِ ھڪ مشھور چوڻي آھي ته ٽنڊو ڄام نه آھي ٽنڊو جام
آھي اتي اچي ماڻھن جي دل جام ٿي وڃي ٿي ھن شھر جي محبت جو جام مسرور ڪندڙ آھي آھي
سراج ميمڻ ۲ فيبروري تي دنيا مان لاڏاڻو ڪيو،
۲ فيبروري ڄڻ ھن لمحي جي ئي ڳالھه ھجي ۹ سال گذري ويا پر سراج جي خوشبو اڄ به سنڌ ۾
واسجي ٿي، جڏھن بھارن جي تياري آھي، جڏھن ماڪ ڳلن تي ٿي ڪري تڏھن اکين جي به ماڪ ڳلن
تي پئي ڪري ڇو ته اھي اکيون ھاڻي سراج جو ديدار ڪڏھن به نه ڪري سگھنديون .
آھه سراج
واھه سراج
سنڌ جو سراج
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ۲ فيبروري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
سراج ميمڻ
روايت مخالف اھم سنڌي
دانشور
ڊاڪٽر ايوب شيخ
ڪجهه ڏينهن اڳ
منهنجي ذهن ۾ اهو هيو ته سراج صاحب خير سان نوبنو ٿي ويندو ته ساڻس الاهي ڪچهريون ڪبيون،
هن مون کي هڪڙو تفصيلي انٽرويو جو وعدو ڪيو هو، ان سلسلي ۾ مون ڪيئي ڀيرا سندس ڳالهيون
نوٽ ڪري ڪيئي سوال ٺاهيا هئا. سوال بنا جواب جي تنهن ڏينهن رهجي ويا جڏهن سندس ٻئين
نمبر پٽ سرجن ڊاڪٽر امجد سراج جو فون آيو. “بابا اسان کي ڇڏي ويو” هن جي دل سندس
گذاري وڃڻ يا فوت ٿيڻ جي ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ تيار نه هئي.
۲ فيبروري ۲۰۱۳ع تي ملڪ جي نامياري دانشور، ارڏي شخص، ٻوليءَ جي ماهر، ۽ محقق “سراج” جي
لاڏاڻي جي خبر علمي ادبي لڏي سميت سندس چاهيندڙن کي صدمو ڏنو.
سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ
سان سچو عشق رکندڙ، ڏاهي دانشور، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، محقق ۽ ماهر لسانيات ’سراج‘
جو پورو نالو سراج الحق ولد محمد يعقوب ميمڻ هو، هن ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۳ع تي ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
سندس والد محمد يعقوب ميمڻ وقت جو بهترين تعليمدان ۽ علم ۽ ادب سان چاهه رکندڙ هو.
جنهن سبب هن جو شروع کان ئي لکڻ، پڙهڻ سان واسطو رهيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان وٺڻ
کانپوءِ نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ٽين پوزيشن
سان پاس ڪري ايم اي ايل ايل بي ڪيائين.
۱۹۵۳ع ۾ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ ۾ نوڪري شروع ڪيائين ۱۹۵۷ع ۾ سي. ايس. ايس. جو چٽاڀيٽيءَ جو امتحان
پاس ڪري انڪم ٽئڪس جي کاتي ۾ آفيسر مقرر ٿيو، جتان ۱۹۶۹ع ۾ جبري رٽائرمينٽ ٿيس.
ان کانپوءِ ڪجهه
وقت وڪالت ڪيائين. ۱۹۷۱ع ۾ ڪراچيءَ مان هلال پاڪستان اخبار جو ايڊيٽر ٿيو. هن اخبار ذريعي سراج ماڊرن
صحافت جو پايو وڌو. ان جديد صحافت نه رڳو سنڌ کي وڏا وڏا اديب روز جي بنياد تي
اخبار جي شڪل ۾ ڏنا پر هن پنهنجي ڀائٽي غفران ميمڻ کي “گلن جهڙا ٻارڙا” تنظيم ٺهرائي
ان جي سڄي سنڌ ۾ تنظيم سازي ڪرائي. ٻارن جو ڪنهن به اخبار سان ايڏو وڏو چاهه سراج
صاحب جي ان ڪوشش سان پيو ۽ سنڌ جي سماج کي پڙهيل نوجوانن جو هڪ وڏو انگ مليو هو.
۱۹۷۷ع ۾ ضياءُ الحق جي دور ۾ هن فوجي حڪومت کان ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪار ڪندي هلال
پاڪستان مان استعيفا ڏني ۽ واپس وڪالت جي شعبي سان لاڳاپجي ويو ۽ عمر جي آخري عرصي
تائين سپريم ڪورٽ جو سينيئر وڪيل رهيو. انڪم ٽيڪس قانون تي سندس مهارت سبب کيس ان
مضمون جي ميدان ۾ “انسائيڪلوپيڊيا” چيو ويندو هو.
هڪ نامياري اديب
طور، سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ۱۹۶۱ع ۾ “اي درد هلي آءُ” جي نالي سان شايع ٿيو ۽ ٻيو مجموعو
“اٺون ماڻهو” ۱۹۸۵ع ۾ شايع ٿيو. ٽن ناولن تي ٻڌل “پياسي ڌرتي رمندا بادل” جي نالي سان سنڌي
ادب جي پهرين ٽريالاجي لکي. سراج، سنڌ جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پڙهڻ جو شوق
پيدا ڪيو، جن سنڌ جي تاريخ اڳ ۾ ڪانه پڙهي هئي، تن سراج جا ناول پڙهي پوءِ سنڌ جي
تاريخ ۾ دلچسپي ورتي. سراج جو پهريون جڳ مشهور ناول “پڙاڏو سوئي سڏ” ۱۹۷۹ع ۾ ڇپيو، هي ناول سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن
جي ڪاري دور جي ڪهاڻي پيش ڪري ٿو
هڪ سنڌيڪار جي
حيثيت سان هن “چين جي هارين کي زمين ڪيئن ملي”، “چونڊ آمريڪي افسانا”، “ڏکڻ مان ٿو
سج اڀري”، “سنڌ جي اقتصادي تاريخ” ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا. سندس ناول ۽ افسانن جا
مجموعا، افسانوي ادب ۾ تمام وڏي اهميت وارا آهن.
سراج صاحب پنهنجي
صحافتي زندگيءَ ۾ روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر رهڻ کانسواءِ “رتيءَ جي رهاڻ ۽
ملان جي ڊوڙ” ۽ جاڳو اخبار ۾ “سياسي منظرنامو” جي سري سان سوين مضمون ۽ ڪالم لکيا.
سراج شاعري به ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي سنڌ کان ڌار ڪري وفاق حوالي ڪرڻ جي موقعي تي “ڪراچي”
نالي سان تاريخي ۽ اهم نظم لکيو.
لسانيات جي حوالي
سان سندس اهم تصنيف “سنڌي ٻولي” ۱۹۶۴ع ۾ ڇپي، جنهن سنڌي ادب ۾ ٻوليءَ جي ارتقا جي حوالي سان
نوان بحث ڇيڙيا. هن ڪتاب ۾ پهريون ڀيرو هن سنڌ جي ٻين عالمن سان اختلاف ڪندي سنڌي ٻوليءَ
کي سنڌ جي اصلوڪي ۽ بنيادي ٻولي قرار ڏنو پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ هڪ ڏينهن
هو “پارڪلين اسپتال”۾ داخل هڪ ٻئي ارڏي شمشير الحيدري سان ملڻ آيو. هن پنهنجي ڪڙڪ
آواز ۾ شمشير کي چيو ته “جلدي تيار ٿي ته وڏيون ڪچهريون ڪيون” آئون موجود هوس. مون
کي چيائين ته شمشير جي حالت بهتر ناهي. هن جي خيال ڪجو.
مون سندن گهر ۾
سندس ٻولي جي حوالي سان لکيل ڪتاب تي پڇيو ته هن چيو ته “هاڻي سندس سوچ ٻي آهي،
ارتقا ۽ تحقيق پڙهڻ کانپوءِ مون کي پنهنجي ڪتاب کي ٻيهر لکڻ جو خيال ٿيو آهي، رڳو
خوش ٿي وٺان.
هن مون کي ڪرشن
چندر جو ترجمو ٿيل ڪتاب “ڏکڻ مان ٿو سج اڀري” جو اوائلي ڪاپي ڏيندي چيو ته “ايوب
هي ڪتاب ٻيهر ڇاپڻ جي گهرج آهي” مون کين ٻڌايو ته ٻن هفتن ۾ اچي ويندو. پوءِ اهو ڪتاب
ته آيو پر ان جو سنڌيڪار هن جهان ۾ موجود ڪونه هو.
محترما بينظير ڀٽو
سان آخري ملاقات:
۱۹۹۸ع ۾ جلاوطن ٿيڻ کان اڳ محترما
بينظير ڀٽو آخري ملاقات سنڌ جي دانشورن ۽
اديبن سان ڪئي هئي. جنهن ۾ سيد غلام مصطفي شاه، محمد ابراهيم جويو، ايم ايچ پنهور،
اعجاز قريشي، نثار احمد کهڙو، ناهيد عباسي، نويد قمر، مشتاق ميراڻي ۽ ٻيا موجود
هئا. ان ملاقات ۾ محترما کي سنڌ جي دانشورن تعليم جي باري ۾ الاهي ڳالهيون ڪيون،
کوٽون ٿي سگهڻ جهڙا پر نه ٿي سگهندڙ ڪم ٻڌايا.
اها سراج صاحب جي
ميزباني ۾ سنڌ جي دانشورن سان محترما جي آخري ملاقات هئي. محترما دبئي هلي ويئي ۽
ان کانپوءِ وري سندس سراج صاحب سان ملاقات ٿي نه سگهي.
سراج صاحب جو خيال
هو ته پنهنجي روايتن سان ايئن بغاوت ڪرڻي پوندي، جيئن پنهنجي ڀيڻن جي تعليم لاءِ
هو ڳوٺ ڇڏي هليو ويو ۽ وري روايتن جي پاسي نه موٽيو.
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ۲ فيبروري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
سراج
سنڌوءَ جي ساڃاهه
علي نواز آريسر
سراج، سنڌي ٻوليءَ
جو اُهو سگهارو قلمڪار آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ سان انتها جي حد تائين عشق ڪيو، هن
سنڌي ادب ۾ جيڪي نوان لاڙا آندا، سي تاريخ جو هڪ مثال بڻجي ويا، ڇاڪاڻ ته هن سڄي
زندگي اُهو ادب تخليق ڪيو، جنهن جي سنڌ کي ضرورت هُئي. هن سنڌي ٻوليءَ بابت نج سنڌيت
جي جذبي هيٺ جڏهن پنهنجو منفرد نظريو قائم ڪيو، اُن وقت سندس منهن تي مُڇن جي ساول
به نه آئي هُئي، هو ان وقت جيتوڻيڪ ٻوليءَ جي وصفن ۽ گهراين کان به ايترو واقف نه
هوندو، پر سندس اندر ۾ ويٺل سنڌ جي عشق، نه رُڳو کيس ٻوليءَ جي سڀني وصفن کان
آگاهه ڪيو، پر هن ان وقت بيٺل پاڻيءَ ۾ ڄڻ ته پٿر اُڇلايو هو. اُن جو پسمنظر هي
آهي ته: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۱۹۵۹ع ڌاري ٽه ماهي مهراڻ ۾ ’سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ‘ جي
عنوان سان هڪ مضمون لکي، سنڌي ٻوليءَ بابت پنهنجي راءِ قائم ڪئي، ته ’سنڌي ٻولي،
سامي صفت زبانن مان هڪ آهي.‘ اُن وقت سراج جي ذهن ۾ مانڌاڻ مچي پيو، هن انهيءَ مانڌاڻ
جو ذڪر جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي عالم محمد ابراهيم جويي سان ڪيو ته جويي صاحب کيس چيو:
”جواب ڇو نه ٿو لکين؟“. سراج اُن وقت هڪو ٻڪو ٿي ويو هو ته ڪٿي ڊاڪٽر بلوچ جهڙو
جيد عالم ۽ ڪٿي سراج جهڙو شاگرد ۽ الهڙ
جوان! وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو رهيو، سراج جي دل ۾ ٻوليءَ جو درد قرض بڻجي دُکندو رهيو ۽ ذهن ۾
سنڌ جي عشق جا اُلا ڀڀڙ بڻجي ڀڙڪندا رهيا. سنڌي ٻوليءَ جا عاشق- محمد ابراهيم
جويو، شيخ اياز، مولانا غلام محمد گرامي، شمشيرالحيدري، غلام رباني آگرو ۽ نياز
همايوني کانئس بار بار پُڇندا رهيا ته جواب جو ڇا ڪيئي؟ اهڙيءَ ريت هُو پنهنجي دل
۽ ذهن جي انهيءَ آڙاهه کي جهڪو ڪرڻ خاطر سياري جي سرد راتين ۾ نڪري پيو موهن جي دڙي
جي کنڊرن کي ڦلهورڻ. اُهو موهن جو دڙو، جيڪو پنهنجي اندر ۾ ڪيتريون تاريخي ڪٿائون
دفن ڪري ويٺو هو، اُهو موهن جو دڙو، جيڪو سنڌ جي آڳاٽي تاريخ جو اهم ۽ انوکو مثال
هو. انهيءَ موهن جي دڙي جي کنڊرن ۾ راتين جون ننڊون ڦٽائي، سراج سنڌي ٻوليءَ جي آڳاٽي
تاريخ جو تت ڳولي ڪڍيو. مسلسل جفاڪشي ۽
جاکوڙ کانپوءِ، هن ۱۹۶۱ع ۾ هڪ طويل مضمون لکيو. جنهن جي جواب ۾ وري ڊاڪٽر صاحب هڪ مضمون لکيو ۽
پوءِ ۱۹۶۴ع ۾ سراج ’سنڌي ٻولي‘ نالي هڪ ڪتاب لکي، سنڌي ادب جي جهول ۾ وڌو. جيتوڻيڪ
اُن وقت هن ڪتاب تي مختلف اديبن پاران سخت تنقيدون ٿيون، بحث مباحثا ٿيا، ڪتاب ۾
قائم نظريي کي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر چوندا آهن ته ڪڏهن ڪڏهن تاريخ
پنهنجو پاڻ کي ورجائيندي آهي ۽ اُهو ورجاءُ اهو آهي جو اڄ سنڌي ٻوليءَ جا سمورا
محافظ ’سراج جي نظريي‘ آڏو مٿو ٽيڪي بيٺل
نظر اچي رهيا آهن. خود ڊاڪٽر بلوچ هڪ پروگرام ۾ سراج جي پُٺي ٺپري چيو هو ته:
’نوجوان! اڄ آءٌ به تنهنجي راءِ سان متفق آهيان.‘ سراج جيتوڻيڪ اُن وقت ڪو ايڏو وڏو
محقق نقاد نه هو، پر هُو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو عاشق هو، جنهن سنڌ سان سسئيءَ جهڙو
عشق ڪيو هو ۽ سسئيءَ جيان جهنگ جبل جهاڳڻ شروع ڪيا هئا.
سراج رُڳو محقق هجي
ها ته ڪنهن پراڻي طئه ٿيل نظريي تي بيهي رهي ها، پر هُو ته تخليقڪار هو ۽ تخليقڪار
ئي انتها جي حد تائين عشق ڪري سگهي ٿو. سراج عاشق نه هجي ها ته ٻاروتڻ ۾ پڙهيل
الف- ب واري پٽي، سندس ذهن تي اُڪريل نه هجي ها! – ۽ ها، اُهو ٻوليءَ جو عشق، کيس
پنهنجي والد صاحب محمد يعقوب ’نياز‘ کان وِرثي ۾ مليو هو.
سراج، ٻيو جيڪو وڏو
ڪم ڪيو، اُهو ڪم هو ’سنڌ جي تاريخي پسمنظر ۾ ناول لکڻ،‘ سراج جو پهريون ناول ‘پڙاڏو
سوئي سڏ’ تاريخي پسمنظر ۾ لکيل سنڌيءَ جو پهريون اهم ناول آهي، جنهن جا هن وقت
تائين ڏهن کان وڌيڪ ڇاپا پڌرا ٿي چُڪا آهن ۽ هيءَ ناول، سنڌي ادب جي شاگردن کي
ايم. اي ۾ سبجيڪٽ طور پڙهايو ويندو آهي. هن ناول جي ٻولي، جيتوڻيڪ سادي آهي، پر
ناول ۾ جيڪو انقلابي نُڪتو کنيو ويو آهي، تنهن سنڌ جي قومي هلچل ۾ چڱو خاصو اُڀار
آندو. هي ناول ترخانن جي سنڌ سان ڪيل ڏاڍاين خلاف آهي.
سراج صاحب جي مٿين
راءِ اهو ثابت ڪري ٿي ته سنڌي ماڻهو ويڙهه جو عمل ۽ منظم جدوجهد هن دور ۾ سکيا.
سراج هن ناول ۾ ’جيئي سنڌ‘ جو نعرو به متعارف ڪرايو آهي، جنهن سنڌ جي قومي هلچل ۾
تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. اهڙيءَ طرح سراج هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو به لکيو، جيڪو ’مرڻ
مون سين آءُ‘ جي نالي سان گهڻو پوءِ ڇپيو. اهڙيءَ طرح سراج وقت جي نبض تي هٿ رکي
ادب تخليق ڪندو رهيو ۽ ان سلسلي تحت هن سنڌي ناولن ۾ ’ٽريالاجي‘ به متعارف ڪرائي،
هن ٽريالاجيءَ ۾ سندس ٽي ناول: ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ
سانول‘ ۽ ’منهنجي دنيا مِرگهه ترشنا‘، شامل ڪيا، جيڪي ٽريالاجيءَ طور ’پياسي ڌرتي
رمندا بادل‘ نالي سان ڇپيا. هن کان اڳ ڪنهن سنڌي مصنف سنڌي ناول جي ٽريالاجي نه
لکي هُئي.
مجموعي طور سراج هر
دور ۾ متحرڪ قلمڪار رهيو آهي. هن ڪهاڻيون به لکيون ته شاعري به ڪئي. منظوم ناٽڪ به
لکيا ته لاتعداد ڪالم به لکيا. هو جڏهن هلال پاڪستان اخبار جو ايڊيٽر هو، تڏهن’ملان
جي ڊوڙ‘، ’سياسي منظر نامو‘ ۽ ‘رتيءَ جي رهاڻ‘سِري هيٺ لاتعداد مضمون ۽ تجزيا لکيائين،
سندس اهي ڪالم اڄ به پڙهجن ٿا ته ايئن پيو محسوس ٿئي، ڄڻ اڄ جي حالتن تي لکيا ويا
آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ جون حالتون اڃا تائين ساڳئي پسمنظر ۾ ساهه کڻي رهيون آهن.
سراج جي ٻين ڪتابن
۾: ’سج ڏکڻ مان ٿو اُڀري‘ (ڪرشنچندر جي ناول جو ترجمو:۱۹۵۳ع)، ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ (ايس. پي ڇٻلاڻيءَ
جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۵۸ع)، ’چونڊ آمريڪي افسانا‘ (ترجمو:۱۹۵۸ع)، ’اي درد هلي آءُ‘ (ڪهاڻيون:۱۹۶۲ع)، ’اٺون ماڻهو (ڪهاڻيون‘:۱۹۸۵ع)، ’سياسي منظر نامو‘ (۲۰۱۵ع) ’ڏات ۽ ڏاهپ جي لاٽ‘ (۲۰۱۵ع) شامل آهن.
منهنجي سراج صاحب
سان صرف هڪ ملاقات ٿي هُئي، اُن وقت آءٌ عمر ۾ ڪافي ننڍو هئس، هڪ ڀيري آريسر صاحب
[عبدالواحد آريسر] سان گڏجي ڪراچيءَ ويو هئس ۽ پوءِ اسان شمشيرالحيدريءَ سان گڏجي،
سراج صاحب سان مليا هُئاسين. نهايت ئي سنجيده انسان، ضرورت وقت ڳالهائي رهيو هو،
نه ته مسلسل خاموش، پر هن جيڪو به ڳالهايو پئي، ان ۾ سنڌ جو ذڪر هو، سنڌ جي شعور
جي ٽمورتيءَ سان گڏ ويٺي مون پنهنجي پاڻ کي خوش نصيب ڀانئيو هو ۽ اُن رات ڪيتري
دير تائين ٽنهي جي ڪچهريءَ مان مون علم جا ڪيئي ڪڻا ميڙيا هئا، جيڪي اڄ تائين
منهنجي ذهن ۾ سانڍيل آهي. سراج سان منهنجي شناسائي هونئن ته گهڻي پراڻي هئي، ڇاڪاڻ
ته مون جيڪو پهريون ناول پڙهيو هو، اُهو سراج جو ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ هو جيڪو اُن
وقت ته منهنجي سمجهه ۾ نه آيو هو، پر اڳتي هلي انهيءَ ناول منهنجي ايتري ته
رهنمائي ڪئي، جو آءٌ به ’ساڳئي پنڌ جو پانڌيئڙو‘ بڻيو هئس. اهڙيءَ طرح انهي
شُناسائيءَ کي عملي صورت اُن رات ملي هئي، جڏهن آءٌ هن جي سامهون خاموش ويٺو کيس ڏسندو
رهيو هئس. هماليه جهڙي هن اڏول انسان جي ذهن ۾ ان وقت به سنڌ جي سوچ هُئي.
سراج، بابت هڪڙي ٻي
اهم ڳالهه آءٌ رڪارڊ تي آڻڻ چاهيان ٿو، جيڪا هن وقت تائين سامهون اچي نه سگهي آهي
۽ اُها ڳالهه مون کي آريسر صاحب، ۲۲ اپريل ۲۰۱۵ع تي راجپوتانا اسپتال جي ڪمري نمبر ۱۲۲ ۾ ٻڌائي هُئي ته:
جڏهن بينظير صاحبه
پاڪستان ۾ اپوزيشن اڳواڻ هئي، اُن وقت هن ڏکڻ ايشيا جي اپوزيشن اڳواڻن جي ميٽنگ ڪوٺائي
هئي، جنهن ميٽنگ ۾ شيخ حسينه واجد کان مختلف صحافي انٽرويو وٺڻ آيا هئا ته حسينه
واجد انهن کي وراڻيو هو ته: آءٌ انٽرويو صرف بنگالي ٻوليءَ ۾ ڏيڻ پسند ڪنديس، ظاهر
ڳالهه آهي ته هِتان جي صحافين کي بنگالي ٻولي ڪانه ٿي آئي، اُن وقت سراج ميمڻ،
حسينه واجد سان مليو ۽ پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيائين ته آءٌ توهان جي بابا جو دوست
آهيان ۽ ڊاڪا مان به ٿي آيو آهيان، تڏهن هن وراڻيو ته: ’ها، مون اوهان جو ذڪر بابا
جي ڊائريءَ ۾ پڙهيو آهي- ۽ پوءِ هن سراج صاحب کي انٽرويو ڏيڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي.
اُن وقت پاڪستان ۾ بينظير، بنگلاديش ۾ شيخ حسينه واجد ۽ نيپال ۾ ڪُماري ٽنگا
اپوزيشن جون عورت اڳواڻ هُيون.
ان مان واضح ٿئي ٿو
هو ڪيڏو وڏو ماڻهو هو ۽ ڪيڏو ڪميٽيڊ ۽ واسطا ڳنڍيندڙ انسان هو. سراج صاحب تي وقت جي نقادن ڪيتريون ئي تنقيدون ڪيون،
پر هن ڪڏهن مُڙي به انهن کي جواب نه ڏنو ۽ نه هن ڪڏهن ان جي ضرورت محسوس ڪئي، ڇاڪاڻ
ته هن ڄاتو ٿي ته تنقيدن جي ور چڙهي پنهنجو وقت وڃائڻ کان بهتر آهي ته عملي ڪم ڪجي
۽ هو سڄي زندگي ڪم ڪندو رهيو.
اڄ تاريخ سندس انهن
مخالفن جي منهن تي سراج جي تخليقن جي اهڙي ته مُهر هڻي ڇڏي آهي، جو وٽن سندس ادبي
تخليقن جي ’اعترافي قبوليت‘ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو بچيو ئي ناهي. سراج، جيڪو سنڌوءَ
جي ساڃاهه هو، سو سنڌ کان ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع تي جدا ٿي ويو، پر سندس ڏنل نظريو سنڌ ۾ اڄ به شعور جي
چڻنگ کي روشن رکيو اچي.
سراج
سنڌوءَ جي ساڃاهه
علي نواز آريسر
سراج، سنڌي ٻوليءَ
جو اُهو سگهارو قلمڪار آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ سان انتها جي حد تائين عشق ڪيو، هن
سنڌي ادب ۾ جيڪي نوان لاڙا آندا، سي تاريخ جو هڪ مثال بڻجي ويا، ڇاڪاڻ ته هن سڄي
زندگي اُهو ادب تخليق ڪيو، جنهن جي سنڌ کي ضرورت هُئي. هن سنڌي ٻوليءَ بابت نج سنڌيت
جي جذبي هيٺ جڏهن پنهنجو منفرد نظريو قائم ڪيو، اُن وقت سندس منهن تي مُڇن جي ساول
به نه آئي هُئي، هو ان وقت جيتوڻيڪ ٻوليءَ جي وصفن ۽ گهراين کان به ايترو واقف نه
هوندو، پر سندس اندر ۾ ويٺل سنڌ جي عشق، نه رُڳو کيس ٻوليءَ جي سڀني وصفن کان
آگاهه ڪيو،
پر هن ان وقت بيٺل
پاڻيءَ ۾ ڄڻ ته پٿر اُڇلايو هو. ۱۹۶۴ع ۾ سراج ’سنڌي ٻولي‘ نالي هڪ ڪتاب لکي، سنڌي ادب جي
جهول ۾ وڌو. جيتوڻيڪ اُن وقت هن ڪتاب تي مختلف اديبن پاران سخت تنقيدون ٿيون، بحث
مباحثا ٿيا، ڪتاب ۾ قائم نظريي کي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر چوندا آهن ته ڪڏهن
ڪڏهن تاريخ پنهنجو پاڻ کي ورجائيندي آهي ۽ اُهو ورجاءُ اهو آهي جو اڄ سنڌي ٻوليءَ
جا سمورا محافظ ’سراج جي نظريي‘ آڏو مٿو ٽيڪي بيٺل نظر اچي رهيا آهن. سراج، ٻيو جيڪو
وڏو ڪم ڪيو، اُهو ڪم هو ’سنڌ جي تاريخي پسمنظر ۾ ناول لکڻ،‘ سراج جو پهريون ناول
‘پڙاڏو سوئي سڏ’ تاريخي پسمنظر ۾ لکيل سنڌيءَ جو پهريون اهم ناول آهي، جنهن جا هن
وقت تائين ڏهن کان وڌيڪ ڇاپا پڌرا ٿي چُڪا آهن ۽ هيءَ ناول، سنڌي ادب جي شاگردن کي
ايم. اي ۾ سبجيڪٽ طور پڙهايو ويندو آهي.
