; سنڌي شخصيتون: محمد مظهر جانِ جانان نقشبندي - عبدالفتاح عباسي

26 June, 2016

محمد مظهر جانِ جانان نقشبندي - عبدالفتاح عباسي

محمد مظهر جانِ جانان نقشبندي
صوفي بزرگن جي عرس مبارڪ جي مناسبت سان
عبدالفتاح عباسي
سنڌ جي سونهاري سرزمين انهيءَ حوالي سان به خوشنصيب آهي جو هن سرزمين تي ڪيترائي ڪامل بزرگ، درويش، صوفي باصفا، اولياءَ الله، مجذوب، ڪامل ولي الله، صاحب ولايت، صالحين، انسانيت سان محبت ڪندڙ پيارا ٻانها پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن پنهنجي معرفت ،علمي قابليت ۽ تصوف جي صوفياڻي رنگ ذريعي هڪ نه پر لکين ڪروڙين انسانن جون زندگيون بهتر رستي تي هلائڻ لاءِ پنهنجي تن من ۽ ڌن جون قربانيون ڏنيون آهن. انهن صوفي درويشن جي حوالي سان سنڌ ۾ ڪيترائي نالا آهن، جن پنهنجي زندگيءَ جو اڪثر حصو الله جي رضا جي لاءِ دنيا وارن کان دور رهندي صرف ۽ صرف پنهنجي رب العالمين جي محبت ۾ مصروف ٿي ڪري انهيءَ پالڻهار جي محبت جو جام پيئندي اسم اعظم(الله) جي نالي ۾ پنهنجي فنائيت سمجهندي انهيءَ جي ذات کانسواءِ ٻئي جي اڳيان جهڪڻ ۽ گهرڻ گناهه ڪبيره تصور ڪن ٿا. اهڙن صوفي درويشن جو هر عمل به نرالو ۽ انوکو ٿيندو آهي. اهي بظاهر ته اسان توهان سان گڏ هوندا آهن پر حقيقت ۾ اهي درويش الله لوڪ صوفي بزرگ پنهنجي منزل جي طرف راهي ٿيڻ لاءِ هر وقت تيار بيٺا هوندا آهن. انهن جون ڪيتريون ئي ڳالهيون عام ماڻهن کي ڀلي سمجهه ۾ نه به اينديون هجن، پر انهن جو سفر اعليٰ انهن جي شاندار منزل ۽ اهي جنهن جو اثر ٿين ٿا، جن جي اولاد ۽ نسل جو سلسلو بڻجن ٿا، جن جي ڪري اهي هتي دنيا ۾ بظاهر وجود وٺي اچن ٿا ۽ انهن جي جتان پرورش ٿئي ٿي، اها به نهايت ولايت جي نشاني بڻجي ٿي. انهن جي صحبت، محبت ۽ روحانيت کي سمجهڻ جي لاءِ عقل بجاءِ عشق جي منزل گهرجي. اهي اسان سان ڀلي گڏ به هجن پر اهي پنهنجي پرينءَ جي پار جي ياد ۾ ايترا ته مست ۽ پروانا بڻيل هوندا آهن جو ڏسندڙ چوندو ته هيءُ عام ماڻهوءَ جي ڳالهه کان گهڻو بلندي تي پهتل آهن.اهڙن سنڌ جي مشهور ناليواري درگاهه حضرت محمد عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين رحمت الله عليه جن جي صاحبزاده محمد خليل الرحمان نقشبندي غفاري رحمت الله عليه جي فرزند سائين صاحبزاده حضرت خواجه محمد مظهر جان جانان نقشبندي غفاري خليلي رحمت الله عليه جن به آهن، جن جي زندگي به انهيءَ رب العالمين جي ياد ۾ گذرندي رهي. جيڪي تاج العارفين محبوب الڪاملين صوفي باصفا بزرگ هستي هئا، جن کي سنڌ جو عوام اڄ به ”مرد قلندر“ جي نالي سان ياد ڪري ٿو. سندس ولادت پهرين ڊسمبر 1956ع ۾ رحمت پور شريف لاڙڪاڻي ۾ ڪامل اڪمل ولي حضرت پير مٺا سائين رحمت الله عليه جي گهر ۾ ٿي، جيڪو خوشين ۽ مسرتن جو ڏهاڙو هيو. حضرت پير مٺا سائين رحه جي اڪيلي پياري فرزند خواجه محمد خليل الرحمان رح جي گهر ۾ سهڻي صورت ۽ نوراني پيشانيءَ وارو پيارو پٽ پيدا ٿيو. جڏهن پير مٺا سائين رحه مسجد مان گهر آيو ته خوشيءَ ۾ سندس چهرو ٻهڪي رهيو هيو. ٻچڙي کي هنج ۾ کنيائون.سندس نالو ”محمد جان جانان“ رکيو، سندس سڄي ڪن ۾ اذان ۽ کاٻي ڪن ۾ تڪبير چئي. وري جڏهن پاڻ حويليءَ مان ٻاهر مسجد ۾ آيو ته سندس چهري تي مرڪ هئي ۽ خوشيءَ جا آثار هئا، جيڪي محبت وارا مريد مرشد جي خوشيءَ کي پنهنجي خوشي سمجهندا هئا. انهن لاءِ اهو ڏينهن عيد کان گهٽ نه هيو. حضرت پير مٺا سائين رحه جن پنهنجي نگاهه بصيرت سان نهاري رهيا هو ته هيءُ نينگر سندس مسند جو مالڪ ٿيندو. انهيءَ ڪري هن جي ڄمڻ تي خوشي ملهائي وئي ۽ عمر جي آخري ايام ۾ پاڻ پنهنجي پڳ مبارڪ پياري پوٽي صاحبزاده محمد مظهر جان جانان رحه کي پهرائي.



عجيب ڳالهه آهي ته حضرت پير مٺا سائين رحه جن کي هڪ پٽ ٿيو ته وري سائين صاحبزاده محمد خليل الرحمان رحه کي به صرف هڪ پٽ پيدا ٿيو ۽ وري حضرت محمد مظهر جان جانان رحه کي به صرف هڪ پٽ ڄائو. هيءَ اهو وقت هيو جو غفاري فيض جون جهر جهنگ تنوارون هيون. سائين محمد مظهر جان جانان رحه ننڍڙي عمر ۾ 1976ع ۾ مسند نشين ٿيو، ايڏي وڏي ذميواري جماعت ۽ درگاهه جي سنڀالڻ ڪو معمولي ڪم نه هيو ۽ وري قضاءِ الاهي يارهين مهينن جي قليل عرصي ۾ ئي سندس والده ماجده جيڪا سندس سهارو هئي سا به هن دنيا کي ڇڏي دارالبقا ڏانهن رواني ٿي. والد جو فراق وري والده جي جدائي کين تمام گهڻو ڏک رسايو ۽ پاڻ اڪيلا بنا ڀاءُ برادر ۽ ڀيڻ جي صرف روحاني ساٿين سان گهارڻ لڳا ۽ سندس طبعيت به نهايت نازڪ هئي. پاڻ سفر ۽ ٻيا معاملا ترڪ ڪري دنيا کي پشت ڏئي صرف درگاهه عاليه رحمت پور شريف کي وسايو. تبليغي دورا ۽ سفر تمام گهٽ فرمايا ۽ سڄو توجهه درگاهه رحمت پور جي معاملن ۽ خواجه عبدالغفار (پير مٺا ثاني) جي تعليم و تربيت تي صرف فرمائي. پاڻ ڪڏهن به کيسي کي دنيا سان نه ڀرڻ جو خيال به من ۾ نه آندو، بلڪه هٿ ۽ دل هميشه دنيا جي محبت کان خالي رکيو. جماعت دعوتن جو اصرار ڪندي هئي ته ڪڏهن ڪڏهن خاص دعوت قبول ڪندا هئا پر اهو سفر به سالن بعد ٿيندو هيو. سندس مزاج ۽ روحاني التفات قلندرانه بنجي ويو. ڪڏهن رات جو سيوهڻ شريف حضرت سيدنا عثمان مروندي لعل شهباز قلندر رحمت الله عليه جي درٻار تي بنا ڪنهن پروگرام جي نڪري ويندا هئا. قلندرانه صفتون سندس وجود ۾ گهر ڪري ويون هيون. اڪثر ڪري دنيا کان الڳ ٿلڳ رهڻ لڳا. جماعت جي انتظام لاءِ پاڻ پنهنجي فرزند پير مٺا ثاني کي تيار ڪيائون.کيس ظاهري علم پڙهائي عمل جي زيور سان سينگاري 1993ع ۾ سندس دستار بندي ڪرايائون. پوءِ ڪيس خرقه خلافت عطا ڪري سجاده (مصلو)سندن حوالي ڪيو ۽ پوري جماعت جي واڳ سندس حوالي ڪري پاڻ گوشه نشيني اختيار ڪئي ۽ اڪثر ڪري طعام تناول نه فرمائڻ ڪري نحيف البدني زور وٺي وئي هئي جو 24 ڪلاڪ رات ۽ ڏينهن ۾ صرف هڪ ويلو هڪ ماني کائيندا هئا، اها به اڪثر ڪري چانورن جي ماني کير سان تناول فرمائيندا هئا. پاڻ اڪثر ڪري ننڊ به ڪو نه ڪندا هئا. پاڻ پنهنجي زندگيءَ جا 43 سال لاڙڪاڻي شهر جي ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان سنڌ جي مشهور درگاهه رحمت پور شريف حضرت پير مٺا سائين رحه پنهنجي ڏاڏا سائين جي ڇانوءَ ۾ گذاري، 13 رمضان المبارڪ 1420هه مطابق 22 ڊسمبر 1999ع اربع جي رات وصال فرمايائون . پاڻ والد جي وقت ۾ ٻه شاديون ڪيائون، کين هڪ فرزند حضرت محمد عبدالغفار (ثاني) ۽ ٻه نياڻيون پيدا ٿيون. پاڻ ماٺيڻا ۽ محبت ڀريا هئا، پير مٺا ثاني فرمايو ته پاڻ جيڪڏهن هڪ جاءِ تي ويٺا هوندا هئا پر سندن هر پاسي نگاهه هوندي هئي، سندس ڪرامتون بي انتها آهن. پاڻ رڳو زبان مان الفاظن جي چوڻ جي دير هوندي هئي ته سندن الفاظ تقدير الاهي بڻجي ويندا هئا. مولانا عبدالرب جي چواڻي پاڻ جنهن کي ذڪر جي تلقين ڪندا هئا ته ان کي جذبو ٿي ويندو هيو. آئون پاڻ سندس محبت واري ڪيفيت ڏسي حيران ٿي ويندو هيس ته هو صوفي بزرگ پنهنجي ڏاڏا سائين پير مٺا رحه ۽ پنهنجي بابا سائين صاحبزاده خليل الرحمان جي مزارن جي حاضري وقت ڪو وقت ذڪر ۾ مشغول ٿي ويندا هئا، اهڙي ته محبت ۽ اسرار واري منزل يا ڪيفيت ۾ داخل ٿي ويندا هئا جو ڏسندڙ چوڻ لڳندو ته هي وڏو ڳانڍاپو روحانيت جو راز ۽ نياز آهي، جيڪو هر هڪ نٿو سمجهي سگهي. مزار مبارڪ جي سامهون عام مٽي ۽ تڏي تي ائين ويهي رهندا هئا جو کيس پنهنجي به خبر به نه پوندي هئي هو پنهنجي ولايت جي مالڪ ڏاڏا سائين ۽ بابا سائين جي درٻار ۾ پهچندي ضرور ڪنهن منزل تي هوندا هئا. سندس خاص خليفا مولانا محمد امين الدين خليلي راڌڻ وارو، مولانا علي حسن مديجي وارو، مولانا حاجي عبدالوهاب جتوئي ٻيٽو جتوئي وارو، خليفو پروفيسر ڊاڪٽر شجاع احمد عباسي، مولانا عبدالرحيم بن محمد سليمان ڪلهوڙو، فقير غلام محمد ڀٽو ڳوٺ باگو ڀٽو ڏهرڪي،سيد محمد علي شاهه رحيم يار خان ۽ ٻيا شامل آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا