; سنڌي شخصيتون: پريتي جهانگياڻي - پريم مٽلاڻي

26 June, 2016

پريتي جهانگياڻي - پريم مٽلاڻي

پريتي جهانگياڻي
سونهن ۽ معصوميت جي مجسم
پريم مٽلاڻي
پريتي جهانگياڻي، بمبئيءَ جي هڪ نج سنڌي خاندان گوبند جهانگياڻيءَ جي گهر 18 آگسٽ 1980ع ۾ جنم ورتو. سندس والده مينڪا جهانگياڻي، سنڌين جي مشهور تعليمي اداري جئه هند ڪاليج، بمبئيءَ ۾ انگريزي شعبي ۾ ليڪچرر هئي. ويهين صدي پوري ٿيندي ٿيندي جڏهن گليمر ورلڊ ۾ ميوزڪ وڊيو ٺهڻ شروع ٿيا؛ ته ڪيترن ئي سيٽلائيٽ ٽي وي چئنلن تان ”يه هي پريم“ آلبم جا ڪيترائي گيت هلندا رهيا.


”ڪب سي تيرا هي انتظار، آجا صنم دل هي بيقرار“
انهن گيتن ۾ هيروئن طور هڪ خوبصورت ترين نئين ڇوڪري متعارف ٿي هئي پريتي جهانگياڻي! قد ڪاٺ، سونهن ۽ معصوميت جي مجسم پريتي؛ صرف انهن گيتن هلندي ماڻهن جي دلين تي ڇائنجي ويئي. هن کي جلد ئي سائوٿ انڊيا جي فلم انڊسٽري ڪيرالا، تامل ناڊو ۽ آنڌرا پرديش جي ملاليالي تامل ۽ تيلگو فلمن ۾ هيروئن طور ڪم ملڻ شروع ٿي ويو. پريتي جهانگياڻيءَ جي جيڪا پهرين فلم رليز ٿي؛ اها ملايالي ٻوليءَ ۾ ٺاهيل هئي ۽ انجو نالو هُئو ”مازا ولوُ“ اها پريتيءَ جي خوش قسمتي تي هئي، جو پهرين ميوزڪ آلبم جيان هن جي پهرين فلم به باڪس آفيس تي زبردست هٽ ثابت ٿي.
پوءِ ته هندي فلم انڊسٽريءَ جي هڪ وڏي بينر يش راج فلمس طرفان 2000ع ۾ ٺهندڙ ملٽي اسٽار اميتاڀ ۽ شاھ رخ خان سان گڏ فلم ”محبتين“ ۾ يش چوپڙا کيس هڪ بيوه عورت جو مضبوط ڪردار ڏنو هئو ۽ پريتي جهانياڻي پنهنجي معصوميت سبب ان ڪردار ۾ به ڄڻ جان ڀري ڇڏي هئي. ”محبتين“ پنهنجي صاف سٿري ڪهاڻي ۽ بهترين ميوزڪ سبب پڻ باڪس آفيس تي زبردست بزنس ڪيو.

جلد ئي 2002ع ۾ نيو جرسي، امريڪا جي ڪهاڻيءَ تي منبي فلم ”آواره پاڳل ديوانه“ ۾ اڪشيه ڪمار، سنيل شيٽي، آفتاب شيوداساڻي پاريش راول ۽ جاني ليور سان گڏ ليڊ رول پريتي جهانگياڻيءَ کي ئي ڏنو ويو هئو. هن جي شخصيت جي اهم ڳالهه اها آهي ته هن کي هنديءَ سان گڏ ڏکڻ هندوستان جي مختلف ٻولين توڙي پنجابي فلم انڊسٽريءَ ۾ پڻ پسند ڪيو ويندو آهي. هن جو ٻيون مشهور هندي فلمون آهن ”نه تم جانو نه هم“، ”واه تيرا ڪيا ڪهنا“ ”آننٿ“، باز“ ”ايل او سي ڪارگل“، ”آن“، ”سودا“، ”چهره“ ۽ ”چاهت“ وغيره. سڀ کان وڌيڪ قابل ذڪر ڳالهه اها آهي ته جڏهن ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي، جئه هند ڪاليج، بمبئي ۾ ”سنڌي سرڪل“ طرفان ڪيترا ئي ڪلچرل پروگرام منقعد ڪندو هو ته تقريبن هن جي هر پروگرام ۾ نه صرف جئه هند ڪاليج ۾ ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ انگلش جي ليڪچرر ۽ پريتي جهانگياڻيءَ جي والده مينڪا جهانگياڻي، پر پريتيءَ جو والد گوبند جهانگياڻي پڻ ايندو رهندو هئو!

No comments:

راءِ ڏيندا