هن ناول جي ٻولي، جيتوڻيڪ
سادي آهي، پر ناول ۾ جيڪو انقلابي نُڪتو کنيو ويو آهي، تنهن سنڌ جي قومي هلچل ۾ چڱو
خاصو اُڀار آندو. هي ناول ترخانن جي سنڌ سان ڪيل ڏاڍاين خلاف آهياهڙيءَ طرح سراج
هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو به لکيو، جيڪو ’مرڻ مون سين آءُ‘ جي نالي سان گهڻو پوءِ ڇپيو.
اهڙيءَ طرح سراج وقت جي نبض تي هٿ رکي ادب تخليق ڪندو رهيو ۽ ان سلسلي تحت هن سنڌي
ناولن ۾ ’ٽريالاجي‘ به متعارف ڪرائي، هن ٽريالاجيءَ ۾ سندس ٽي ناول: ’منهنجي دنيا
هيڪل وياڪل‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ ۽ ’منهنجي دنيا مِرگهه ترشنا‘، شامل ڪيا،
جيڪي ٽريالاجيءَ طور ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ نالي سان ڇپيا. هن کان اڳ ڪنهن سنڌي
مصنف سنڌي ناول جي ٽريالاجي نه لکي هُئي.
مجموعي طور سراج هر
دور ۾ متحرڪ قلمڪار رهيو آهي. هن ڪهاڻيون به لکيون ته شاعري به ڪئي. منظوم ناٽڪ به
لکيا ته لاتعداد ڪالم به لکيا.
هو جڏهن هلال پاڪستان
اخبار جو ايڊيٽر هو، تڏهن’ملان جي ڊوڙ‘، ’سياسي منظر نامو‘ ۽ ‘رتيءَ جي رهاڻ‘سِري
هيٺ لاتعداد مضمون ۽ تجزيا لکيائين، سندس اهي ڪالم اڄ به پڙهجن ٿا ته ايئن پيو
محسوس ٿئي، ڄڻ اڄ جي حالتن تي لکيا ويا آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ جون حالتون اڃا تائين ساڳئي
پسمنظر ۾ ساهه کڻي رهيون آهن.
سراج جي ٻين ڪتابن
۾: ’سج ڏکڻ مان ٿو اُڀري‘ (ڪرشن چندر جي ناول جو ترجمو: ۱۹۵۳ع)، ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ (ايس. پي ڇٻلاڻيءَ
جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۵۸ع)، ’چونڊ آمريڪي افسانا‘ (ترجمو:۱۹۵۸ع)، ’اي درد هلي آءُ‘ (ڪهاڻيون:۱۹۶۲ع)، ’اٺون ماڻهو (ڪهاڻيون‘ : ۱۹۸۵ع)، ’سياسي منظر نامو‘ (۲۰۱۵ع) ’ڏات ۽ ڏاهپ جي لاٽ‘ (۲۰۱۵ع) شامل آهن.
سراج، جيڪو سنڌوءَ
جي ساڃاهه هو، سو سنڌ کان ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع تي جدا ٿي ويو، پر سندس ڏنل نظريو سنڌ ۾ اڄ به شعور جي
چڻنگ کي روشن رکيو اچي.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۲ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا