; سنڌي شخصيتون: استاد منظور علي خان

28 June, 2016

استاد منظور علي خان


استاد منظور علي خان
اربيلو استاد
ممتاز مرزا
انسان پنھنجي حياتي ۾ ڇا ڇا نٿو ڏسي! ڪھڙيون ڪھڙيون ڳالھيون ٻڌي سڻي ٿو ۽ ڪيئن انھن ڳالھين کي پٺي پويان اڇلي سڀ ڪجھه وساري ائين ڄڻ ڪجھه نه ٿيو ھجي. زندگي جو ڊوڙ ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. جيڪڏھن سوچجي ته انسان جي اھا خوبي به آھي ھو سڀ ڪي جھٽ پل ۾ وساري ويھي نه ته ھيءَ دنيا جا ٽڪساٽ ۽ جنسار ھوند ڪڏھن به نه ھجن ھا پر اھڙن حالن جي باوجود، ڪي ڪي گھڙيون اھڙيون ٿينديون آھن جي وسارڻ جي ڪوشش ڪجي ته به نه وسرن. اھڙي ئي ھڪ ساعت ۾ سيپٽمبر ۱۹۸۰ تي آئي آءُ صبح جو ساڍي نوين بجي ڪراچي ٽي وي تي سچل سرمست جي عرس بابت پروگرام ”سچل سارو سچ“ جي ايڊيٽنگ ۾ مشغول ھئس جو حميد آخوند جو نياپو مليو ته مان ھن سان فون تي ڳالھايان، فون ڪيم چيائين؛ ”استاد منظور علي خان رات گذاري ويو.“
مون کي يقين نه آيو.
چيائين؛ ”جي تعزيتي پروگرام ڪريو ته مان به شرڪت ڪندس.“


مان ذھني طور مفلوج ٿي ويس منھنجي آڏو منظور علي جي کلندڙ صورت ھئي ويڊيو ٽيپ تي سچل جي ڪافي سندس صورت ۾ آواز ۾ ان وقت ھلڻ شروع ٿي “رانجھا تخت ھزاري دا سائين.....” سوچيم ھيءُ يار ڪو ائين اوچتو مرڻو ھو! ٿوري دير ۾ ھر طرف کان انھي ڏس ۾ تصديق ٿي وئي. مون پنھنجي ٽي وي جي اختياري وارن جي اجازت سسان انھي ڏينھن مرحوم جي ياد ۾ ھڪ پروگرام ترتيب ڏنو جنھن ۾ مون ميزباني ڪئي دل ۾ درد جون لھرون ھيون ائين پئي لڳو ته اھو پروگرام مون کان ڪين ٿي سگھندو. منظور قريشي پروگرام جو پروڊيوسر ھو. ھن وڏا وس ڪيا، نيٺ وڃي پروگرام ۾ وڃي ويٺس حميد آخوند، انور حسين وسطڙو ۽ ٻيو به ڪو صاحب ھو. مون ٽي وي تي سون جي تعداد ۾ پروگرام ڪيا آھن پر ھن پروگرام جي ڳالھائڻ وقت لفظن ۾ منھنجو روح سمائجي ويو. جن اھو پروگرام ڏٺو تن چيو ته مون ان پروگرام جھڙو اڳ ڪڏھن به ڪو پروگرام نه ڪيو ھو. ٽنڊي آدم ۾ منظور علي خان جا ڪانڌي کيس دفن ڪري موٽيا ھئا ته اھو پروگرام نشر ٿيو ھو ۽ جڏھن سندس آواز ۾ ھيءَ ڪافي نشر ٿي ته:
“ويندس يار مري تان مري، تنھنجي درد فراق ۾”
ته چون ٿا ته ماڻھن اوڇنگارون ڏيئي رنو ٽنڊي آدم وارا شايد انھي ڪري رنا جو شھر جو ھڪ راڄائتو آڌي مانجھي مڙني سان پير ڀرڻ وارو ۽ سخي مڙس گذاري ويو ھو پر مون دل ۾ انھي لاءِ به رنو ھو ته انھن مڙني ڳالھين سان گڏ سنڌي راڳ سڃو ٿي ويو، ۽ علم جو دروازو بند ٿي ويو سنڌي راڳ جي سونھن سدائين لاءِ سڃي ٿي وئي ھئي.
منھنجي آڏو منظور علي خان جي حياتي جا ڪيئي باب ھئا ھن جي شخصيت جا مختلف روپ ھئا، نالا ھئا، “مڙني جو استاد” ھر ڪنھن لاءِ عزت وارو سندس شاگردن ۽ سنڌي راڳ سان رويو بي انداز يادگيريون سڀ ھڪٻئي پٺيان دل تي ترنديون آيون.
منظور علي خان ۱۹۲۷ع ڌاري شڪار پور ۾ ڄائو سندس والد جمال خان عرف جمالو خان ڏاڏو ڪريم بخش خان گائيڪي جي لحاظ کان گواليار جي ھدوخان، حسو خان واري گھراڻي سان تعلق رکندو ھو. “جمالو خان شروع عمر وارو عرصو شڪارپور ۾ رھيو ۽ پوءِ لڏي اچي ٽنڊي آدم ۾ ويٺو جتي ۱۹۵۳- ۱۹۵۴ع ۾ گذاري ويو سندس پٽ منظور علي خان ۱۹۲۷ع ڌاري شڪارپور ۾ ڄائو ننڍڙي وھي ۾ پنھنجي والد جمالي خان استاد ھدو خان ۽ استاد سينڌي خان کان تربيت ورتائين ۽ پنھنجي ڀريل ۽ اثرائتي آواز ذھن ۽ لياقت سان سگھوئي موسيقي ۾ مھارت حاصل ڪيائين. پاڪستان ان اڳ نوجواني ۾ پنھنجي پيءُ سان گڏ سنڌ توري سنڌ کان ٻاھر موسيقي جي محفلن ۾ حصو ورتائين ۱۹۴۰ع ۾ لاھور ۾ استاد بڙي غلام علي خان سان ڳايائين نوجواني ۾ اھا سندس وڏي ڪاميابي ھئي.۱۹۴۷ع کان وٺي موجوده وقت ۱۹۷۷ تائين ٽيھن سالن جي عرصي ۾ استاد منظور علي خان سنڌ ۾ ڪلاسيڪي موسيقي جو اڳواڻ ٿي رھيو آھي ڌر پد جي انداز کان سواءِ خيال ٺمري، دادرو، ٽپو ڳائڻ ۾ کيس دسترس حاصل رھي. “ٽپو ڳائڻ ۾” استاد منظور علي خان پوري پاڪستان ۾ برک آھي. وڏي ڳالھه ته ھن صدي جي ڪلاسيڪي موسيقارن مان استاد منظور علي خان پھريون گني گويو آھي جنھن کي سنڌ جي مقامي موسيقي جي ڄاڻ آھي ۽ جيتريون سنڌي راڳڻيون صحيح انداز ۾ استاد منظور علي خان ڳايون آھن اوتريون ٻئي ڪنھن به ڪين ڳايون. استاد منظور علي خان ڪلاسيڪي موسيقي ۽ سنڌي موسيقي جي ٻه درياھي کي گڏي موسيقي جون ڄڻ ملڪ ۾ موڪون لائي ڇڏيون، ھو فقط ڪلاسيڪي راڳن جو ڳائيندڙ ناھي بلڪ ڪلاسيڪي موسيقي جو ھڪ عالم آھي. کلي محفل ۾ کلي ڳائڻ جو بادشاھه آھي پنھنجي صاف سريلي آواز وارن مٺن آلاپن توڙي پوري ڀريل آواز وارن ڌڌڪن ۽ ڌماڪن سان استاد منظور علي خان ٽيھن سالن کن ۾ جيڪي محفلون مچايون سي سڀني کي ياد رھنديون. (۱) ڊاڪٽر بلوچ صاحب مزيد لکي ٿو سنه ۱۹۵ کان وٺي ھن وقت تائين ۱۹۷۹ع استاد منظور علي خان سان اسان جو قريبي ناتو رھيو آھي. سنه ۱۹۵۱ع کان وٺي ۱۹۶۶ع تائين شاھه لطيف جي ساليانه محفلن جي موسيقي وارين محفلن جو انتظام بنده جي حوالي رھيو ۽ استاد منظور علي خان انھن محفلن جو سر مور رھيو. ذاتي طور تي ھو ھڪ سنجيدو بااخلاق قربائتو ۽ سنڌ جي ناتي نباھڻ واري ريت رسم جو پابند آھي.  (۲) استاد منظور علي خان سان منھنجو گھرائپ جو رستو سنڌ جي مشھور محقق، عالم ۽ منھنجي استاد محترم، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي معرفت ٿيو اھا ھڪ تاريخي حقيقت آھي ته سنڌ جي موجوده راڳ ۽ ثقافتي محفلن جي سرواڻي ٽوڙي انھي ريت کي اجارڻ ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو تمام اھم حصو آھي.
ھن جاءِ تي، سنڌي ثقافتي تاريخ جي تعين جي لاءِ ضروري آھي ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جي ان ڏس م ڪيل خدمتن جو اعتراف ڪيو وڃي، ۽ سندن خدمت ۾ خراج تحسين پيش ڪجي. ڊاڪٽر صاحب جن جي شخصيت جا ڪيئي پھلو آھن سنڌي ڪلاسيڪي ادب ۽ شاعري، لوڪ ادب ۽ سنڌ جي تاريخ سنڌي راڳ ۽ ثقافت عربي ۽ فارسي، ادب ۽ تاريخ تعليم تربيت ۽ ٻيا ڪيئي پھلو جن تي ڊاڪٽر صاحب نه رڳو قلم جو پورھيو ڪري انھن کي اجاريو پر سنڌي سماج جي اٿي ويٺي رھڻي ڪھڻي جو مطالعو ڪري انھن کي محفوظ ڪيو آھي. ڊاڪٽر صاحب جن جو تعلق سنڌ جي ٻھراڙي سان آھي سندن نظر ان سک واري سچي زماني واري سنڌ تي ھئي سنڌ جون اھي ٻھراڙيون جيڪي اسان جي لاءِ سڀڪجھه نه ھيون انھن کي نروار ڪري ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته اوھان جو اصل اھو آھي اھي. ئي ڀيڻيون اسان جي علم ھنر ۽ فن جو سرچشمو آھن اھي ئي ماڳ آھن جتان سنڌ جا سريلا آواز ۽ ساز اسرن ٿا ڪن کي وقت سڏي اڳتي وڌائي ٿو ڇڏي ۽ ڪن کي اھڙو موقعو نٿو ملي سي اتي ئي لوڪان لڪي پنھنجي رنگ ۾ آلاپيندي وڄائيندي ماٺ ٿي وڃن ٿا انھن تي شھر جا دروازا نٿا کلن.
مون ذاتي طرح سان ڊاڪٽر صاحب کي مختلف موقعن تي جدا جدا علمي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ مشغول ڏٺو آھي. سڄي سنڌ سندن نظر ۾ رھي آھي چاھي سنڌ جا وڏا شھر ھجن يا ننڍا ڳوٺڙا پڪن رستن سان وستيو واھڻ ھجن يا پيچرن ڀران ڪي ننڍڙيون آباديون ڊاڪٽر صاحب جي مڙئي ڪشالا سنڌ جي محبت ۽ عشق ۾ ڪٽيا آھن ھر سنڌي سنڌ سان عشق ڪري ٿو پر مون جنھن انداز سان سنڌ سان نينھن جي ناتي نباھڻ جو فريضو ڊاڪٽر صاحب کي پنھنجي سر تي کڻندي ڏٺو آھي اھڙو ڪو مون کي ورلي ئي مليو آھي. وڏي ڳالھه ته ان عشق جو بنيادي جذبو اھو آھي ته ان کي پڌرو نه ڪبو، چپ چاپ پنھنجي سر اھو نينھن جو ناتو نڀائڻو آھي ان لاءِ نه ڪنھن جزا جي ضرور ت آھي نه ڪنھن جي ساراه جي طلب. سنڌ وارا معشوقن جي مزاج وارا آھن انھن جي ھر ادا کي ڀانئجي ۽ ان سان لڳايل لنو نباھجي. ڊاڪٽر صاحب جن جي پريت ورو اھو پنڌ علمي لحاظ کان سنه ۱۹۴۰ع کان شروع ٿي اڄ ۱۹۸۸ع تائين جاري آھي ٻيلاين جا ٻول کان وٺي لوڪ ادب جي ڪتاب “ڪافيون” تايئن شاھه لطف الله قادري جي رسالي کان شاھه شريف ڀاڏائي جي رسالي، تائين، چچ نامي کان وٺي لب تاريخ سنڌ تائين ڊاڪٽر صاحب سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ ادب ۽ ثقافت تي اڻ ڳڻيا احسان ڪيا آھن سنڌ، ڊاڪٽر صاحب جن جي خدمت کي سدائين ساراھيندي رھي آھي ۽ ساراھيندي رھندي.
ٻي پاسي جڏھن ثقافتي سرگرمين ۾ سندن ڪارنامن جو جائزو وٺبو ته اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته ۱۹۵۰ع کان وٺي جڏھن ڊاڪٽر صاحب مرڪزي حڪومت جي اطلاعات و نشريات جي کاتي ۾ غالباً ڊپٽي سيڪريٽي ھئا تڏھن کان سنڌ جي ٻھراڙين جي سازن ۽ آوازن کي پڙھيل ڪڙھيل ماڻھو سان روشناس ڪرائيڻ جو بار منھنجي ذمي ڪيو شاھه لطيف جون ورسون جيڪي ڀٽ تي ٿيون، ۽ جيڪي ڀٽ کان ٻاھر ٿيون انھن کي سينگاريو ۽ سنواريو سنڌي  راڳن ۽ سازن کي مختلف محفلن ۾ سنڌ جي اصل رنگ ۽ انداز ۾ پيش ڪري نه رڳو ملڪي پر بين الاقوامي سطح تي روشناس ڪرايو مون ڊاڪٽر صاحب کان اھو سکيو ته راڳ جي محفل کي ڪيئن ڪاميابي سان ھلائي سگھجي ٿو. ڪنھن کي ڪيئن متعارف ڪرائجي ۽ ڪنھن کي ڪيئن اڳتي وڌائجي ڊاڪٽر صاحب جي بنيادي تعليم استادن کي اعلي تعليم ڏيڻ آھي پر سنڌ سان سندن عشق کانئن اھي پنڌ ڪرايا آھن، سفر جو اھو سلسلو الائجي ڪڏھن کان شروع ٿيو ۽ خدا جي فضل سان جاري آھي ڊاڪٽر صاحب جن انھي سفر جو بنيادي مقصد اھو ئي آھي ته سنڌ جي صدين واري تھذيب تمدن ثقافت ۽ علم ادب جي خفاطت ٿئي اسان جي شھرن ۾ رھندڙ صاحب راءِ انسان گھڻو ڪري ٻھراڙين مان لڏي اچي شھرن ڀيڙا ٿيا آھن شھرن جي پيچ ۾ ھنن پنھنجن ريتن رسمن ۽ اٿي ويٺي کان انحراف ڪيو ۽ ڳوٺ سان لاڳاپا ٽوڙي شھري ريتون اختيار ڪيون نتيجي طور اسان جي ٻھراڙين جا بي مثال موتي ۽ انھن جي ڏڄ کين پاڻ ڏانھن ڇڪن ۾ ڪامياب نه ٿيندي ھئي ڊاڪٽر صاحب انھي طبقي کي پنھنجي ماضي جي شاندار ثقافتي روايتن کان روشناس ڪرائڻ جو عزم ڪيو مڙني محفلن ۾ اسان جي ٻھراڙين جي ڳائڻن وڄتن کي اچي گڏ ڪندا ھئا. انھن موقعن تي ڊاڪٽر صاحب سندن تمام گھڻي ھمت افزئي ڪندا ھئا ان ۾ اھو به احساس ڏياريندا ھئا ته وٽن جيڪو علم ۽ ھنر آھي اھو رڳو پاڻ تائين نه رکو ٻين کي ڀاڱي ڀائيوار ڪريو انھن کي سيکاريو جيئن سنڌ واري اصل وٿ قائم دائم رھي ۽ سنڌ جي سرن جي سرھاڻ ھنڌين ماڳين پکڙجي مون کي خبر آھي ته ڊاڪٽر صاحب پنھنجي انھي دور ۾ سدائين يڪتارن چپرن، نڙن، بينن، مرلين ۽ گھڙن وارن کي اڳتي آندو اڻ ڄاڻ ڳائڻ ۽ وڄتن کي ڏسندڙن ۽ ٻڌندڙن جي آڏو معتارف ڪرايو ڊاڪٽر صاحب جن جي انھي عمل سان اسان جي پڪي راڳ جي روايت جا ڪوڏيا گھڻو ڪري چڱي طرح سان به ڪين ڏسندا ھئا. ڪنھن يڪتاري ۽ چپر تي ڳائڻ واري کي ڳائيند ڪنھن بين ۽ مرلي کي پنھنجي ساز کي ڦوڪيندي پيا پنھنجي پر ۾ مشڪندا ڪشڪندا ھئا سندن انھي مشڪ ۾ نطز ھوندي ھئي ھڪ ڀيري ڪنھن صاحب کان ائين ٻڌم ته خبر ناھي ھنن ڄٽن مان ڪڏھن جند ڇٽندي اھي ڄج جڏھن اسان سڀني کي سنڌ جي اصلي ريتن جو احساسل ٿيو تڏن مڙني جي مٿن جا ڇٽ ثابت ٿيا سڀڪو پيو پاڻ کي پڌرو ڪندو ھو ته فلاڻي کي ڀائو مون آندو ! ڊاڪٽر صاحب جن کي پڙھيل ڪڙھيل سنڌين جي انھي روشن جو احساس ھو پر پاڻ ان ڏي ڪڏھن ڌيان نه ڏنائون چوندا ھئا: جيڪڏھن ڪم ڪرڻو آھي ته پوري طرح پير ٻڌي ڪيو ماڻھن جي ڳالھين تي وڃبو ته سنڌ کي نقصان رسندو ڪنھن سان مقابلا ڪنھن سان معملا ڪجن حالانڪ سنڌ جي پڙھيل ماڻھن کي پنھنجن جي خير خواھي ڪرڻ گھرجي ۽ پنھنجن جو قدر ڪرڻ گھرجي جي سنڌ ۾ سنڌين جو عاشق ٿينو آھي ته پوءِ معشوقن طرفان جيڪي ٿئي سو سھڻو آھي انھي عزم سان ڊاڪٽر صاحب ڀٽشاھ تي ڪيترن ئي ڳائنن ۽ وڄتن کي تعارف ڪرايو ڪنھن جا نالا کني ڪنھن جا کڻان، مصري خان جمالي جو جيڪو ميلن ملاکڙن تي بينو ٺاھي ڀري ٻڌي اچي نٽھڻ اس ۾ وڪڻندو ھو ۽ ڊاڪٽر صاحب کيس اٿاري آڻي اسٽيج تي پيش ڪيو.
اقبال جوڳي جو ذڪر ڪريان جنھن جي لاءِ ڊاڪٽر صاحب سالن کان پيو چوندو ھو ته ميڙي تي سڏجوس ڪيترائي خط لکياسين پر جوڳي سکي روھڙي جي وچ ۾ مرلي وڄائيندي پيو گدائي ڪندو ھو جنھن ميلي تي پھريون ڀيرو ھو آيو ۽ مون ڊاڪٽر صاحب کي سندس اچڻ جي خبر ڏني ته مون کي ائين لڳو ڄڻ کين ڪا دنيا جي وڏي دولت پلئه پئجي وئي آھي ۽ جڏھن اقبال پنھنجي مرلي وڄائي ته سڀني کي احساس ٿيو ته مرلي ته صدين کان جوڳي وڄائيندا ٿا اچن پر اقبال جيڪا مرلي وڄائي ٿو اھو مڪمل ساز آھي: جيڪو نه رڳو نانگن کي ريجھائي ٿو پر انسان کي به مست ڪيو نچائي ٿو اقبال جو وجد ۽ انداز اھڙو ھو جو ھو سراپا سر بڻج ويندو ھو ۽ لھرن تي پاڻ مست ٿي نانگن وانگر ڦوڪون ڏيڻ لڳندو ھو واه اقبال تنھنجو اقبال سرندي واري لونگ سومار جو نالو وٺان جنھن جي سرندي جي تارن مان واقعي سر جون صدائون نڪرنديون ھيون الله بچائي رونجھي جي بانسري جو بيان ڪريان جنھن مان سنڌ ۽ لس ٻيلي جي سچن سرن جو ساءَ ايندو ھو بنگل فقير لغاري، جو ذڪر ڪريان جنھن ڀٽ جي اسٽيج تي ڀٽائي واري دنبوري تي وائي چئي سوين اکيون روئاري ڇڏيو يا وري گل محمد ماڇي جو نالو لکان جنھن بنان سازن جي ڀٽائي جون وايون ائين چيون جو لڳندو ھو ته سندس صدائن پويان سوين ساز پاڻ مراد پيا وڄن اھي اھڙا ٻيا ڪيترائي ڳائڻا وڄتا ڊاڪٽر صاحب نه رڳو ڀٽ تي پر ڀٽ کان ٻاھر سچي سنڌ ۾ مختلف موقعن تي متعارف ڪرائي سنڌ جي راڳ جي نئين سٽاءُ جو بنياد رکيو ۽ انھن کي ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح تي روشناس ڪرائي سنڌي راڳ ۽ ثقافت جو مان مٿانھون ڪيو.
مان پنھنجي تجربي ۽ مشاھدي جي بنياد تي ائين چوڻ حق ٿو سمجھان ته اڄ جنھن نموني ۾ اسين سنڌ جي مختلف ميلن ۽ موقعن تي راڳ جون جيڪي به محفلون جاري رکيو پيا اچون انھن جو بنياد فقط ۽ فقط ڊاڪٽر صاحب جن جو ئي رکيل آھي. جيڪڏھن سنڌ جي ثقافتي سرگرمين جي ابتدائي زماني ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جھڙي سرواڻ، سنڌ ۽ سنڌين جي ھڏ ڏوکي ھستي شخصيت جو عمل دخل نه رھي ته پوءِ اڄ اسان جي سنڌ جي مختلف اسٽيجن تي اھڙا روايتي سنڌي راڳ ۽ ساز نظر نه اچن ھا، جيڪي اڄ اسان جي ثقافتي سرگرمين جو لازمي جزو بڻجي ويا. بين الاقوامي يا سائنس ڪانفرنسون ھجن يا تاريخ جي عالمن جون گڏجاڻين جميعت الشعراءُ سنڌ جون ادبي محفلون ھجن يا شاھه لطيف جي عرس جو تقريبون، ڊاڪٽر صاحب جن انھن مڙني موقعن تي پنھنجي نظريي تحت نچ سنڌي راڳ ۽ ساز جون نھايت معياري ۽ تاريخي محفلون منعقد ڪرايون، اھي محفلون جن ملڪي ۽ غير ملڪي ماڻھن ڏٺيون انھن سنڌ جي شاھوڪار ثقافتي روايتن کان دلي طرح سان متاثر ٿي بي اختيار ٿي داد ڏنو مان ذاتي طرح سان اھڙين ڪيترن محفلن ۾ ڊاڪٽر صاحب جن سان ھڪ ڪارڪن جي حيثيت ۾ شامل رھيو آھيان انھن موقعن تي ڊاڪٽر صاحب ھر ڳائڻي ۽ وڄتي کي مھل ۽ موقعي جي لحاظ سان جدا جدا زبان ۾ متعارف ڪرايو. انھي تعارف دوران ڊاڪٽر صاحب علم جا درياءَ وھائي ڇڏيندو ھو، سجيڪڏھن راڳ ۽ ساز محفل جي جان ھوندا ھئا ته ڊاڪٽر صاحب جن جو تعارف انھي جو سينگار ھر ماڻھو ھڪ ڪنو ٿي کين ٻڌندو ھو ۽ علم پرائيندو ھو. ڊاڪٽر صاحب نھايت منفرد انداز ۾ اھو ڪم سر انجام ڏيندا ھئا شاھه جي موقعي تي ٿيندڙ ابتدائي محفلن جو ٻيو ڪم ڪار ته ٻيا صاحب سنڀاليندا ھئا پر راڳ وارين رھاڻين جو اڳواڻ ۽ سرواڻ ڊاڪٽر صاحب جن ئي رھيا، تقريباً سترھن سال مسلسل اھو فرض نھايت شاندار انداز سان سر انجام ڏيندا رھيا.
ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز جي سرگرمين سان منھنجو تعلق به ڊاڪٽر صاحب جن جي ڪري ٿيو پاڻ مون کي آڱر کان وٺي ھڪ ھڪ وک کڻائي اسٽيج جي علم، ڳاڻن وڄتن جي انداز ۽ رمزن، آڏو ويٺل ماڻھن کي متاثر ڪرڻ جا ڪيئي گر مون کي سيکاريا. انھيءَ ۾ ڪو شڪ ناھي ته ڄاڻ جو پنڌ بنھه پري آھي، پر مون پنھنجي عقل موجب جيڪي ڪجھه پرايو اھو به مون لاءِ تمام گھڻو آھي، ڊاڪٽر صاحب جن علم جي ميدان ۾ ھڪ بحر آھي ۽ آءُ ان بھر جو قطرو ئي حاصل ڪري چڪو آھيان جنھن جي آڌار تي اڃان اھو ڪم جاري رکيو پيو اچان. انھي محسن ۽ مربي استاد، منھنجي ملاقات منظور علي خان سان ڪرائي منظور علي خان، جيڪو سنڌ جي ساڃھه ھو جنھن پنھنجي علم ۽ فن سان سنڌي راڳ لاءِ نوان دڳ متعين ڪيا جنھن پنھنجي صدق دلي ۽ پيار ڀرئي ورتاءُ سان محمد يوسف، گلزار علي، وحيد علي، انور حسين وسطڙي ۽ ٻين ڪيترن  راڳاين کي تربيت ڏني مٿانھين ماڳ تي رسايو. اھو منظور علي خان جيڪو سدائين پيو مشڪندو ھو، سو اسان کان جدا ٿي ويو ان جون ڪھڙيون ڳالھيون ڪجن لطيف سائين جي بيت موجب:
ڳالھيون پيٽ ورن م، وڌي وڻ ٿيون
پاڻان مون ته ڪيون، گوشي گڏيا نه سپرين.
منظور علي خان، سنڌ جي سونھاري سرزمين کي دل سان پنھنجو ڪيو اھو ئي سبب ھو، جو ھن جي گفتن مان سنڌ جي سرھاڻ جو احساس ٿيندو ھو ۽ انھن لکڻن جي ڪري، جو جتي ھوندو ھو اتي پنھنجي رنگ ڍنگ سان نه سرن جي سونھن سان سھڻن گفتن سان مڙني کي موھي مست ڪري ڇڏيندو ھو. ڪوڙي ٺاھه جوڙيا اجائي ڊيگھه منجھس ته ھئي ڪانه ڪنھن به محفل ۾ ھوندو ھو ۽ جي ڪا ڳالھه ڀرجي آيس ته اھو ڏسندو ئي ڪين ھو ته آڏو ڪير آھي، سڀ ڪي چئي وڃي پار پوندو ھو، پر ان عمل ۾ ھڪ خاص ڳالھه اھا ھوندي ھئس ته ڪنھن جي دل آزاري نه ڪندو ھو گفتن ۾ مٺاين جامڻ ھوندا ھئس. ڪڏھن ڪڏھن ڪنھن ڳالھه تي ڪاوڙبو ھو ته پنھنجي منھن پاڻ تي ڪاوڙ ڇنڊي اٿي کڙو ٿيندو ھو اھو اھڙي نموني جو ڪنھن کي سندس انھي مٺيڻن جي سڌ ئي نه پوندي ھئي اھڙا ڪيئي موقعا آيا ھوندا جن کي ڏسندي خيال ٿيندو ھو ته اجھو ٿو استاد پاڻي مان نڪري پر مجال جو پيشاني ۾ ڪو ور پويس.
خاص ڪري جڏھن لطيف سائين جي ميلي جي آخري ڏينھن تي مڙني محفلن پڄاڻان ، جڏھن فنڪارن کي نالي ماتر معاوضا ادا ڪيا ويندا ھئا، ته منظور علي خان اڀرون سڀرن راڳاين جون پيو پارتون ڪندو ھو ته ھي به لطيف سائين جا ڄاڃي آھن آس ڪري آيا آھن لطيفي لنگر اڻ ميو آھي ڪنھن جو پانڌ پالھو نه رھي ته چڱو. اھڙن موقعن تي ڪڏھن ڪڏھن ڪي پيسا ورھائڻ وارا اجايو تکا مٺا ٿيندا ھئا چي استاد پيسن جي ڳالھه آھي ڪا ھيٺ مٿانھين ٿي وڃي ته ڪير ذميوار ٿيندو. پر مجال آھي جو استاد جي مرڪ ۾ ڪو فرق اچي اوڀاريون لھواريون ڳالھيون ڪري مڙني کي ڪجھه ميلي جي خرچي ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو ھو. ۽ ھونئن به گھڻو ڪري سندس چوڻ ڪوبه موٽائيندو ھو. حالانڪ ان وقت ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز جي ڪل مالي امداد ساڍا ستيتاليھه ھزار ھئي جنھن ۾ ميلي جي خرچ کان سواءِ سمورين عمارتن جي سار سنڀال، ملازمن جا پگھار وغيره سڀ انھي رقم مان پورا ڪيا ويندا ھئا. خير، استاد جي وفات کان پوءِ اھا ڳڻ ڳوت، ۽ مڙني جي خبر گيري واري رسم ڄڻ ته اسان جي اھڙن ڏھاڙن کان رسي وئي اڪثر اھڙن موقعن تي ھر ڪو پنھنجي ڳالھه سوچيندو آھي ٻين اڀرن سڀرن جي خبر لھڻ ڪنھن کي ڏانو ئي نه آئي آھي. استاد منظور علي خان ڄڻ ته اھا ماڻھپي ۽  وڏگردائي واري سرھاڻ پاڻ سان کڻي ويو. ائين. جيئن ھو سنڌ جي سچن سرن کي جياري اجاري پنھنجي شاگردن توڙي سنڌ جي سچن سرن کي جياري اجاري پنھنجي ٻين شاگردن توڙي سنڌ جي ٻين ڳائڻن وڄتن تائين رسائي اسان کان وڇڙي ويو. اھڙو سٺن ۽ مٺن ڏينھن ۾ منظور علي خان سان منھنجي گھرائپ وڌندي وئي ۽ ڳالھه اتي وڃي بيٺي جو اسان ھڪٻئي ۾ ڏک سک پيا اوريندا ھئاسين: محبت وارو اھو ناتو سندس گذاري وڃڻ تائين قائم رھيو اڪثر اسان ھڪ ٻئي سان تکا مٺا به ٿيا ھونداسين، ڪڏھن ھن دڙڪا ڏنا ته ڪڏھن مون تيز ڳالھايو ھوندو، پر اھو سڀ وقتي ھوندو ھو، گھڙي کن کان پوءِ وري به اھو ئي ساڳيو پيار ۽ ساڳئي محبت، نه ته سندس مرتبي جھڙو استاد، جنھن کي ھرڪو مان ڏيندو ھو ۽ عزت ڪندو ھو ان سان ائين ڪو تکو ڳالھائي سو ممڪن نه ھو. استاد منظور علي خان جي ھڪ اھڙي وصف ھئي جيڪا ھر ڪنھن ماڻھو ۾ ڏکي پيندا ٿيندي آھي اھا وصف ھئي ڀانئڻ ۽ نڀائڻ اھو ڄڻ ته سندس ئي وڙ ھو. ھيڏي وقت کان پوءِ اڄ جڏھن آءُ سندس انھي وصف تي ويچار ڪريان ٿو ته حيرت ٿئي ٿي، آخر اھو سڀ ڪجھه ڪيئن سھندو ھو بس ڀٽائي جو ھيءُ بيت مٿس ٺھڪي ٿو اچي ته:
ھو چونئي تون ڪيم چئو، ورائي واتان ويڻ
سڀني سين، سيد چئي، من ماري ڪر ميڻ
کانڌ وڏيائي کيڻ، ڪيني منجھان ڪين ٿئي

استا مرحوم انھي يت جي ڄڻ شرح ھو. مون کي ذاتي طرح سان خبر آھي ته ڪن عزيزن ساڻس ڏاڍا ڪي اڍندگا پير ڀريا ھئا. بظاھر ھو انھي ڪريت جو اظھار نه ڪندو ھو، پر ڪڏھن ڪي پور دل تي چڙھي ايندا ھئس ته نھايت ڏکاري نوع سان آھستي آھستي لڪل لفظن ۾ انھن جي شڪايت ڪندو ھو. چي مرزا صاحب فلاڻي جا ڪم ڏسين ٿو! عجب جھڙو ماڻھو آھي مون ھن لاءِ ھيئن ڪيو ھونئن ڪيو پر اڄ ان جو ڪھڙو اجورو ٿا ڏين تون ڀلائي ڪري ڪا ڳالھه سمجائين من ڪو شرم پوين! پوءِ لحظو رکي وري چوندو ھو ته، “ڇڏيو کڻي گند ڪڏھن گند سان ڌوتو آھي”! پاڻھي منھن ڀت سان لڳندن ته خبر پوندو ته گھڻين ويھين سوءُ آھي پوءِ ور ور ڪيو پيو چوندو ته متان ڳالھه ڪئي اٿئي فلاڻي سان منھنجو اھو مشاھدو آھي ۽ مون ته سنڌ جي سمورن ڳائڻن ۽ وڄتن سان ڊگھو عرصو گذاريو آھي پر ھھڙو ھمراھه اڃان منھنجي تجربي ۾ نه آيو آھي انھي ۾ ڪو شڪ ڪونھي ته ھر ماڻھو جو پنھنجو سڀاءُ ۽ ساءُ آھي ھر ڪنھن ۾ ڪا چڱائي ڪا اوڻائي آھي ئي پر سائين منظور علي خان ڪون سڏاوي! مڙسي جون اصل ديھون ھئس. نفعي نقصان کي ساٿ سنگت تي سدائين ترجيح ڏيندو ھو. يارن جو يار ۽ ڪچھريءِ ۾ پنھنجو وکر ساوڻ جي درياءَ وانگر نھايت فراخدليءَ سان وھائيندو ھو اھو ئي سبب ھو جو ھن جي رھاڻ ۾ ھڪ خاص قسم جو لطف ھوندو ھو سندس آواز کان گھڻو سندس علم ھو ھو راڳ جي علم جي چئن پڳن جو اڳواڻ ھو وٽس پڪي راڳ جون اھڙيون رمزون ھيون، جو ھن ننڍي کنڊ جي ڪيترن ڳائڪن وٽ نه ھيون ھو ڪافي به ان روشن سان ڳائيندو ھو، تانون، مينڍون، مرڪون ۽ پلٽا سندس ڪافي ڳائڻ وقت نمايان ھوندا ھئا شھري ٻڌندڙ ھجن :توڙي ٻھراڙي جا ماڻھو راڳداري جا ڄاڻو ھجن يا بنھه اڻ ڄاڻ ھر ٻڌندڙ کانئس متاثر ٿيندو ھو. شروع وارن ڏينھن ۾ ڀٽ تي استاد ڳائڻ ويھندو ھو ته آھستي آھستي ماڻھو اٿڻ لڳندا ھئا ڇو ته راڳ کان ڊگھي ھوندي ھئي استاد جي تياري. آءُ چوندو ھئس ته، استاد محفل جو خيال ڪر ڪلام چئو، چوندو  ھو ته جنھن کي منھنجو راڳ ٻڌڻو ھوندو اھو ڪين ويندو باقي جيڪي وڃن پيا انھن کي نه تون ويھاري سگھندي نه ئي منھنجي جلدي ڳائڻ سان ويھندا ڀلي گوڙ گھٽجي مزي سان تون به وڃي سامھون ويھي راڳ ٻڌ اڪثر ائين ٿيندو ھو ته منظور علي خان مون کي ۽ حميد آخوند کي چوندو ھو ته سامھون ٿي ويھو اوھان سان اکيون ملن ٿيون ته راڳ ڳائڻ ۾ ڏاڍو مزو ٿو اچي ڪڏھن ڪڏھن اسان ائين اٿي ڪم ڪار سانگي اسٽيج جي پويان يا اسٽيج جي ونگ ۾ بيٺا ھوندا ھئاسين ته ڳائيندي سامھون ويٺل ماڻھن کان منھن ورائي اسان ڏي ڏسي مرڪندو ھو ۽ داد وٺندو ھو پاڻ ڳائيندو ھو، ۽ پنھنجي شاگردن کي ڳارائيندو ھو ڪڏھن پنھنجي ننڍڙي ڀائٽي، وزير علي جي پٽ مختار علي کي وٺي ايندو ھو ۽ ھنج ۾ ويھاري زوريءَ اسان جي مرض جي خلاف ڳارائيندو ھو چي مدرسي کي پڪو ڪرڻو آھي ھنن کي ھينئر ھير وجھنداسين ته اڳتي ڪم ايندا ۽ سٺو ڪم ڪندا. مرزا صاحبٰ مدرسي کي وڌائڻو آھي، گھٽائڻو نه آھي.
مدرسي مان منظور عيل خان جي مراد ھوندي ھئي اھو سنگ جيڪو ساڻس ڀيرو ھوندو ھو اصولي طرح سان منظور علي خان پنھنجي ڳوٺ ۾ راڳ جو ھڪڙو مڪتب قائم ڪيو ھو جنھن ۾ شروع کان وٺي ڪيترائي شاگرد پيا راڳ ڳائيندا ھئا. اڄ انھن مان ڪيترائي، دوست سنڌي راڳ جا وڏا نالا آھن. انھن ۾ محمد يوسف، گلزار علي، وحيد علي، انور حسين وسطڙو ۽ قمر سومرو ذڪر لائق آھن ٽنڊي آدم وارو قاسم علي شاھه به استاد جي انھي مدرسي مان تيار ٿي نڪتو ھو منظور علي خان جا ڀائر امير علي خان، بيرو خان ۽ وزير علي خان ساڻس انھي ڪم ۾ ڀيڙا ھئا. امير علي خان سان منظور جي تمام گھڻي محبت ھوندي ھئي بيروخان به پنھنجي وقت مڙس ماڻھو ھو. راڳ سان البت ڏاڍ مڙسي ڪندو ھو باقي لٺ ڌڪي ۾ جھڙس ڪو ورلي ھوندو ھو. انھي ارڏاين ۽ مستين جي باوجود استاد مرحوم ھميشه سندس خيال رکندو ھو. ھر محفل ۾ بيري جي پتي ضرور نڪرندي ھئي پئسي تي منظور علي خان جي ساعت تمام گھٽ ھوندي ھئي. ڇاڪاڻ ته منھنجي علم ۾ ناھي ته ڪو ھن پنھنجي ڄمار ۾ ڪا محفل ٻولي کئني ھوندي دعوت مليس ۽ ٻي ڪنھن سان انجامي نه ھوندو ته مڙني شاگردن سان ريل ۾، ٽانگي ۾، پنڌ وڃي منزل تي رسندو ھو  ۽ محفل ڳائي جيڪو سريو سو کڻي اچي گھر پھچندو ھو. ٻاھر ئي مليل رقم جون پتيون ڪري ويندو ھو ھي گھر لاءِ ھي بيري لاءِ، ھي فلاڻي شاگرد لاءِ ۽ ھي فلاڻي لاءِ پوءِ پتي جي پنج رپيا اچن يا پنج ھزار منظور علي خان اھا تٿ نه ڀڳي. آءُ اڄ سوچان ٿو ته ھن نفسا نفسي جي عالم ۾ اھو نمونو قائم رکڻ ۽ پيسو ورھائڻ ھر ڪنھن جي وس جي ڳالھه نه آھي.
جيتري قدر راڳ سيکارڻ ۽ پنھنجي شاگردن کي مٿي ڪرڻ جو تعلق آھي ته منظور انھي ڪم ۾ مڙني ڳائڻ وارن کان مٿانھين ماڳ جو مالڪ آھي. سندس سمورا شاگرد، ڪن گھڻو سکيو ڪن گھٽ سڀ پنھنجي نالي سان موجود آھن ۽ منظور علي خان جي شناس يا سڃاڻپ به انھي ڪري قائم آھي جو اڄ به ھو ھن جي رنگ ۽ انداز ۾ رچيل آھن ڳائيندا ته پنھنجي پنھنجي علم موجب پنھنجي استاد جون پيا سڪون لاھين سندس انداز ۾ منظور علي خان جي جھلڪ به پئي نظر ايندي انھي لحاظ کان اڄ اسان يقين سان چئي سگھون ٿا ته استاد منظور علي خان جو اھو سنڌي لوڪ موسيقي ۽ ڪلاسيڪي موسيقي جي ٻه درياھي انداز جو اسڪول بنجي ويو آھي ۽ اھو سلسلو انھي ڪري به جاري رھندو جو ھاڻي استاد جي شاگردن جا شاگرد به انھي رنگ ۾ پيا ڳائين. اھا ڳالھه بحث طلب ضرور آھي ته استاد مرحوم جو اھو ڪارنامو سنڌي راڳ لاءِ ڪيتري حد تائين فائديمند آھي سو ان موضوع تي به مرحوم سان مھنجي کلي طرح سان ڳالھه ٻولهه ٿي.
مون کي سال ياد ڪونھي البته اھا چٽي ياد اٿم استاد کي حڪومت پاڪستان طرفان “پرائيڊ آف پرفارمينس” جي تمغي جو اعلان ٿيو ھو. انھي ڏس ۾ حميد آخوند، سنڌ صوبائي عجائب گھر حيدرآباد ۾ استاد منظور علي خان جي رات جي ماني جھلي ان موقعي تي اسان فيصلو ڪيو ته رڳو ماني نه کائبي پر منظور علي خان سان سندس فن، حياتي ۽ يادگيرين بابت ڳالھه ٻولھه به رڪارڊ ڪنداسين. ان جي مڪمل رڪارڊنگ حميد آخوند صاحب وٽ موجود آھي. استاد کان سواءِ فقير عبدالغفور، ڍول فقير، حسين بخش خادم، وحيد علي ۽ عرس مڱڻھار به موجود ھئا. ڳالھين ڪندي نج سنڌي راڳ ۽ پڪي راڳ جي فرق جو اچي قصو شروع ٿيو آءُذاتي طرح سان انھي ڳالھه جو قائل آھيان ته سنڌي راڳ جو پنھنجو ماحول آھي جيڪو ڪلاسيڪي موسيقي کان ٻاھر آھي اھا سٽاءُ انھي لحاظ کان منفرد آھي جو اڄ سنڌي راڳ راڳڻين جا اھڙا نالا موجود آھن جن جو ذڪر ڪلاسيڪي موسيقي جي راڳن ۾ نه آھي ۽ سنڌي راڳ جي دنيا ۾ ڳايا وڄايا وڃن ٿا اھي راڳ راڳڻيون صدين کان وٺي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، جھرجھنگ ڳايون ۽ جھونگاريون پيون وڃن . اھي نج سنڌي راڳڻيون آھن سو چيومانس ته استاد دل ۾ نه ڪريو ته ھڪ ڳالھه چوان چيائين مرزا صاحب اڳ ڪڏھن تو واري ڳالھه اسان دل ۾ ڪئي آھي پڇ ڇا ٿو پڇين؟ چيم اوھان سنڌي راڳ سان ھاڃو ڪري ڇڏيو آھي گھڙي کن لاءِ مون ڏانھن ڏٺائين ۽ سوچ ۾ پئجي ويو نيٺ پڇيائين سمجاءِ اھو ڪيئن؟ مون عرض ڪيو ته استاد توھان راڳداري جا وڏا ڄاڻو آھيو ان جي نزاڪتن کي سمجھو ٿا. مان ايترو نٿو ڄاڻان پر ٿلھي ليکي ڳالھه ڪريان ٿو ته سنڌي راڳ جو واسطو اوھان واري پڪي راڳ سان بنھه ناھي پڇيائين ان جو ڪو دليل؟ چيم ڏسو نه اسان جي ڪوھياري آھي راڻو آھي اھي سڀ پيا ڳائين نه ڪنھن کان سکيو اٿن نه وري ڪنھن کين سيکاريو آھي. اھي سر ڄڻ ته سنڌين جي ستي ۾ پيل آھن اوھان وري ڇڪي انھن راڳن راڳڻين کي وڃي ڪلاسيڪي راڳ سان ملايو آھي ته ھي ڪماچ. ٺاٺ جي، راڳڻي آھي، ۽ ھي فلاڻي ٺاٺ جو راڳ ٿي سگھي ٿو ته انھن راڳن راڳڻين جا ڪي سر انھن ٺاٺن جي راڳ راڳڻين سان ملندا ھجن پر ائين ڪرڻ سان اوھان سنڌي راڳ کي پنھنجي مان ڏيڻ کان ڪيٻايو ٿا اھو نه ٿيڻ گھرجي جنھن جو جيترو حق ھجي ان کي اھو ڏيڻ ۾ ڪيٻائڻ نه گھرجي. منھنجي اھا ڳالھه ٻڌي استاد منظور علي خان چند گھڙين لاءِ ٽٻي ۾ پئجي ويو نيٺ چيائين مرزا صاحب تو واري ڳالھه آءُ مڃڻ لاءِ تيار آھيان پر تون ڏس ته منھنجي پرورش ڪھڙي ماحول م ٿي آھي منھنجو سڄو پس منظر ڪلاسيڪي موسيقي وارو آھي ابي ڏاڏي کان اسان جو تعلق انھي رمز سان آھي اسان جا ابا ڏاڏا جڏھن ھتي لڏي آيا ته ھتي جي قدردانن سندن ايترو خيال رکيو جو ڄڻ جيءَ ۾ جايون ڏنائيون ان زماني ۾ پڪو راڳ ٻڌڻ ڄڻ وڏن خاندانن جو فيش ھو پر سنڌ جا ماڻھو ۽ خاندان راڳ جا ڄاڻون ھئا قدر ڪري ڄاڻندا ھئا، انھي ڪري ھتي اسان جو ڄڻ ته ڌاڪو ڄمي ويو.
 جيتوڻيڪ ھندستان جي ڪند ڪڙڇ مان ڪيئي وڏا وڏا ڳائڻا ھتي ايندا رھندا ھئا. پر اسان کي جيڪا عزت ملي ان جو ٿورو اسان ڪڏھن لاھي نه سگھنداسين. اسان وارن ھمراھن ھتي نه رڳو راڳداري کي قائم رکيو پر ڪافيون ڪلام به چيا اسان جي وڏن مان مراد علي خان جوڳ مان مصري شاھه جي ڪافي “سڪندي ٿيڙم سال”. ۽ مانجھه مان “ماڙيون ڀانيان ماتام” عاشق علي خان سنڌڙي شاھه جي ڪافي “جادو لائي ويم جيءَ”  ۽ بيبي خان وغيره پنھنجي حال آھر سنڌي ڪلام ڳايا ۽ ان وقت جي رواج موجب اھي ڪلام تمام گھڻا مقبول ٿيا ۽ گھڻي حد تائين اڄ به نھايت مقبول آھن. اسان واري ٽھي مان مرحوم اميد علي خان ۽ سندس ڀاءُ غلام رسول خان به سنڌي سرائڪي ڪافيون ڳايون بيبي خان جو پٽ فدا حسين ته پنھنجي ڄاڻ جي باوجود رڳو سنڌي اوتارن واري گائڪي ۾ مھارت حاصل ڪئي آھي وٽس سنڌي ڪلامن جو تمام وڏو ذخيرو آھي آءُ به ڳايان پيو مون کان سواءِ ھاڻي اسان جي خاندان ۾ وحيد علي به ڪافيون ڪلامن سان سڃاتو وڃي ٿو، ۽ اڳتي به اھو سلسلو ھلندو رھندو. انھي ءَ جو اھو مطلب نه آھي ته اسان سنڌي راڳ ۾ ڪو اجايو واڌارو ڪري، ان جي اصل ساءَ کي نقصان پھچايو آھي، پر ساڳئي وقت اھو به چوندس ته بيشڪ سنڌي موسيقي جو اسان جي لحاظ سان ھڪ منفرد مقام آھي اھو آءُ پنھنجي ذاتي تجربي ۽ علم جي خيال سان پيو چوان. ان ۾ انفراديت آھي، ان جي حفاظت ڪرڻ گھرجي؛ ان سلسلي ۾ آءٌ فقير عيسيٰ ۽ ڍول فقير جي ڳائڻ لاءِ چوندس ته منھنجي سانڀر ۾ اھي ڳائڻا سنڌي راڳ جي اصل روايت جا ڄاڻو آھن. انھن جي لئي ۽ گائڪي ۾ گھڻو وکر آھي. ان جي حفاظت ڪرڻ گھرجي. پوءِ ان کي ڪڏھن نقصان نه پھچندو. عيسو فقير گذاري ويو، ڍول کي ڌڻي حياتي ڏي. آءٌ ڀانيان ٿو ته ھن به پنھنجو ڪو شاگرد تيار نه ڪيو آھي، انھي ءَ ڪري وٽس جيڪي ڪجھه آھي سورڪارڊ ٿيڻ گھر جي، انھيءَ لاءِ ته اڳتي لاءِ ڪم اچي سگھي. رھيو سوال منھنجو ته اھا ته توھان کي خبر آھي ته سنڌ ۾ سڃاڻپ، ڪلاسيڪي راڳ ڳائڻ واري بدران ڪافي ڪلام ڳائڻ واري آھي. پر اھو ذھن ۾ رکو ته مان ڍول يا عيسي فقير وانگر ڳائي نه سگھندس، البت انھن جي انداز ۽ لئي کي پنھنجي سرن جي تنظيم تحت ڳائي سگھندس. رھيو سوال سنڌي راڳ راڳڻين جو مختلف ٺاٺن سان ملائڻ سو ان سان ڪو فرق نه پوندو. سنڌي راڳ جي سرھاڻ پنھجي جاءِ تي قائم رھندي. سنڌي سنگيت ۽ ڪلاسيڪي سنگيت ھميشه جدا جدا رھندي. انھي ڪري نه تو کي پريشان ٿيڻ گھرجي، نه ٻئي ڪنھن کي خبر آھي.
استاد مرحوم سان انھي قسم جون پوءِ ڪيتريون ئي گڏجاڻيون ٿيون ڪڏھن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرام ساڻيھه جا سينگار ٽي وي جي پروگرام سنڌ سينگار ۽ مھراڻ رنگ ۾ نه ڪڏھن آءُ استاد جي خيالن سان متفق ٿي سگھيس ۽ نه ئي استاد منھنجن ڳالھين جو اثر ورتو جڏھن به ان قسم جي ڳالھه ٿيندي ھئي ته بي ساخته کلي ڏيندو ھو ۽ چوندو ھو ته انھي ڳالھه جي جند نه ڇڏيندين !مطلب ته ھن پنھنجي ڳالھه کي ڪڏھن مٽايو ڪين ۽ مٽائي به ڪيئن ھا؟ مٽائڻ واري ڳالھه ته منجھس ھئي ڪين نه رڳو ڳالھه پر ياري مٽائڻ جو ھو قائل نه ھو سندس وڙ اھو ئي ھو ته ڳالھه ڪبي ھڪڙي. ڪري ان تان ڦرڻ مڙسي نه چئبي ياري ڪبي ڪنھن ڪنھن سان ڪري وري ٻي در وجھائڻ وارا چلولا چئبا آھن. ماضيءَ جي ڪيترن ئي واقعن جي روشني ۾ مون وٽ منظور علي جي انھي وصف جا شاھد بيشمار واقعا آھن. اھو وڙائتو انداز ھن ڪٿان پرايو ڪيئن پرايو ان جي سڌ ته مون کي نه آھي پر ايترو ضرور آھي ته ھو ان ڳالھه جو تمام گھڻو پابند ھو ائين جيئن پاڻ پنھنجي سخن جو سچو ھو ڪنھن يار دوست سان انجامي ٿيو ته لکن جون محفلون ڇڏي ماني جي ٽڪر تي وڃي پھچندو ھو ۽ سڄي رات ڳائي صبح ڀنڀر ڪي جو سامان ساڻ ۽ شاگرد گڏ ھل منھنجا سائين ڳوٺ وري ڪنڌ ورائي نه ڏسندو ھو ته جنھن سڄڻ جي سڏ تي آيو ھو اھو ڪو راھه خرچ به ڏيئي ٿو يا نه چوندو ھو. “ابا مدرسو پيو ھلندو پيسو پيسو ٿيندو ياري ياري ٿيندي پيسو ڪو ڪنھن کي ڦٻيو آھي. يا ڪنھن وٽ رھيو آھي رھندو نانءُ سائينءَ جو گھڻو ئي ٿا ڪمايون، اڄ جي ھٿين ٺلھا گھر وياسين ته گھر جا دروازا اسان تي به بند ڪين ٿيندا”.
منھنجي خيال م استاد جي زندگي جو اھو انداز فقط سنڌي سماج جي پس منظر ۾ اڀريو ھو نه ته ھونئن مون کيس سندس ڦوھه جواني ۾ به ڏٺو ھو آءُ ننڍو ھوس حيدرآباد ۾ پڃراپور لڳ بزگرن جي پاڙي لڳ بخاري بادشاھه جو ميلو لڳندو ھو. اتي راڳ جي محفل ٿيندي ھئي. مون کي ان ميلي ۾ ڏسڻ جو موقعو مليو استاد منظور علي خان اتي رجواڙو ڪوٽ برجيس ۽ رجواڙو پٽڪو پائي آيو ھو. ساز جي بدران سندس ڪلھن ۾ پستول پيل ھو چون ٿا ته ان زماني ۾ ڏاڍو مڙس ھو. ارڏائي جا مڻ ھئس، پر پوءِ وقت جي وھڪري اھي سڀ طوفان ختم ڪري ڇڏيا ۽ استاد جا مست مھراڻ وارا آرا ختم ٿي ويا، پاڻ ڪينجھر وانگر ماٺيڻو ٿي ويو. ڪيڏانھن ويا اھي ويس وڳا ڪيڏانھن ويا زوراوري وارا ٽاڻا ، بس سدائين کليو ڪرتو  ۽ شلوا ر ھر ھنڌ پيو مرڪون اوتيندو ھو. اھو انقلاب ھن جي زندگي ۾ ڪيئن آيو سا ته ڪنھن کي خبر نه آھي پر مان ذاتي طرح سان ائين سمجھان ٿو ته استاد مرحوم سنڌ جي سماج جي اعليٰ روايتن کي پنھنجو ڪيو جن ۾ به ارھه زوارائي جي مقابلي ۾ محبت جو مقدار گھڻو رھيو آھي سھڻ ۽ مڙڻ جنھن جو بنياد آھي ڳالھه ڪري ان سخن تي بيھڻ جنھن جو اھڃاڻ آھي انھي پس منظر ۾ منظور علي خان مون کي سدائين سپتاريو سنڌي لڳندو ھو.
آءُ اڳي چئي آيو آھيان ته مرحوم منظور علي خان ڪلاسيڪي گائيڪي جي چئن گھراڻن جو عالم ھو ۽ پنھنجي ڳائڻ ۾ نھايت جاندار ۽ سيبائتو ھو، پر سنڌي سماج ۾ ھن پنھنجو پاڻ کي اھڙو ته ملائي ھڪ ڪري ڇڏيو جو سندس اھا اصل سڃاڻپ ثانوي حيثيت اختيار ڪري ويئي. سنڌ ۽ سنڌ جو راڳ سندس شناس بنجي ويئي. اھو ئي سبب آھي جو ھن جي ڪافين ڪلامن جي چونڊ نھايت اعلي ھئي بيت جو انتخاب ۽ استعمال وقتائتو مون ڪڏھن ڪونه ٻڌو ته منظور ليلا چنيسر جي ڪافي ۾ ڪو انھي سر کان ڪو ٻاھريون بيت ڏنو ڪلام جو موضوع مجاز ھجي يا توحيد يا وري ناصحاڻو، منظور علي خان بيت سدائين ڪافي جي مضمون موجب ڏنو. منھنجي ڄاڻ ۾ اھا خوبي تمام ٿورن ڳائڻن ۾ رھي آھي ورنه مون ته ڪيترن کي ائين ٻڌو ته راڻي جي ڪافي پئي ڳائجي ، ۽ بيت وري سسئي يا ليلا جا پيا ڏيندا ھئا، جيڪو اصولي طور غلط ھوندو ھو. اڄ ڪلھه اسان جا سمورا ڳائڻا انھي ڳالھه جو پورو خيال رکن ٿا. جنھن مضمون جي ڪافي انھي مضمون جا بيت ڏين ٿا. انھي جو ٻج به منھنجي خيال جي مرحوم جو ڇٽيل ھو اڄ اسان جا سمورا سيبتا ڳائڻا انھي رمز کي قائم رکيو پيا اچن. ۽ اھو سلسلو ڪڏھن به نه بدلبو جيتري قدر منظور وٽ بيتن ۽ ڪافين جي ذخيري جو تعلق ھو ته آءُ دعويٰ سان چوان ٿو ته استاد مرحوم وٽ ان جو اکٽ سلسلو ھو ڪلاڪ منو ھڪ ڪافي ڳائيندو ھو. ڪافي جون مصراعون چار پنج پر استاد بيتن جا اصل واھڙ وھائي ڇڏيندو ھو اھڙا سھڻا ۽ سٺا بيت جو اڄ تمام ٿورا ڳائڻ وارا اھي بيت ڳائين ٿا. ڪچو گفتو ۽ ڪچو بيت ته منظور علي خان کان اسان ڪڏھن نه ٻڌو جي چئبس ته استاد بيت گھٽ ڏيو ته وراڻيندو ھو ته مرزا صاحب بيت ڪافي جو سينگار آھي ڪافي جي مصراعن کي ٻڌڻ واري جي ذھن ۾ پڪو ڪري ٿو. شاعر جو روح ڪافي ۾ نه پر بيت ۾ ھوندو آھي روح ۽ جسم کي جدا ڪرڻ کان پوءِ قبرستان وڃي وسائجي ته سٺو بيتن ڪري ڪافي جي مضمون ۽ مفھوم کي سمجھڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي . ورنه لسي ڪافي مان ڪھڙو ساءُ ايندو ۽ ٻڌندڙ جو روح ڪيئن راض ٿيندو. مون کي پوءِ احساس ٿيو ته ھو سچ ٿو چوي انھي نوع ۾ لطف ھيڪاري وڌيو ٿو وڃي. اھا بي ڳالھه آھي ته استاد کي ٻڌڻ لاءِ دل جي ضرورت به ھئي ته وقت جي به. ھو ائين تڙ تڪڙ ۾ ٻڌڻ وارو ڳائڻو نه ھو ھن کي ٻڌڻ لاءِ دل جي سڪون ۽ وقت جي ضرورت رھندي ھئي. دل سان منظور کي جنھن ٻڌو سو ڄڻ سندس سرن جي سڳن م اصل سدائين لاءِ سلھاڙجي ويو. ڪافي جي ھم معنيٰ ۽ مفھوم وارا بيت ڏيڻ ۽ ڪافي کي وري انھن سان سينگارڻ اھو منظور علي خان جو ئي انداز ھو مون کيس تمام گھڻو ٻڌو، ۽ دل سان ٻڌو بي شمار محفلون ۽ مجسلون آھن جي اڄ به ياد آھن پر ھڪڙي رھاڻ اھڙي آھي جيڪا ڪڏھن به نه وسرندي. ھيءَ ڳالھه غالباً ۱۹۵۵ع جي آھي قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب حيدرآباد جي قلعي واري اسڪول غلام حسين ھدايت الله ھاءِ اسڪول ۾ سنڌي ڪافي ۽ پڪي راڳ جي رھاڻ جي ٻن ڏينھن واري ڪانفرنس جو اھتمام ڪرايو ھو. پھرين ڏينھن تي شايد ڪافي ڪلامن جي محفل ھئي. ۽ ٻئي ڏينھن تي ڪلاسيڪي موسيقي جي رھاڻ ھئي يا ان جي ابتڙ ڳالھه ھئي چٽي يادگيري نه رھي آھي پڪي راڳ جي محفل ۾ پاڪستان جا ڪيترائي نامور فنڪار شريڪ ھئا استاد اميد علي خان، امانت علي فتح علي خان نزاڪت علي خان، سلامت علي خان،ا ستاد حبيب الله بينڪار، زاھده پروين، شمشاد بيگم، قادر فريدي، علي بخش ظھور، ۽ استاد منظور علي خان جا نالا ذھن م موجود آھن اسان جي سانڀر ۾، ان کان پوءِ وري حيدرآباد ۾ ايڏي پيماني جي شاندار پڪي راڳ جي محفل نه ٿي ۽ نه وري ڪڏھن ٿيندي.
مخدوم طالب الموليٰ سائين جن جي ذاتي دلچسپي ۽ مالي مدد سان ان ڪانفرنس جو اھتمام ٿيو ھو. ھن موقعي تي ان حقيقت جي اظھار کي آءُ پنھنجو فرض سمجھان ٿو ته جيئن ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن سنڌي لوڪ ادب، راڳ ۽ ثقافت جي خدمت ڪئي آھي تيئن قبله مخدوم صاحب جن به ان ميدان جي انتھائي اعليٰ اڳواڻن مان ھڪ رھيو آھي مخدوم صاحب پنھنجي ماٺيڻي سڀاءَ جي لحاظ سان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رھندڙ ۽ وسندڙ ڳائڻن ۽ وڄتن کي پاڻ ھلي وڃي ڏٺو ھوندو. سير سفر سندن پسنديده مشغلو رھيو آھي ۽ شاعري ۽ سنگيت سندس روح  ۾ رچيل آھن پاڻ ذاتي طرح فقراءَ جو سرموڙ سرواڻ رھيا جتي جنھن آواز کي ٻڌائون ۽ سمجھيائون ته ھن ھمراھه ۾ مڙئي داڻا ڪڻا آھن ته سيکاري سمجھائي، اڳڀرو ڪيائون انھن ۾ ڳائڻا به آھن ته وڄتا به سگھڙ ۽ سالڪ آھن ته ظريف ۽ مسخرا به مخدوم صاحب جن انھن مڙني جي مدد به ڪئي ۽ ھمت افزائي به ھنن کي مختلف اسٽيجن تي اھڙا موقعا مھيا ڪرائي ڏنائون جو ھنن لاءِ نوان گس کلي پيا، عقل۽ علم جون نيون راھون روشن ٿي ويون ۽ وقت سان اھي مڙيئي پنھنجي پنھنجي جاءِ تي سنڌي ثقافت جا وڏا نالا بنجي ويا منھنجو ذاتي خيال ۽ مشاھدو آھي ته مخدوم صاحب جيئن ته پاڻ پنھنجي سر ادب، شعر، ساز ۽ آواز جو تمام اعليٰ درجي جو پارکو آھي. انھي لحاظ سان سنڌي سماج جي خاص ادائن کي پنھنجي انداز ۾ عام ڪرڻ ۾ نھايت سرجوشي ڏيکاري مجلس يا ڪچھري اسان جي معاشري ۾ آڳاٽي وقت کان ھڪ اھم حصو رھيو آھي اوطاق يا اوتارا اھڙا ماڳ ھئا جتي اھڙيون محفلون مچنديون ھيون ڳالھين جا ڳھير، سگھڙ سالڪ، نقل نظير وارا دانا خوش مزاج ۽ ظريف راڳ ۽ ساز جا ماھر ڳائڻا ۽ وڄتا اھي مڙئي اھڙن ماڳن تي پنھنجو واس ڪري نه رڳو پاڻ کي خوش ڪندا ھئا پر بين ماڻھن جي روح کي به راضي ڪندا ھئا. اوطاق يا اوتارا، ۽ انھن کي قائم رکڻ وارا مٿير چڱا مڙس، وڏيرا ۽ مالوند مارو ھئا. جن سنڌ جي انھي سڳنڌ کي سلامت رکي، اسان جي عوامي فنن جي حفاظت ڪئي، ۽ اسان تائين پھچايو. اڄ ھي ڀيڻون ۽ ماڳ ڄڻ ته اجڙي ويا آھن. جديد دور جي تيز رفتار ترقي جتي سولايون ڪيون آھن اتي اھڙن ادارن کي به نقصان رسايو آھي اوطاقن جي جاءِ تي رستن جي ڀر ان قائم ڪيل چانھن جون ھوٽلون قائم ٿيون آھن جتي شام جو ٿڪل ماڻھو ويھي وڃي ٽيليويزن ڏسن، نه ميل نه ملاقات، نه سنگت نه ساٿ، ۽ نه ئي ھڪٻئي جي اھنج سھنج ۾ شريڪ ھرڪو ماڻھو ڄڻ ته پنھنجي منھن وڃي رھيو آھي. مخدوم صاحب جي ذڪر سان اھو مذڪور قطعي مناسب ڪونھي پر اھا حقيقت آھي ته مخدوم صاحب پڻ منھنجي ان راءِ سان متفق ٿيندو ته اسان جي اوطاق واري روايت ھاڻي بنهه پوين پساھن ۾ آھي بس ڪٿي ڪٿي پيو دونھڙو دکي باھڙي پئي ٽمڪي ٻيو مڙئي خير. مخدوم صاحب جن جي شخصيت سنڌ ۾ اھڙين ھستين مان ھڪ آھي جن اڃان انھي اداري کي سلامت رکيو آھي ۽ اڄ ڪڏھن راڳ جون رھاڻيون ته ڪڏھن ادبي محفلون منعقد ٿين ڪڏن سگھڙ سياڻا اچي گفتن جي ڪچھري ڪن ته ڪڏھن خوش مزاج دلين وارا پنھنجن نقلن نظيرن سان ماڻھن جون دليون وندرائين. ٻي پاسي اجتمائي طرح سان مخدوم صاحب جن جون محنتون ۽ ڪاوشون ڀٽ شاھه جي ميلي تي جميعت الشعراءُ سنڌ، بزم طالب الموليٰ يا پير حسن بخش شاھه ڊٺڙي واري ۽ محمد فقير کٽياڻ جي ميلن جي موقعن تي سندن اعليٰ درجي جي اڳواڻي رھي ان درگاه جي محفلن ۽ مجلسن سان مخدوم صاحب جن جو اڄ به تعلق قائم آھي. مطلب ته انھن مڙني موقعن تي سندس اعليٰ درجي جي اڳواڻي رھي محمد فقير کٽياڻ جي درگاھه ٽنڊي ڄام لڳ آھي جتي مخدوم صاحب کي راڳ جو سبق ڏيڻ وارو استاد سنڌي خان به دفن آھي. ان درگاھه جي نون ڳائڻن جي وڄتن کي اڳتي ڪري انھن جي ھمت افزائي ڪئي سنڌ راڳ ۽ ثقافت تي سندس اھو وڏو احسان آھي جيڪو ڪڏھن به وساري نٿو سگھجي اھي سڀ ڳالھيون سنڌ جي ثقافت جي تاريخ جو حصو آھن اڄ انھن ڳالھين جو اھو اوج نه رھو آھي. مخدوم طالب الموليٰ صاحب جن جيڪي پنھنجي ذات م انجمن جي حيثيت رکن ٿا اڄ جي دور جي روش ڪري گوشه نشيني جي عالم ۾ محض پنھنجي روحاني تسڪين لاءِ اھي محفلون مچايو ويٺا آھن. ۽ اجتمائي طور تي اھڙين محفلن ۾ بنھه نه جي برابر شامل ٿين ٿا پر دل سان سنڌ جي جي علم ادب فن ۽ ثقافت سان پنھنجي عشق جو ناتو نڀائيندا پيا اچن نام و نمود جا ڪڏھن قائل نه رھيا آھن پنھنجي نوع سان اھا باھڙي دکايو ويٺا آھن جتي ڪڏھن ڪڏھن اسان جھڙا آسائتا وڃي گھڙي پھر وڃي دل جو سک پرائي ايندا آھن ڇاڪاڻ ته:
سڃ ته مان سور لھي، اکين ڀري ٻاجھه
راڻي جيءَ رھاڻ کي، ويٺي وجھان واجھه
سوڍا! لھي ساجھه، پس توشڪون، تڪيا.
استاد منظور علي خان سان جناب مخدوم طالب الموليٰ جن جي آڳاٽي وقت کان ڏيٺ ويٺ ھئي سندس خاندان سان مخدوم صاحب جون تمام گھڻيون رھاڻيون رھيون،  ۽ ان جي رفاقت ۾ مخدوم صاحب جن پنھنجي جواني واري زماني ۾ پڪي راڳ ۾ تمام گھڻي مھارت حاصل ڪئي پاڻ نھايت خوش الحان آھن ۽ ھڪ به ڀيرا مون کين جھونگاريندي به ٻڌو غلام حسين ھدايت الله ھاءِ اسڪول ۾ انھي پڪي راڳ جي محفل قائم ڪرڻ به سندن انھي جذبي جي تسڪين جو سبب ھو جنھن ۾ ان وقت جي پاڪستان جا وڏا وڏا ۽ نھيايت نامور ڱني ڱو يا اچي گڏ ٿيا ھئا ، جن مان ھڪڙو مرحوم منظور علي خان به ھو ھتي ھڪ تاريخي حقيقت جو اظھار ڪرڻ مناسب سمجھان ٿو . جنھن مان مخدوم صاحب ۽ منظور علي خان جي پريت ۽ راڳداري جي ڄاڻ جو سھڻو مثال واضع ٿيندو مخدوم صاحب ڪلاسيڪي موسيقي جي روشني ۾ ھڪ “ٽوڙي” ايجاد ڪئي ، ان ۾ منظور علي خان ساڻس شامل رھيو انھي ءُ جو نالو مخدوم محمد زمان جي جي نسبت سان “زماني ٽوڙي” رکيو ويو. ڀٽ شاھ جي راڳ جي ھڪ محفل ۾ ، مخدوم صاحب جن جي صدارت ۾ منظور علي خان سرن جي وضاحت ڪندي مخدوم صاحب راڳ جي عملي ڄاڻ کي ساراھيندي زماني ٽوڙي ڳائي. ۽ واھ جو ڳائي ان تي پوءِ مخدوم صاحب مزيد ڪم ڪيو يا نه پر ايترو ضرور آھي ته مخدوم صاحب جن جي راڳ جي علم تي دسترس جي وضاحت ان رات سڀني کي نمايا طور محسوس ٿي ھئي. غلام حسين ھدايت الله اسڪول م مخدوم صاحب جن طرفان سڏايل پڪي راڳ جي ماھر گوين جي محفل جو بنيادي ڪارڻ به مخدوم صاحب جي انھي ذوق ۽ شوق واري جذبي جي تسڪين ھو ۽ جنھن  ٻين گني گوين سان گڏ منظور علي خان به ھو.
ساوڻ جي مند ھئي تن ڏينھن، مندن جا مزا موجود ھئا ھر موسم پنھنجي وقت تي ايندي ھئي ۽ محسوس ٿيندي ھئي مينھن ۾ به سالن جا سنڌا ڪو نه پوندا ھئا. ڪارونڀار ڪڪر ايندا ھئا ته وسندا به ھئا، وڄون ٿينديون ھيون ته وڏ ڦڙا مينھن به ايندا ھئا اڄ وانگر ڌرتي سالن تائين اڃي به نه رھندي ھئي سو ان موقعي تي مينھن پئي وٺا رات جو وقت ھو ماڻھن جو تعداد ڪو گھڻو ڪونه ھو پر جيڪي موجود ھئا اھي سڀ راڳ جا ڄاڻو ۽ سمجھو ھئا، ھر مينڍ ۽ مرڪ تي داد ڏيڻ وارا تان جو ۽ پلٽي کي ساراھڻ وارا ھئا. آڏو گويا به گويا ھئا، تن کي جو اھڙا سمجھو ٻڌڻ وارا مليا، ته انھن به ڪلاڪن جا منھن ڳايو ڪنھن خيال ۾ دنگ ڪيو ته ڪنھن ٺمري ۽ دادري سان ٻڌندڙن جو روح ريجھايو. استاد منظور علي خان، انھي موقعي تي خيال ۽ ٽپا ڳايا : اسان کي علم آھي ته استاد مرحوم جو والد جمالو خان ڌرپد ڳائڻ جو ماھر گويو ھو ڌرپد، ٻئي جو ڪمال آھي ۽ ٽپو گلي ۽ سرن جو نھايت اوکو انگ، اھي ٻيئي رمزون، منظور علي خان کي پنھنجي والد کان ورثي ۾ مليون پر منظور علي خان انھن ٻنھي گائڪي جي نمونن ۾ پنھنجي پيءُ کان وک وڌائي کنئي ۽ ان ۾ ڪمال حاصل ڪيائين ٻي پاسي استاد مرحوم پنھنجي وقت جي وڏي گني گويي، پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪر جي گائڪي کان به گھڻو متاثر ھو. ڪڏھن ڪڏھن ھو بنھه پنڊت جي گائڪي جو ڏيکاءُ ڏيندو ھو. اھي مڙيئي علم، ان رات خان صاحب منظور علي خان جي گلي ۾ اچي گڏ ٿيا سرن کي اصل نچائي ٽپائي مڙني ڏسندڙن ۽ ٻڌندڙن کي مست ڪري ڇڏيائين ھونئن پاڪستان جا مڙيئي گويا استاد مرحوم جي ڪلاسيڪي راڳ ڏي گھڻو ڌيان نه ڏيندا ھئا جو ھو سنڌ ۾ فن جي خدمت ۾ مصروف ھو، پر ان رات سڀني کي ڏندين آڱريون اچي ويون، داد نه ڏيڻ وارا به دل سان داد ڏيڻ لڳس اھو موقعو ھو جنھن ۾ منظور علي، پاڪستان جي گوين تي بنھه واضع ڪيو ته سنڌ نه رڳو لوڪ موسيقي ۾ شاھوڪار آھي پر سنڌ ۾ پڪي راڳ جون روايتون علمي لحاظ کان، پاڪستان جي ٻين صوبن  جي ڀيٽ ۾ مٿڀريون آھن ھتي ناٽڪي انداز واري گائڪي نه آھي بلڪه علم سان ڀريل گن آھي ان محفل ۾ ساڻس طبلي تي مرحوم جمالو خان سنگت ڪري رھيو ھو. ان رات منظور علي پنھنجي انھي ديرينه رفيق کي به نچائي ڇڏيو. سارنگيءَ تي مرحوم نٿو خان ھو جنھن جون آڱريون سارنگي وڄائيندي وڄائيندي رتوڇاڻ ٿي ويون، پر واه نٿو خان واه جو توڙ نڀايائين.  اھو معرڪو مون کي ھميشه ياد رھندو ۽ منظور علي جو ڪمال به ڪڏھن نه وسرندو: ڇاڪاڻ ته ان وقت ھن جي ذھن ۾ فقط اھو نڪتو ھو ته سنڌ کي مڃائجي. سنڌ سان سندس محبت حياتيءَ جي آخري وقت تائين رھي. ساڳئي وقت منجھس اھي سنڌي خصلتون به وڌي وڻ ٿي ويون جيڪي سنڌ جي عام ٻھراڙين جي مٿير مڙسن ۾ ھونديون آھن مڙسي سان مھل کي منھن ڏيڻ ۽ ڏکي وقت تي سندرو ٻڌي پڙ ۾ ڪڏي پوڻ اھي مڙئي ڳالھيون منظور جي شخصيت جو حصو بنجي ويون. انھي ئي بناءَ تي ان رات پنھنجي فن ۽ علم جي زور تي پاڪستاني گوين جي دلين تي سنڌ جو ڌاڪو مڙسان مڙسي ۽ زوارن زوري ڄمايو منھنجي سانڀر ۾ منظور علي خان ان رات جي محفل ۾ جيترو سرھو ٿيو ھو اوترو ھو وري ڪڏھن به نه ٿيو ھوندو.
سنڌي سماج جي تربيت منظور علي خان جي شخصيت کي ايترو نکاري ڇڏيو ھو جو ھن جو قول ھو ته محبت ميڙي ڳوٺ ٻڌجي ھيڪڙو ڇاڪاڻ جي گھر ڳوٺ گام پڪو ۽ ڪلي وارو ھوندو ته پاتشاه به انھي ويڙھي تي قدم ڀري اچي نڪرندو. اھو اثر مٿس سنڌ جي سڄاڻ خاندانن ۽ مڙسن جي سنگت ڪري پيو ھو شڪارپور جھڙي نزاڪت ڀرئي شھر ۾ پيدا ٿيو ۽ ٽنڊي آدم جھڙي سھڻي شھر ۾ سندس جواني کان آخر تائين وارو زمانو گذريو. شڪارپور فن ۽ فن جي قدردانن ۽ خاندانن جو ماڳ اتي ٿيندڙ راڳ جي محفلن ۾ ناٽڪن جو ھڪ اھڙو دور ھو جو شايد سنڌ جي ٻئي ڪنھن به شھر کي اھڙو اعزاز نصيب نه ھوندو انھن ڪمن پويان سنڌ جا سڄاڻ شخص ۽ خاندان ھئا گامڻ خان جمال خان ۽ ٻين گوين انھن جي اوج ۽ ڪمال کي ڏٺو منظور علي خان ٻار ھو پر ذھين ھو اھا اٿي ويٺي ڏٺي سخن ۽ سمن ٻڌا سنڌين جو رسمون ۽ رواج ڏٺا جيڪي سندس ڪچڙي ذھن ۾ ويھي رھيا، ۽ وقت سان گڏي اھو ٻوٽو وڌندو ويو. جڏھن سندس والد مرحوم جمال خان شڪارپور مان لڏي اچي ٽنڊي آدم کي وسايو ته سنڌ جو اھو ننڍڙو شھر پنھنجي شھري نظام ۽ عمارتن جي سھڻائي ۾ بيمثال ھو. شھر جي آسپال رڳو ٻھراڙيون ھيون جن ۾ چڱا مڙس وڏيرا ۽ ھر ھاري مطلب ته ھر ڪنھن جو منھن ٽنڊي آدم ڏي ھو اھڙن موقعن تي فن جي قدردانن ۽ راڳ جي ڪوڏين گوالياري گائڪي جي ھن نمائنده خاندان کي پنھنجي جيءُ ۾ جايون ڏئي سدائين لاءِ پنھنجو ڪري ڇڏيو. منظو علي خان جي ڦوھه جواني اھڙي ماحول ۾ نبري شڪارپور ۾ جن سنڌي خصلتن جو سلو انگوريو ھو ٽنڊي آدم ۾ وڌي وڻ ٿيو ۽ ان جي ٿڌي ڇانو ۾ ڪيئي پانڌيئڙا اچي آسيس حاصل ڪندا ھئا نماڻي ۽ نھٺي طبيعت ڪري ھن به پنھنجي خانداني روايت جي ابتڙ، پنھنجي ننڍڙي اوطاق قائم ڪئي جنھن ۾ نه رڳو سندس شاگرد رھندا ھئا پر آيو ويو رات ٽڪي ماني کائي وڃي پنھنجي ڪم ڀيڙو ٿيندو ھو منظور علي ھر آئي وئي کي جيءَ ۾ جايون ڏيندو ھو. امير ڪبير ھجي يا فقير پير ھجي روش ھر ڪنھن سان ھڪجھڙي پاڻ کائڻ پيئڻ جو شوقين ھو ماني ھميشه ڀلي رڌبي ۽ مھمان به اھائي ماني کائيندا جيڪا پاڻ کائيندو. ڪڏھن ڪڏھن پنھنجن شاگردن مٿان بيھي انھن کي سمجھائيندو به ھو ته ھيئن رڌيو ھيترو رڌيو ھيترو مصالو وجھو ھاڻي گوشت کي ڀڃڻي ڏيو. سندس وڏن شاگردن مان محمد يوسف آھي اھو نه رڳو منظور علي خان کان راڳ سکيو پر ماني رڌڻ به سکيو ۽ مون کي به تجربو آھي ته محمد يوسف جڏھن دل سان ڪو ٻوڙ ڀاڄي ٺاھيندو آھي ته وڏن وڏن بورچين کي به شھه ڏئي ويندو آھي اھا ته وچان پانڌان ڳالھه ٿي پر مقصد اھو ھو ته منظور سنڌ جي سماج موجب تڏي جو مڙس ماڻھو ھو آڌرڀاءُ ۾ اڪير ھئس. ڪڏھن ڪنھن آئي کي پاڻ تي باز نه سمجھيائين. جيءَ ۾ جايون ڏيئي پنھنجي حال سارو انھن جا انگل کنيائين ۽ راض پورا ڪيائين. انھي لحاظ کان ھو ويو سنڌ کي پاڻ تي سوار ڪندو ميويدار وڻ وانگر ھو ويو جھڪندو انھي عمل ۾ منظور علي پنھنجي خانداني گائڪي کان اڻ لکو پري ٿيندو ويو. ان جي مقابلي ۾ سنڌي ڪافي ڪلام ڳائڻ ۽ انھن کي عام ڪرڻ سندس شناس بنجي وئي انھي سفر ۾ ھلندي ھلندي ھن جي اڃ اڃان به وڌي پيرن فقيرن جون سکائون باسيائين شاھپور جھانيان جي ڪافي گو شاعر سائين مھدي شاھه جو طالب ٿيو. ان جون حاضريون ڀريائين ۽ سندس ڪافيون ڳائي عام ڪيائين پنھنجي روحاني مرشد جو ڪلام وڏي جوش ۽ جذبي سان ڳائيندو ھو ان ۾ فقط عشق ھو. جي ڳالھه عشق جي ھجي ته منظور به مجازي عشق جي چپيٽ ۾ آيل ھو. اتر جي پاسي ننڍي لاءِ کان ڪنھن وينگس جي پيچ ۾ ھو. ڏاڍي ڪا پريت ھئس ڪڏھن انھي تر ۾ ويندو ھو ته آڌي مانجھي ڪا سواري ملي نه ملي پيرين پنڌ به سازن سميت وڃي اتي رسندو ھو ٻڌو اٿم ته اھا خاتون اڃان به جھڙوڪر سندس اوسيئڙي ۾ آھي جو عشق جو اھو مقام ھو جنھن ۾ ڪنھن خواھش جو سايو به نه فقط پريت ھئي جنھن ۾ فقط روح جو سک ھو.
ٻئي ويٺا رون، ڏکي ڏونگر پاڻ ۾
ڪنھن ي ڪين چون منجھن جو پريتڻو.
بھر حال عشق ڪنھن کي نچائي ، ڪنھن کي روئاري ته ڪنھن کي وري سوز ڏئي. منظور عشق جي سوز جو سڙيل ھو انھي سوز ھن جي راڳ ۾ درد ۽ شاعرن جي ڪلام جي انتخاب ۾ پختگي پيدا ڪئي خصوصاً ڪلام جي چونڊ ۾ سندس معيار نھايت مظبوط ۽ مختلف ھئا. ھر راڳي وانگر ھر شاعر جو منظور ڪلام نه ڳايو انھي ڏس ۾ ھن وقت جي وھڪري ۾ وھندي ڪو جذباتي ڪلام نه ڳايو. حلانڪ سندس حياتي ۾ ئي مختلف ڳائڻن عام قسم جا شاعري جي حسن کان پالھا ڪلام ڳائي مقبوليت حاصل شروع ڪري ڏني ھئي. ڪيسٽ جي ڪري ڪيئي راڳيندڙ اھڙي عام ڪلامن ڳائڻ جي ڪري مقبول به ٿيا ۽ مالي طرح سان به خوشحال ٿي چڪا ھئا پر منظور علي انھي وھڪري ۾ بنھه نه وھيو سندس خيال ھو ته اسان اھڙن شاعرن جو ٻول ڳايون ٿا جن جا ٻول آفاقي آھن اھي خيال انسانن جي دلين ۾ حق تائين پھچڻ لاءِ نيون راھون نروار ڪن ٿا گمراھي کان پري ڪري سچي پرين تائين پھچڻ ۾ مدد ڪن ٿا اھي ڪلام سنڌ ۽ سنڌين جي سڃاڻ آھن. ھونئن به اسان جي سنڌ پيرن فقيرن جي ڌرتي آھي ان جي تاريخ آھي فڪر جي پختگي آھي ماڻھن ۾ شناس آھي منھنجي واتان سنڌ جو ڪوبه ماڻھو ڪنھن ڪچي ٻول ٻڌڻ کي پسند نه ڪندو اھو ئي وڏو ڪارڻ آھي جنھن تحت آءُ ڪافي ڪلامن جي چونڊ ۾ ڪجھه خاص سختي وارو خيال رکان ٿو. مون چيو ھو ته استاد ! اوھان جي خيال م اڄ جا شاعربه ھڪ فڪر ۽ خيال جا اڳواڻ آھن ھنن  ھر قسم جي شاعري ڪئي آھي ادب جي لحاظ کان توڙي عنايت جي نڪتھ نظر سان ھنن جي شاعري پڪي پختي آھي اوھان جي خيال ۾ انھن کي ڳائڻ صحيح نه آھي پاڻ چيو ھئائين “مرزا صاحب تنھنجي ڳالھه آءُ به سمجھان ٿو مون پاڻ تي ھن دور جي شاعرن جا دروازا بند نه ڪيا آھن مون انھن کي ڳايو آھي شيخ اياز جو ڪلام سھندو ڪير ميار مون به محفلن ۾ ڳايو آھي طالب المولي سائين جا به ڪلام ڳايا آھن ان ۾ منھنجي پنھنجي دلي مرضي شامل آھي انتخاب آءُ ڪندو آھيان انھي چونڊ ۾ منھنجي دلي ڪيفيت شامل ھوندي آھي ھاڻي تون ئي ڏس زور جي ڪڏھن ميندي لڳي آھي جنھن ڳالھه کي دل کي مڃي ان کي سر ڪيئن سھندا انھن سان آءُ نيٺ ڪھڙو انصاف ڪري سگھندس”. مون کي سندس اھا ڳالھه چڱي لڳي سر جو لاڳاپو يقناً دل سان آھي ۽ جا ڳالھه دل نه مڃي ان جي ادائگي ۾ ڪھڙو اثر ٿيندو.
ھڪ ڀيري منجھند جي وقت استاد مرحوم ٽي وي اسٽيشن اچي نڪتو ڏٺم ته ڪجھه پريشان ھو پڇو مانس چيائين ته صلاح وٺڻ آيو آھيان چيم ته حڪم؟ چند گھڙيون سوچي نھايت سنجيدگي سان چيائين ڳالھه ھيئن آھي جو ڪجھه ڏينھن اڳ اوھان جو ھڪ دوست شاعر مون وٽ ٽنڊي آدم گھر آيو ھو پنھنجا ڪجھه ڪلام ڏيئي حڪم ڏنائين ته ھن ريڪارڊنگ ڪمپنيءَ ۾ ريڪارڊنگ جي تاريخ به وٺي ڇڏي آھي ڪلام فقط سندس ڳائڻا آھن. تڏي تي ھلي آيو ھو سو انڪار نه ڪري سگھيس اچڻ جي ھائوڪار ڪري ويٺس پوءِ ڪاغذ جو ٿھو منھنجي آڏو ڪڍي رکندي چيائين ھي ڪلام آھن چڱا آھن ٻين ھمراھن ۽ منھنجي شاگردن به ڳايا آھن سڀاڻي رڪارڊنگ آھي ھڪ ڏينھن اڳواٽ تو وٽ انھيءَ لاءِ آيو آھيان ته صلاح وٺان ته ڪلام ڳايان يا نه؟ مون کي سندس انھي سادگيءَ تي نھايت پيار آيو کلي چيومانس ته نيٺ توھان جي ڪھڙي صلاح آھي ؟ چيائين دل نٿي مڃي تون اھڙي صلاح ڏي جو لال به لڀي ۽ پريت به رھجي باقي انجام موجب آءُ تيار ٿي آيو آھيان. مون کيس چيو ته توھان جي دل نٿي مڃي ته نه ڳايو آءُ پنھنجي دوست شاعر کي سمجھائي ڇڏيندس مون ڏٺو ته ھن جي ذھن تان ڄڻ مڻين بار لھي ويو يڪدم اٿيو چيائين پوءِ موڪلاڻي ناھي ھلون ٿا ڳوٺ. ڪلام ۽ شاعر جي انتخاب ۾ سندس ھو انداز آخر تائين ائين جو ائين قائم رھيو ان ۾ ڪڏھن به فرق نه آيو.
منظور علي کي پنھنجي شاگردن ۽ دوستن تي آخر تائين تما م گھڻو اعتماد رھيو ھڪ ڀيري ائين ٽاڪ منجھند جو پگھرجي اچي ٽي وي اسٽيشن تي نڪتو چيائين ته مرزا صاحب فلاڻي مون واري مائٽ جي باري ۾ ڪھڙو خيال آھي تنھنجو. عادتون ڪيئن اٿس پڇيومانس ته ڇوٿا پڇو؟ چيائين سڱ گھريواٿن مون کي ھن ھمراھه بابت جيڪي معلوم ھو سو ٻڌايومانس. چيائين ته اھو ئي منھنجو خيال آھي ھڪڙي شاھدي تو ڏني آھي ھاڻي وڃان ٿو محمد يوسف سان صلاح ڪرڻ پوءِ خبر پئي ته ھن ان ھمراھه کي پنھنجي نياڻي جو سڱ نه ڏنو. اھا حقيقت آھي ته منظور علي پنھنجي خاندان جي مرڪزي حيثيت جو مالڪ ھو کيس پٽ جو اولاد ڪونه ھو ٽي نياڻيون ھئس انھن جو ھڪ مشڪب پيءُ وانگر سدائين الڪو رھندو ھوس ھڪ نياڻي پنھنجي حياتي ۾ اٿاري ڇڏي ھئائين ٻين ٻن لاءِ سٺن ورن جي ڳولا ۾ رھندو ھو. نريني اولاد نه ھئڻ ڪري ھن پھرين پنھنجي ڀاڻيجي وحيد علي کي جنھن کي پيار مان “سرمون” چوندو ھو پاليو. سمجھه ڀريو ٿيو ته منظور جي گھر جي ننڍي وڏي ڳالھه وحيد علي جي مرضي موجب ٿيند ي ھئي منظور جي ھر محفل ۾ ھو ھن سان گڏ ھوندو ھو مڙني شاگردن جي مقابلي ھن کي اڳتي ڪندو ھو سندس خيال ھو ته وحيد علي ھن جي فن ۽ فڪر کي اجاريندو پر عجيب اتفاق اھو ٿيو جو وحيد علي ءَ منظور جي نياڻي جو سڱ نه قبوليو ۽ ٻي ھنڌان شادي ڪيائين. ان ڳالھه جو منظور کي تمام گھڻو ڏک ھو مون ان فيصلي بابت وحيد علي کان به پڇيو وحيد علي چيو ته مامي جي گھر آءُ بنھه ننڍي عمر کان پليس مون ننڍي وھي کان مامي جي نياڻين کي ڀينر وانگر سمجھيو منھنجو اھو خيال ئي نه ھو مان ھنن کي اڄ به ڀينرن برابر سمجھان ٿو مان مامي جي مھربانين جو نافرمان نه آھيان آءُ اڃان به ساڳيا پير ڀريان پيو ۽ ڀريندو رھندس. شادي کان نھڪر جو اھو ئي سبب ھو خير منظور علي ڪڏھن به ان ڏک جو اظھار نه ڪيو پر جن جي ساڻس ويجھڙائي ھئي تن کي وحيد علي جي انھي ڳالھه جي ڏک جو پورو احساس ھو. بھر حال ٻئي ڌريون پنھجي پنھنجي جاءِ تي صحيح ھيون يا غلط پر استاد انسان ھو ھن جي دل ۾ ڪي خواھشون ھيون ڪي خواب  ھئا پورا نه ٿيس ته وقتي طرح سان مايوس ضرور ٿيو پر جڏھن وحيد علي جي شادي ٿي وئي ته ھن سڀ وساري کيس وري به ساڳيو پيار ڏنو.
پيار ته ھن کي پنھنجي مڙني شاگردن سان ھو پنھنجي اوڙي پاڙي وارن سان به ھو ٽنڊي آدم ۾ جمن شاھه جي پاڙي ۾ استاد جي رھائش ھئي اتي ئي ھن پنھنجي ننڍڙي اوطاق قائم ڪئي ھئي جنھن کي پاڻ مدرسو چوندو ھو. ان مدرسي ۾ شاگردن جي رھائش جو اتنظام ھو شاگرد ڪرڻ ۾ ھن جا پنھنجا معيار ھئا. ھر ڪنھن آئي وئي کي ڪين سيکاريندو ھو پھرين شاگرد جي آواز۽ ذھني ماڻ کي ڏسندو ھو پوءِ ھن جي سمجھڻ ۽ سکن جي صلاحيت کي ڏسندو ھو جڏھن پڪ ٿيندي ھئس ته ھمراھه ۾ داڻا ڪڻا آھن ته پوءِ سبق شروع ڪرائيندو ھو. جڏھن ڪنھن شاگرد کي منظور علي سيکارڻ شروع ڪندو ھو ته ان ۾ ڪنھن قسم جو بخل نه ڪندو ھو جيتري شاگرد جي سکڻ جي سگھه ھوندي ھئي ان مطابق ويندو ھو ھن ۾ علم جا درياھه پلٽيندو جنھن شاگرد سان دل لڳي ويس ته پوءِ ته ان جي لاءِ سکڻ ۽ سمجھڻ ڏکيو ٿي پوندو ھو اٿي ويٺي ھلندي چلندي پيو سر ۽ بندشون ٻڌائيندو ۽ سمجھائيندو. منظور جي شاگرد مان ڪن انھي سمنڊ مان ڪيئي ماڻڪ موتي حاصل ڪيا ڪن وري ھريڙ ھٿ ڪري وڃي پسارڪو ھٽ کوليو مطلب ته منظور علي جا مڙئي شاگرد ھن وقت به مڇي ماني ۽ سنڌي راڳ جي سٽاءُ ۾ عزت وارا آھن اھو منظو علي جو پنھنجن شاگردن سان پيار وارو رستو ھو شاگردي واري زماني ۾ ھر شاگرد کي ڪپڙا لٽا پاڻ وٺي ڏيندو ھو جيڪا ماني پاڻ کائيندو ھو سا شاگردن کي به کارائيندا ھو مشھور آھي ته منظور علي ننڊ تمام گھٽ ڪندو ھو چاھي رات جو ٻي بجي سمھي اٿندو ھو صبح جو چئين بجي فوراً شاگردن کي به جاڳائيندو. پوءِ پاڻ به رياض ڪندو ھو شاگردن کي به رياض ڪرائيندو ھو ان ۾ ڪڏھن ڪوتاھي نه ٿيڻ ڏنايئن اھا منظور علي خان جي محنت آھي جو اڄ محمد يوسف، وحيد علي، گلزار علي ۽ انور حسين وسطڙو پنھنجي لائق ۽ مانائتي استاد جي جلايل جوت سان سنڌي سنگيت جي جنسار ۾ سھائو ڪيو ويٺا آھن اھا ٻي ڳالھه آھي ته سندس شاگردن مان ڪن ٿورن استاد جي ڏنل ونڊ مان ٻين ھمراھن تائين رسائي آھي.
منظور علي خان ۾ سنڌ جي ريت رسم جو گھڻو جزبو ھو پاڙي جي اٿي ويٺي ۾ ھو مڙني جو مھندار ھو ھر موقعي تي شادي ھجي غمي، منظور جيڪڏھن ٽنڊي ۾ ھوندو ھو ته اتي موجود ھوندو ھو ۽ وڏي سخاوت جي ڳالھه ٿيندي ته اھو به چوندس ته منظور پنھنجي حياتي ۾ ٽنڊي جي ڪيترن غريب گھرن جي مالي مدد به ڪندو ھو ۽ اھو به انھي نموني ۾ ته ھڪ ھٿ ڏنو ته ٻي ھٿ نه ڏنو ماڻھن جون مددون ائين ڪدنو ھو جو ڪنھن جي ڪم سانگي شھر کان ٻاھر ويو ته ڪڏھن ڪنھن کان ڀاڙو به نه ورتائين ڪيترن نوجوانن کي ھلي ملھي نوڪريون ڏياريائين ھونئن به پنڌ جو جانٺو مڙس ھو. ست اٺ ميل ھلڻ ھن لاءِ بنھه روا جي ڳالھه ھوندي ھئي. ھن پنھنجي سڄي عمر ائين نيڪيون ڪندي گذاري ان جي موٽ ۾ ھن کي ماڻھن لک عزتون ڏنيون ڪڏھن ھن کي پاڻ کان ڌار نه سمجھيو جيءَ ۾ جايون ڏيئي اکين تي ويھاريو ان ۾ سنڌ جا امير ڪبير به ھئا ته پير فقير به ھئا شاعر ۽ اديب به ھئا ته راڳائي ۽ وڄتا به ھئا ڪڏھن ڪنھن ھن جي ڳالھه نه موٽائي سدائين سندس چيل ڳالھه کي اکين تي رکي قبوليندا ھئا مان ڀانيا ٿو سنڌ جي ڳائڻن ۽ وڄتن مان ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا يار ھوندا، جن کي سنڌ جي سر زمين ۽ رھواسين ايڏو مان ڏنو ھو.
جڏھن سنڌ جي راڳ ۽ ساز جي نظام جو ھيءُ اعلي اڳواڻ اسان کان وڇڙيو ته ڪھڙي اک ھئي جنھن ڪو لڙڪ نه لاڙيو ھوندو. سندس تدفين وقت ٽنڊي آدم جو سڄو شھر بند ھو ھزارين ماڻھو سندس ڪلھي ڪانڌي ھئا ۽ جڏھن ھن ڌڱ مڙس جو مڙھه لحد ۾ لٿو ته ان سان گڏ سنڌي راڳ جي دنيا جو ھڪ ٻھڪندڙ باب بند ٿيو. منظور علي اڄ اسان وٽ ڪونھي پر سندس ساروڻيون ھر سنڌ واسي جي دل ۾ آھن ڇاڪاڻ ته سندس آواز سندس سر سندس ڳايل بيت ۽ ڪلام اڄ به انھي محبت ۽ پيار سان ٻڌا وڃن ٿا جيئن کيس اسان زنده ٻڌندا ھئاسون مان سمجھان ٿو ته منظور يقيناً جسماني طور تي اسان کان ڌار ٿي ويو آھي پر روحاني طرح سان ھر راڳ جي محفل ۾ ڀيڙو ھوندو آھي ۽ ڀيڙو رھندو.
اڄ نه اوطاقن ۾، دونھين ڌنڌ نه لاٽ
ويا ويراڳي نڪري، چت چکائي چاٽ
آءُ ماريس تنھن ماٽ جيجان! جوڳيئڙن جي.
استاد منظور علي خان جون ڳايل مشھور ڪافيون
۱.      آءُ راڻا رھه رات تنھنجي چانگي کي چندن چاريان.
۲.      وينديس يار مري تنھنجڙي درد فراق ۾.
۳.      ڏنو راءِ ڏياج، ھي سر صاحب تان صدقي،
۴.      پرچن شال پھنوار، ڍولا مارو.
۵.      آءُ ڪھه ڄاڻان پنڌ ڪيچ جو.
۶.      يار سڄڻ جي فراق آءُ ماري
۷.     رانجھا تخت ھزاري دا سائين.
۸.      ڪيڙو مست پرين جي ناز مون کي
۹.      ڇڏ رسامان آءُ تون راڻا.
۱۰.    عشق شرع ڪيا لڳي لڳي وي قاضيا
۱۱.    ماڙيون ڀانيان ماتام
۱۲.    کتا ڪينجھر ڪناري طنبو تماچي ڄام جا
۱۳.    ويئي سا ويئي ياراني يارن مان
۱۴.    عمر ديس پنھنجو وسارڻ ڏکيو آ
۱۵.    آءُ ڪيئن آتڻ وڃان ري جيڏيون
۱۶.    سڪ مارن جي سمھڻ نه ڏي.
۱۷.    عشق کڙا ڪيا سوين لک ساز
۱۸.    بوند بره جي بھار لڳي، دردوندي جو ديس وسي پيو
۱۹.    اکڙين ميگھه ملھار، صورت تنھنجي سڀ جڳ موھيو.
۲۰.    مون ۾ عيب اپار آءُ ڪا پاڻ وھيڻي
۲۱.    جت ته زوراور يار اديون.
۲۲.    منھنجي آھي جتن سان جيءَ جي جڙي
۲۳.    صحيح سڃاتم يار وي، ساڳيو ساڳيو جيڏيون.


خان صاحب استاد منظور علي خان
محمد قاسم مير جت وڪيل
سنڌ جي هر شهر جيان ٽنڊو آدم شهر جون به خاص خاصيتون آهن. جيئن ننڍي هوندي اسان هڪ پاڪستاني فلم ڏٺي هئي، جنهن ۾ هڪ اداڪار ڳائڻ جو انٽرويو ڏيڻ آيو ته ان کان انٽرويو وٺندڙ پڇيو ته ڪو راڳ ٻاڳ به ايندو اٿئي يا نه. ته انٽرويو ڏيندڙ وڏي فخر سان وراڻيون.
وه ٺمري سنائون گا ڪه ٽنڊو آدم والون ڪو ڀي ڀول جائو گي
اهو سکڻو فلمي مڪالمون نه آهي. ٽنڊو آدم سچي پچي سُر ۽ سُريلن جو شهر آهي. فن ۽ فنڪارن جو شهر آهي. هتي جا راڳي ته پڪي راڳ ۽ ان جي ڪلاسيڪل انداز جا ماهر هئا. پر جڏهن ٽنڊو آدم جي وڏيرو شاهنواز جوڻيجو ماڻهن جي وچ ۾ دشمنين جا نبيرا ڪري دشمنيون ختم ڪرايون ته وڏيرو شاهنواز جوڻيجو سنڌ جو ڪلاسيڪل وڏيرو جي نالي سان مشهور ٿيو. ٽنڊي آدم ۾ ڪيترا ئي ڪلاسيڪل راڳي گذريا، پر اسان جي ٽهيءَ ۾ استاد منظور علي خان پنهنجي مخصوص گائيڪي، اخلاق، ڪردار، سخاوت ۽ اصول ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. استاد منظور علي خان کان اڳ جيڪي وڏا سنڌي راڳي  ٿي گذريا هئا. انهن جا گرامو فون تي ٻڌڻ لاءِ رڪارڊ ملندا هئا، جيڪي اسان ٻڌا انهن ۾ انهن فنڪارن جو فن ۽ گائيڪي پنهنجي عروج تي هئي، جنهن ڳالهه کان ڪنهن به انڪاري ڪونهي. انهن وڏيون محنتون ڪري نيون نيون ڌُنون ترتيب ڏنيون. ايتري قدر جو هندوستان جي وڏن وڏن موسيقارن انهن ساڳين ڌنن تي هندستاني فلمن جي گانن ۾ اُهي سنڌي ڌنون استعمال ڪيون. ان ڪري انهن راڳين جي ٺاهيل واٽ تي هلندي استاد منظور علي خان حيرت انگيز واڌارا ڪيا. جنهن ۾ شاعريءَ جي چونڊ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي جيترو منظور علي خان ڳايو آهي ۽ نيون نيون ڌُنون سندس دور ۾ پاڻ  ۽ سندس هم عصرن استاد محمد جمن، استاد محمد ابراهيم ترتيب ڏنيون، ايتريون ڌنون هن کان اڳ ڪنهن به ڪو نه ڏنيون. تلوار کي تيز ڪرڻ لاءِ چيو ويندو آهي ته ان کي ڪيترن پاڻين مان ڪڍيو ويندو آهي ۽ پوءِ جڏهن ان جي ڌار تمام گهڻي تيز ٿي وڃي ته پوءِ ان کي جنگ جي ميدان جي لائق سمجھيو ويندو آهي. استاد منظور علي  به ساڳئي ريت ڪنهن  نئين ڌن کي وڏي محفل ريڊيو يا ٽي وي تي ڳائڻ کان اڳ، ڪجهه ڌنون ترتيب ڏيندي، مون کي ڏٺو ته استاد جنهن جا چاهيندڙ سُريلا ماڻهو اسان جي ڳوٺ ۾ رهندا هئا، پوءِ خبر پوندي هئي ته اوتاري ۾ منظور علي خان پنهنجي شاگردن استاد گلزار علي ۽ وحيد علي سميت اچي لٿو آهي. سانجھيءَ راڳ ڪندو. اسين وڃي ويهندا هئاسين، استاد نئين ڌن ۾ گهڻو ڪري لطيف سرڪار، منٺار فقير جو ڪلام حب سان ڳائيندو هو. هڪڙي ئي ڪلام جون ٽي ٽي، چار چار ڌنون ٻڌائيندو هو. پوءِ ­ جنهن ڌن کي سُريلا گهڻو پسند ڪندا هئا.
سنڌ جي صوفي شاعرن جو ڪلام انسانن جي سمورن احساسن جي ترجماني ڪري ٿو. پر استاد منظور علي خان جو ڪمال اهو هو جو هُو جڏهن اهو ڪلام ڳائيندو هو ته ٻڌندڙ تي ان ڪلام واري ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي.
مون سان پرچن شال پنوهار.ڍولا مارو
لفظن جي ادائيگي اهڙي ڄڻ ڳائي ڪو نه ٿو. يار کي پرچائڻ لاءِ منٿون پيو ڪري ۽ مٿان پلٽو اهڙي انداز ۾ اهڙي نماڻي انداز ۾ هڻندو هو، ڄڻ ته مارن جي نه پرچڻ جي ڪري جيڪا اندر ۾ آنڌ مانڌ آهي، ان جي ترجماني پيو ڪري ۽ پهريون ڀيرو پڪي راڳ جو ٻٽو به مزو ڏيڻ لڳو.
نواب شاهه ۾ کيس ڪنهن شادي ۾ ڳائڻ جي دعوت ملي، پاڻ ٻه ڪلام ڳايائين شادي جج جي هئي ان ڪري سڀ ڪو وڌيو وڌيو پيو پئسا گهوري. ٻن ڪلامن کانپوءِ گهوٽ فرماش ڪئي ته خان صاحب جمالو ٻڌاءِ ته چيائين ته بابا جمالو ته آخر ۾ ڳائبو آهي، مگر گهوٽ جي زور ڀرڻ تي منظور علي خان جمالو ڳائي دنگ ڪيو ۽ ساز ويڙهڻ لڳو ته ڄاڃين چيو خان صاحب اسان کي ڪجهه ٻڌاءِ تنهن تي هن وراڻيو ته بابا هر شيءِجا ڪي اصول هوندا آهن. جمالي کانپوءِ آئون ٻيو ڪلام نه Ustad Manzoor Ali Khan ڳائيندو آهيان، کيس پئسا به آڇيائون، منٿون به ڪيائون پر هن چيو ته منهنجو جيڪو نصيب هو اهو مون کي مليو باقي اهي پئسا پاڻ وٽ رکي ڇڏيو.
چون ٿا ته سنڌ جي ڪنهن راڳيءَ کي هندوستان جي ڪنهن سنڌي هندو پنهنجي پٽ جي شاديءَ ۾ ڳائڻ جي دعوت ڏني ته ڳائڻي مقرر رقم جو مطالبو ڪيو ته دعوت ڏيندڙ کيس چيو  ته اوٽ موٽ جهاز جو ٽڪيٽ وٺو. هوٽل جي رهائش جو بندوبست ٿيل آهي باقي مالڪ تي رکو گنج ملي ويندا پر راڳي ضد ڪيو ته مون کي هيترا پئسا ايڊوانس ۾ ڏيو. دعوت ڏيندڙ اهي پئسه راڳي کي ڏنا. جڏهن راڳ شروع ٿيو ته شادي ۾ شرڪت لاءِ ته دنيا جي مختلف ملڪن مان دعوتي آيا هئا ۽ مختلف ڪرنسين ۾ داد ڏيڻ، لڳا، راڳ ختم ٿيو ته راڳي پئسه ميڙڻ چاهيا ته گهوٽ جي پيءُ چيو توهان صبر ڪيو،  اسين ميڙي اوهان کي هوٽل تي ٿا پهچايون. پر اهي پئسا هوٽل تي ڪو نه پهتا. پڇا تي گهوٽيتن ٻڌايو ته بابا تو لالچ ڪئي ۽ ضد ڪري پنهنجو معاوضو پهرين ورتو ان ڪري هنن پئسن سان تنهنجو ڪهڙو واسطو. ان جي ابتڙ خانصاحب ڀاڙي جا پئسا وٺندو هو، ٻيو چوندو هو ته باقي منهنجو نصيب.
منظور علي خان کي جن روبرو ٻڌو هوندو انهن تي بي خودي طاري ٿي ويندي هئي. ان لاءِ ٻڌندڙ توڙي جو راڳ جي ماترائن مان واقف نه به هجي پر هن جي دل ۾ ڪنهن لاءِ پيار، سڪ، احساس ۽ درد جي محسوس ڪرڻ جا جذبا هجن.
ڪي ڪي شاديون، ميلا، ڄڻ راڳ جا مقابلا هوندا هئا، محمد فقير کٽياڻ جو ميلو نواب ولي محمد تاجپور واري جي چوٿين رمضان محمد فقير جي ميلي تي جيئن نماز پڙهڻ کان اڳ ٻانگ ڏني ويندي آهي، تيئن ميلي تي به ڀنگ جي وڏي ڪڻاهي ۽  مٿي جا شيشا رکي هڪ فقير ڀنگ جو ڪشتو  ڀري مئي خوارن کي فارسي جي هن شعر سان سڏ ڪندو.
ڀنگ بخر ڀنگ بخر اين باد ۽ گل رنگ بخر
اي نه خري او نه خري جا گوشئه مسجد
رنج بخر خاڪ بخر سنگ بخر
اهڙي هڪ دعوت شاهپور رضوي ۾ شادي جي تقريب ۾ سموري سنڌ جي شرنانيون وڄائيندڙ فنڪارن کي گهرايو ويو هو. جيڪي پنهنجي شرنانين ۽ وڄتن سميت آيا. سومهڻي کانپوءِ مقابلو شروع ٿيو. پراڻا استاد امين ٿي ويٺا اهو مقابلو فجر جي ٻانگ تائين جاري رهيو. منظور علي خان، خورشيد علي خان ۽ جيئن مڱڻهارن جي دعوت هئي ته استاد يوسف به هو ته ميزبان شرنانيون لاڳيتو  گهڻو وقت ٻڌي نه سگهبيون آهن، پر هي سُريلو مقابلو اهڙو دلچسپ ۽ روح کي راحت ڏيندڙ هو، جو بوريت ڪو نه ٿي. صبح جو ۱۰ وڳي ڌاري خان صاحب خورشيد علي خان پنهنجي سر منڊل تي محفل اهڙي ته ڄمائي جو مون سوچيو ته اڄ منظور علي خان هن کان مٿي ته ڳائي نه سگهندو. ٻانگ ۽ نماز کانپوءِ استاد منظور علي خان کي وارو ڏنو ويو. سندس هڪڙي پاسي استاد محمد يوسف ويٺو ته ٻئي پاسي استاد گلزار علي خان ويٺو. سامهون سنڌ جا چونڊ سُريلا ويٺا هئا، ڪجهه اسان جهڙا به ويٺا هئا، جن کي راڳ جي گهڻي ڄاڻ ته ڪا نه هئي پر ٻڌڻ جي حد تائين شوق هو. راڳ شروع ٿيو استاد شروعاتي تان هڻڻ کانپوءِ شاهه سائين جي وائي ڳائڻ شروع ڪئي آئون خان صاحب جي سامهون ويٺو هوس، جڏهن تان ختم ٿئي يا مصرو پورو ٿئي ته پويان ڪنهن جي ڪرڻ جو آواز ٿئي پيو ڏٺم ته جيئن استاد تان ٿي لڳائي يا مصرع ٿي ڳائي ته پويان ويٺل سُريلا بي خودي ۾ اٿندا ويا جتي تان ختم پيئي ٿئي، اتان سريلن پاڻ کي زمين تي ڦٽو ٿي ڪيو، اهڙو منظر نه اڳ ڪڏهن ڏٺو نه پوءِ ڏسڻ جو موقعو مليو. استاد به ڪلاڪ کن ڳايو. ٽائيم جي ته خبر ڪو نه پئي پر داد ڏيندي ڏيندي رهي ڪو نه پئي کيسي ۾ پئسن سان گڏ. جيڪي رسيدون ڪاغذ پڻ هئا اها به اڇلي ڇڏياسين، پوءِ ماڻهن پنهنجا پنهنجا ڪاغذ ميڙي پئي کنيا.
استاد منظور علي خان جتي محفلون، ميلا، ملاکڙا، شاديون ۽ ٻيا خوشين جا جشن ملهائيندا هجن اُتي ناچ، گانو، کائڻ پيئڻ جو ڪو حساب نه هوندو آهي. جڏهن ته صوفين جي ميلن ۾ ته ڀنگ ۽ شراب جو واهپو عام جام هوندو آهي. اهڙي ماحول ۾ به منظور علي خان ۾ ڪنهن به قسم جي اخلاقي ڪمزوري يا نشي ۽ لذت جي علت نه هئي. هو کاڌو به سادو کائيندو هو. جڏهن ته سندس ڀائر ۽ شاگرد به نشي پتي کان پري ڪو نه هوندا هئا.
اسماعيل سوهو چئيدار به هو ته ضابطي جي ڀڃڪڙي به نه ڪندو هو. هو بي ڊپو به هوندو هو، جيل وغيره جي به پرواهه نه هئس. دادلي ٻار جيان انگل ڪرڻ ۽ ڪنهن ڳالهه تي دوستاڻي انداز ۾ اهڙي فرمائش ڪرڻ جو پاڙڻ به ڏکي ته پوري ڪرڻ به ڏکي. سندس شادي هئي. فرمائش ڪيائين ته استاد منظور علي خان گهرائي ڏيو. بابا ايڊوانس ڏئي ڇڏي باقي اوهين سنگتي وري ڇا لاءِ  ٿيا آهيو. اسان وڃي خان صاحب کي دعوت ڏني. خان صاحب چيو ته  ايترو پري وڃڻ معنيٰ چار ڏينهن ڇُٽا. ٻه ٽي دعوتون هونديون آهن، ته پوءِ ويندو آهيان، پر اسان جي گهڻي زور ڀرڻ تي پڇيائين ته آخر اوهان ايڏيون منٿون ڇو ٿا ڪريو ته مون چيو سائين جنهن جي شادي آهي، سو هڪ بهادر انقلابي آهي. هو پنهنجي عوام ۽ قوم تان سر گهورڻ لاءِ به تيار آهي. اهڙي ارڏي انقلابي جو اسان کي لاچار نه ٿيندو ته ٻيو ڪنهن جو ٿيندو. منجھند جو ٽائيم هو، خان صاحب چيو ترسو  مانجھاندو به ڪيو، ڪچهري به ڪيون ٿا. خبرن چارن ۾ پڇيائين ته هي ڪيترن سالن کان توهان سان انقلاب ۾ گڏ آهي. اهو ستر وارو ڏهاڪو هو، اسان چيو ته ٻن سالن کان اسان هڪ ٻئي کي چڱي ريت سڃاڻو ته خان صاحب پنهنجي هڪ شاگرد ڏانهن اشارو ڪيو ۽ چيائين ته هن کي چار سال ٿيا آهن پر اڃا ٻيا چار سال رهندو ۽ پڪ ٿيندي ته هاڻ هي راڳ جي بنيادي بندش جو واقف ٿي ويو آهي. محفل ۾ ڳائڻ جهڙو آهي ۽ اسان جو نالو بدنام ڪو نه ڪندو پوءِ ان شاگرد کي اجازت ڏيندا آهيون. اوهان وٽ الائي ڪهڙو ماڻ ۽ ماپو آهي، جو ٻن سالن جي واقف کي وڏا لقب ٿا ڏيئي ڇڏيو. خان صاحب مري ويو اسان مرڻ ڪنڌي تي پر هن جي ڳالهه اڄ به اندر ۾ ڇيت ٿي لڳي پئي آهي ته وطن دوستي، انقلاب دوستي، سياسي رهبر جا ٺپا به انهن اسيمبلي ميمبرن جي ڊگرين جهڙا آهن، جيڪي اڄ ڪلهه سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ٽربيونل ۾ ٻڌي حساب سان نقلي ظاهر ٿيون ٿين. اسماعيل سوهو جيل جو مڙس ماڻهو به هوندو هو پر جيڪڏهن ڪنهن جي ڪا ٻاهران سڻڀي چڱي چوکي ماني آئي  ته وس ڪري جيڪي ٻوٽيون هونديون هيون، انهن کي چڪ چڪ هڻي هڪڙي پاسي رکي ڇڏيندو هو، ڄڻ ته باقي هڏا بچيا آهن پر ماني کائڻ کانپوءِ اُهي اڌ کاڌل ٻوٽيون کنيو ويٺو ڪرٽيندو هو. مڙس ڪپيءَ تي لهي پيو، سنڌ سان هيڏي محبت مگر ڌيءُ کي ٻئي هنڌ اقتدار ۾ حصو پتي مليس. تازو ٽي وي تي ڏٺم ته الطاف ڀائي استعيفيٰ جي ڳالهه ڪئي ته اسماعيل سوهو جي نياڻي ان صدمي ۾ اوڇگارون ڏيئي روئڻ لڳي ته مونکي خان صاحب ياد آيو ته اسان بنا جاچڻ ۽ پرکڻ جي ڪنهن جي ظاهري سرگرميءَ تي حرکجي وڏا لقب ڏيئي ٿا ڇڏيون پوءِ اُهي بت پنهنجي ماڻهن کان پوڄا ٿا ڪرائين ۽ مجال ڪو ديوتا جي خلاف اکر ڪڇي ته جيئري نرڳ حوالي ڪري ڇڏيندا.
خان صاحب منظور علي خان ٽنڊو آدم ۾ اسان ڏٺو ۽ اتي ئي سندس آخري آرام گاهه آهي. ماڻهو جتي وڌي وڏو ٿو ٿئي اُتي ۽ ان جي آس پاس جي ماحول کان متاثر ٿئي ٿو. فن ۽ فنڪار جي وڌڻ ويجھڻ لاءِ اول ته پرسڪون ۽ امن وارو ماحول هجي. جيتوڻيڪ ٽنڊو آدم شهر سنڌ جي ٿورن شهرن مان هڪ شهر آهي، جيڪو صفائي سٿرائي جي ڪري مشهور آهي، ٽنڊو آدم جي هڪ خاص قسم جي ٻڪر جي گوشت جي سجي جنهن ۾ نه صرف رانون ۽ پٺي جو گوشت ڪاٺين جي مچ تي پڇايو ويندو آهي پر هالا پراڻا ۽ ٽنڊو آدم ۾ ڇيلي جي آنڊن کي صاف ڪري ان کي به ٽانڊن تي پچائي مصالحو هڻي جو ڏيندا ته اوهان کي گوشت وسري ويندو.
شهر ريلوي اسٽيشن جي ڀر ۾ هجڻ ڪري درياهه جي اڀرندي ڪپ تي جيڪي شهر آهن انهن ۾ مهاجر وافر مقدار ۾ آهن. هر شهر ۾ لساني فساد ٿيا مگر شاهنواز جوڻيجو، عبدالله ورياهه،  فدا حسين ڏيري جهڙا ضبرا ماڻهو. شاهنواز فيصلي ۾ سچو چوڻ جي ڪري ڪوڙا هن جو آڏو ڊرامو نه ڪري سگهندا هئا ۽ ڦُرڙيءَ کي ڦٽ ڪري پيش ڪرڻ ناممڪن هو. عبدالله ورياهه نئين ٽهي جو تاريخ دان هو ۽ هن وڏي تحقيق به ڪئي ته محبتي ميڙي ميلا به  بچايا. جڏهن ۲۰۰۷ ۾ بي نظير صاحبه شهيد ٿي وئي ته ٽنڊو آدم توڙي ٽنڊو آدم جي ڀرپاسي ريل گاڏيون بيهجي ويون. مسافر بک ۽ خوف ۾ وٺجي ويا. ايم ڪيو ايم جي ايڊ منسٽريٽر مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسان به پنج ڇهه هزار لاش، سنڌ موڪلي پئي سگهياسون مگر اسان صبر ڪيو. فاروق ستار بيان ڏنو ته اسان ٻڌو ته ريل گاڏين جي مسافرن سان زيادتيون ٿيون آهن اسان وٽ اچن ته سندن داد ڪريون. مگر حقيقت ڇا هئي. جڏهن گاڏيون جھنگ ۾ بيهجي ويون ته فدا حسين ڏيري راڄن مان ماڻهو ڪڍيا ته گاڏين تي پهرو ڏيو متان ڪو لوفر موقعي جو فائدو وٺي. ديڳيون چاڙهي ماني ٻوڙ ماڻهن کي پهچايا. کير وڪڻڻ بند ڪري مسافرن جي ٻارن کي پياريائون ان ڳالهه جي شاهدي مسافرن پنهنجي انٽريو ۾ ڏنيون تڏهن سنڌين جي ساهه ۾ ساهه پيو.
ٽنڊو آدم شهر ۾ ڪيتريون سنڌي فلمون ٺهيون وڏا سنڌي فنڪار گائگ ۽ شاعر ٽنڊي آدم جا رهاڪو هئا. ٽنڊو آدم کان ٿي شهر ڀٽ شاھ، اڏيرو لال فاصلاڻي موري، ڄام نواز علي منصوره جا آثار ۽ ذري گهٽ هڪ جيتري پنڌ تي آهن. لطيف تي روز راڳ  ٿئي ٿو. منظور علي خان پهريون ڪلاسيڪل گائڪ هو، جنهن لطيف جي ڪلام کي هلڪي ڦلڪي موسيقي ۾ ڳايو ۽ عام فهم ڪيو. ساڳي ريت اڏيرو لال هندن جي وڏي ۾ وڏي زيارت آهي ۽ هندو مسلم ايڪي جو اهڙو اهڃاڻ آهي جو مندر جي ڀت سان لڳ  مسجد جي ڀت آهي پر نه ڪڏهن به گڏيل هندستان وقت مسجد مان مولودين جي مولود پڙهڻ تي اعتراض ٿيو نه ورهاڱي کانپوءِ مندر مان ڀڄن ۽ ڀڳت جي آواز تي ڪنهن مسجد وڏي ڪا فتويٰ جاري ڪئي. اهڙو مثالي ماحول به ڪٿي گهٽ هوندو. فاضلاڻي موري به فن جي دنيا جو جڏهن به ذڪر نڪرندو ته حسين شاھ فاضلاڻي جنهن فن سان ايڏو ته پاڻ کي فنا ڪيو جو پڇاڙي جو تنگ دستي ۾ آخري ڏينهن گذاريا پر عمر ماروي ۽ پرديسي جهڙيون سنڌي فلمون ڏيئي ويون. ان جي مرڻ کانپوءِ آيل اڀار جلدي ئي گم ٿي ويو. ڄام نواز علي، نواب ڄام ڪانڀو خان جو مسڪن آهي. جنهن جي تر  ۾ سخاوت ته مشهور آهي ئي مگر هڪ ڏينهن سائين جي ايم سيد وٽ ويٺا هئاسون، سو خبر پيئي ته ڄام صادق علي جيڪو ان وقت وزيراعليٰ هو مانجهاندي تي اچي ٿو. اسان چيو سائين ڄام صادق ته ماڻهن کي ٽانڊا ڏيئي ڇڏيا آهن ته سائين چيو بابا اسان ته ان ڪري ٿا عزت ڪيون جي هي مخدوم بلاول جي خاندان مان آهي. منظور علي خان کي ڪو به نرينه اولاد ڪو نه هو. وحيد علي شايد سندس ڀيڻ جو پٽ هو. ان سان به حياتي وفا نه ڪئي، وحيد علي جو فرزند اقرار وحيد علي به ساڳي واٽ وٺيو اچي ۽ پنهنجي اهليت پٽاندڙ داد وصول ٿو  ڪري.
ظاهري طرح زمان جي اٿل پٿل ڪري لڳي ٿو ته سڀ شيون سڙي ڀسم ٿي ويون آهن. جوڻيجن مان انصاف موڪلائي ويو، اٺن سالن کان قومي اسيمبلي سان گڏ تيل ۽ گئس جي رائلٽي جي چيئرمين  جو عهدو توڙي زڪوات جي مالڪي جوڻيجن وٽ آهي پر جيڪي مليو. ڪڏهن پنهنجي ڳوٺ کي بچاءَ بند جي نالي ۾ ڪروڙين هڙپ ته ڪڏهن ڪنهن بهاني سان سانگهڙ جو ڪو به رستو هلڻ جهڙو ڪونهي. فاضلاڻي ايترو ته ڪونه بچايو جو پويان ڪنهن وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهي سگهن. ٻڌو اٿم ته ڀٽ ڌڻي جي درگاھ جو گادي نشين پي ايڇ ڊي آهي پر لطيف جي فقيرن سان اوطاق تي وڙهيو پيو آهي. نواب ڪانڀو خان جو اولاد ڄام صادق جيڪي سنڌين سان اگهه ڇڏايا اهي تاريخ جو حصو آهي. اڏيري لال وارن کي جيڪا سهولت آهي. انهن کي کپي ته ميلي تي وڃي ڏسن مسڪينن جي ڀلاٽ تي ڪيئن قباص ٿي ويا. ۽ ڪو ٻڙڪ ٻاهر ڪڍڻ جي جرئت نٿو ڪري سگهي. عبدالله ورياھ کانپوءِ تاريخ ڪير اٿلائي، پر باھ جا پوڄاري باھ کي زندگي علامت سمجهندا آهن ظاهر ٻه سبب ته سمجهه ۾ اچن ٿا ته جڏهن رات جو جانورن انسانن کي اونداهي ۾ حملو ڪندا هئا انهن کي اونداھ سبب ڏسي نه سگهندا هئا ته انهن لاءِ  باهه نشاني هئي ٻيو ته جهنگ سڙي وڃڻ ڪري زمين آجي ناهي ان تي فصل پوکي سگهبا هئا گهر ٺاهي رهي سگهبو. ساڳي اميد آهي ته پراڻا لاڳاپا هنر، فن، تاريخ شاعري آئنده راھ هموار ڪري وئي آهي.


استاد منظور علي خان
سنڌ جو سدا حيات راڳي
ابو رافع
جيئن سنڌ جي مٽيءَ ۽ ماڻهن جو مزاج پنهنجو رهيو آهي، ايئن سنڌي موسيقيءَ جو مزاج به پنهنجو رهيو آهي، برابر ان تي هِند جي موسيقيءَ جو اثر به رهيو آهي، جنهن کي موسيقيءَ جا ڄاڻو ڪلاسيڪل موسيقي سڏن ٿا، پر سنڌ جي ڪافيءَ کي ڳائڻ جو هڪ الڳ نج پنهنجو سنڌي طريقو آهي، جنهن ۾ موسيقيءَ جي باريڪين کان وڌيڪ جذبات جو عمل دخل رهيو آهي. سنڌي ڪافيءَ کي ڪلاسيڪل راڳ جي جنهن وڏي راڳيءَ سنڌي مزاج سان ٺهڪائي هڪ عروج تي پهچايو، اهو مان ڀايان ته استاد خانصاحب منظور علي خان ئي آهي، جنهن کانپوءِ ٻيا ڪيترائي نالا شماري سگهجن ٿا. استاد منظور علي خان بابت لکندي هن ننڍي ليک ۾ نه موسيقيءَ جي تاريخ بيان ٿي سگهندي ۽ نه ئي استاد منظور علي خان جي خاندان جي تاريخ ۽ نه ئي ان خاندان جو ننڍي کنڊ جي ڪلاسيڪل موسيقيءَ ۾ ادا ڪيل حصو، پر اهو چوڻ لازمي ٿيندو ته هن خاندان جو جيڪو به سنڌي موسيقيءَ ۾ حصو آهي، اهو نه فقط ڳڻائڻ جهڙو آهي، پر اهو موسيقيءَ جي تاريخ ۾ محفوظ رکڻ جهڙو پڻ آهي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته استاد منظور علي خان جو خاندان سنڌ ۾ پهرئين شڪارپور ان کان پوءِ خيرپور ميرس ۽ تنهن بعد استاد ٽنڊي آدم ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي، پر سندس جنم شڪارپور ۾، ممتاز مرزا صاحب جي لکڻ موجب ۱۹۲۷ع ۾ ۽ ڪن ٻين جي لکڻ موجب ۱۹۳۰ع ۾ ٿيو، ٽنڊي آدم ۾ هُن زندگيءَ جو آخري ساهه کنيو ۽ پنهنجي راڳ جي هڪ ڊگهي تاريخ ۽ سنڌي موسيقيءَ ۾ ڳڻائڻ جهڙن راڳين جي فهرست ڇڏي ويو، جنهن سڄي فهرست کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو اڄ به پنهنجي دلين ۾ جاءِ ڏين ٿا. استاد منظور جي خاندان جي سفر جي شروعات گواليار مان ٿي، جتان کانپوءِ هيءُ خاندان ضلعي گرداسپور ۽ پوءِ سنڌ ۾ آيو. استاد منظور علي خان جو مخدوم حسن جهانيان، جهان گشت جي گاديءَ سان عقيدت منديءَ جو تعلق رهيو، جنهن ڪري هو اڪثر مخدوم صاحب جي عرس مبارڪ تي شاهپور جهانيان ۾ سيد سعيد علي شاهه جهانيان جي نگرانيءَ ۾ ٿيندڙ راڳ جي محفل ۾ اچي حاضر ٿيندو هو، جتي کيس روبرو ڏسڻ جو ۽ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ٻڌڻ جو موقعو نصيب ٿيو هئو، ٻيءَ طرح ريڊيو تي ننڍپڻ کان ئي استاد منظور علي خان جي آواز جي گونج ۽ حمل فقير جي ان بيت جون سٽون، جنهن کي استا پنهنجي ڪمال مهارت سان ڪافيءَ جو روپ ڏيئي ڳايو هو ته
ساهه مِٺا جي سپرين، سامهان ٿيا سيئي
ويئي جا ويئي، ياراڻي يارن مان
هيءُ اهو دور هئو جڏهن نه استاد سمجهه ۾ ايندو هُئو ۽ نه شاعري ۽ نه ئي راڳُ: اڳتي هلي شاعريءَ سان ناتو جڙڻو هُئو، اها سُڌ به ڪا نه هُئي، پر جڏهن سمجهه آئي ته استاد منظور علي خان دل ۾ گهر ڪندو ويو ۽ اڄ به جڏهن کيس ٻڌ جي ٿو ته بيخوديءَ جو عالم طاري ٿي وڃي ٿو ۽ اها به خبر پوي ٿي ته استاد سنڌ جي نج شاعراڻي صنف ڪافي/وائيءَ کي جيڪو اوج رسايو اهو سندس ئي ڪرشمو هئو. راڳ جا ڄاڻو چون ٿا ته راڳ ۾ سنڌي ڪافي فقط استاد منظور علي خان جي ڪري جيئري آهي، جيتوڻيڪ استاد جمن ۽ ٻيا نالا به آهن جن جو به سنڌي راڳ ۾ پنهنجو حصو آهي.
استاد منظور علي خان آخري ڏينهن ٽنڊي آدم ۾ گذاريا، جتي هُن ڪيترن ئي پنهنجن شاگردن کي راڳ جي سکيا ڏني ۽ اڳتي هلي اهي نالا خود سنڌي راڳ جي ضمانت بڻجي ويا، چيو وڃي ٿو ته استاد منظور علي خان ڪنهن به محفل جا پئسا ٻولائي نه ويندو هُئو، هُن سان فقط توڪل جو تُرهو ساڻ هوندو هُئو ۽ سندس اهو يقين هوندو هُئو ته جيڪو مليو اهو سندس نصيب ئي هوندو. ايئن هن نه رڳو راڳيءَ طور سموري سنڌ ۾ مڃتا ماڻي پر هڪ سٺي انسان طور به هُن سنڌ ۾ هڪ عزت ڀريو ۽ آبرودار مرتبو حاصل ڪيو.
هُن ڪيترن ئي شاعرن کي ڳايو پر شاهه سائينءَ جي واين ۽ ڪافين کي جيڪو اوج هُن ڏنو اهو پنهنجي ليکي هڪ داستان آهي، جنهن بابت اسان جي موسيقيءَ جي ڄاڻُن کي لکڻ گهرجي، البت اسان جهڙن راڳ کان بنهه اڻ ڄاڻ لکندڙن لاءِ اها ڳالهه اتساهه ڏيندڙ آهي ته استاد منظور علي خان جيڪي به ڳايو اهو سموري سنڌ کي ياد آهي. سندس ڳايل قافين ڪلامن کي ٻين به ڳايو، پر استاد وارو مرتبو رڳو سندس آواز لاءِ مخصوص هُئو.
سندس ڪوهياريءَ ۾ ڳايل ڪافي ”آ ڪوهه ڄاڻان پنڌ ڪيچ جو“ هجي يا مالڪوس ۾ ڳايل ڪافي ”کتا ڪيجهر ڪناري، تنبو تماچيءَ ڄام جا“ هجي پنهنجو مثال پاڻ آهن. ايئن سندس ڀيروي هجي، ڪلياڻ هجي، يا راڻو، بنهه ٿورڙو راڳ کان وقف به سمجهي ويندو ته استاد ڇا ڳائي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته استاد سنڌي سُرن کي بنهه سهنجو ڪري ڇڏيو هُئو. سندس وفات کي ڪيئي ورهيه گذري ويا پر اڄ تائين سنڌ وري ٻيو ڪو استاد منظور علي خان پئدا ڪري نه سگهي، ورهين پڄاڻا به هُو سنڌ کان وسريو ڪونهي، نَوَ سيپٽمبر ۱۹۸۰ع سندس وفات جو ڏينهن آهي، کيس ياد ڪندي محسوس ٿئي ٿو، ڄڻ هُو سنڌ جي روح ۾ رهي ٿو: هاڻ سندس ياد ۾ ڪجهه لکندي به سندس ئي ، ڳايل سٽون هن ننڍڙي پر دل جي حضور سان کيس ڀيٽ ڏنل ليک کي پڄاڻيءَ ڏانهن وٺي ٿيون وڃن ته
ڪنهن کي سُور سڻائيان، حمل هي نيئي،
ويئي جا ويئي، ياراڻي يارن مان.


استاد منظور علي خان
سنڌ جو املهه راڳي
آصف نظاماڻي
سنڌي ڪلاسيڪل موسيقيءَ کي ڪيترن ئي نامور فنڪار پنهنجي سُريلي آوازَ ۾ ڳايو آهي ان ۾ استاد منظور علي خانَ جو  نالو راڳَ جي دنيا ۾ آسمانَ چلڪندڙ ڪنهن ستاري جيان آهي. سنڌ جي هن نام ڪٺئي گويي استاد منظور علي خان  جو اصل نالو محمد خان هو. سندس مرشد سائين مهدي سرڪار (جهانيان) واري پيارَ مان سندس نالو منظور علي رکيو. سائين مهدي سرڪار راڳَ جا وڏا پارکو هُئا ۽ سريلو راڳُ ڳائڻَ وارن سان محبت واري نظر رکندا هُئا ۽  استاد منظور علي خان، مهدي سائينءَ جن جا طالب هُئا. سندس تعلق ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي مايه ناز گهراڻي ”گواليار“ سان هو. گواليار گهراڻي سان تعلق هُجڻ ڪري کيس موسيقيءَ سان وڏو چاههُ هو. سنڌي ڪلاسيڪل موسيقيءَ جو هي شهنشاهه ۱۹۲۶ع تي، شڪارپور ۾ استاد جمال خان عرف جمالي خانَ جي گهرَ ۾ پيدا ٿيو.  استاد منظور علي خان ـــ سڀ کان پهرين اٺن سالن جي عُمر ۾ پنهنجي فن جو کليل مظاهرو ڪيو. ۱۹۴۰ع ۾ ڏهن سالن جي ڄمارَ ۾ هن شڪارپور ۾ ٿيندڙ موسيقيءَ جي مقابلي ۾ حصو ورتو، ۽ ڪاميابي ماڻيائين. اهڙيءَ طرح ۱۵ سالن جي ڄمار ۾ ئي سندس شُمار ناميارن موسيقارن ۾ ٿيڻ لڳو. مهاراجا رنجيت سنگهه جي دؤر ۾ هيءُ گهراڻو پنجاب جي ضلعي گڙداس پور، فتح پور چوڙيان ۾  اچي آباد ٿيو، جتان بعد ۾ خيرپور جي والي مير مراد علي خان جي خواهش تي، استاد منظور علي خان جو پڙڏاڏو استاد شادي خان سنڌ جي شهر شڪارپور ۾ اچي آباد ٿيو، استاد منظور علي خان، ۱۶ سالن جو هو ته سندس والدين شڪارپور کي هميشه هميشه لاءِ الوداع چئي، ٽنڊي آدم  ۾ اچي رهائش پذير ٿيا ۽ پوءِ استاد سڄي زندگي شڪارپور مان لڏي اچي ٽنڊي آدم ۾ ئي گهاري.
سنڌ جو هي نامور فنڪار استاد منظور علي خان هميشه عوامي ميڙن خاص ڪري درگاهن ۽ ميلن سان گڏوگڏ عام ماڻهن جي اڳيان ڳائڻ کي ترجيح ڏيندو هو. شاهه لطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمستَ جي ساليانن عرس جي تقريبن سميت استاد سنڌ جي هر مشهور ۽ غير مشهور صوفيءَ تي پنهنجي فن جو مظاهرو ضرور ڪندو هو. استاد منظور علي خان سڄي سنڌ ۾ هڪ مقبول ڳائڻي طور سڃاتو وڃي ٿو جنهن سنڌي موسيقيء ۾ ڪلاسيڪي ۽ عام موسيقي کي ملائي نئين انداز سان پيش ڪيو. استاد جڏهن ڳائيندو هو ته سندس سُر ۽ لئي سان گڏ سندس سرگم تي ماڻهو جهومندي نظر ايندا هئا. هن ڀٽائي سرڪار، سچل سائينءَ جي ڪلام سان گڏوگڏ سنڌ جي صوفي شاعرن کي ڳائي تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. هن پنهنجي ڄمارَ ۾ اڻ ڳڻيا ڪلامَ ڳايا جن مان ڪجهه ڏجن ٿا:.  سُڌ نه سورن جي ڪل ڪا، محبت لڏي وئي ملڪ مان ياراڻي يارن مان وئي، ويندس يار مري تان مري او مٺڙا، تنهنجي او دردَ فراقَ ۾،  عشق شرع ڪيا لڳي لڳي قاضيا،  ڇڏ رُسان مان آ تون يار، سڪندي ٿيڙم سالَ جن کي سنڌ ۽ هنڌ سميت سڄي دنيا ۾ وڏي چاههَ ۽ عقيدت سان ٻڌو ۽ پسند ڪيو وڃي ٿو.
استاد منظور علي خانَ جو ڏاڏو ڪريم بخش خان به نالي وارو گويو ٿي گذريو هو. جنهن ۱۹۱۱ع ۾ ”جارج پنجين“ جي جشن تاج پوشيءَ جي موقعي تي سنڌ جي موسيقارن جي نمائندگي ڪئي هئي، ۽ کيس حسن ڪارڪردگيءَ جو اعزاز مليو هو. استاد منظور علي خان، موسيقيءَ جي ابتدائي تعليم پنهنجي والد استاد جمال خانَ  کان، ۽ ان کانپوءِ باقاعده سکيا پنهنجي سؤٽ سينڌي خان کان حاصل ڪئي. ان کان سواءِ هي  پنهنجي دؤر جي ناميارن گوين، بيبي خان جي فن مان فيضياب ٿيو. جڏهن ته استاد بڙي غلام علي خان، عاشق علي خان ۽ استاد اُميد علي خانَ جو صحبتي ۽ همعصر پڻ هو. جون ۱۹۴۷ع ۾ استاد منظور علي خان ۽ استاد بڙي غلام علي خان جي وچ ۾ موسيقيءَ جو هڪ دلچسپ مقابلو ڪراچيءَ ۾ ٿيو، جيڪو ٽن ڏينهن تائين هلندو رهيو. موسيقيءَ جي انهيءَ پر لطف مقابلي کي ڏسڻ لاءِ عام خلق کان سواءِ انهيءَ دؤر جا نامور گويا استاد اميد علي خان، استاد عاشق علي خان ۽ استاد بيبو خان وغيره به اتي موجود هئا. انهيءَ مقابلي ۾ استاد منظور علي خان ڪامياب ٿيو. اهڙيءَ طرح هن نوجوان گويي، موسيقيءَ جي ميدان ۾ پنهنجي هڪ مخصوص جاءِ ۽ انداز پيدا ڪري ورتو، جيڪو آهستي آهستي مستحڪم ٿيندو رهيو ۽ اڄ تائين سنڌ جو ڪو فنڪار انهيءَ مقام تائين پهچڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. استاد منظور علي خان، استاد مراد علي خان ۽ استاد بيبي خان کان هڪ خاص ”سري“ سکي، جيڪا صرف منظور علي خان ئي ڳائي سگهندو هو  ۱۹۶۰ع ۾ مخدوم طالب الموليٰ، استاد منطور علي خان کي ”بهارِ موسيقيءَ“ لقب ڏنو جيڪو هڪ وڏو اعزاز هو. استاد منظور علي خان جي گائڪيءَ جو هڪ مخصوص ۽ نرالو انداز هو، جيڪو سندس شاگردن ۾ به نمايان رهيو. هن وقت سنڌ ۾ جيڪي به سُٺا ڳائڻا آهن، انهن ۾ اڌ کان وڌيڪ استاد منطور علي خان جا شاگرد يا سندس شاگردن جا به شاگرد آهن. استاد جي ڪجهه اهم شاگرد ڳائڻن ۾ محمد يوسف، وحيد علي، استاد وزير علي خان، استاد گلزار علي خان، عابده پروين، محمد عرس، انور حسين وسطڙو، ذوالفقار علي (ڀاڻيجو)، دين محمد دمساز، ميان نذر حسين ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا شاگردَ شامل آهن. استاد منظور علي خانَ جي هڪ خاص خوبي اُها به هُئي ته هُو گهڻا ڪلامَ مختلف راڳن جهڙوڪ راڻو، ميگهه، سندر ۽ ٻين ڪيترن راڳن ۾ ڳائيندو هو. جيڪي ٻُڌندڙن کي موهي ڇڏيندا هُئا. استاد منظور علي خان، محفل جي شروعات ۾ خاص طورَ تي ٺمري يا دادرو پڻ ڳائيندو هو.  استاد ۵۰ سالن جي ڄمارَ تائين موسيقيءَ جي اڻ ڳڻين خدمت ڪئي ۽ هُو اڪثر پنهنجي راڳي شاگردن جي سکيا دوران سندن سمورو خرچ پاڻ ڀريندو هو. استاد راڳَ جو پارکو ۽ شاهه لطيف جي سُر مارويءَ جو تمام گهڻو ماهر هو. استاد هر جمعرات تي شاهه لطيف رحه جي درگاهه تي حاضري ڀري ۽ راڳَ راڻو ڳائيندو هو.
خيرپور ۾ استاد منظور  علي خانَ  ميوزيڪل اڪيڊمي نالي گذريل ڪيترن ئي سالن کان ميوزيڪل اڪيڊمي پڻ قائم ڪئي وئي آهي جنهن جي سرواڻي استاد عبدالغفور سومرو (جيڪو سنڌ جي ڪلاسيڪل موسيقيءَ جو هڪ وڏو نالو آهي) ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ هن وقت به سوين شاگردَ ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي تعليمَ حاصل ڪري رهيا آهن.
استادَ کي پنهنجي ڄمارَ ۾ سنڌي موسيقيء جي مڃتا طور ڪيترائي اهم ايوارڊ مليا ۽ حڪومت پاڪستان پاران سال ۱۹۷۹ع ۾ کيس پرائيڊ آف پرفارمنس جو صدارتي ايوارڊ پڻ ڏنو ڏنو. ۹ سيپٽمبر ۱۹۸۰ع تي هي سُچيت سنگيتار  راڳَ جي اڻ ڳڻئي خدمت ڪري، هميشه لاءِ اسان کي الوداع چئي ۽ امر ٿي ويو.
(استاد منظور علي خانَ جي ورسيءَ جي مناسبت سان)


استاد منظور علي خان
راڳ جو شهنشاهه - ورسيءَ جي مناسبت سان
صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو
استاد منظور علي خان مرحوم جي شخصيت ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. سنڌي کيس راڳ جو ابو يا استاد ڪري چوندا آهن. اها حقيقت آهي ته سنڌي راڳ ۾ استاد منظور علي خان هڪ نئون انقلاب آندو. سنڌي ڪافي کي ڪلاسيڪل رنگ ۾ ڳائڻ جو سهرو به سندس ئي سر آهي. استاد منظور علي خان جي آواز ۾ قدرتي مٺاس هو، ڪافي، غزل ۽ قصيدي چوڻ جي ته خاص مهارت حاصل هئس. ڪلاسيڪل ڳائڻ ۾ ته پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس مادري زبان سنڌي نه هوندي به پاڻ سنڌي سٺي طرح ڳائيندو هو ۽ اڪثر سنڌيءَ ۾ ڪلام چوندو هو. عارفانه ڪلام کيس تمام گهڻو پسند هئا ۽ اڪثر محلفن ۾ صوفي شاعرن جا ڪلام چوندو هو.
استاد منظور علي خان جو گهراڻو اصل کان برصغير ۾ ڳائڻ جي لحاظ کان مشهور آهي. سندس والد به سٺو گويو هو. استاد منظور علي خان درويش صفت انسان هو. حضرت مهدي شاهه جهانيان جو طالب هو ۽ پنهنجي مرشد جو استاد تي وڏو راز هوندو هو. وڏو عرصو پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ گذاريائين ۽ پوءِ سندس اجازت سان عام محفلن، ريڊيو ۽ ٽي وي تان ڳائڻ لڳو. منهنجي ملاقات استاد منظور علي خان سان مخدوم جهانيان جي سالياني ميلي ۾ ٿي. انهيءَ سال ميلي تي ادبي ڪانفرنس جو اهتمام ٿيل هو. ادبي نشست پوري ٿيڻ بعد محفل موسيقي شروع ٿي، سڀ کان آخر ۾ استاد منظور علي خان اسٽيج تي آيو، ان وقت رات جا ٽي ٿي چڪا هئا. استاد منظور علي خان جو راڳ ٻڌڻ لاءِ محفل ۾ ماڻهو ڳتل هئا. سڀ کان اول استاد خيال ٻڌايو، ان سائين مهدي شاهه جا ڪلام ٻڌايا، آخر ۾ هڪ قصيدو چيائين. جڏهن ڪلام پورو ٿيو ته اوڀر طرف صبح جي اڇاڻ آسمان ٿي ڇانئجڻ لڳي. ان وقت اسٽيج تي انائونسمينٽ جا فرائض مان (راقم) انجام ڏئي رهيو هئس. بس ته مون چيو ته سامعين جيئن رات پنهنجي اختتام تي پهتي آهي، تيئن اسان جي محفل جو به اختتام ٿيو. اڄ رات وري هن ئي پنڊال تي وري محفل ۾ گڏجاڻي ٿيندي (الله واهي).
رجب مهيني ۱۸ جي رات جي ڳالهه هئي ۱۹۸۰ع هو. ٻي رات ۱۹ رجب جي رات وري ساڳي پنڊال ۾ محفل موسيقي منعقد ٿي. انهيءَ رات ڪافي فنڪار هئا پر جڏهن استاد منظور علي خان جو وارو آيو ته سندس ڳائڻ محفل کي موهي وڌو. استاد منظور علي خان مون کي ٻڌايو ته اڄوڪي رات لاءِ مون کي ڪنهن ٻئي هنڌ ويهه هزارن جي آڇ ٿي هئي، پر مون مالڪ محفل کي اهو چئي معذرت ڪئي ته اهي پئسا گهڻا ڏٺا اٿم، ليڪن اول مرشد جو ميلو آهي، اتي جي حاضري مون لاءِ لکن کان وڌيڪ آهي. جيئن بابا سلطان باهو جن فرمايو آهي ته مرشد دا ديدار باهو ميڪون وڌ حج ڪروڙان هو. بلڪل استاد منظور علي خان وٽ مرشد جو ديدار وڏي اهميت وارو هو.
۱۹۸۰ع ۾ استاد منظور علي سان پهرين ۽ آخري ملاقات هئي. ان بعد سچل سائين جي ميلي تان واپسي بعد مون راقم جي دواخاني آيا هئا، پر مان موجود نه هئس. ان ڪري ملاقات نه ٿي سگهي. پاڻ ٻه اکر ڇڏيائون جنهن ۾ لکيل هو ته سچل سائين جي ميلي تان واپس ٿيڻ تي اوهان جي سڪ لڳي سو لڙي آيس. مون سوچيو ته اوهان سان ملندو وڃان متان هي ملاقات آخري هجي. ان بعد ٿوري وقت ۾ سندس انتقال ٿي ويو. ۽ اِئين ۹ سيپٽمبر تي، فن جي آسمان تان هڪ روشن تارو غائب ٿي ويو.
استاد منظور علي خان اهو فنڪار هو جنهن سنڌي ڪافين کي ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل انداز ۾ پيش ڪيو. سندس طبيعت ۾ سادگي ايتري ته هوندي هئي جو مٽيءَ تي ويهي به ڳائيندو هو. لائوڊ جي لاءِ به نه چوندو هو. پئسا جيڪي مليا اهي قبول ڪندو هو. سخي ايترو هوندو هو جو آيل پيسا يتيمن ۽ غريبن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. سندس ڪيترن ئي شاگردن گائڪيءَ جي فن ۾ اعليٰ مقام پيدا ڪيو. جن ۾ محمد يوسف، انور وسطڙو، قمر سومرو، عبدالحميد عباسي، وحيد علي خان، رجب علي، استاد وزير علي، استاد گلزار علي خان ۽ ٻيا شامل آهن.
استاد منظور علي خان پنهنجي شاگرد قمر سومري جي شاديءَ جو سمورو خرچ پاڻ برداشت ڪيو. ڪيترن ئي بي سهارا شاگردن جي پڙهائيءَ جو خرچ به پاڻ ڪندو هو. هر سال سوين غريب ماڻهن کي ڪپڙا وٺي ڏيندو هو. سندس گهر ڄڻ يتيم خانو بنيل هو. ڪيترن ئي غريب ڇوڪرين کي ڏاج ڏيندو هو. سخا ۾ ڳائڻن جي ليکي ۾ هي ڪنور ثاني هو. سندس آواز کي ختم ڪرڻ لاءِ کيس دشمنن سندور کارايو پر پوءِ به الله جي مهرباني سان سندس آواز خراب نه ٿيو ۽ دشمنن کي معافي ڏئي ڇڏيائين.
سندس يادون اندر ۾ اڄ به تازيون آهن. هي فقير صفت انسان صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. هو فن جي دنيا ۾ اڄ به زنده آهي. سندس ڳايل چند يادگار ڪلام ’تون پهرين نظر ۾ دل کي وڻين وئين‘ (طالب الموليٰ) ’عمر ديس پنهنجو وسارڻ ڏکيو آ‘ (حاڪم علي شاهه)، ’وئي ياراني يارن مان‘ حمل فقير. ’آهيون عبديت جي اولي ڳجهي ڳالهه لڌم ڳولي‘ (سيد فقير مهدي شاهه)، ’بني هاشمي تي نرمن نيازي‘ (سيد مهدي شاهه)، ’آئون ڪو ڄاڻان پنڌ ڪيچ جو‘ (شاهه عبداللطيف) ’عشق شرا ڪيا لڳي‘ (سچل سائين)، ’سرتيون منهنجو چرخو چيو نه ڪري آئون ڪيئن آتڻ وڃان‘ (سچل سائين) اڄ به پسند ڪيا وڃن ٿا. استاد منظور علي خان چوندو هو ته عارفانه ڪلام ڳائڻ سان روحاني سڪون ملي ٿو.


استاد منظور علي خان
راڳ جو راڻو
آچر خاصخيلي
دنيا ۾ راڳ کي اهميت حاصل هوندي آهي ڀلي هو ڪهڙي به زبان سان تعلق رکن پر انهن جي رڳن ۾ ضرور شامل هوندو انهن ۾ ڪيترا ئي راڳ آهن پر ڪلاسيڪل راڳ جو پنهجو مزو ۽ اهميت هوندي آهي. هن راڳ کي خاص ڪري هندستان ۽ پاڪستان ۾ سٺي ۽ سهڻي نموني سان ٻڌو وڃي ٿوجنهن ۾ ڪيترا ئي مهان ڪلاسيڪل ڪلاڪار پيدا ٿيا آهن انهن ۾ سنڌ جو به وڏو ڪردار رهيو آهي جتي سنڌوءَ جي سينڌ جيجل هر دؤر ۾ ڪلاسيڪل علم جا پارکو ۽ سريلي سرن جا ڪردار پيدا ڪيا آهن جتي هُو سنڌ جي سڃاڻپ سان گڏ پنهنجن شهرن جي به سڃاڻپ بڻيا آهن. انهن ۾هنجورڻ ڊنڍ جي ڪناري تي آباد سنڌ جو اٺين نمبر وارو صوفين، شاعرن، اديبن ۽ ڪلاسيڪل ڪردارن جو شهر ٽنڊوآدم به شامل آهي. جنهن ۾ اهڙن مڻيادار مڙسن جنم ورتو جن سنڌ سميت سڄي دُنيا ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايو، جنهن ۾ سنڌ جو ڪلاسيڪل ڪردار استاد منظور علي خان به هڪ آهي جنهن پنهنجي سُرن سان سنڌي ٻولي کي اهڙي ڪلاسيڪل رنگ ۾ بيان ڪري سنڌ ۽ سنڌين جو ڳاٽ مٿي ڪيو جو شايد ڪنهن ائين ڪيو هجي.
استاد منظور علي خان ۱۹۲۲ ۾ ڪلاسيڪل گويي استاد جمالو خان جي گھر شڪارپور ۾ جنم ورتو. سندس نالو محمد خان هو جنهن جو سندس مرشد مهدي شاھ نالو مٽائي منظورعلي خان رکيو. هن پرائمري تعليم پنج درجا حاصل ڪئي هن کي ننڍپڻ کان ئي گواليار گھراڻي سان تعلق هجڻ ڪري ڪلاسيڪل موسيقي جو وڏو شوق هو. هن ننڍپڻ کان ئي راڳ ۾ راڳ صنف، ٽپو، مرکنڊ ۽ درپت ۾ پنهجي پيء جمالو خان کان سکيا وٺڻ بعد باقاعده راڳ جي سکيا سندس سوٽ سينڌي خان کان حاصل ڪئي ۽ ستن اٺن سالن ۾ باقاعده موسيقي ۾پير پاتو. ان وقت شڪارپور ڪلاسيڪل موسيقي جو وڏو مرڪز هو جتي هانڊا لڳندا هئا جتي استاد بيبو خان استاد مبارڪ علي خان استاد بڙي غلام علي خان، پٽورڌن، ڊي وي پلوسڪر، اوڪارناٿ ٺاڪر، ڀيم سين جوشي محفلن ۾ حصو وٺندا هئا.
استاد بني خان، بيبو خان ۽ احمد خان کان پوء ڪنهن راڳ جو جادو جاڳايو ته اهو استاد منظور علي خان هو استاد منظور علي خان لاهور ۾ هڪ ڪلاسيڪل موسيقي جي مقابلي ۾ شرڪت ڪئي جتي هن بنا آڊيشن جي ڳايو ۽ پاڻ مڃرايو. هن اتي استاد اميد علي خان کي مقابلي ۾ مات ڏني ان بعد کيس اميد علي خان ۽ پياري خان شيخ پاران  لاهور ۾ رهڻ جو مشورو ڏنو ويو. پر هن ٽنڊوآدم ۾ رهڻ جو ضد ڪندي چيو ته ڪلاسيڪل راڳ لاءِ ٽنڊوآدم ننڍڙو ۽ خوبصورت شهر موضوع ترين آهي تنهن کان پوءِ هو ٽنڊوآدم ۾ ڪلاسيڪل راڳ کي جيئن دان ڏنو.
منظور علي خان ۱۵ سالن جي عمر ۾ وڏن گوين جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو. هن ڪراچي ۾ ريڊيو پاڪستان پاران ٽي روزا ڪانفرنس ۾ حصو ورتو جيڪو ٽن  ڏينهن بعد  استاد اميد علي خان کان راڳ  درت لئي ۾راڳ جي پارکن مقابلي جو فاتح استاد منظور علي خان کي قرار ڏنو، هن ٽنڊو آدم جي جمن شاھ پاڙي ۾ منظورعلي خان ميوزڪ اڪيڊمي جو بنياد وڌو جنهن ۾، استاد منظور علي خان استاد محمديوسف، وحيدعلي، انور وسطڙي دين محمد دمساز، دين محمد شيخ جهڙا هيرا شاگرد پيدا ڪيا جيڪي پڻ سنڌ جو نڪ ثابت ٿيا. استاد منظور علي خان هند توڙي سنڌ ۾ اعليٰ پائي جي راڳين سان مقابلن ۾ حصو وٺي پاڻ مڃرايو جنهن جي بدولت کيس حسن ڪارڪردگي ايوارڊ، سچل ايوارڊ، لطيف ايوارڊ، ۽ سگا ايوارڊ سميت ڪيترا ئي اعزاز حاصل ٿيا.
استاد منظور علي خان ۹ سيپٽمبر ۱۹۸۰ ۾ طبيعت خراب ٿيڻ سبب راڳ جي پارکن عقيدتمندن،شاگردن سميت سڄي سنڌ کي سوڳوار ڪري وڃي هميشه لاء پنهجي والد استاد جمالو خان سان گڏ آرامي ٿيو اڄ کيس وڇڙي ۳۵ سال ٿي ويا آهن پر سندس فن ۽ علم کي سندس شاگرد جاري رکيو اچن اهڙي عظيم ڪردارکي ڀيٽا ڏيڻ لاء اسان جي ادبي ثقافتي يا راڳ جي تنظين پاران ٽنڊو آدم ۾ ڪا به تقريب ڪيترن سالن کان منعقد نه ڪرڻ جي هٺ ڌرمي جاري آهي باقي ثقافت کاتو ته هونئن ئي اگھور ننڊ ۾ ستل آهي جيڪو ڪابه تقريب ڪرڻ کان قاصر آهي باقي اڄ مهراڻ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ويلفيئر سوسائٽي، سگا، ساس ٽنڊوآدم سميت استاد جا ڀائيٽيا مختيار علي خان، نادر علي خان حمير علي خان، ناليوارو گويو استاد ذوالفقار علي، سينڌو خان شيخ، عوامي پريس ڪلب ٽنڊو آدم جو وفد ۽ ٻيا آخري آرامگاھ تي گلن جون چادرون چاڙهي دعا گھرندا جڏهن ته ڀائيٽين پاران سندس رهائشگاھ تي قرآني خواني ڪرائي خيرات جي ماني کارائي ويندي.
اهڙي عظيم ڪردار جي ڪا وڏي ۽ سرڪاري تقريب ته نه ٿي رهي آهي پر ناليواري تحقيقدان عبدالله خان ورياھ مرحوم جي رهائشگاھ جمن شاھ تي سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيشن ضلعي سانگهڙ پاران کيس ڀيٽا ڏيڻ لاء تقريب رکي وئي آهي جتي استاد مختيار علي،حمير علي، استاد ذوالفقار علي شيخ سميت سندس شاگرد راڳ ذريعي کيس ڀيٽا ڏيندا سڄاڻ حلقن حيرت جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته اهڙن هيرن کي ياد ڪندي سندس ورسي تقريبون ملهايون وڃن جيڪو اسان سڀني تي فرض آهي.


استاد منظور علي خان
ماءُ جي شفقت جهڙو آواز
اربع ۰۹ سيپٽمبر ۲۰۱۵ع
نصير مرزا
سوال آهي ته، ڪن خاص فردن جي ذات ۾، وسيع ڪائنات ڪيئن سمايل نظر ايندي آهي! ۽ جواب آهي ته بلڪل ائين ۽ اهڙي طرح جيئن بَڙ جي ٻج ۾، بَڙ جو پورو ئي وڻ سمايل آهي...ريڊيو ”ميڊيا“ کي، as ڪمپيئر جوائن ڪرڻ....۽ اِهو شايد منهنجي زندگيءَ جي ايجنڊا ۾ بلڪل شامل هو، پر ڪڏهن آئون پروڊيوسر ٿي، اِن اداري ۾ ويندس يا ڊائريڪٽر به ان ۾ ٿي سگهندس ۽ اهڙو ڪجهه ته، ڪڏهن منهنجي خواب ۽ خيال ۾ به ڪو نه هو. خير....لکئي جو ليک...ٿيڻو جيڪي ڪجهه هو مون کي، اهو هر حال ۾ ٿي ويس ۽ اِها ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ جي تاريخ هئي. اپريل فول واري پهرين اپريل ۱۹۸۴ع تي رپورٽ ڪرڻ بعد پهرئين ئي ڏينهن کان، جنهن شعبي ۾ منهنجي دلچسپي ڏينهون ڏينهن وڌندي وئي، اُهو به اِهو ئي هو: شعبه موسيقي ۽ ڀلا ليجنڊرينس مان ڪهڙن ڪهڙن کي مون اُتي حال حيات ۽ موجود ڏٺو ۽ انهن ۾ سڀ کان اول ته، استاد محمد جمن، فقير عبدالغفور، ڍول فقير...عابده پروين، زرينه بلوچ ۽ ٻيا به ڪيئي هڪ کان هڪ ۽ جيڪي مون اُتي ناموجود ڏٺا، انهن مان هڪڙو ته هو ماسٽر محمد ابراهيم ۽ ٻيو اسان جو هي گُني استاد منظور علي خان.
ماڪا محمد قاسم، هڪڙي ڀيري ٻُڌايو هئم، ”ماسٽر محمد ابراهيم کي ۱۹۷۷ع ڌاري آخري ڀيرو، اُن وقت ڏٺو هئم، جڏهن هو اسٽوڊيو جي دروازي وٽ اسٽوڊيو ڪمشنر واري ڪُرسيءَ تي ويٺو هو. ٿڪاڻو، ٽُٽاڻو، نڍال ۽ نجيف. عرض ڪيومانس، ڪنهن فيچر لاءِ ٿورا آلاپ ته هلي رڪارڊ ڪرايو. معذرت ڪندي چيائين، ڳايان ٿو ته ”دم“ ساٿ نه ٿو ڏئي، توهان جي اصرار تي هلي ڳايان به سهي، پر ڳائيندي جي ٿي پيس بي سُرو ته، هو جيڪا نسلن تي منهنجي ساک آهي، اها ڌوپجي ويندي ۽ مستقبل جا پارکو چوندا: محمد ابراهيم آخري وقت ۾ ڳائڻ جهڙو رهيو ئي ڪو نه هو. قاسم ماڪا ٻُڌايم پئي، ان واقعي جي ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ اطلاع پهتو! ماسٽر محمد ابراهيم عزت آبرو سان دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ۽ ڀلا استاد منظور علي خان! اکين سامهون ۽ روبرو ته هن کي به شايد ئي مون ڪڏهن ڳائيندي ڏٺو يا ٻُڌو هوندو. ها! ياد آيم، سندس هڪڙي جهلڪ ضرور مون ڏٺي هئي ۽ اِهو سال، الائي جي ته ڪهڙو هو، پر اِهو پروگرام به ماڪا صاحب پاران ”ساوڪ سنگيت شو“ جي نالي سان حيدرآباد جي ”هل ٽاپ سئنيما“ جي هال ۾ ٿي رهيو هو ۽ جنهن وقت، آئون بيدل مسرور سان هال ۾ داخل ٿيو هئس، استاد منظور علي خان اُن وقت هي ڪلام ڳائي، پُڄاڻيءَ تائين پهچائي رهيو هو.
”عمر ديس پنهنجو وسارڻ ڏکيو آ“
ريڊيو ۾، منهنجي استاد محترم ۽ جانِ جگر دوست، مرحوم انور بلوچ ”هڪڙي ڀيري ٻُڌايو هئم، ۱۹۸۰ع ڌاري، استاد منظور علي خان، منجهند ڌاري تڪڙو تڪڙو ريڊيو تي آيو هو، سنڀريل، ڌوتل پوتل، چَپن تي تازي کاڌل پان جي لالاڻ، بدن تي اَڇو پهراڻ، اترادي شڪارپوري لهجي ۾، بيٺي بيٺي چيائين، ”تڪڙو آهيان، ڪنهن شاديءَ ۾ ٿاڻي بولا خان پيو وڃان، طبله نواز نذير خان جي ٻانهن ڏيوم، ته ساڻ وٺي وڃانس.“ نه ڪو استاد! انور بلوچ ٻُڌايو هئم، نابري ورائيندي، هُجت مان چيومانس، ”بنان شرط جي، نذير خان اڄ ته صفا ئي ڪو نه ڏبو: استاد!“ چيائين: ”پوءِ ڏي شرط!“وراڻيومانس:”ويندي ويندي ڪو ڪلام رڪارڊ ڪرائيندا وڃو ۽ نذير خان کي خوشي خوشيءَ ساڻ وٺي هليا وڃو.“....۽ انور بلوچ صاحب ٻُڌايم، دير ئي ڪا نه ٿي، سازندا گڏ ٿي ويا. استاد منظور علي خان هارمونيم تي آڱريون رکيون، مون ٽيپ هلائي ۽ راڳ ڪوشڪ ڌنيءَ ۾ سندس آواز ۾ هي ڪلام رڪارڊ ٿيڻ شروع ٿي ويو.
”دلڙي هٿن مان اوچتو،
دلدار منهنجي ويو کسي.“
ڪٿي پڙهيو هئم، ماسٽر چندر، جنهن ڏينهن نوشهري فيروز مان، بمبئي وڃڻ لاءِ لڏيو پئي، پاڻيءَ واري جهاز ۾ هُن جي چَپن تي هي ٻول هئا. ”هَئه هئه منهنجا اباڻا، هئه هئه منهنجا اباڻا“. ۽ بمبئي بندر تي، جنهن وقت وڃي لٿو هو، تڏهن چون ٿا، اُتي جهاز مان لهڻ سان جهونگاريو هئائين. ”دل آهي هٿن ۾، ٿو خريدار کي ڳوليان.“ عجب اتفاق، دل جي موضوع تي ڪلام ڳائڻ، اسان جي هِن استاد منظور علي خان کي به ڏاڍو وڻندو هو ۽ ڀانئيان ٿو ته وصال کان پهرين پاڻ جيڪو آخري ڪلام، پنهنجي پُرسوز آواز ۾ رڪارڊ ڪرايو هو، اهو به اِهو ئي ”دل“ جي موضوع وارو هو. مرحوم انور بلوچ صاحب ٻُڌايو هئم، نائين سيپٽمبر تي شام جو جنهن وقت استاد منظور علي خان جي، پنهنجي ٽنڊي آدم واري ”ميوزڪ يونيورسٽي“ مان ڏولي کنئي پئي وئي، تڏهن هيڏانهن اسان ريڊيو حيدرآباد تان اِهو ئي ڪلام نشر ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ۽ ٽنڊي آدم جي مٽيءَ ۾ سپرد خاڪ ٿيندڙ، هي استاد منظور علي خان، سنڌ ۾ گواليار گهراڻي جي تعلق سان، موسيقيءَ جو محض هڪڙو اسڪول نه، يونيورسٽي هو، هڪ پورو سمنڊ يا سمونڊ جي وچو وچ بيٺل، ”لائٽ هائوس“ موسيقيءَ جي سمونڊ ۾، ڀٽڪي ويندڙن لاءِ روشنيءَ جو هڪ بُلند بالا مينار ۽ رڳو استاد  منظور علي خان ئي ڇا؟ استاد محمد جمن، فدا حسين خان، الهه ڏنو نوناري به سنڌي موسيقيءَ جا مائيل اسٽون هئا. سنڌ ۾ کانئن اڳ سنڌ جا راڳي ”هئپ زرڊ“ ڳائيندا هئا. ”شُڌ“ سنڌي راڳ ڇا آهي؟ ۽ ان جي نصاب ڳائڻ جو انداز انهن ئي راڳين رائج ڪرايو ۽ لوڪ موسيقي ۽ ماضيءَ جي شاندار ورثي مان راڳ راڳڻين جا نڪ نقشا ڳولي ٿو لهي. هنن ئي راڳين ائين چِٽا ۽ نروار ڪيا، جيئن ڪا ماهر دائي مهارت سان آڍي مَکي، ٻارن جا مُک موهيندڙ ۽ مهتابي بڻائي ڇڏيندي آهي.
”راڻو“ خالص ۽ نج پج سنڌ جو راڳ آهي ۽ اِها ڳالهه به اسان کي ڪنهن ٻئي نه، استاد منظور علي خان ئي ٻُڌائي آهي. چوندو هو، ”شد راڳڻين مان ”نارائڻي“ هجي يا ديسي ٽوڙي...راڳ راڻي کي انهن مان نڪتل چوڻ صحيح نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ راڻو لوڪ موسيقيءَ واري زماني کان اڳي ئي رائج هو، ان ڪري صاف چئبو ته لوڪ موسيقي اسان واري پڪي راڳ کان گهڻو آڳاٽي آهي.“ استاد منظور علي جي اهڙي راءِ جي پُٺڀرائي ۾ به ايترو ته آئون به چئي سگهان ٿو ته هندوستاني ڪلاسيڪي سنگيت، بلاشڪ ۽ بجا طور تي وڏي شئي ۽ وڏي ڳالهه، پر اِهو به طئه آهي ته سنڌ جو سنڌي راڳ، پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ جدا علم ۽ جداگانه نظام رکي ٿو، جنهن تي استاد منظور علي خان چواڻي: ”عقل کان وڌيڪ عشق جو غلبو جهجهو نظر ايندو آهي.“ ۽ استاد منظور علي خان بنيادي طرح سان، اِن ئي نج پج سنڌي راڳ جو کوجناڪار ۽ عاشق هو. هن ڳولي ڳولي سنڌي راڳڻين، آسا، تلنگ، لوڙائو ۽ راڻي کي ورائي ورائي مختلف ڪافين ذريعي عام پئي ڪيو ۽ استاد محمد جمن وانگر ئي هُن به ”ڪافين“ جي لفظن ۽ انهن جي روح ۽ مفهوم ۾ لهي ڳائڻ پسند پئي ڪيو. مون کي ياد آهي، استاد منظور علي خان جڏهن چوندو هو ته ويئي جا ويئي الا...ياراڻي يارن مان“ ته لڳندو هو، دُرست پيو چوي ۽ اڄ جي يارن ۾ واقعي اهڙي ياري، هاڻي رهي ئي ڪٿي آهي. يا وري جنهن وقت سواليه انداز ۾ ڳائيندو هو: قاضيا ڪهڙي مسئلي ڏسينده عشق شرع ڪيا لڳي لڳي...تڏهن لڳندو هو، قاضي هن جي آڏو بيٺو آهي ۽ هو ان کان سوال جواب پيو ڪري.
جيتري قدر استاد منظور علي خان جي آواز جي ڪوائلٽي جو تعلق آهي ته اهو پدرانه رعب تاب بجاءِ مادرانه شفقت وارو هو، ان ڪري اڪثر گوين وانگر هن جي گائيڪيءَ مان ڪڏهن به اُڇلون ۽ ڇڙٻون ٻُڌڻ ۾ نه اينديون هيون، بلڪه هن جي اڪار، تانن ۽ پَلٽن مان رڳو ڪوملتا ۽ مادرانه شفقت وارا ورلاپ پيا ٻُڌڻ ۾ ايندا هئا. اهڙن گڻن سبب، هُو پنهنجي حياتيءَ ۾ به Talk of the town هو ۽ حياتيءَ کان پوءِ به هر هنڌان رڳو هن جي اهڙن گڻن جي هاڪ پئي ٻُڌبي آهي.


استاد منظورعلي خان
ڪلاسيڪل موسيقي جو امر آواز
ابراهيم لاشاري
سال ۱۹۸۰ع جي سيپٽمبر مهيني جي ۹ تاريخ تي ڪلاسيڪي موسيقي جي هن بادشاهه گويي استاد منظورعلي خان جي وڇوڙي جي خبر وڏي درد، ڏک ۽ ارمان سان ٻڌي وئي. استاد منظورعلي خان جو نالو سر سنگيت جي دنيا ۾ وڏي عزت ۽ احترام سان ورتو ويندو آهي. هن نه رڳو سونهاري سنڌ ۾ ڪلاسڪي راڳ ۾ مشهوري ماڻي هئي. بلڪ سڄي ننڍي کنڊ ۾ موسيقي جي دنيا ۾ نالو اتم ۽ اعلي درجي جو هو. پاڻ خانصاحب منظورعلي خان جي نالي سان مشهور هو مگر اصل سچو نالو (محمد خان) هيس. سندس والد محترم جو نالو استاد جمال خان هو. تنهن هوندي به هو (جمالو خان) جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. سندس وڏن جو اصل ديس هندستان پنجاب جو ڳوٺ فتح ڳڙهه چوڙي جيڪو فتح ڳڙهه چوڙيان سان مشهور هو. هي ڳوٺ هندستان جي ضلعي گورداسپور ۾ واقع هو. جتان هجرت ڪري اچي پهريان پياري پاڪستان جي پنجاب ۾ ترسيا. ڪجهه وقت اتي رهي ڪري وري سونهاري سنڌ جي خيرپور رياست ۾ اچي گهر اڏيائون. ڇو جو مير ۽ سنڌ جا ماڻهو راڳ جي قدرداني ڪندا هئا.
استاد منظورعلي خان جا وڏڙا ٿورو عرصو خيرپور ميرس منجهه رهي بعد ۾ خيرپور شهر کي الوداع ڪري، سنڌ جي علمي ادبي ۽ خوبصورت شهر شڪارپور ۾ اچي ٺڪاڻو ڪيائون. اتي ئي شڪارپور ۾ استاد منظور علي خان جو سال ۱۹۲۷ع ڌاري جمالو خان جي گهر ۾ جنم ٿيو. ڪن صاحبن سندس ڄم جو سال (۱۹۳۰ع) به ڄاڻايو آهي ته والدين خوشي ۾ نه پئي ماپيا، منظّور علي خان ابتدائي تعليم به شڪارپور شهر منجهان حاصل ڪئي. نائين درجي تائين شڪارپور ۾ ئي پڙهيو. تنهن بعد سندس والد کي شڪارپور ۾ قرار نه آيو. اتان ۱۹۴۰ع ڌاري لڏي اچي سونهاري سنڌ جو خوبصورت ۽ سرسبز شهر ٽنڊو آدم وسايائين، استاد منظور علي خان جو تعلق موسيقي واري گهراڻي سان هو. سندس تربيت به موسيقي واري علم ۽ ڄاڻ ۾ ٿي.
سر سنگيت جي شاگردي به پنهنجي والد جمالي خان کان علاوه پنهنجي سوٽ استاد سينڌو خان کان ورتائين ۽ ان کانسواءِ استاد ۽ نامياري گويي بيبي خان جنهن جو اصل نالو محمد ابراهيم خان هو ان کان به فن سکيو، استاد منظور علي خان جو ڏاڏو ڪريم بخش خان، زماني جو وڏو گويو ٿي گذريو هو، جنهن سال ۱۹۱۱ع ڌاري (جارج پنجين) جي جشن تاج پوشي جي وقت ۾ سنڌ جي موسيقارن جي نمائندگي پڻ ڪئي هئي. ان زماني ۾ حسن ڪارڪردگي جي اعزاز سان پڻ نوازيو ويو هو.
استاد منظور علي خان (اٺن سالن) جي ننڍي عمر ۾ پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاري پنهنجي استادن کان داد حاصل ڪيو. ٿوري ئي عرصي ۽ ۱۰ سالن جي عمر منجهه سال ۱۹۴۰ع ڌاري شڪارپور ۾ موسيقي جي مقابلي ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري سڀني راڳيندڙن کان گوءِ کڻي مقابلو کٽي ورتو. کيس نوجواني ۾ اها پهرين زبردست ڪاميابي ملي .
استاد منظورعلي خان شروع شروع ۾ هند، سنڌ ۾ پنهنجي والد سان گڏ مختلف محفلن ۾ ڳائيندو هو. جون ۱۹۴۷ع تي ڪراچي شهر ۾ ٽي ڏينهن ڳائڻ جا مقابلو ٿيو جنهن ۾ استاد منظور علي ۽ استاد بڙي غلام علي خان وچ ۾ زبردست مقابلو ٿيو، جنهن ۾ ان زماني جي ڪيترن ئي  لاجواب ناليوارن گوين استاد اميد علي خان، استاد بيبو خان (محمد ابراهيم)، استاد عاشق علي خان به شرڪت ڪئي جنهن منجهه استاد منظور علي خان پنهنجا  سڀ گر استعمال ڪري مقابلو کٽي ويو. اهڙي طرح وقت گذرڻ بعد استاد منظور علي خان موسيقي جي ميدان ۾ پنهنجي نرالي انداز ۽ ڳائڪي سان نروار ٿيو. ۽ اڄ تائين سونهاري سنڌ جو ڪو به فنڪار انهي درجي تائين پهچي ناهي سگهيو  سنڌي موسيقي. ۾ ڪوبه فنڪار سندس مٽ ثاني ناهي اهڙي طرح زبردست ڳائڻ جي ڪري ان زماني جي گوين کيس (استاد ) جي لقب سان پڻ نوازيو ، پاڪستان جي وجود پوڻ بعد استاد منظور علي خان سنڌ ۾ ڪلاسيڪي موسيقي جو اڳواڻ ٿي رهيو (ٽپو) ڳائڻ ۾ سندس انداز سڄي پاڪستان جي ڳائڻن کان نرالو هوندو هو، خيال، ٺمري، دادرو، ڳائڻ ۾ هن جو ڪو ئي مٽ نه هيو، لاجواب ڄاڻ رکندڙ هو.
استاد منظور علي خان پنهنجي سوز ڀري آواز سان لطيف سرڪار جي ڪلام (پرچن شال پنهوار، مارو مون سان) ڪڏهن حاڪم شاهه پٽ واري جي ڪلام (عمر ديس پنهنجو وسارڻ ڏکيو آ) جا سهڻا الاپ ڏئي سنڌ سونهاري جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ محفلون پيو مچائيندو هو. استاد منظور علي خان پنهنجي سر سنگيت جي ڏات کي ريڊيو پاڪستان ڪراچي، لاهور تي آواز جو جادو ڦهلائيندو رهيو استاد منظور علي خان سچل سائين جي ڪلام (رانجها تخت هزاري دا سائين ۽ (هلان پنهل توسان تنهنجي ٻانهي ٿي گذاريان) به ڳائي داد حاصل ڪندو رهندو هو.
هن عظيم گويي نه صرف ريڊيو پاڪستان تي ڏات جا جوهر ڏيکاريا مگر ٽيليويزن پاڪستان سندس يادگار پروگرامن کي رڪارڊنگ ڪري سندس آواز کي محفوظ پڻ ڪيو. سندس اڄ به درد ڀرئي سريلي آواز کي ۽ ڳايل ڪلامن (ويندس يار مري، تنهنجي درد فراق ۾ ۽ آئون ڪوهه ڄاڻان پنڌ ڪيچ جو، مون نماڻي کي نيندا.) ٻڌڻ سان ذهن تي عجيب ڪيفيت طاري ٿيو وڃي، هن سڄي زندگي لطيف سرڪار ۽ لطيف سندس سرزمين کي پئي ڳايو  استاد منظور علي خان موسيقي جي دنيا منجهه ڪيترا ئي شاگرد ڇڏيا، جن ۾ استاد محمد يوسف، وحيد علي، راڳ جي راڻي عابده پروين صاحبه، انور حسين وسطڙو، استاد وزير علي، محمد حينف لاشاري، استاد عبدالحميد عباسي (وارهه) استاد گلزار علي خان دايو، ذولفقار علي، مظهرعلي ۽ ميان نذر حسين، رجب علي  جا نالا نمايا شمار ٿين ٿا. موسيقي جي دنيا ۾ انهن شاگردن پڻ وڏو نالو ڪڍرايو. انهن منجهان ڪئي پنهنجي زندگي ۽ موسيقي جا سڀ سر ساز بند ڪري ابدي آرامي ٿيا ۽ ڪي زند ه آهن جن پنهنجو پنهنجي استاد جو نالو موسيقي جي جڳ ۾ نروار ڪيو آهي سندن ڪوبه فنڪار مٽ ثاني ناهي.
استاد منظور علي خان کي فني خدمتن عيوض ڪيترا ئي انعام ايوارڊ پڻ مليا جن ۾ سال ۱۹۷۸ع ڌاري حڪومت پاڪستان صدارتي ايوارڊ حسن ڪارڪردگي سان کيس نوازيو، ان کان سواءِ لطيف ايوارڊ، سچل ايوارڊ، ماڻيائين تنهن کانسواءِ سنڌ جي عظيم انسان موسيقي جي ڄاڻو سنڌ جي ڀلوڙ شاعر سائين طالب المولي صاحب ۱۹۶۰ع ڌاري لطيف سرڪار جي ميلي جي موقعي تي کيس (بهار موسيقي) جي لقب سان پڻ نوازيو. سنڌ جي هن عظيم راڳ جي راڻي گهڻو عرصو ٽنڊي آدم ۾ گذاريو ۽ ۹ سيپٽمبر سال ۱۹۸۰ع تي اڱاري جي ڏينهن ۵۳ سال ۸ مهينا ۽ ڪجهه ڏينهن زندگي جا گذاري سر سنگيت جا سڀ ساز بند ڪري پنهنجي مداحن ۽ سنڌ واسين کان جسماني طور هميشه لاءِ ڌار ٿي ويو.
هي عظيم انسان موسيقي جو ماهر، ناليوارو ڪلاڪار ڪلاسڪي موسيقي جو ڄاڻون، راڳ جو راڻو، ٽنڊي آدم جي اسماعيل شاهه جي قبرستان ۾ وڃي آرامي ٿيو، اڄ سنڌ جا موسيقي جا ڄاڻو هن عظيم فنڪار جي ۳۷ ورسي وڏي عقيديت ۽ احترام سان ملهائيندا. هيترا سال گذري وڃڻ باوجود استاد منظورعلي خان جو آواز اڄ به ٻڌي مداح پنهنجي من کي ريجهائن ٿا.


استاد منظور علي خان
جنهن سنڌي راڳ کي نوان لاڙا ۽ دڳ ڏنا
وزير فرهاد سولنگي
استاد منظور علي خان سنڌي موسيقيءَ جي دنيا جو اهو مشهور ۽ معروف نالو آهي جنهن سنڌيءَ موسيقيءَ کي نوان گس ۽ لاڙا ڏنا. ان سان گڏ مختلف راڳين کي پڻ سنڌي راڳن ۾ متعارف ڪرايو.
استاد منظور علي خان۱۹۲۷ع ڌاري شڪارپور ۾ لوهرن جي پاڙي هزاري در وٽ پيدا ٿيو. سندس والد صاحب استاد جمالو خان ۽ ڏاڏو ڪريم بخش خان ولد شادي خان هو. استاد منظور علي خان جي ڄمڻ جي سال ۾ ڪن هنڌن تي تضاد ملي ٿو، ڪن ڪتابن ۾ ۱۹۳۰ع ۽ ڪن ڪتابن ۾ ۱۹۲۷ع لکيل آهي.
استاد منظور علي خان جي خاندان جي ڪرت راڳ ويراڳ سان هئي. استاد گامڻ خان ۽ احمد خان سندس ڏاڏي جا ڀائر هئا.سنڌ ۾ هي ميرن جي دور ۾ مير مراد علي خان ٽالپر جي خواهش تي سنڌ ۾ لڏي شڪارپور اچي آباد ٿيا. ان کان اڳ سندن خاندان هندستاني پنجاب جي ضلعي گڙداس پور ۾ فتح پور چوڙيان ۾ رهندو هيو ۽ ان کان به اڳ هند ۾ سندن وڏڙا گواليار ۾ رهندا هئا جنهن ڪري هنن کي گواليار گهراڻو به سڏيو وڃي ٿو. استاد منظور علي خان جو ڏاڏو ڪريم بخش خان جڏهن سنڌ ۾ شڪارپور ۾ لڏي آيو ته هن کي سنڌ واسين ايتري ته محبت ڏني ۽ قدر داني ڪئي جو پاڻ پنهنجي خاندان سميت سنڌ ۾ ئي رهائش اختيار ڪيائين. سنڌ ۾ هن وقت تائين اهڙو گويو نه مليو آهي جو راڳ داري جي انهيءَ منزل کي رسي سگهي جنهن منزل تي استاد ڪريم بخش خان پهتل هيو.
استاد منظور علي خان راڳ جي شروعاتي تعليم پنهنجي پيءُ استاد جمالو خان کان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ هن پنهنجي سوٽ سينڌي خان کان به موسيقي جي سکيا ورتي استاد منظور علي خان پنهنجي خاندان جي مختلف راڳي مائٽن کان به راڳ جي سکيا وٺندو هو. جنهن ۾ استاد بيگو خان، استاد عاشق علي خان، استاد اميد علي خان اچي وڃن ٿا. استاد سينڌو خان جنهن جو اصل نالو سنڌي خان هو بعد ۾ سينڌو سڏجڻ لڳو، ان کان پوءِ ناليوارن گوين استاد بيبي خان، استاد عاشق علي خان ۽ استاد اميد علي خان کان راڳ جي تربيت اهڙي انداز سان ورتي جو استاد منظور علي خان راڳ جو راڻو سڏجڻ لڳو. شڪارپور شهر ۾ انهي دور ۾ محفل موسيقي جون وڏيون وڏيون محفلون مچنديون هيون جنهن کي علائقائي ٻولي ۾ هانڍا چيو ويندو هو انهن هانڍن ۾ ننڍي کنڊ جا وڏا وڏا راڳي ۽ گويا راڳ ڳائڻ ايندا هئا ۽ انهن راڳين جو استاد منظور علي خان جي خاندان سان راڳ جو مقابلو ٿيندو هيو. استاد منظور علي خان ان مقابلي ۾ پهريون ڀيرو پندرنهن سالن جي عمر ۾ حصو ورتو ۽ مقابلو کٽي ورتائين. ان کان پوءِ استاد منظور علي خان کي سڄي ملڪ ۾ تمام گهڻي مقبوليت ملي ۽ ڪراچي ۾ کيس استاد بڙي غلام علي خان جي سامهون ڳارايو ويو، اهو مقابلو ٽي ڏينهن هلندو رهيو، ججن ۾ استاد اميد علي خان، استاد عاشق علي خان، استاد بيبو خان شامل هئا ۽ نيٺ آخري ڏينهن تي گڏيل فيصلو ڏئي استاد منظور علي خان کي سوڀارو بڻايو. استاد منظور علي خان راڳ ڳائڻ جي شروعات اٺن سالن جي عمر کان ڪئي ۽ لڳاتار پنجاهه سالن تائين ڳائيندو رهيو هن ريڊيو پاڪستان، ٽي وي، اسٽيج کان علاوه ڪيسٽ وسيلي ۽ نجي محفلن جي ذريعي سندس ڏات دنيا جي ڪنڊ ڪڙچ تائين پهتي.
استاد منظور علي خان جو ڀاءُ وزير علي خان به ڳائيندو هو پر هو راڳ جي دنيا ۾ اڳتي نه وڌيو پر هو ڪن خاص جڳهن تي ڳائيندو هيو. استاد منظور علي خان کي پٽ جو اولاد نه هيو ان ڪري پنهنجي ڀيڻ جي اولاد وحيد علي کي پٽ ڪري پاليو هيائين جنهن کي پاڻ پيار مان سرمون سڏيندو هيو جنهن پڻ راڳ جي دنيا ۾ سٺو نالو ڪمايو. اهڙي طرح استاد منظور علي خان کي ٽن نياڻين جو اولاد هيو.
استاد منظور علي خان ڪيترائي پنهنجا شاگرد پيدا ڪيا جن سندس نالو ملڪان ملڪ مشهور ڪيو ۽ سنڌي موسيقي کي هٿي ڏياري سندس پيارن شاگردن ۾ استاد محمد يوسف، استاد وحيد علي خان، استاد حميد علي خان، انور حسين وسطڙو ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا شاگرد اچي وڃن ٿا.
استاد منظور علي خان ڪيترن ئي شاعرن جا ڪلام ڳايا. پر حمل فقير ڪري شاهه عبدالطيف ڀٽائي، سچل سرمست بابا بُلا شاهه جي ڪلام تي کيس عُبور حاصل هيو.
سندس مشهور ڪلامن ۾
ويندس يار مري تان مري اومٺڙا تنهن جي درد فراق ۾
عشق شرع ڪيا لگي اوقاضيا
رانجها تخت هزاري دا سائين
محبت لڏي ويئي ملڪ مان، ڏک ويا ڏيئي الا ويئي جا ويئي الا ياراڻي
يارن مان هيا ان کان علاوه سر راڻي ۾ ڪمال درجي جي آلاپ سان محفل کي منڊي ڇڏيندو هيو.
استاد منظور علي خان کي سندس فني خدمتن عيوض ڪيترائي انعام، تمغا، ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ پڻ مليا جن ۾ پرائيڊ آف پرفارمنس، شاهه لطيف ايوارڊ، سچل ايوارڊ ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا انعام اچي وڃن ٿا.
استاد منظور علي خان گهڻي وقت کان سنڌي راڳ جو اڀياس ڪندو رهيو جنهن جي نتيجي ۾ هن سنڌي موسيقي ۾ نت نوان تجربا ڪيا. پاڻ مختلف ڪلاسيڪل راڳن جون بندشون ۽ اوستايون ڳايون ۽ ٻڌايو ته سنڌي موسيقي ۾ “راڻي” راڳ جي راڳڻين ۾ هي به سر لڳن ٿا. استاد منظور علي خان زندگي جو گهڻو حصو ٽنڊي آدم ۾ ۽ سندس آخري آرام گاهه به ٽنڊي آدم ۾ آهي. سنڌي راڳ جو راڻُ استاد منظور علي خان نائين سيپٽمبر ۱۹۸۰ع ۾ پنهنجي مداح کا جسماني طور هميشه لاءِ وڇڙي ويو پر سندس ڏات ۽ ڪلا سنڌ واسين لاءِ روح جي غذا جو ڪم ڏيندي پئي اچي. اڄ سندس ۳۸هين ورسي جي موقعي تي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا.


استاد منظور علي خان
سنڌ جو مهان راڳي
رياض سنجراڻي
سونهاري سنڌ جي سينڌ هزارين مڻيادار مڻين سان ڀري پئي آهي. هر طرف قيمتي لازوال ڪردار شخصيتون روشن ۽ چمڪندڙ تارن جيان چمڪي رهيون آهن جنهن تي سنڌوءَ جو ساگر ڏسي ڪري جل ٿل مستيون ڪري پنهجي پاڻ کي اٿلائي ۽ پٿلائي ور ونگڙ ڏئي ڪري وڏي لاڏ ۽ ڪوڏ جوش ۽ جلال مان انهن کي سلامي ڏئي رهيو آهي ۽ پيغام ڏئي رهيو آهي. ايڪويهن صديءَ جي علم ادب فن ۽ تهذيت جي متوالن کي ته پنهجي سڃاڻپ کي ڪڏهن به نه وسارجو اوهان جو مجسمو جنهن مٽيءَ منجهان ڳوهيو ويو آهي ان مٽيءَ جو اوهان تي هڪ قرض آهي ۽ اهو قرض اوهان کي لاهڻو پوندو جي لاهي نٿا سگهو ته وري اچڻ واري نسل ڏانهن منتقل ڪرڻو پوندو ته جيئن ان خمير مٽيءَ جو قرض لهي وڃي ۽ سڀ سور ٿڪ لهي وڃن. تاريخ گواهه آهي ته هن مٽيءَ جي خمير جو قرض انهن جوڌن، قلمدانن، شاعرن، اديبن، ليکڪن، محققن، ڪلاڪارن، سرن جي سرتاجن، پوري ايمانداريءَ سان لاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ جيتري قدر آئون سمجهان ٿو ته اهو قرض انهن تي باقي به نه آهي. کوڙ سارا مٺڙي سنڌ جا سپوت موجود آهن. جن پنهنجي امڙ سان وفا ڪئي آهي انهن جي مٿان پنهنجي جند جان قربان ڪري ڇڏي آهي ۽ دنيا ۾ اهڙي نموني ته مقدمو پيش ڪيو آهي جنهن تي شاهه جي ڌرتي انهن سورمن تي ناز ڪري ٿي. هر ڪنهن پنهنجو فرض مختلف طريقن سان ادا ڪيو آهي پر سنڌ جو هڪ اهڙو سپوت جنهن هند ۽ سنڌ ۾ ڪلاسيڪل فنڪار جي حثيت ۾ وڏي مڃتا ماڻي. ۽ هن پنهنجي فن جي ذريعي هن ڌرتيءَ جو قرض لاهڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي آهي. سنڌ جي انتهائي مشهور شخصيتن مان ڪلاسيڪل راڳي استاد منظور علي خان جو نالو به هڪ آهي. شڪار پور جي سونهاري مٽيءَ تي ۱۹۲۲ ۾ استاد منظور علي خان صاحب جنم ورتو. منظور علي خان ڪلاسيڪل ڳائڻي استاد جمالو خان جو پٽ هو استاد منظور علي خان جو پڙ ڏاڏو شادي خان جوانيءَ واري وقت ۾ ۱۶۳۰ ڌاري اوڀر پنجاب جي شهر فتح ڳڙهه چوڙيان ضلعو گرداس پور مان لڏي خير پور ميرس آيو ڇو جو خير پور ميرس وارا مير راڳ جا وڏا قدردان هئا ۽ پوري هندستان ۾ راڳ جي سرپرستي ڪرڻ ۾ مشهور هئا. شادي خان ڌرپدي ڳائڻو هو. هو خير پور مان لڏي شڪار پور ۾ اچي رهيو سندس پوٽي جمالو خان موسيقي جي سکيا پنهنجي پيءَ ڪريم بخش خان کان ورتي. پنهنجي چاچي گامڻ خان سان گڏ ڳائيندو هو استاد جمالي خان پنهنجي ڪٽنب جي روايت موجب گواليار جي انداز ۾ ڌرپد ڳائڻ ۾ مهارت حاصل ڪئي. کيس ڪوبه تبله نواز پهچي نه سگهندو هو ۽ ڌرپد ڳائڻ ۾ وڏو نالو ڪمايائين. استاد جمالو خان صاحب ڌرپد ڳائڻ سان گڏوگڏ ميگهه، درباري، پوريا، برج، سهڻي، رامڪلي، ديسڪار، للت، ۽ جنپوري ڳائڻ ۾به تمام گهڻو ماهر هو. استاد جمالو خان صاحب شڪار پور ڇڏي ڪري اچي ٽنڊو آدم جي مشهور  سيد جمن شاهه جتي ستي شهيد جي درگاهه جي ڀر ۾ رهائش اختيار ڪئي ۵۴_۱۹۵۳ ڌاري استاد جمالو خان صاحب وفات ڪئي ۽ هميشه جي لاءِ هن خوشبودار ۽ ٿڌين هوائن واري شهري ٽنڊوآدم جي مٽيءَ جي خوشبوءِ ۾ سمائجي ويو. استاد منظور علي خان پنهنجي فن جي سکيا سندس والد محترم استاد جمالو خان، استاد حُدو خان، استاد سينڌو خان صاحبان کان ورتي. استاد منظور علي خان کي ننڍي هوندي کان ئي راڳ ڳائڻ جو تمام گهڻو شوق هو جنهن سبب تمام جلد هن موسيقيءَ جا گُر سکي ورتا استاد منظور علي خان سنڌ ۽ هند ۾ پنهنجي پيءَ استاد جمالو خان سان گڏ به راڳ ڳايو آهي سندس مٺي ڀاري آواز، سياڻپ ڏاهپ، ۽ فن ڏانهن دلچسپي رکڻ جي ڪري وڏي ڄاڻ حاصل ڪئي. ۱۹۴۰ ۾ پنجاب جي شهر لاهور ۾ ڪلاسيڪل گائڪي جو هڪ وڏو نالو استاد بڙي خان سان مقابلو ڪيائين جنهن مهل استاد منظور علي خان جي عمر تقريبن ۷ سال هئي ۽ انهيءَ مقابلي واري محفل کي هزارين ماڻهون ٻڌڻ جي لاءِ آيا هئا ۽ اهو مقابلو سخت محنت کان پوءِ استاد منظور علي خان کٽي ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ سندس نالو روشن ٿيڻ لڳو.ڪلاسيڪل انداز جي ڳائڻ جي ڪري استاد منظور علي خان سنڌ ۾ سڀني جو سردار رهيو آهي. کيس ڪلاسيڪل کانسواءِ خيال، ٺمري، دادرو، ٽپو، ڳائڻ ۾ به تمام گهڻي مهارت حاصل هئس. چوڏهين صدي هجري جي ڪلاسيڪي موسيقارن مان استاد منظور علي خان پهريون گني گويو هو جنهن سنڌي راڳڻيون صحيح انداز ۾ ڳايو آهن. ان کان پهرين ڪنهن به نه ڳائيون آهن. استاد منظور علي خان صاحب هڪ سنجيده، بااخلاق، تمام گهڻو قربائتو، سنڌ سان ناتو نڀائڻ وارو انسان هو. سندس ڀائٽين استاد مختيار علي، ۽ استاد نادر علي خانصاحب ٻڌائيو ته استاد منظور علي خان صاحب غريبن جي مدد ڪندو هو پنهنجي خرچ تي سندس راڳي شاگردن جون شاديون پڻ ڪرايون هئائين. استاد مختيار علي خان ۽ استاد نادر علي خان جيڪي استاد وزير علي خان جا پُٽ آهن انهن ٻڌائيو ته استاد منظور علي خان جي مادري زبان پنجابي هئي پر هن کي سنڌي ٻوليءَ سان ايتري ته محبت هئي جو هن پنهنجي پوري فني زندگيءَ ۾ هڪ به ڪلام پنجابي زبان ۾ نه ڳائيو آهن. استاد منظور علي خان شاهه جي بيتن ۽ وائين کي اهڙي طرح ته ڳائيو آهي جو جنهن جي جيتري به تعريف ڪجي اها گهٽ آهي استاد منظور علي خان جو اصل نالو محمد خان هو پر سندس ئي مرضيءَ سان پاڻ ئي پنهنجو نالو مٽائي ڇڏيائون. استاد منظور علي خان پنهنجي زندگيءَ جا ۵۰ سال فن کي ارپيا جيڪو دنيا ۾ رڪارڊ آهي استاد منظور علي خان ڪڏهن به ڪنهن ڪمپنيءَ کي پنهنجو ڪلام رڪارڊ نه ڪرايو آهي. تاجپور جي نوابن وٽ سندس ۱۰ ڪلاڪن وارو ڪلام موجود آهي، هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ٽنڊي آدم ۾ جمن شاهه جتي ستي شهيد جي عرس مبارڪ جي محفل دوران اڌ رات جو زائرين فرمائش ڪئي ته اڄ استاد منظور علي خان پنهنجي انداز ۾ ملهار ڳائي آڌيءَ رات جو وقت هو اونڌاهي به هئي پر استاد جي بزرگي ظاهر ٿيڻي هئي تنهڪري استاد منظور علي خان ملهار ڳائڻ شروع ڪيو ماڻهون چون ٿا ته رات جي وقت آسمان تي تارا چمڪيا پئي پر جڏهن استاد ملهار ڳائڻ شروع ڪيو ته آسمان تي يڪدم ڪڪر ڇائنجي ويا ۽ راڳ دوران مينهن وسڻ شروع ٿي ويو جڏهن استاد پنهنجو راڳ بند ڪيو ته ان وقت مينهن به بند ٿي ويو ۽ سڀ ماڻهون حيران ٿي ويا. استاد منظور علي خان درگاهن تي، عوامي ميڙاڪن ۾، ميلن محفلن، گهٽين رستن، تي بنا ڪنهن معاوضي جي پنهنجو فن پيش ڪندو رهندو هو. ڪڏهن به پئسي تي نه ڳائيو. اميرن جي محفلن کان وڌيڪ صوفي، سماج سڌارڪ، قومي جذبي سان سرشار عوامي ليڊرن، جي محفل کي ترجيح ڏيندو هو. استاد جي گائيڪيءَ ۾ هڪ لازوال ڪشش ۽ تاثير هوندي هئي جو جيڪو به ٻڌندو هو ته بس ڪرڻ جو نالو ئي نه وٺندو هو ۽ ويٺو ٻڌندو رهندو هو. استاد منظور علي خان هڪ پوري ساري ڪلاسيڪل انداز جي انڊسٽري هو. شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي سر عمر مارئي کي اهڙي طرح ته رنگ ڏنو اٿس جو ٻئي ڪنهن جي جرئت ئي نٿي ٿي جو ان ۾ نواڻ آڻي سگهي. استاد جنهن انداز ۾ سر عمر مارئي کي ڳايو آهي انهيءَ جو مثال ملڻ مشڪل نه پر ناممڪن آهي. استاد منظور علي خان صرف هڪ فنڪار نه هو پر پاڻ ڪيترن ئي ٻين خوبين جو مالڪ پڻ هو مثال طور هڪ سٺو موسيقار، هڪ سٺو نئون انداز پيدا ڪندڙ بهترين سنگيت ڪار هو استاد منظور علي خان جيڪي به ڪلام ڳايا آهن اهي سڀ جا سڀ اڃ تائين وڏي شوق ۽ چاهه سان ٻڌا وڃن ٿا. ڪلاسيڪل فن جي دنيا ۾ استاد منظور علي خان صاحب جو نالو صف اول ۾ آهي سندس گواليار خاندان هميشه ڪلاسيڪل انداز کي ترجيح ۽ فروغ ڏنو آهي استاد منظور علي خان کي سائين جي ايم سيد تمام گهڻي شوق سان ٻڌندو هو ۽ سندس تمام گهڻي عزت پڻ ڪندو هو ۽ استاد منظور علي خان به سائين جي ايم سيد جي ڪوٺايل محفلن ۾ پنهنجي فن جومظاهرو ڪندو هو. استاد منظور علي خان پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪيترائي انعام حاصل ڪيا جن ۾ صدارتي ايوارڊ، شاهه لطيف ايوارڊ، سچل ايوارڊ شامل آهن. ۹ سيپٽمبر ۱۹۸۰ تي اسان کان هي سنڌ جو سپوت فاني جهان ڇڏي بقا ڏانهن روانو ٿيو ۽ اسان کي هميشه جي لاءِ ڏکارو ڪري ويو استاد منظور علي خان کي پُٽ جو اولاد نه هو کيس ۳ نياڻيون هيون. استاد وحيد علي خان کي جيڪو سندس ڀائيٽيو هو ان کي نپائيو هئائين جنهن پڻ ڪلاسيڪل راڳ ۾ تمام گهڻو نالو ڪمائيو آهي. استاد منظور علي خان جسماني طور تي ته اسان کان جدا ٿي ويو آهي پر هو اڄ به اسان سان گڏ آهي هن جو يادون هن جا راڳ هن جو ڳايل سر عمر مارئي جا بيت اڄ به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گونجندا رهن ٿا، استاد جي وفات کانپوءِ سالانه ورسي سندس پياري ڀاءَ استاد وزير علي خان جا فرزند هر سال سيپٽمبر ۾ ملهائيندا آهن سندس شاگرد جن ۾ استاد وزير علي خان، استاد مختيار علي خان، استاد نادر علي خان، استاد وحيد علي خان، رشيد علي خان، قمر سومرو، انور حسين وسطڙو، محمد يوسف، دين محمد شيخ، محمد عرس، دين محمد دمساز، سندس ورسيءَ تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪا آهن. هن مهان راڳيءَ جي پوئنرن جي حڪومت سان گلا آهي ته هيڏي وڏي سنڌ جي فنڪار جي ورسي سرڪاري سطح تي نٿي ملهائي وڃي. اسان استاد منظور علي خان جي نالي سان ميوزڪ اڪيڊمي هلائڻ چاهيون ٿا جنهن جي لاءِ سنڌ حڪومت اسان جي سرپرستي ڪري. ٻين ملڪن ۾ اسڪول جي شاگردن کي باقاعده موسيقي سيکاري ويندي آهي اسان وٽ سنڌ ۾ فن جا کوڙ سارا شاگرد موجود آهن پر انهن کي سنڀالڻ وارو ڪير به نه آهي. اسان جو مطالبو آهي ته استاد منظور علي خان تي لکيل سبق نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن اچڻ واري نئي نسل کي ڪلاسيڪل راڳ جي باري ۾ معلومات ميسر ٿي سگهي.


استاد منظور علي خان
(جنم ۱۹۲۶ع، وفات ۹ سيپٽمبر ۱۹۸۰ع)
ناليوارو راڳي
سنڌ جي مشهور ڪلاسيڪل گويي استاد منظور علي خان جو اصل نالو محمد خان هو. سندس تعلق گواليار جي ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي نامور خاندان سان آهي. مهاراجا رنجيت سنگهه جي دؤر ۾ هيءُ گهراڻو پنجاب ۾ اچي آباد ٿيو، جتان بعد ۾ خيرپور جي والي مير مراد علي خان جي خواهش تي، استاد منظور علي خان جو پڙڏاڏو استاد شادي خان سنڌ جي شهر شڪارپور ۾ اچي آباد ٿيو، ۽ اتي ئي ۱۹۲۶ع ۾ استاد منظور علي خان جنم ورتو. استاد منظور علي خان جي والد جو نالو استاد جمال خان هو، جيڪو ’جمالو خان‘ به سڏبو هو. سندس ڏاڏو ڪريم بخش خان به نالي وارو گويو ٿي گذريو هو. جنهن ۱۹۱۱ع ۾ ”جارج پنجين“ جي جشن تاج پوشيءَ جي موقعي تي سنڌ جي موسيقارن جي نمائندگي ڪئي هئي، ۽ کيس حسن ڪارڪردگيءَ جو اعزاز مليو هو. استاد منظور علي خان، موسيقيءَ جي ابتدائي تعليم پنهنجي والد استاد جمال خان کان، ۽ ان کان پوءِ پنهنجي سؤٽ سينڌي خان کان حاصل ڪئي. ان کان سواءِ پنهنجي دور جي ناميارن گوين، بيبي خان جي فن مان فيضياب ٿيو. جڏهن ته استاد بڙي غلام علي خان، عاشق علي خان ۽ استاد اميد علي خان جو صحبتي ۽ همعصر هو. استاد منظور علي خان سڀ کان پهرين اٺن سالن جي عمر ۾ پنهنجي فن جو کليل مظاهرو ڪيو. ۱۹۴۰ع ۾ ڏهن سالن جي عمر ۾ هن شڪارپور ۾ ٿيندڙ موسيقيءَ جي مقابلي ۾ حصو ورتو، ۽ ڪاميابي ماڻيائين. اهڙيءَ طرح ۱۵ سالن جي ڄمار ۾ ئي سندس شمار ناميارن موسيقارن ۾ ٿيڻ لڳو. استاد منظور علي خان ۱۶ سالن جو هو ته سندس والدين شڪارپور مان لڏي اچي ٽنڊي آدم ۾ رهيا ۽ پوءِ استاد منظور علي خان جي سڄي زندگي ٽنڊي آدم ۾ ئي گذري. جون ۱۹۴۷ع ۾ استاد منظور علي خان ۽ استاد بڙي غلام علي خان جي وچ ۾ موسيقيءَ جو هڪ دلچسپ مقابلو ڪراچيءَ ۾ ٿيو، جيڪو ٽن ڏينهن تائين جاري رهيو. موسيقيءَ جي انهيءَ پرلطف مقابلي کي ڏسڻ لاءِ عام خلق کان سواءِ انهيءَ دؤر جا نامور گويا استاد اميد علي خان، استاد عاشق علي خان ۽ استاد بيبو خان وغيره به موجود هئا. انهيءَ مقابلي ۾ استاد منظور علي خان ڪامياب ٿيو. اهڙيءَ طرح هن نوجوان گويي، موسيقيءَ جي ميدان ۾ پنهنجي هڪ مخصوص جاءِ ۽ انداز پيدا ڪري ورتو، جيڪو آهستي آهستي مستحڪم ٿيندو رهيو ۽ اڄ تائين سنڌ جو ڪو فنڪار انهيءَ مقام کي پهچي نه سگهيو آهي. استاد منظور علي خان، استاد مراد علي خان ۽ استاد بيبي خان کان هڪ خاص تان ”سري“ سکي، جيڪا صرف منظور علي خان ئي ڳائي سگهندو هو. ۱۹۶۰ع ۾ مخدوم طالب الموليٰ، استاد منظور علي خان- کي ”بهارِ موسيقيءَ“ جو لقب ڏنو. استاد منظور علي خان جي گائڪيءَ جو هڪ مخصوص ۽ انوکو انداز هو، جيڪو سندس شاگردن ۾ به نمايان رهيو. هن وقت سنڌ ۾ جيڪي به سُٺا ڳائڻا آهن، انهن ۾ اڌ کان وڌيڪ استاد منظور علي خان جا شاگرد يا سندس شاگردن جا به شاگرد آهن. استاد جي ڪجهه مکيه شاگرد ڳائڻن ۾ محمد يوسف، وحيد علي، استاد وزير علي خان، استاد گلزار علي خان دايو، عابده پروين ۽ انور حسين وسطڙو، ذوالفقار علي، مظهر حسين ۽ ميان نذر حسين وغيره قابل ذڪر آهن. سنڌ جو هيءُ ناميارو ڪلاڪار، عظيم گويو ۽ موسيقيءَ جو ماهر، ۹ سيپٽمبر ۱۹۸۰ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس مزار ٽنڊي آدم جي اسماعيل شاهه قبرستان ۾ آهي.



استاد منظور علي خان

سنڌي موسيقيءَ کي جيئدان ڏيندڙ

وفا رضا

سنڌ جي نامياري ڪلاڪار استاد منظور علي خان جو جنم سال ۱۹۲۲ع ۾ شڪارپور ۾ استاد جمال خان جي گهر ٿيو، سندس ڇٺيءَ تي نالو محمد خان رکيو ويو، اڳيان هلي درگاهه شاهپور جهانيان جي گادي نشين هڪ ڏينهن هُن کي منظور سڏيو ته پوءِ هو منظور علي خان ٿي ويو. هُن راڳ جي ابتدائي سکيا پنهنجي والد استاد جمال خان کان ورتي، جيڪو ڪلاسيڪي راڳ جو وڏو ڄاڻو هو، جنهن پنهنجي پُٽ کي راڳ جي وڏي صنف درپت سيکاري. استاد منظور علي جو ڏاڏو ڪريم بخش خان به نالي وارو گويو ٿي گذريو هو. جنهن ۱۹۱۱ع ۾ ”جارج پنجين“ جي جشن تاج پوشيءَ جي موقعي تي سنڌ جي فنڪارن جي نمائندگي ڪئي هئي ۽ کيس حُسن ڪارڪردگيءَ جو اعزاز مليو هو.

مشهور براڊڪاسٽر ڪوثر ٻرڙي منظور علي خان تي مرتب ڪيل ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ”منظور علي خان جو شجرو ڏهين پيڙهيءَ ۾ وڃي تان سين سان ملي ٿو. تان سين جي پُٽ افلاس خان مان اهو نسل اڳيان وڌيو. استاد منظور علي خان پنهنجي سؤٽ سينڌو خان کان وڌيڪ راڳ سکيو. منظور علي خان ستن ورهين جي ڄمار ۾ راڳ جي مقابلي ۾ شريڪ ٿي ڪاميابي ماڻي. اهڙيءَ طرح ۱۵ سالن جي ڄمار ۾ ئي سندس شمار ناميارن موسيقارن ۾ ٿيڻ لڳو. استاد منظور علي خان ۱۶ سالن جو هو ته سندس والدين شڪارپور مان لڏي اچي ٽنڊي آدم ۾ رهيا ۽ پوءِ استاد منظور علي خان جي سڄي زندگي ٽنڊي آدم ۾ ئي گذري.

ٻڌائين پيا ته جُون ۱۹۴۷ع ۾ لاهور ۾ استاد منظور علي خان ۽ استاد بڙي غلام علي خان جي وچ ۾ موسيقيءَ جو هڪ دلچسپ مقابلو ٿيو، جيڪو ٽن ڏينهن تائين جاري رهيو. موسيقيءَ جي انهيءَ مقابلي کي ڏسڻ لاءِ عام خلق کان سواءِ انهيءَ دؤر جا نامور گويا استاد اميد علي خان، استاد عاشق علي خان ۽ استاد بيبو خان وغيره به موجود هئا. انهيءَ مقابلي ۾ استاد منظور علي خان کي ڪاميابي ملي هُئي. اِهو به ٻُڌائين ٿا ته استاد منظور علي خان، استاد مراد علي خان ۽ استاد بيبي خان کان هڪ خاص ’تان سري‘ سکي، جيڪا صرف منظور علي خان ئي ڳائي سگهندو هو.

استاد منظور علي خان کي شاهه عبداللطيف جي شاعري پسندي هُئي، جنهن کي هُن ڪلاسيڪل رنگ ۾ ڳائي مقبوليت حاصل ڪئي. منظور علي خان جو ڀائٽيو نادر علي خان ساروڻيون ساريندي ذڪر ڪندو آهي ته استاد جڏهن ڪنهن محفل ۾ ويندو هو ته گهران نڪرڻ مهل پنهنجي والده جي پيرن تي هٿ رکي پوءِ سفر تي اسهندو هيو. استاد ڪنهن به شادي يا ٻئي ڪنهن پروگرام ۾ شرڪت لاءِ پئسن جي ٻولي نه ڪندو هيو، جيڪي مليو سو نصيب سمجهندو هو. جي اِئين چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته استاد منظور علي خان سنڌي موسيقيءَ کي نئون رنگ ڏنو، ڪيترا ئي تجربا ڪيا، ڪلاسيڪي ۽ لوڪ راڳ جو پاڻ ۾ اهڙو ته سهڻو ناتو جوڙيو جو ٻُڌندڙ سحر ۾ وٺجي ويا.

استاد جي شاگردن ۾ گلزار علي خان دايو، وزير علي خان، محمد يوسف، قمر سومرو، وحيد علي، رشيد علي خان، انور حسين وسطڙو، لياقت علي، مختيار علي، محمد عرس، دين محمد دمساز شامل آهن. استاد منظور علي خان کي مڃتا ۾ شاهه لطيف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ، سگا ايوارڊ سميت صدارتي ايوارڊ به مليو.

سوين ڪلام ڳائيندڙ هي ناميارو فنڪار، نائين سيپٽمبر ۱۹۸۰ع تي دل جي دوري سبب وفات ڪري ويو. سندس آخري آرامگاهه حاجي اسماعيل شاهه قبرستان ٽنڊو آدم ۾ آهي.

استاد جي ڳايل ڪلامن ۾ ’عمر ديس پنهنجو وسارڻ ڏکيو آ‘، ’پرچن شال پنهوار‘، ’ويندس يار مري تان مري‘، ’جنهن دا عشق لڳا‘، ’يار سڄڻ جي فراق‘، ’ڇڏ رساما آ تون يار‘، ’ماڙيون ڀانئيان ٿي ماتام‘، ’ڪارا ويس ڪيم تولئه يار سڄڻ‘، ’رمز رندن جي رول ڇا ڄاڻن‘ شامل آهن.

 

(ڏيھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾، ۰۹ سيپٽمبر، ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)



استاد منظور علي خان

سنڌي راڳ جو راڻو!

سنڌ جي مشھور ڪلاسيڪل گويي استاد منظور علي خان جو اصل نالو محمد خان هو. سندس تعلق گواليار جي ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي نامور خاندان سان آهي. مهاراجا رنجيت سنگهہ جي دؤر ۾ هيءُ گهراڻو پنجاب ۾ اچي آباد ٿيو، جتان بعد ۾ خيرپور جي والي مير مراد علي خان جي خواهش تي، استاد منظور علي خان جو پڙڏاڏو استاد شادي خان سنڌ جي شهر شڪارپور ۾ اچي آباد ٿيو، ۽ اتي ئي ۱۹۲۶ع ۾ استاد منظور علي خان جنم ورتو. استاد منظور علي خان جي والد جو نالو استاد جمال خان هو، جيڪو جمالو خان‘ به سڏبو هو. سندس ڏاڏو ڪريم بخش خان به نالي وارو گويو ٿي گذريو هو. جنهن ۱۹۱۱ع ۾ ”جارج پنجين“ جي جشن تاج پوشيءَ جي موقعي تي سنڌ جي موسيقارن جي نمائندگي ڪئي هئي، ۽ کيس حُسن ڪارڪردگيءَ جو اعزاز مليو هو. استاد منظور علي خان، موسيقيءَ جي ابتدائي تعليم پنھنجي والد استاد جمال خان کان، ۽ ان کان پوءِ پنھنجي سؤٽ سينڌي خان کان حاصل ڪئي. ان کان سواءِ پنهنجي دور جي ناميارن گوين، بيبي خان جي فن مان فيضياب ٿيو. جڏهن ته استاد بڙي غلام علي خان، عاشق علي خان ۽ استاد اميد علي خان جو صحبتي ۽ همعصر هو. استاد منظور علي خان سڀ کان پھريون اٺن سالن جي عمر ۾ پنھنجي فن جو کليل مظاهرو ڪيو. ۱۹۴۰ع ۾ ڏهن سالن جي عمر ۾ هن شڪارپور ۾ ٿيندڙ موسيقيءَ جي مقابلي ۾ حصو ورتو، ۽ ڪاميابي ماڻيائين. اهڙيءَ طرح ۱۵ سالن جي ڄمار ۾ ئي سندس شمار ناميارن موسيقارن ۾ ٿيڻ لڳو. استاد منظور علي خان ۱۶ سالن جو هو تہ سندس والدين شڪارپور مان لڏي اچي ٽنڊي آدم ۾ رهيا ۽ پوءِ استاد منظور علي خان جي سڄي زندگي ٽنڊي آدم ۾ ئي گذري. جون ۱۹۴۷ع ۾ استاد منظور علي خان ۽ استاد بڙي غلام علي خان جي وچ ۾ موسيقيءَ جو هڪ دلچسپ مقابلو ڪراچيءَ ۾ ٿيو، جيڪو ٽن ڏينهن تائين جاري رهيو. موسيقيءَ جي انهيءَ پرلطف مقابلي کي ڏسڻ لاءِ عام خلق کان سواءِ انهيءَ دؤر جا نامور گويا استاد اميد علي خان، استاد عاشق علي خان ۽ استاد بيبو خان وغيره به موجود هئا. انهيءَ مقابلي ۾ استاد منظور علي خان ڪامياب ٿيو. اهڙيءَ طرح هن نوجوان گويي، موسيقيءَ جي ميدان ۾ پنهنجي هڪ مخصوص جاءِ ۽ انداز پيدا ڪري ورتو، جيڪو آهستي آهستي مستحڪم ٿيندو رهيو ۽ اڄ تائين سنڌ جو ڪو فنڪار انهيءَ مقام کي پهچي نہ سگهيو آهي. استاد منظور علي خان، استاد مراد علي خان ۽ استاد بيبي خان کان هڪ خاص تان ”سري“ سکي، جيڪا صرف منظور علي خان ئي ڳائي سگهندو هو. ۱۹۶۰ع ۾ مخدوم طالب الموليٰ، استاد منظور علي خان کي ”بھارِ موسيقيءَ“ جو لقب ڏنو. استاد منظور علي خان جي گائڪيءَ جو هڪ مخصوص ۽ انوکو انداز هو، جيڪو سندس شاگردن ۾ به نمايان رهيو. هن وقت سنڌ ۾ جيڪي به سُٺا ڳائڻا آهن، انھن ۾ اڌ کان وڌيڪ استاد منظور علي خان جا شاگرد يا سندس شاگردن جا به شاگرد آهن. استاد جي ڪجھ مکيہ شاگرد ڳائڻن ۾ محمد يوسف، وحيد علي، استاد وزير علي خان، استاد گلزار علي خان دايو، عابده پروين ۽ انور حسين وسطڙو، ذوالفقار علي، مظھر حسين ۽ ميان نذر حسين وغيره قابل ذڪر آهن. سنڌ جو هيءُ ناميارو ڪلاڪار، عظيم گويو ۽ موسيقيءَ جو ماهر، ۹ سيپٽمبر ۱۹۸۰ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس مزار ٽنڊي آدم جي اسماعيل شاھ قبرستان ۾ آهي.

 

(انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا