هميشه زنده رهندو
طارق عزيز شيخ
سنڌي شاعريءَ ۾ ھر
صنف تي عبور رکندڙ برک شاعر، اديب، نقاد ۽ ايڊيٽر تاج بلوچ، گذريل رات ۴ جون تي ڪراچيءَ ۾ انتقال ڪري ويو. سندس وڇوڙو
سنڌي ادب لاءِ ھاڃيڪار ته رھندو پر ان جو خال به نه ڀرجي سگھندو. تاج بلوچ سچو ۽
کرو انسان هو. بيباڪ انداز سان گفتگو ڪندو ھو، اسان سندس اولاد جي ڄمار جا ھئڻ باوجود
ائين سمجھندا ھئاسين ڄڻ ڪنھن بي تڪلف دوست سان ڪچھري ڪندا ھجون. ھو مضمون يا ڪھاڻيءَ
جي اسلوب کي سلوڻو ڪرڻ جو ماھر ته ھو پر ايڊيٽنگ جو فن به سھڻي طريقي سان ڄاڻندڙ
ھو. تاج بلوچ بنيادي طور تي جيئن ته شاعر ھو، انھيءَ ڪري سندس شاعريءَ تي سرسري
نظر وجھون ٿا.
تاج بلوچ شاعريءَ جي
سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ سڀني صنفن ۾ پاڻ مڃرايو. دوها، نظم، غزل، گيت،
وايون، نثري نظم، بي قافيا نظم ۽ قطعا وغيره چيا. پنهنجن چئن شعري مجموعن “درد جو
صحرا”، “خوشبوءَ جو زهر”، لفظن جو ماتم”، “دل جزيرو اُداس سپنن جو” ۾ تاج بلوچ بي
بيشتر شاعري “رومانوي” نظر اچي ٿي. هونئن ته هُن مختلف موضوعن تي به ڪلام چيو آهي،
پر سندس شاعريءَ تي مجموعي طرح رومانوي رنگ جو غلبو محسوس ٿيو پوي.
هتي اهو واضح ڪرڻ لازمي
ٿو سمجھان ته تاج بلوچ سياسي ۽ انقلابي لٽريچر جو سگھارو قلمڪار آهي ۽ ڪالم، مضمون
توڙي نثر جي ٻين صنفن تي به عبور رکي ٿو. پر جهڙو اظهار هن پنهنجي دلنشين شاعريءَ
جي وسيلي ڪيو آهي، تهڙو ٻئي نموني نٿو ڪري سگھي.
“درد جو
صحرا” ۱۹۷ ۰ع ۾ ڇپيو ۽ هيل تائين ان جا ٽي ايڊيشن اچي چڪا آهن. پاڪستان رائٽرس گلڊ
پاران ۱۹۷ ۰ع جو “بهترين ڪتاب” هن ئي مجموعي ئي قرار ڏئي ساليانو ايوارڊ ڏنو ويو. “درد
جو صحرا” ۾ دوها، وايون، گيت، نظم، غزل ۽
قطعا آيل آهن. هيءُ شعري مجموعو ۱۹۶۲ع کان ۱۹۷ ۰ع تائين شاعري تي مشتمل آهي. هيءُ اهو زمانو آهي جڏهن سنڌ
۾ ٻوليءَ جو مسئلو ڀرپور طرح سان پنهنجي حساس حيثيت حاصل ڪري چڪو هو. سنڌ جو اديب
۽ صحافي ايوبي آمريت جي خلاف نظرياتي توڙي سياسي ويڙهه ڪري رهيو هو. انهيءَ بقا جي
ويڙهه ۾ تاج بلوچ به ڌرتي ماءُ جي ٻين سچن سپوتن جيان پنهنجي حصي جو ادبي فرض خوب
نڀايو ۽ پوري ڏات ۽ ڏانءُ سان آواز بلند ڪيو:
هُو سرفروش مٿي سان ڪفن ٻڌي جو هليا،
هزار هوشو ۽ هيمون گھٽيءَ گھٽيءَ مان اٿيا،
ڏمر جا، ڏاڍ جا، ڪنگرا ڇڏيائون ڪيرائي،
لهوءَ سان جن جي ٿيا سُرخ چوڪ ۽ رستا.
هن زماني ۾
جديد، ترقي پسند، وطن دوست سنڌي ادب تي
زنجير پيا. سنڌي شاگردن ۽ شاگرد تنظيمن تي تشدد ٿيو، کين جيلن ۾ واڙيو ويو. ٻوليءَ
جي مسئلي تي حق جو آواز بلند ڪندڙ عام توڙي خاص ماڻهوءَ کي ظلم جو نشانو بڻايو
ويو. سنڌ جي وجود کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جنهن ڪري لاتعداد غير سنڌين کي ڪراچي،
حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين وڏن شهرن ۾ آباد ٿيڻ ۾ آسانيون مليون. ايوب خان پنهنجي
مارشل لا جي ويجھن ساٿين جنرل موسيٰ، اصغر خان ۽ ٽڪا خان جهڙن سوين ڌارين کي سنڌ جي زمين “مال مفت” طور ڏني. سنڌ جو دانشور
اهڙي موقعي تي ڪُڇي ته ڪافر پئي ٿيو، پر ڌرتيءَ لاءِ آواز اٿاريندڙ سنڌ جي باغيرت
۽ باشعور شاعر اهڙي ڪيفيت ظاهر ڪرڻ لاءِ خاموش رهي نه سگھيو. ان موقعي تي تاج بلوچ
چيو:
باهه ڀنڀور ۾ ڀڙڪائي سگھان ٿو
منهنجي تو ناهه ڏٺي شعله نوائي
سنڌ جي سينڌ ۾ سِندُور ڀرڻ ڏي
ور نه ڏوراپا اچي ڏيندو ڀٽائي.
هن زماني ۾ پاڪستان
جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو اهڙي ڀرپور
مزاحمت هلي هئي جو هر سنڌي پڙهيل خواهه اڻ پڙهيل پنهنجي ڀرپور سگهه سان ايوبي
آمريت خلاف اٿي کڙو ٿيو ۽ علمي توڙي سياسي جاکوڙ ۾ وِک وِک سان ملايائين. ۹ فيبروري ۱۹۶۲ع تي “سنڌي ٻولي جو ڏينهن” ملهايو ويو هو.
هن ڏينهن تي سنڌي اخبارن غيرن جي آبادڪاري، سنڌين کي بيروزگار ڪرڻ، سنڌ جي وسيلن
تي مارشل لائي ڇاڙتن جي قبضن ڪرڻ، سنڌي ٻوليءَ کي نصابي دائري مان ڪڍڻ جهڙن ٻين ڪيترن
ئي نازڪ قومي مامرن سنڌ جو ڪيس اُڀاريو. سڄي سنڌ ۾ “ڪارو ڏينهن” ملهايو ويو. اديبن
۽ عالمن احتجاجي نشستون منعقد ڪيون. سنڌ ۽ بلوچستان جي قومي اسيمبلي ميمبرن ۽
دانشورن هڪ گڏيل ٺهراءُ پيش ڪيو، جن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، مخدوم طالب الموليٰ،
مير رسول بخش ٽالپر جو خاص ڪردار رهيو. سنڌ جي نمائنده شاعر شيخ اياز جي پهرئين
شعري مجموعي “ڀونر ڀري آڪاس” تي پابندي مڙهي وئي. اظهار جي آزاديءَ لاءِ هڪ به شعر
چوڻ دشمن جي اک ۾ ڪنڊو هو. اياز جي مجموعي تي پابندي پوڻ تي تاج بلوچ متاثر ٿي
وقتائتو نظم چيو:
روايت
واري دار سينگار جي
ٿي
اجھو ڪوئي منصور ڦاهيءَ
چڙهيو
وري حق پرستيءَ تي
الزام آيا
ثنا خوان حسن و
جواني جي تهمت لڳي
وري دار سينگار جي ٿي
اجھو ڪوئي منصور ڦاهيءَ
چڙهيو
اها ڪائي نئين ڳالهه
ناهي
هي دستور آهي پراڻو
ائين ئي ٿيو آ
ازل کان ابد تائين ٿيندو
ئي رهندو
اڳي ڀي ته منصور ڪيئي
ڌري حق پرستيءَ جي
تهمت
سدا دار تي چاڙهيا
ويا.
سهي ڏنگ ڏاهپ سندا
ائين ئي هي ڪونڌر
ته ڪسندا رهيا
مگر حق پرستيءَ ۾ اڳرن
کان اڳرا رهيا
ڪري ٿا سگھو بند
جسمن کي بيشڪ
مگر روح تي
حسن ۽ حق جي رهندي
حڪومت
ڀلي دار سينگاريو
ڳڻي ڳولي منصور ڦاهيءَ
تي چاڙهيو
اوهان کي به دنيا مڃيندي
اسان کي به دنيا مڃيندي.
تاج بلوچ انهيءَ
سموري مزاحمتي تحريڪ ۾ اڳرو ۽ اڳڀرو رهيو. هن مٿان کاٻي ڌر جي سياسي نظريي جي غالب
هئڻ ڪري سندس مزاج ۽ اظهار ۾ اڃا به تشنگي ۾ اضافو محسوس ٿيو. تاج بلوچ سنڌ جي تحريڪ
۾ ٻن ادبي ڌڙن ۾ هڪجيترو سگھارو قلمڪار مڃيو ويندو آهي. هڪ کاٻي ڌر وارن (ڪامريڊن)
۾ ۽ ٻيو ترقي پسند اديبن ۾. البت مذهبي ڪٽرپڻي يا انتها پسند ليکڪن لاءِ تاج بلوچ
“اکين ۾ مرچن” مثل آهي.
جديد سنڌي شاعري جي
سرجڻ ۾ وقت بوقت تبديليون اينديون رهنديون آهن. ۱۹۴۷ ع کان پوءِ سنڌ جي شاعريءَ ۾ جيڪي تبديليون
آيون آهن يا سنڌي شاعريءَ جو جيڪو مزاج بڻيو آهي، تاج بلوچ انهيءَ رفتار ۽ انهيءَ
انداز سان ڪلام چيو آهي. هن وٽ “لڪير جو فقير” هئڻ واري ڪٿ ڪونهي، نه وري سندس
مزاج ۾ قديم شاعريءَ جي زبردستي مروج ڪرڻ
جو ڪو خيال آهي. هن جي ڪلام ۾ اظهار جو سڌو
سنئون بيان ملي ٿو. شيخ اياز جيان هر صنف ۾ تجربا ڪرڻ ۽ صنفن کي نون گھاڙيتن سان استعمال ڪرڻ جو تاج بلوچ ماهر آهي.
تاج جيڪڏهن نقاد جي نظر ۾ اڌي ته، هو قديم
صنف کي به جديد انداز ۾ چوڻ وارو شاعر ڪوٺبو. مثال طور سنڌيءَ جي ڪلاسيڪل صنف “
دوهو” تاج بلوچ جي اظهار ۾ هن ريت ملي ٿو:
قدم قدم تي سُور سهون
ٿا گھڙيءَ گھڙيءَ تي گھاءُ
آهه حياتي ٿوهر جو
وڻ، ناهه جيئن جو ساءُ.
دوهو قاضي قادن جي
دور کان وٺي سنڌي شاعريءَ جا مختلف دور ڏسندو تاج بلوچ جي تخيل تائين پهتو آهي.
تاج جي ڪنهن به شعري صنف ۾ هڪ جھلڪ دکائڪ ضرور نظر ايندي. سندس دوها اهڙي صورت ۾
سندس حساس اظهار کان خالي ناهن. خاص طور تي هن مجموعي جا سمورا دوها انهيءَ انداز
۾ ملن ٿا، جيئن هي مثال آهن:
سمنڊ به ڪنهن جي ياد ۾ پاڻ پيو تڙپائي
اهڙيءَ ريت اسان جي دل کي درد اوهان جو کائي
ڪنهن به نه ڄاتو ڪنهن نه سڃاتو منهنجي من جو گھاءُ
چانڊوڪي ٿي چُهنڊيون پائي، آءُ پريتم آءُ.
تاج جي دوهن ۾
رومانوي رنگ سان گڏ التجا ۽ محبوب کي شڪايت ضرور ملي ٿي. هُو پنهنجي اندر جو درد
پنهنجي پياري کي ٻڌائڻ چاهي ٿو. هن وٽ جيڪڏهن خوشيءَ جو اظهار آهي ته لازمي آهي ته
ٿورو درد جو به سيڪ ملندو. هن جي شعر ۾ مٺاڻ سان گڏوگڏ ٿوري ڪوڙاڻ به آهي، سُڪون
سان گڏ ٿورو سور به آهي، بهار سان گڏ خزان به آهي. انهيءَ جو اندازو مٿي آيل دوهن مان ٿيو هوندو، پر خاص طور تي هي
نمونو حاضر آهي:
ڦوڳ ڦُلاريا چئني پاسي وسي پيو اڄ نُور،
آس جي وڻ کي خزان وڪوڙيو ڪيئن جھلي سو ٻور.
سنڌي شاعريءَ جي ٻي
قديم صنف وائي آهي. جنهن کي پڻ تاج بلوچ سٺي انداز ۾ نباهيو. وائيءَ جي لغوي معنيٰ
روئڻ ۽ دانهون ڪرڻ آهي. تاج بلوچ وٽ
انهيءَ مفهوم جو تُز نمونو ملي ٿو. رومانوي انداز جي هن شاعر وٽ وائي ۾ جيڪا وڏي
سونهن آهي سا لفظن جي چونڊ آهي. تاج بلوچ جي شاعريءَ ۾ وائي سميت هر صنف ڀرپور
انداز ۾ ملي ٿي.
تاج بلوچ اڄ اسان ۾
ناھي پر سندس شاعريءَ کيس امر بڻائي ڇڏيو. شاعر صدين کان وٺي اسان جي ھر ٽھيءَ جي
نظر مان گذري ٿو ۽ لبن تي اچي ٿو. تاج بلوچ به ائين ئي اسان وٽ موجود رھندو.
(روزاني عوامي آواز
ڪراچي ڇنڇر، ۶ جون ۲۰۲۰)
تاج بلوچ جو وڇوڙو
ھڪ عھد جي پڄاڻي
ڊاڪٽر شير مھراڻي
سنڌي شاعريءَ جو وڏو
نالو، ايڊيٽر، صحافي ۽ لڇمڻ ڪومل جي لفظن ۾ “آتنڪواد نقاد” ڪالهه اسان سڀني کي سوڳوار
ڪري ڪراچيءَ جي ماڊل ڪالوني واري قبرستان ۾ نمن جي ڇانو ۾ مٽيءَ جي چادر پائي سمهي
رهيو. مونکي اڃان تائين يقين نٿو اچي ته واقعي تاج بلوچ اسان کان وڇڙي ويو آهي.
مونکي هيءُ هڪ ڀوائتو خواب لڳي رهيو آهي ۽ دل پاڻ ئي پاڻ کي آٿت پئي ڏئي ته اجهو
تاج صاحب جي ڪال آئي ۽ چوندو: “ابا منهن ئي ڪونه ٿا ڏيکاريو، سڪ لڳي آهي، پنهنجو ڪو
فوٽو موڪل ته ڀت تي هڻي ڇڏيان” ۽ آئون پاٻوهه مان جواب ڏيندس: “بابا اڄ شام ئي ملون
ٿا، مختيار صاحب جي اوطاق تي ٺيڪ آهي، يا توهان وٽ؟” وري آئون ئي چوندس: “بابا
آئون ڇهين وڳي ايندس توهان وٽ ضياءَ سائين وارن سان به رابطو ٿيو آهي، شوڪت اڄڻ به
حيدرآباد مان پيو اچي، ڊاڪٽر قدير به آهي، توهان جو نمازي ڳوٺائي زبير ڪلوڙ به
آهي، سجاد ظهير به اچي ٿو، باقاعده ڪچهري ٿا ڪيون”، مختصر جواب ملندو: “اوڪي بابو”
فون ڪٽجي ويندي ۽ آئون ڇهين وڳي جو انتظار ڪرڻ ويهي رهندس. شام جا ڇهه ته ٿيندا
روز جيان پر غفار ڀٽي صاحب چواڻي، “تاج صاحب کان سواءِ”. پاڻ ئي پاڻ کي آٿت ويٺو ڏيان.
ساڻس ڪو اهڙو تهڙو تعلق ته نه هو. ويهه ٻاويهه سال اڳ جڏهن “سوجهري” جو نئون دور
شروع ٿيو هو ته آئون ساڻس گڏيو هئس. ايڏو پيار ۽ پاٻوهه ڏنائين جو منهنجي لاءِ ڄڻ
ته منهنجو پيءُ ٿي ويو. مون کيس ڪڏهن “بابا” ڪري سڏ ڪيو اهو ياد ناهي. پر اهو ياد
اٿم ته کيس هميشه “بابا” ڪري سڏيم ۽ هو به ته اهڙو ئي پيار ڏيندو هو. ڪنهن جي خلاف
سخت کان سخت بيان ڏيندو هو پر آئون رڳو ايترو چوندو هوس، “بابا هلڪو هٿ” کلي چوندو
هو، “ڇا ڪيان يا ڇا ڪيو اٿم” چوندو هئس، “اهو ڪمينٽ ڊاهيو مناسب ناهي” ٽهڪ ڏئي
چوندو هو “ڊهي ويو” ڪڏهن ڪڏهن کلي چوندو هو “تو مونکي ڀاڙي ڪري وڌو آهي”، آئون چوندو
هوس “بابا ڇڏيو”. ڪي ماڻهو اعتراض پيا وارين ته تاج بلوچ صاحب “اڪيڊمي آف ليٽرس جو
لطيف ايوارڊ” ۽ “پرائيڊ آف پرفارمنس” ڇو ورتا. جيڪڏهن اهي ايوارڊ وٺڻ ڏوهه آهن ته
اهو ڏوهه تاج صاحب جو ناهي بلڪه منهنجو آهي. مون ئي سندس ڪتاب ۽ پروفائيل کانئس پڇڻ
کانسواءِ ڪجهه مهربانن معرفت “اختيارين” تائين پهچايا هئا.منهنجو خيال آهي ته اسان
جتي رهون ٿا ۽ جي ڪو ڳڻائڻ جوڳو ڪم ڪيون ٿا ته ان تي “مڃوتي” اسان جو حق آهي ۽ حق
وٺڻ ڏوهه ناهي. اڄ تاج صاحب اسان سان گڏ ناهي، پر سندس معصوميت ۽ يادگيريون اسان
سان گڏ آهن.
تاج صاحب جي وڇوڙي
تي سوچيندي سندس سٽون تري ٿيون اچن،
ويٺي ويٺي جو
تنهنجو پُور پيو
منهنجي دل ۾ بلا جو
سور پيو
تاج صاحب صرف هڪ ڏينهن
اڳ ئي ته فيس بوڪ تي لکيو هو،“دل ۾ انجائينا جو سور پيو آهي” اهو ئي سور اسان سڀني
دوستن کي سُور ڏئي هليو ويو.
آئون ماضي ڏانهن موٽان
ٿو:
تاج بلوچ صاحب ۲۵ مئي ۱۹۴۲ع تي پني عاقل جي ڪوٽ بلا ۾ تر جي چڱي مڙس
نور محمد جي گهر ۾ ڄائو. سنڌي ادب، صحافت ۽ شاعريءَ کي پنهنجي زندگيءَ جي اهم اڌ
صدي ڏيندڙ تاج بلوچ ٻاراڻي وهيءَ ۾ “ٽپيڪل ٻروچڪو ۽ وڏيرڪو ٻار” ٿي رهيو. ون يونٽ
وارو دور سندس جوڀن ۽ جواني جو دور هو، ۽ جوانيءَ ۾ فرد جو سمورو وجود سراپا سرڪش
هوندو آهي، هن به سرڪشي ڪئي، سرڪشي به ڪا اهڙي تهڙي، مائٽن اسڪول وڃڻ لاءِ کيس ڀلو
گهوڙو ڏنو ۽ هو پنهنجا سڀ هم ڪلاسي ان گهوڙي تي کڻي پيو ڪڏهن هتان وڃي ته ڪڏهن هتان
وڃي. پل ۾ ئي ڀلي تازي گهوڙي کي ‘ڊڊي’ ڪري ڇڏيائين. ڪوٽ بلا ۾ جهڙو ڪر رڻ ٻاري ڏنائين،
وڏيرڪو ٻار، پنهنجي تي اچي ته چڱن ڀلن سان نه ڳالهائي وري جي اڃان پنهنجي تي اچي
ته ڀيلن، باگڙين جي ٻارن سان کجين جي باغن ۾ نوريئڙا ۽ ڳوهون ڊوڙائيندو ۽ ماريندو
وتي، گگدامن جو رت ڏسي ته ڏسي نه سگهي اتان بان ڪري اٿي ته وري وڃي اوڏن جي ٻارن
سان ويٺو مٽيءَ جا جانور ٺاهي ۽ ڊاهي. ڪٿي ٻروچڪي رڳ تي اچي ته ڪٿان پاڻ ڦٽيو اچي
يا وري ڪنهن کي ڦٽيو اچي، بلڪل والٽيئر وانگر، جيڪو الائي ڪيترا ڀيرا مارون ۽ موچڙا
کائي ۽ هڻي وڏو ٿيو ۽ جي وڏو ٿيو ته اهڙو جو هن جي جنازي ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي، ڪوئي
سوچي به نه پئي سگهيو ته اهو اهو ئي والٽيئر آهي جيڪو چوندو هو “هر وقت جي سنجيدگي
به عذاب آهي، ماڻهو ڪجهه ڪجهه هلڪڙو به ٿئي.” سو تاج بلوچ به ڪوٽ بلا ۾ جهڙو ڪر رڻ
ٻاري ڏنو. مائٽن ميئٽرڪ ڪرائڻ لاءِ ڪراچي ۾ داخلا ڪرايس. هو ويچارا خوش ته پٽ اجهو
ٿو “ايمي” چڙهي ۽ هيءَ يار وري مائٽن کان مليل ڏوڪڙ پنجڙ پئسا کڻي فلمي هيرو ٿيڻ
جي شوق ۾ لاهور هليو ويو. “شايد لاهور ڄمڻ ويو هو، جو کيس ڪنهن چيو هو، جنهن لاهور
جو شهر ناهي ڏٺو اهو ڄڻ ته ڄائو ئي ڪونهي.” هيءُ يار اتي ڄميو الائي ڪونه پر اتان
جي سوڙهين گهٽين جا چڪر ڪاٽي سڀ پئساکپائي ويٺو، اتي ڪو اهڙو ڪنڀر به ڪونه هو جو
هيءُ همراهه ان جا ٿانو کپائي پنهنجي سهڻي جو منهن ڏسي، سو نامراد شهر مان نامراد
موٽي اچي ڪراچي وسايائين. ڪراچي اهڙي وسايائين جو “ڳوٺ مان نڪتل ڳڀرو ڇوڪرو ڄڻ ته
هتي گم ٿي ويو”. ڪجهه پڙهيو، ڪجهه ڪڙهيو، پر شڪر جو شاعر ٿي پيو. شاعر به اهڙو تهڙو،
الائي ته ڪهڙا ڪهڙا مشاعرا لٽيائين، داد ماڻيائين، دادلو ٿي ويو، ڏنگو ته اصل کان
هو، ويتر ڏنگو ٿي پيو. هڻي چڱن ڀلن انشا پردازن ۽ ڪهنه مشق شاعرن جا کنڌا کڻي ڇڏيائين.
“اصيل شاعر” مٿس ڪاوڙيا! پر هن کي ڪنهن جي ڪهڙي پرواهه هيءُ ته “پنهنجي گهران پيو
کائي”، ٻه ٻه ٽي ٽي نوڪريون ٿي ڪيائين، ريڊيو ڌار، ٽي وي ڌار، اخباري صحافت الڳ،
ناڻي کاتي ۾ “ٽريزري آفيسري” الڳ!
تاج بلوچ ڪير سڏائي؟
جي اَٿئِي سَڌ سُرڪ جي، ته وَنءُ ڪَلاڙَڪي هَٽِ،
لاهي رک لطيفُ چئي، مَٿو ماٽي وَٽِ،
سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، پِيج ڪي پِياليون.
هن سُرڪ جي سڌ ڪئي،
ڪلاڙڪي هٽ به ويو، ماٽيءَ وٽ مٿو به ٽيڪيائين ته پياليون به پيتائين! سندس ڪتابن
۾: درد جو صحرا، خوشبوءِ جو زهر، لفظن جو ماتم، دل جزيرو اداس سپنن جو، چچريون
چچريون خواب (ڪُليات)، سندس شاعريءَ جو لطيف نوناري پاران ڪيل انگريزي ترجمو (گريف
ان ٽيٽرس)، جديد ادب جو تجزيو شامل آهن. هو شروع کان وٺي سنڌي ادبي سنگت سان سلهاڙيل
رهيو. بلڪه ادبي سنگت جي ڏکئي وقت ۾ به ثابت قدم رهيو. تاج بلوچ صاحب بنيادي طور
تي رومانوي ۽ ترقي پسند شاعر آهي. هو پنهنجن شعرن ۾ “سنڌ جو نوحه گر” محسوس ٿيندو
آهي. سندس نظم “طويل نظم جو ڪئنواس” ڪو هڪ نظم ناهي بلڪه هن دور جو ڪيڏارو آهي، جيڪو
تاج بلوچ لکيو آهي. اهو ڪيڏارو جنهن ۾ هر فرد پنهنجي پنهنجي ڪردار سان چٽو ٿيندي
نظر اچي ٿو، مظلوم؛ مظلوم آهي، ظالم؛ ظالم آهي. ڦورو؛ ڦورو آهي، مسڪين جي ماڻڪين ۾
لڪل درد جي ڪٿا ڌار آهي. “شهرن مان کڄندڙ لاشن” جو نوحو الڳ آهي. بيشڪ تاج بلوچ هن
عهد جو وڏو شاعر آهي، جنهن وٽ زندگي هڪ نئين معنيٰ سان آهي، عشق جو استعارو الڳ
آهي، معصومن جو درد ٻي معنيٰ کڻي بيٺل نظر اچي ٿو. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هو
پر اميد آهي، هو اونداهي رات جو سفر ڪري چڪو آهي، کيس سوجهري ۾ يقين ۽ پڪو ويساھ
آهي، هو لکي ٿو.
سوجهرو ڏاڍو سگهارو آهي
هاڻ سفاڪ نگاهن جا اشارا پڙهبا
هاڻ بي نوريءَ جي چرپر تي ڪي پهرا هوندا
عڪس اوجهل نه اکين کان ٿيندا
ڪين ٻاڪاريندي ڪٺل ڪائي هتي.
سوجهري جو سفير تاج
بلوچ صاحب جسماني طور ته اسان کان پري هليو ويو آهي. ۽ ساڻس رهاڻ ملهائڻ ۽ پني
عاقل جي ڪميونٽي هال کي سندس نالي پويان ڪرائڻ جو اسان جو خواب رلي ويو آهي.
تاج بلوچ
وڏو ھو - وڏو ڏڍ ھو...
مٺل جسڪاڻي
ڳولڻ بنا به اھڙا
انيڪ حوالا ملي وڃن ٿا، جن جي روشنيءَ ۾ اطمينان سان چئي سگهجي ٿو، ته تاج بلوچ وڏو
ھو. وڏو ڏڍ ھو. سندس وڇوڙي جو، لکيل پڙھيل، نظم ۽ نثر سرجيندڙن کي، ويجهي مائٽ جي
وڇوڙي برابر ڏک ٿيو آھي...
اڃان سال ئي نه ٿيو
آھي، تاج بلوچ بوسٽن امريڪه ۾ ھو، اتي ھڪ غزل لکيائين، جيڪو اڻويهين جولاءِ ۲۰۱۹ع تي، فيس بوڪ تي پوسٽ ڪيائين، ته مون سميت ٻين
به گهڻن کي ڏندين آڱريون اچي ويون...
ڏندين آڱريون ڇو نه
اينديون؟ اھڙي ڪا به شاھدي نه آھي، جنھن مان ظاھر ٿي سگهي ته تاج بلوچ ۽ مٺل جسڪاڻي،
پاڻ ۾ ملندا، ڪچھريون ڪندا ھئا، گڏ گهمندا ھئا...
آئون تاج بلوچ جو
رسالو ”سوجهرو“ خريد به ڪندو ھئس، پڙھندو به ھئس، پر مون کي ياد نه آھي، ته مون ڪڏھن
ڪو خط، ڪا چٺي، پنھنجي ڪا تحرير سوجهري لاءِ موڪلي ھجي. ان جو مطلب، اسان ۾ اھڙو
به ڪو رشتو نه ھو. البت مون کي جيستائين ياد پوي پيو، آئون ساڻس صرف ھڪ دفعو، اٽڪل
چوٿائي صدي اڳ، سندس آفيس ۾، ڪم جي ھڻ وٺ دوران، ڪجهه منٽن لاءِ مليو ھئس. ان
ملاقات ۾، اسان ھڪ ٻئي سان تعارف نه ڪرائي سگهيا ھئاسين، ڪچھري به ڪا نه ٿي ھئي.
ان کانسواءِ ڪو رابطو نه رھيو.
عالمي اوطاق (فيس
بوڪ) جو جھانُ آيو، ان دنيا ۾ رابطو ٿيو، آخر تائين ساٿ رھيو. مون ڏٺو ته تاج بلوچ
سڀني سان ساڳئي انداز ۾، ساڳئي رويي سان، بنا حجاب مخاطب ٿيندو ھو. فيس بوڪ تي سڀ
شاھديون موجود آھن. ھر ڪو ڏسي، پڙھي، پنھنجي سوچ، سمجهه ۽ عقل مطابق نتيجا اخذ ڪري
سگهي ٿو، پر منھنجي اھا ئي ساڳئين راءِ آھي، ته تاج بلوچ وڏو ھو. وڏو ڏڍ ھو. سندس
وڇوڙي جو، ويجهي مائٽ جي وڇوڙي برابر ڏک ٿيو آھي. ڏک جي ڪيفيت ۾، فيس بوڪ تي پوسٽ ڪيل
مذڪورہ غزل مون کي آٿت ڏيندو آھي. سندس اھو غزل، جيئن جو تيئن حاضر آھي، اوھان به
پڙھو:
غزل... تاج بلوچ
(مٺل جسڪاڻي
جي نذر...)
جنهن کي مستي وڏي مڳي
آھي،
مون کي ان لاءَ سڪ
لڳي آھي.
ڪو مسيحا ڪٿي ملي
ئي نٿو،
دل اسان جي پئي ڌڳي
آھي.
سمنڊ جيڪر سڄو ڇڏيان
سرڪي،
اڃ ڪا قهر جي لڳي
آھي.
ساه سرها ٻرن ٿا چوڌاري،
هن جو ڇوڙي ڇڏي سڳي
آھي.
اوپري اوپري ۽ نا
واقف،
سوٽ حالانڪ ھوءَ سڳي
آھي.
ڪوئي منظر سهاڳ رات
جيان،
چوڙي ويجهي ڪٿي وڳي
آھي.
عشق ۾ تاج ڌڪ وڏو
کاڌو،
سونهن هن سان ڪئي ٺڳي
آھي.
(اڻويهين
جولاءَ بوسٽن امريڪه)
تاج بلوچ ھڪ دفعي
”سنڌياڻي مائي“ عنوان سان، ٿورڙن لفظن ۾، تمام گھڻي سٺي ۽ مُنڊيءَ تي ٽڪ جھڙي
حقيقت قلمبند ڪندي لکيو ته ”جيڪا مائي غربت ۾ گهر ڀاتين جي ڦاٽل ڪپڙن کي نظر نه
ايندڙ چتي ۽ رفوگري جو هنر ڄاڻي ٿي. اهائي اقتصادي انقلاب آڻينيدي. جنهن کي ٽوپو نٿو
اچي اها اوسر جي راه ۾ رنڊڪ آھي.“ سندس اھو سچ پڙھي ڪير نه چاھيندو ته: ان ڪري
پنھنجي ھر عمر جي ھر ٻار جي بھتر تربيت تي، جيترو به ممڪن ٿي سگھي، نه صرف ڌيان ڏيڻ
گھرجي، پر گھربل تربيت لاءِ وسان نه گھٽائڻ گھرجي.
ھڪ دفعي مون فيس بوڪ
تي سوال پوسٽ ڪيو ”ھڪ غزل ۾ ڪيترا بند ھجڻ گهرجن؟“ ان سوال جي جواب ۾ مانائتي شاعر
تاج بلوچ لکيو ته ”۵، ۷، ۹، ۱۱، ۱۷، ۲۱، گهٽ ۾ گهٽ ۵، پر غزل مٿي ڄاڻايل بندن جيترو لکيو ويو. اسان وٽ سعيد سومري ۱۰۰ بند. منگهاڻي صاحبه سوجهري ۾ ۲۵۰ شعر لکيا. ڪو بند ڀرتي جو نه هو سڀ شاھ بند
۽ تغزل ۽ معنويت سان لبريز ها.“
ٿورو يا گهڻو لکڻ
سان ڪو فرق نه ٿو پوي. سچ اھو ئي آھي، ته تاج بلوچ وڏو ھو. وڏو ڏڍ ھو. سندس وڇوڙي
جو، ويجهي مائٽ جي وڇوڙي برابر ڏک ٿيو اٿم.
(مڊ ويڪ
اسپيشل، روزاني عبرت حيدرآباد، اربح ۱۰ جون ۲۰۲۰ع)
تاج بلوچ
شاعريءَ جي الهامي اڏار.
رزاق سهتو
هي انهن ڏينهن جي ڳالهه
آهي جڏهن مون شاعريءَ جي باغ مان انهن مختلف ناميارن شاعرن جي شاعري جي گلن، جن ۾
گلاب، موتيو، رابيل جي سڳنڌ وٺي پاڻ معطر ٿي ڪيو ۽ شاعري مون تي ائين لهي رهي هئي
جيئين ڪو الهامي ابهام جاڳي ۽ ڪي سٽون جڙي پون تنهن دور ۾ مون تاج بلوچ جي غزل جو
هي شعر پڙهيو ته
ڏس هوا ڪيڏي نه آهي کيچلي،
تنهنجي ڇاتي تان وئي پوتي چڻي.
اهو شعر منهنجي ڪيترا
ئي سال اڳ واري ڊائيري ۾ لکيل آهي. تنهن وقت مون تاج کي پري کان به ڪو نه ڏٺو هئو
ان شعر منهجي من ۽ لاشعور ۾ اهڙو ته واسو ڪيو جو هڪ خالي ميدان ۾ الائي ڪيترا ڀيرا
اهو شعر ورجائيندو ۽ ڦرندو رهيس. جنهن کان متاثر ٿي مون پورو غزل لکي ورتو هئو. جنهن
جو مطلع سميت هڪ بند پيش ڪيان ٿو.
ڪاش هوا جو جھوٽو هجان هان.
تنهنجي ڇاتي تان پوتي چڻان هان.
ڪنڌ رکين هان گوڏن تي ۽ مان
تنهنجي وارن ۾ گل وجھان هان.
هتي مان پورو نٿو
لکان فقط مثال طور بيان ڪيم. اهو هڪ شاعر جو ڪمال آهي ته هو اهڙي تخليق سرجي جيڪا
ماڻهوءَ جي شعوري حدن کان ٿيندي لاشعور جي حدن ۾ داخل ٿي داخلي عمل جي حيثيت ماڻي
وٺي اهڙو تخليقي معجزو تاج بلوچ جهڙو شاعر ئي ڪري سگھي ٿو.
شاعريءَ جي دنيا ۾
شعوري ڪوشش سان، شاعري ڪرڻ جي گنجائش ئي ناهي. جڏهن شاعري الهامي اڏار ذريعي وارد ٿيندي
آهي ته شاعرپاڻ کي به نئين جهان ۾ محسوس ڪندو آهي.تڏهن شاعريءَ جون سٽون پني جي سيني
تي ائين آهستي آهستي لهي اينديون آهن جيئن ڪا محبوبا پنهنجي محبوب جي سيني تي سالن
پڃاڻا سانڍيل سڪ ۽ اڪير سان آهلي پوندي آهي. تاج بلوچ جي شاعريءَ جا سرا به ائين
کلن ٿا جيئن ڪا حسينا وار کولي چانڊوڪي رات جي سيرتي نڪتي هجي.اهڙي ڪيفيت ۾ سرجيل
تخليق ئي اوج تي رسندي آهي. تاج بلوچ جي
شاعري اهڙو اوج ماڻي ورتو آهي.
تاج بلوچ جي شاعري
جي ڪتاب ’خوشبوءِ جو زهر‘ ۾ چيل قمرشهباز جي ان جملي سان مان سهمت ناهيان ته؛ ”اها
تاج جي بدقسمتي چئجي جو کيس ايتري شهرت ۽ اهميت نه ملي آهي، جنهن جو هو واقعي
مستحق آهي.“
شايد تاج بلوچ اهڙن
ماڻهن لاءِ ئي چيو آهي ته؛
دوستن جو ڀرم رهي ته چڱو،
ڪو نه منهنجي زبان کي کولي.
يا.
تاج نفرت جي حوالي سان مري ڪين سگھيو،
هن کي مارڻ جي گھرو، پيارسان ماريو يارو.
منهنجي راءِ ۾ قمر شهباز
کي اها ڀل هئي تاج سائين ته ڪڏهن به شهرت جي ديوي تي فدا ناهي ٿيو. پر ان کي
پاسيرو ڇڏي رستو جوڙي اڳتي وڌي ويو آهي. شهرت جي ديوي ته سندس پويان رڙندي پٽيندي
رهي آهي ته اي تاج مون کي پنهنجو بڻاءِ. جن تخليقڪارن ان ڇم ڇم ڪندڙ شهرت جي
ديويءَ جوهٿ پڪڙيو سي مٽي ۾ دفن ٿيڻ کانپوءِ سندن شهرت به ساڻن گڏ دفن ٿي وئي. تاج
ان وقت به ممتاز هئو هاڻ به آهي ۽ مستقبل ۾ به رهندو. اهو منهنجو پڪو پختو ايمان
آهي. ڇاڪاڻ ته تاج سائين بدلاءَ کي فطرت تي ڇڏيندڙ شاعرآهي.کيس ادراڪ آهي ته ٿوهر
جي پوکڻ سان موتيو جا گل ڪون ڦٽي پوندا پر جڏهن موتيو لڳائيندا سين ته موتئي جا گل
حاصل ٿيندا. تبديليءَ جو سلسلو حالتن جي سِرشت مان ئي جنم وٺندو آهي. اهڙي ڦيرڦار
ئي ڪو نئون جهان جوڙيندي آهي.
تاج بلوچ جي
شاعريءَ منجھان سندس دور جي ماڻهن جي فڪري ۽ عملي ڏاهپ جي اڏام ئي پرکي سگھجي ٿي. سندس
شاعريءَ ۾ هلندڙ دورجي ڪٿا موجود آهي جنهن جي اڀياس مان خبر پوندي آهي ته ان وقت
جي سماج جي جوڙ جڪ ڪهڙي هئي. شعوري طور ڪيترا پختا هئا. سندس رهڻي ڪهڻي ڪهڙي هئي.
انهن پنهنجي قدرن کي ڪيئن بچائي رکيو. سماج ۾ آيل تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ وٽن ڪيترو
ساهس هئو. انهيءَ کانسواءِ انهن پنهنجي آڏو ايندڙ نون مامرن کي ڪئين ٿي نبيريو. دنيا
جي اندر پيدا ٿيندڙ مختلف نظرين، سياسي وايومنڊل ۽ ادبي ڌارائن کي ڪيئن ٿي ڏٺو. هو
عام ليکڪن جيان رڳو خارجي حالتن کي پنهنجي شاعريءَ جي اندر ڪون ٿو بيان ڪري پر
زمان ۽ مڪان کان آجي شاعري ڪري پنهجي شاعريءَ کي ڪائناتي بڻائي ڇڏيوآهي. اهو سڀ ڪجھ
تاج بلوچ ڏاڍي چٽائي سان بيان ڪيوآهي. جيڪو هڪ ممتاز شاعر ئي بيان ڪري سگھي ٿو.
شاعري اندر جي
گهرائي مان ائين ڦٽي پوندي آهي جيئن گلاب جي لڳايل قلم مان گونچ پوءِ پنکڙيون آخر
۾ گلاب ٽڙي پوندا آهن. پر شاعري عقاب به آهي جنهن کي جيارڻ لاءِ هڏن تان تخليقڪارکي
ماس به روڙڻو پوندو آهي. شاعر هر پل جئي ٿو نڪي مري ٿو. شاعري پنهنجو اوج هر عام ۽
خاص وٽ تڏ هن ماڻيندي آهي جڏهن اها ماڻهن جي گھڻا ئي جي جذبن، احساسن، ڏک پيڙا ۽
ادراڪ سان سنگم جوڙيندي ۽ عام انسانن سان پير پير ۾ ڏئي هلندي آهي. تاج سائين جي
شاعريءَ ۾ اهڙا پڪا پيرا نظر اچن ٿا.
تاج سائين قدرتي
سونهن ۽ جمال جو شاعر پڻ آهي. پر سندس انفراديت اها آهي ته هوتحرڪ ۾ رهندڙ سونھن
جو مداح آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس شاعري پاڻ ڏانهن نه رڳو ڌيان ٿي ڇڪائي
پرزندگيءَ جا انڊلٺي رنگ پسائڻ سان گڏ نئين آهنگ ۽ ترنگ ڏانهن وٺي وڃي ٿي. تنهن کانسواءِ
پُراڻ کي ڇڏي نئواڻ جي طرف وڃڻ لاءِ اڪسائي ٿي. هڪڙو مثال متحرڪ سونهن لاءِ غزل جا
ڪجھ بند مطلع سميت پيش ڪيان ٿو.مان شاعريءَ ۾ تشريح جوقائل ناهيان. ان ڪري ڪا به
تشريح بيان نه ڪبي غزل اٿس ته
ڪنهن جي گداس جسم جو جلوو ٻُري پيو.
ڪافر چپن تي هيج مان ڪلمو ٻري پيو.
پاڻي پيو جي باهه تي سڏڪو ٻري پيو.
سڏڪي جي ساهه ۾ ڪو ئي اڌمون ٻري پيو.
وسري ويا فراق جا مونکان سڀئي عذاب
وجدان ۾ ڪو وَصل جو لمحو ٻري پيو.
مستيءَ ۾ ڪائنات کي رقصان ڏٺو اٿم
چوڙين جي چاڳ جو جڏهن ڀڻڪو ٻري پيو.
پاڻ جنهن دور ۾ جي
رهيا آهيون. هي هر لحاظ کان ڪنگال دور آهي. جڏهن علمي، فڪري فلسفي جي حوالي سان ڏسي
جي ٿو ته ڪيترا ئي ادبي ڄامڙا پنهنجو قد وڌائڻ جي لاءِ ڪيترا ئي ڪريل حربا هلائي
رهيا آهي. چار سو موڳائپ ۽ علم کان وانجھيل ماڻهن
جو درشن ٿئي ٿو. اهڙي دور ۾ تاج بلوچ اڄ به پنهنجي ذهني پختگيءَ سان آدرش
پسڻ جو دڳ ڏسي ٿو ۽ سندس شاعري فڪري طور مالا مال آهي. علم جي اڄ اجھائيدڙن لاءِ
آب زم زم جيان نه کٽندڙ چشمو آهي.
تاج سائين روايتي
شعري زبان سان نرم لهجي، خوبصورت تهذيبي لڳاءُ ۽ رچاءُ سان گڏ جنهن سائنسي انداز کي
منفرد نموني کان ڪم وٺندي نه رڳو فنڪاراڻي عظمت جو ثبوت ڏنو آهي. پر ان حقيقت جو پڪو
دليل به ڏنو آهي ته هو روايت سان بغاوت نٿو ڪري پر ان کي جديد انداز منجھ شاعري ۾
کڻي ٿو اچي. هن پنهنجي جام ۾ محبت جي سرمدي شراب سان گڏ اهڙي سياسي بصيرت کي اهڙي
طرح ملايو آهي جو روايتي زبان جي سدا بهار لهجي سان ان کي پنهنجي فنڪاراڻي فن سان
شاعري کي يونيورسل معنى ڪائناتي بنائي ڇڏيو آهي. تنهنڪري سندس شاعري سنڌي ادب جو روشن
باب بڻجي وئي آهي. مطلب چوڻ جو اهو آهي ته تاج بلوچ شاعريءَ ۾ اهو سڀ ڪجھ چئي ويو آهي
جيڪو شاعريءَ جي زبان ۾ چئي سگهجي ٿو. شاعريءَ کي جهڙي طرح تاج ۽ تاج کي جهڙي طرح
شاعريءَ هم جولي بڻايو آهي اهو اسان جو قومي زندگي جو وڏو سرمايو آهي ۽ نئين نسل
جي ذهن ۾ گھر ڪري ويندڙ شاعري آهي. تاج جي شاعري جو اڀياس ڪرڻ کانپوءِ مان چئي
سگھان ٿو ته تاج نه رڳو پنهنجي همعصر شاعرن پر سنڌ جي نمائنده شاعرن کان گھڻو اڳتي
بيٺو آهي.
(تاج بلوچ (سدا
حيات) جو وڇوڙو ته باقي زندگي جا بچي آهي، هر پل جھوريندو رهندو. وقت وٿي ڏني ته
هن سان گذاريل سالن جو ذڪر ڪبو. سندس بابت لکيل هڪ ليک جيڪو سندس موجودگيءَ ۾ هڪ
ادبي پروگرام ۾ پڙهيو سو حاضر آهي.)
تاج بلوچ
درد کے صحرا کا مسافر - بھی
بچھڑ گیا۔۔۔!
زیب
سندھی
رواں سال
میں سندھی ادب کی سنگ میل جیسی شخصیات ہم سے بچھڑ گئی ہیں۔ اس سال کی ابتدا بہت
نامور سینئر افسانہ نگار حمید سندھی صاحب کی جدائی سے ہوئی تھی اور وبا کے حالیہ
دنوں میں تین اہم مصنفین ہم سے ہمیشہ کے لئے بچھڑ گئے ہیں۔ پہلے نامور ڈراما نگار اور
اور افسانہ نویس عبدالقادر جونیجو گئے۔ ابھی پرسوں ہی کی بات ہے کہ، دو سو کتابوں کے
مصنف، محقق اور تاریخداں عطا محمد بھنبھرو وفات پا گئے اور کل سندھی کے نامور شاعر،
نقاد اور مدیر تاج بلوچ بھی خاک نشیں ہوئے۔
تاج
بلوچ بہت اچھے شاعر تو تھے ہی لیکن ان کا شمار ایسے نقادوں میں ہوتا تھا جو بہت ہی
نپی تلی رائے دیتے تھے۔ وہ سندھی ادب کو عالمی ادب کے تناظر میں دیکھنے کی خواہش
رکھتے تھے اور سندھ کے نوجوان لکھاریوں کو مشورہ دیتے تھے کہ عالمی ادب کا مطالعہ
کریں تاکہ ان کی تحریروں میں نکھار آ سکے۔
تاج
بلوچ غیر معیاری تحریروں پر کڑی تنقید تو کرتے تھے لیکن کسی جونیئر کی معیاری تحریر
پڑھ کر دل کھول کر تعریف بھی کرتے تھے۔
بحیثیت
مدیر ان کا نام بہت ہی اہم ہے۔ جدید سندھی ادب کے حوالے سے حمید سندھی کا ماہنامہ
“روح رہان” طارق اشرف کا ماہنامہ “سوہنی” اور تاج بلوچ کا ماہنامہ “سوجھرو” تاریخ
ساز ادبی رسائل تھے۔ تاج بلوچ نے بیشمار نئے لکھاریوں کی تحریروں کی تصحیح کرکے ان
کو شائع کیا، جن میں آج کے کئی نامور ادبا و شعرا شامل ہیں۔
وہ ایک
بہت اچھے براڈکاسٹر بھی تھے۔ جب میں ریڈیو پاکستان حیدرآباد پر پروڈیوسر تھا تو وہ
بحیثیت کمپیئر میرے پاس پروگرام کرتے تھے۔ عین وقت پر پہنچتے تھے۔ بغیر کسی اسکرپٹ
اور تیاری کے ہر موضوع پر بولنے میں ان کا کوئی ثانی نہیں تھا۔
ادبی
حلقوں اور ذاتی نشستوں میں تاج بلوچ بہت کھرا، بلکہ کبھی کبھی بہت کڑوا بھی بولتے تھے،
اس لئے کچھ لوگ ان سے نالاں بھی رہتے تھے۔ کچھ خواتین نے ان پر سنگین نوعیت کے الزامات
بھی لگائے جس کی وجہ سے وہ تنقید کا نشانہ بھی بنتے رہے۔ انسان تھے اس لئے انسانی
خامیوں سے انہیں مبرا قرار نہیں دیا جا سکتا لیکن یہ وقت ان کو معاف کر دینے کا ہی
ہے۔
اج
بلوچ کا ادبی سفر نصف صدی سے زیادہ عرصے پر محیط رہا۔ ان کے پہلے شعری مجموعے کا نام
“درد جو صحرا” (درد کا صحرا) تھا، جس کے بعد نظم و نثر پر مشتمل ان کی کئی اور
کتابیں شائع ہوئیں۔ آج درد کے صحرا کا وہ مسافر زندگی کے قافلے میں شامل نہیں، لیکن
اس بات میں کوئی شک نہیں کہ سندھی ادب کی تاریخ میں ان کا نام سدا زندہ رہے گا۔
تاج بلوچ
جدید سندھی ادب کا دیومالائی
کردار اور "سوجھرو" کا مدیر
آصف
رضا موریو
صحتمند
چہرہ جسم بھرا بھرا، سیاہ چمکتی ہوئی آنکھیں،
پیٹ ذرا سا آگے کو نکلا ہوا، اعضا میں پھرتی اور دید و دل کی تمام رعنائیوں
سے شخصی اور ادبی طور پر مالا مال ایک جفاکش مصنف، بیباک نقاد، بہترین مترجم، غزل
و نظم کا عمدہ شاعر، ایڈیٹر، دانشور، مقرر، ادبی تجزیہ نگار، تعمیری تنقید نگار، بین
الاقوامی ادب کا رسیا اور دل میں ہمیشہ کام کرنے کی لگن اور امید زندہ رکھنے والا تاج
محمد بلوچ المعروف تاج بلوچ قومی نسبت سے جتوئی قبیلے کے پاڑے بلو سے تعلق رکھتا تھا جس کا جنم ضلع سکھر کے ایک
تعلقہ پنوعاقل کے چھوٹے سے دیہاتی گائوں محمد
مراد خان بلو (کوٹ بلاں) میں ۲۵ مئی ۱۹۴۲ع میں ہوا تھا۔ اس کا والد نورمحمد اپنے علاقے اچھا خاصا زمیندار اور اثر و رسوخ رکھنے والا
فرد تھا جس نے اپنے بیٹے کو لاڈلوں کی طرح پالا پوسا تھا۔ بچپن میں اس کے تمام انگل پورے کئے یہاں تک کہ
اسے اسکول جانے کیلئے بھی ایک شاندار گھوڑا لے کر دیا تھا اور ایسی امیرداری اور عیاشی
کیلئے اس دور کے ر بڑے بڑے امرا و رئوسا بھی ترستے رہتے تھے۔ گھر میں پیسے کی ریل پیل، سماجی سہولتکاری،
شاہانہ زندگی گذارتے ہوئے یہ خوبرو نوجوان خوشحال ماحول میں پلا بڑھا اور ساری عمر
ایک شاداب، پر بہااور خوبصورت ر زندگی گذاری۔
دورِ
الہڑ جوانی میں فلموں کا اتنا رسیا ہوا کہ "شوقِ گل بوسی" میں اسے اداکار
بننے کا مصمم ارادہ کیا اور کئی بار اکثر گھر والوں سے پیسے بٹورکر لاہور کی فلم
نگری میں قسمت آزمانے چلا جاتا تھا مگر ہر بار "بہت بے آبرو ہوکر تیرے کوچے سے
ہم نکلے" کے مصداق ناکام ہی لوٹنا پڑتا تھا۔ مسلسل نامرادیوں کے طفیل جب
اداکاری کا بھوت سر سے اترا تو کراچی آکر بس گیا جہاں وقت کے ساتھہ ادبی، سماجی
اور سیاسی محفلوں کی شرکت کرتے کرتے ان کی جان بنتا بناتا تاج بلوچ اپنے عہد کا بہت
بڑا رومانوي ۽ ترقي پسند شاعر بن گیا جہاں وہ
اپنی قلمی صلاحیتوں کو مثبت اور تعمیری کاموں بروئے کار لاکر زندگی کے گیسوئوں
کو اور بھی تابدار بناتا چلا گیا۔
اس کے
بعد تاج بلوچ تھا اور کراچی کے سماجی، سیاسی اور ادبی حلقوں کی گہماگہمیاں جہاں تھوڑے
عرصے بعد ہی تاج بلوچ کی شمولیت ان محفلوں میں جان ڈال دیا کرتی تھی۔ حسنِ آوارگی
کا اعجاز تو تھاہی مگر ادبی ذوقِ سلیم،کمال
پر ہونے کے سبب"جہاں بھی گیا داستان چھوڑآیا"۔ وقت کے ساتھہ اپنا حلقہ احباب
بڑہاتے ہوئے تاج بلوچ بیشمار ادبی سوسائٹیوں اور انجمنوں کا روحِ رواں بنتا چلا گیا۔ وہ نہ صرف سندھی لٹرری سوسائٹی کا بانی تھا
بلکہ ایسوسیئیشن آف پروگیسو رائیٹرز کا
فعال کارکن اور نجمن ترقی پسند ادیب کا فعال کردار،اور مٹتحرک کردار رہا۔ مرحوم ایاز قادری نے اسے سندھی ادبی سنگت میں
متعارف کروایا مگر بعد ازاں اپنی محنت اور لگن سے سندھی ادبی سنگت کا سیکریٹری
جنرل بھی بنا اور اس شاندار ادبی پلیٹ فارم
کے ساتھہ ہر مشکل گھڑی میں نہ صرف دمے درمے ساتھہ رہا بلکہ اسے سندھہ کے کونے کونے میں پہنچاکر بہتر اور موثر
بنانے میں اہم کردار ادا کیا۔
تاج
بلوچ نے ریڈیو پر کمپیئرنگ سے شروعات کی اور دو دہائیوں سے زیادہ ریڈیو پاکستان اور ٹیلیویزن پر نشر اشاعت کے شعبے سے وابستہ
رہا۔ ملک کے فائنانس کھاتے میں ٹریزری آفیسر
رکے طور پر سرکاری نوکری بھی کرتے رہے مگر
آدرش و اصولوں کے چکر میں وقت سے پہلے سرکاری کھاتہ بند کرنا پڑا۔
سالہا
سال تک سندھی ادب کے عروج و زوال کا رازداں رہنے والے اور سندھی زبان میں جدید ادبی
تنقید کے منفرد زاویے متعارف کروانے والے اس خوبصورت انسان سے میری پہلی ملاقات آج
سے سولہ سترہ سال پہلے اس کے گھر نمبر ۱۷۷ واقع گل ہائوسز نزد سفورا چورنگی میں ہوئی تھی جو
سالہاسال تک کراچی میں سندھی ادبا و شعرا کیلئے ادبی رونقوں،محفلوں اور محبتوں کا گڑھہ
بنا خدمت سرانجام دیتا رہا جہاں آئے دن نئے و پرانے ادبا، شعرا، کہانیکاروں اور
افسانہ نگاروں کی کچہریاں منعقد ہواکرتی تھیں جہاں تاج بلوچ بذاتِ خود سب کی شخصی
اور ادبی خدمتیں سرانجام دیا کرتا تھا کیوں کہ اس کا خیال تھا کہ"مشقِ سخن سے
اذہان کھلتے ہیں اور مذاج بدلتے ہیں"۔
اس پہلی ملاقات میں میرے محسن دوست فداحسین ملانو بھی ساتھہ تھے بلکہ میں
مانتا ہوں کہ اس ملاقات کا سہرہ فدا کے سر ہی تھا کیوں کہ اس سے پہلے میں نہ تاج
بلوچ کو جانتا تھا اور نہ ہی ادبی ریل گاڑی
کے کسی بھی ڈبے کا مسافر تھا بلکہ آل پاکستان ٹیکسٹائیل ملز ایسوسیئیشن میں ایگزیکیوٹوآفیسر
ایکسپورٹ کے طور پر کام کرتا تھا۔
تاج
بلوچ بھی کسی حد تک میری طرح طبعاؑ ڈاڑو اور شکلاؑ دھانسو قسم کا آدمی تھا۔ ادبی گھاگھہ تو تھا ہی اس لئے کچھہ ملاقاتوں کے بعد اس سے میری کافی کیمسٹری
جڑگئی اور مجھے جب بھی کراچی جانا ہوتا تھا تو میں اکثر ان کی حاضری دیا کرتا تھا
کبھی آءِ آءِ چندریگر روڈ پر رمضانی بیکری کے اوپر سوجھرو میگزین کے دفتر میں یا
پھرریگل چوک والی آفیس میں کیوں کہ تاج بلوچ کے تینوں ٹھکانے میرے لئے آسان رہتے تھے
کہ گل ہائوسز میں میرے عزیز علی خان بھیو کا گھر ان کے گھر سے دو گلی چھوڑ کر مشرق
میں تھا جہاں آتے یا جاتے سمے تاج صاحب کے
ہاں حاضری پکی رہتی تھی۔ چندریگرروڈ پر انٹرنیشنل
انگریزی جریدے "جیول ٹائیم" اور اردو روزنامہ"امروز" کا
دفترتھا جہاں میں ایڈیٹر تھااور کراچی میں رہنے والے آوارہ گرد لکھاری اور صحافی ریگل
چوک پر ہی زیادتر تر بسوں سے اترتے پھر صدر میں سستی خریداری کا مزہ لیا کرتے تھے۔
کسی
دور میں تاج بلوچ اس خیال کا حامی بھی رہا کہ' ادب اور سیاست لازم و ملزوم ہیں بلکہ ادب ہی سیاست کی بنیاد ہے
کیوں کہ اگر ادب میں سیاست نہ ہو تو وہ
" بے جان ادب ہوگا جو ایک ہی مقام پر ساکت ہوکر رہ جائے گا" اس لئے تاج نے
سیاست کو بھی کئی سال تک بوریا بستر بنا رکھا۔
جہاں جہاں سندھہ کے حقوق اور مخلوق کے ساتھہ انصاف کی بات چلی وہاں کمر باندھہ
کر دنگل میں اتر جاتا تھا۔ ہر دور میں اس
فرہاد کے پاس اس کا ہتھیار "کچھہ کرنے کا جذبہ اور اس کا قلم تھا"۔ محترم جی ایم سید کے ساتھہ ون یونٹ خلاف چلائی
گئی ہلچل میں تاج بلوچ پیش پیش رہا مگر
کچھہ اسباب کی وجہہ سے بعد ازاں اس نے کمیونسٹ پارٹی میں شمولیت اختیار کرلی۔ قومی تحریک میں ایک قلیل اقلیت اور سرخوں میں ایک
بڑی اکثریت مذہبی معاملات کو پیٹھہ دے اپنے نظریوں اور تحریروں میں مذہبی معاملات
سے نابری کی پرچار کرنا اپنا بنیادی حق سمجھتی ہے مگر تاج بلوچ اس قسم کے معاملات مٰیں
الگ موقف رکھتا تھا کہ" انسان کے سیاسی نظریات اپنی جگہ اور مذہبی عقیدہ اپنی
جگہ"۔ کچھہ دن پہلے ہی اس نے فیس بک پر اپنی ٹائیم لائیں پر لکھا تھا کہ
"چاروں طرف کرونا کو خدا تعالی کا قہر مانا جارہا ہے مگر میرا خدا اتنا
جلاداور سفاک کہاں ہے کہ اپنی عظیم مخلوق
کو خود اپنے ہی ہاتھوں سے تباہ و برباد کرے گا۔
یہ ہماری ہی کوئی کوتاہی ہوگی کیوں کہ خدا تعالیٰ تو درگزر کرنے والا ہے"۔
تاج
بلوچ سے متعلق یہ ایک دلچسپ المیہ مانا جاسکتا ہے کہ ادب میں اس نے جتنے پرستاراور
دوست بنانے اس سے کہیں زیادہ مخالفتیں بھی اس کے ادبی اور شخصی ورثے میں آئے۔ انسان
کی شخصیت میں خامیاں ہونا ممکنات میں سے نہیں
ہیں مگر ایک ادیب کی حیثیت سے اسے ایماندار ہونا چاہیے اور یہی بات تاج بلوچ کی
زندگی پر صادق ہوتی ہے۔ کبھی کبھی اس کی
برجستگی، صاف گوئی اور تلخ کلامیاں سمجھنے سے قاصر ہواکرتی تھیں۔ مجھے نہیں معلوم
کہ اکثر اوقات ان کے لہجے میں پائی جانے والی تلخی اور تندہی امیرانی تربیت کا
خاصہ تھی یاسندھہ کی معاشرتی، تہذیبی اور اخلاقی گراوٹ پر دل کڑہنے کی علامات کے سبب
تھی مگر آوارگی کی خوگر نگاہوں والے اس عقابی ادیب کا انسانوں کو پرکھنے اور ادب و
سماج سے متعلق اپنا ایک الگ پیمانہ ہوا کرتاتھا جس کا اسے حق بھی تھا۔ کسی بات کا
لالچ یا خوف اسے تھا نہیں اس لئے بھرتی کی
کسی بات، خیال اور سوچ کا خود پر ٹھونسنا اس کے لئے کبھی قابلِ قبول نہیں دیکھا گیا۔
تاج
بلوچ کی شخصیت کی ایک خامی یہ بھی تھی کہ وہ علمی اور شخصی بنیاد پر اکثر خار
کھاکر تصادم پر اتر آتا تھا مگر جلد ہی
اپنی بات پہ خائف ہوکر مصالحت کا راستہ بھی نکال لیا کرتا تھا جس کے نکلنے کی
سبیل کبھی کبھی سالہا سال تک نہیں نکلتی تھی"۔ ذاتی زندگی میں اکثر اوقات وہ سطحی سوچ رکھنے والے
ادیبوں اور دانشوروں سے گریز کا قائل تھا کیوں کہ "منافق انسانوں کی طرح وہ
اپنے ضمیر، اصولوں اور قانونوں کے احترام سے بددیانتی کا قائل نہیں
تھا"۔ باوجود اس کے کہ وہ تنقید کو
ہمیشہ احترام کی نظر سے دیکھتا تھا مگر اپنے ہی دانشور طبقوں کا ادب سے متعلق غیر
منطقی نقطئہ نظر اس سے برداشت نہیں ہوتا تھاکہ "ناگوار باتوں پردل کا کڑہتا انسانی
فطرت رہی ہے"۔
تاج
بلوچ کو ضمیر اور دل کی بات پر سوداکسی طور پر قبول نہیں تھا مگر ضروری نہیں تھا
کہ "اس کے بنائے ہوئے اصول دوسروں کو بھی اسی طرح قابلِ قبول ہوں"۔ لیکن
یہ بات سچ ہے کہ اس کی نیت میں کھوٹ ڈھونڈنا میرے جیسے انسانوں کیلئے ہمیشہ مشکل
رہا کیوں کہ اس نے سندھہ کی دھرتی پر لاشوں
کے انبار دیکھہ کر حسن اور دلکشی نے ترانے نہیں گائے بلکہ وہ ہر دور میں اس بات کا
قائل رہا کہ "اہلِ قلم کو تماشائی کا کردار ادا کرنے کے بجائے ہمیشہ مظلوم
طبقوں کا ساتھہ دینا چاہیے"۔
کسی
بھی سماج کے ذہین لوگ اپنے حالات کی دھڑکن سے واقف رہتے ہوئے اس کا تدارک کرنے کی
کوشش میں جت جاتے ہیں۔ تاج بلوچ بھی سندھہ
کا عقلمند بیٹا تھا جس نے جان لیا تھا کہ "وقت بڑی تیزی سے ہمارے خلاف جارہا ہے
اور ہم تاریخی عمل کی لپیٹ میں آچکے ہیں جہاں سلامتی کے راستے مسدود ہوچکے ہیں،
عروسِ آزادی کی چیخین بہت قریب سنائی دے رہی ہیں اور تاریخ میں اپنی قوم کو مرثیہ
بن کر محفوظ ہونے سے بچانے کے لئے تاج جیسے لوگوں کے پاس آخری امید ان کا قلم
تھا"۔
ہمارے
ملک و قوم پر پچھلی صدی سے آج تک عذاب کا عمل جاری ہے۔ ایکدوسرے سے خوفزدہ ہونے کا عذاب، بد اعتمادی
اور بے یقینی کا عذاب، جان، مال، آبرو لٹ جانے
کاعذاب، اداسی، مایوسی اور دل شکسگتی کا ڈستا ہوا عذاب، انتشار اور خلفشار کا بپھرتا
ہوا عذاب، اندیشوں، سراسیمگی اور ناامیدی کا بڑہتا ہوا عذاب، بیروزگاری، بے کسی، بے
چارگی اور بے بسی کا رستا ہوا عذاب۔ اور یہ
سارے عذاب ہمارے معاشرے کا سکون، امن اور خوشیاں لوٹ چکےہیں جس سے ہر سمت خون آلود
اور خون آشام فضا طاری ہے۔ اور یہ سارے عذاب ہمارے اپنے اعمالوں کا نتیجہ ہیں تعلیم
سے دوری، اخلاقیات سے بیگانگی، نفس کی حکمرانی، نیکی پر بدی کو فروغ، عصبیتیں،
قانون او انصاف کی ناپیدگی دامن میں لیکر اور سلامتی سے گریزان ایک مربوط زندگی
اور ایک معین مقصد اور بلند و بالا نصب العین کے بغیر حقیقی معنوں میں ایک قوم کیسے
زندہ رہ کر دکھا سکتی ہے۔ ان سارے عذابوں سے وہ اپنے ذوق و قلم کے ساتھہ برسرِ پیکار
رہا۔
تنقید
اس کے
جانے پر اس کے چاہنے والوں کو اس طرح ملول و اداس دیکھہ کر لگتا ہے کہ اس نے ساری
عمر پیار و محبت بانٹی اور اگر وہ کچھہ ادبی و تحقیقی معاملات سخت اور کھردرا تھا
تو اس کا سبب مجھے آج سمجھہ میں آتا ہے جب ایسی شاعری اور ادب کی کتابوں پر بڑے بڑے
ناموں کے جھوٹے تبصرے دیکھتا ہوں جن کتابوں کی ایک سطر بھی ڈھنگ سے لکھی ہوئی نہیں
ہوتی۔ ایسے شاعروں اور ادیبوں کی تاج بلوچ ناجائز تعریف و تعمیر کی تاج اصولوں میں
کوئی جگہ نہیں تھی کیوں کہ سندھی ادب،
زبان ،تاریخ، شاعری کی اصلوکی فکر علمی و فن کا تحفظ کرنے کا ذمہ اٹھاتے ہوئے اس نے
ہمیشہ اکیلے سر سندھی ادب کے پیدل دستوں کی رہنمائی کرتے ہوئے ایک تعمیرکار کا
کردار ادا کیاتھا جس سے ہٹنا یا سرکنا اس کیلئے قابلِ قبول نہیں تھا۔
ادبی
تاریخ و تنظیم سازی کا یہ استاد تاج بلوچ ایک وطن دوست انسان اور اعلیٰ پائے کا نقاد
تھا جس نے عالمی ادبی و نظریات کے پسمنظر میں تمام سندھی اصنافِ سخن پر مشق صنائی
کی۔ ایک طرف وہ پرانے اور گھاگھہ قسم کے ادیبوں کی روایتی تحریروں کوی قلعی اتارنے
کا ماہر و مشاق تھا جس کا گلہ اس کے ہم عصر و پیشرو ہمیشہ سے کرتے چلے آتے ہیں وہاں تاج بلوچ کی ایک حسین ترین خوبی تھی کہ وہ
نوجوان اور نامعلوم ادبا کی اچھی کتابوں اور تحریروں کی دل کھول کر تعریف بھی کیا
کرتا تھا۔ وہ لگی لگائی اور لپٹی لپٹائی کا قائل نہیں تھا اس لئے ہر معیاری تحریر
اس کے لئے قابلِ تعریف و ستائش ہواکرتی تھی اس کے بر عکس بھرتی اور بھرمارائی تحریریں
کے کمزور پہلوئوں کو واضع کرکے بیخ کنی
کرنا اس کا ایمان ہواکرتا تھا چاہے وہ تحریرں حضرتِ وقت ادیبوں کی ہی کیوں نہ ہوں۔ تاج بلوچ
بس ادب میں منافقی اور بہروپی کا قائل نہیں تھا اسلئے ادبی اور شخصی طور پر
بیشمار ملامتیں اپنے حصے میں سمیٹنے کے باوجود وہ اپنے تمام تنقیدنگاروں سے زندگی
بھر ذہنی طور پر شاہوکار، مطئمن اور ہشاش بشاش دیکھا جاتا رہا۔
تاج
بلوچ کی بنیادی پہچان شاعری تھی اور اس نے بارہ سال کی عمر میں تب رنگِ تغزل پہ
طبع آزمائی کرنی شروع کردی تھی جب ابھی اس کی عمر کھیلنے کودنے کی تھی۔ عمر کے ساتھہ
شاعری میں بالیدگی اور روح کی تمام لوازمات استعمال کرتے ہوئے تاج بلوچ نے ملی نغمے،
جنگی ترانے لکھنے کے ساتھہ پاکستان ٹیلی ویزن کیلئے بھی بیشمار گیت لکھے۔ تاج بلوچ کی شاعری میں مزاحمت اور رومانویت کا
عنصر سب سے زیادہ پایا جاتا ہے بلکہ یوں
کہاں جائے کہ وہ "ادبی طور پر وہ ایک مزامتکار شاعر تھا اور شخصی طور پر
رومانویت پسند شخص"، جس کا سندھی ادب کو نکھارنے اور اوسر دینے والا کردار صدیوں
تک یاد رکھا جائے گا۔ اس کا کہنا تھا کہ "میں اس شاعر کو بھی پرانے اسکول آف تھاٹ
کا سمجھتا ہوں جو موجودہ دور کے کسی بھی
جدید ادبی محرک کو گفگتو میں شامل نہیں کرتا"۔
میری
تاج بلوچ سے کچھہ زیادہ ملاقاتیں نہیں تھیں مگر جتنی تھیں و اس کی شخصیت کو سمجھنے
کی لئے کافی تھیں مگر میں انہیں زیادہ تر اس کے رسالے "سوجھرو" کے حوالے
سے جانتا اور پہچانتا ہوں کہ اس رسالے کے ذریعے اور حوالے سے اس نے کیا اور کیا کرنا چاہتا تھا۔ اس دور میں سندھہ سے نکلنے والے کچھہ رسالوں جیساکہ
پروڑ، سھنی، مھران، روح رھان اور سوجھرو
وغیرہ نے سندھی ادیبوں کی نوجوان نسل میں ادب، اخلاق اور تاریخ کی پود لگانے
میں اہم کردار کیا۔ وقت کے ساتھہ دوسرے تمام
اہم رسالے بند ہوگئے یا بندکرادئے گئے مگر سوجھرو اپنی ادبی روشنی پھیلاتا
رہا۔ پندھہ بیس سال پہلے جب میں نے ابھی
مشکل سے کتابوں کا مطالعہ کرنا شروع کیا تھا اور پھر سی ایس ایس کی تیاری کی تو دل
چاہتا تھا کہ سوجھرو میں میرا ایک دو مضمون چھپ جائے تو مزہ آجائے مگر سوجھرو کا باقائدہ
پڑہاکو ہونے اور ایک سو سے زیادہ کتابیں اور دو ہزار سے زیادہ تحقیقی مضامین لکھنے
کے باوجود آجتک میری کوئی تحریر سوجھرو میں شایع نہیں ہوسکی۔
میں نے
سوجھرو میں چھپنے والے ایڈیٹوریئل اور دیگرادبی معاملات کے طفیل تاج بلوچ کو جانا،
پڑہا اور اپنی سوچ کے حساب سے پرکھا۔ یہ دور سیاسی اور سماجی حوالے سے ہماری قوم
کا انفرادی اور اجتماعی طور پر انتہائی بدترین مانا جاتا ہے۔ گزشتہ پچاس ساٹھہ سالوں
میں سندھہ کے ساتھہ کیا کیا ظلمات روا نہیں ہوئے جنہیں دیکھہ کر تاج بلوچ جیسے
اہلِ وفا کن آنکھوں سے وہ انسانیت سوز اور تاریخ شکن مناظر دیکھہ سکے ہوں گے اور کیا
ان کی روح نہ پگھلی ہوگی، دل خون بن کے نہ ٹپکا ہوگا اور نبض شناسِ عشق ڈوب ڈوب نہ
دھڑکی ہوگی یہ تو کوئی ان رندانِ محبت سے پوچھے۔
پاکستان
خون کے سمندر میں سے ابھرا تھااور ہماری
بدقسمتی ہے کہ آج تک خون کے سمندر میں ڈوبتا ہی چلا جارہا ہے۔ پہلے صبح آزادی کیلئے ہمارے پرکھوں نے اپنے خون
کا نذرانہ پیش کیا تھا ور اب حلقئہ میکشانِ، شب گلرنگ کی آرزو میں افق زیست پر
انسانوں کا تازہ خون پھیلارہ ہے۔ جہاں دیکھو
وہاں اندھیروں کا مسکن ہے۔ یہاں
بدتر صورتحال سندھہ کے حصے میں آئی جہاں در اٹھا تو آنکھیں بند کرلی گئیں
اور کوئی لپکا بھی تو محافظ بھیڑیوں نے بھنبھوڑ
دیا مگر اس پر بھی متاع درد کے نگہدار بے خبری میں اپنا سب کچھہ لٹانے کے بعد بھی
چین کے خراٹے لے رہے ہیں۔ ایسے حالات میں ان کا کیا ہو جو آنکھیں کھلی رکھتے ہیں
اور چراغاں کی سرحدوں سے دور جانا نہیں چاہتے تھے۔ ایسے لوگوں نے اپنی مٹی کے محبت
میں بستی بستی اور وادی وادی اعلانِ عشق کیا
اور اندھیاروں میں عزم و ہمت کی مشعلیں (سوجھرو) جلا کر ہمیشہ اندھیروں کو مات دینی
چاہی کیوں کہ یہ اہلِ قلم جانتے تھے کہ "خود فریبی قوموں کی زندگی میں خودکشی
کے ہم معنی ہواکرتی ہے"۔
سندھی
ادب میں سوجھرو کے حوالے سے ایک دور ہم نے ایسا بھی دیکھا جب سندھی ادیبوں سے متعلق
ان کے مقام اور اوقات کا معیار اس رسالے میں چھپنے والی تاج بلوچ کی راءِ ہواکرتی
تھی۔ اس پسمنظر میں نہ صرف سندھہ بلکہ دنیا بھر کے کونے کونے میں پھیلی ہوئی نئی
ادبی پود کا تاج بلوچ ایک ادبی استاد مانا جاتا رہا جس نے ان گنت نئے شعرا و ادباکو آسانیاں فراہم کرکے انہیں ذوق و شوق
سنبھال کر تناور ادبی برگد بننے تک سنبھالا دینے میں ایک ایساکردار ادا کیا کہ
موجودہ نسل کے بیشمار ادبی استاد جو ان کے
لائق شاگرد رہے ہیں آج انہیں اپنا گرو اور ادبی باپ مانتے ہوئے فخر محسوس کرتے ہیں۔
تاج
بلوچ گزشتہ آدھی صدی کے دوران موجودہ نسل کو ادبی راستہ دے کر آسانیاں دینے والا
بہت بڑا محرک اور متحرک کردار رہا اور سندھہ
میں فنونِ لطیفہ سے متعلق جوانوں کی علمی، ادبی اور تہذیبی تربیت میں اس کے رسالے
"سوجھرو" نے ایک اہم کرداراداکیا جس کے پلیٹ فارم سے تاج بلوچ نے بیشمار
کتابیں بھی چھپوائیں۔ گزشتہ چالیس سالوں کے
دوران سوجھرو کا مقام ایک مکمل ادبی اور کلاسیقی رسالے جیسا رہا جو نئے لکھاریوں
اور شاعروں کیلئ صرف نرسری کا کام سرانجام دیتا رہا بلکہ ان کے ادبی مستقبل اور
مقام کا تعین بھی کرتا رہا تھا۔ سوجھرو میں
لکھے گئے تاج بلوچ کے ایڈیٹوریئلز نے بین الاقوامی ادب کو نئے ابھرنے والے سندھی
ادیبوں میں متعارف کرنے میں بہت بڑا کردار اداکیا جس سے سندھی نوجوان ادیبوں کو بیشمار
ادبی معاملات میں اپنا کعبہ قبلہ درست کرنے میں مدد ملی کیوں کہ تاج کا ماننا تھا
کہ "جب تک ہمارے نوجوان بین الاقوامی ادب کا مطالعہ نہیں کریں گے انہیں اپنی
ادبی سمتیں اور صفیں درست کرنے میں مشکل رہے گی"۔
سوجھرو
کا پلیٹ فارم ہو یا شخصی میل ملاقات وہ نئے ادیبوں اور شاعروں کیلئے مشعلِ راہ کی
سی حیثیت رکھتا تھا جن کی کچی پکی تحریروں کی نوک پلک سنوار کر چھپنے کے لائق بناکر انہیں حوصلہ دیا کرتا تھا۔
تاج بلوچ نے ہمیشہ ہلکا پھلکا، دلچسپ اور خوشگوار ادب پرونا چاہا تھا کیوں کہ گوڑھا
ادب دے کر وہ قوم کا اجتماعی شعور منجمد
کرنے کے حق میں نہیں تھا۔ وہ چاہتا تھا کہ
"ادب کو تعلیم کا حصہ بناکر ملک کے ہر
شہری کو علم کی لذت سے آشنا کیا جائے جس کے ذریعے ہی اخلاقی اور معاشی انقلاب کی
امید کی جا سکتی ہے"۔ اس کا یہ بھی خیال تھا کہ "جس انداز کی بیداری دیکھنے کے ہم آرزومند ہیں وہ بیداری
قصےکہانیوں سے آنے والی نہیں ہے بلکہ ہمیں سب سے پہلے اس کو اپنے دل کےاندر اپنی
خامیوں میں تلاش کرنی چاہیے کیوں کہ اس کا راستہ ہمیں وہیں سے مل سکتا ہے"۔
تاج
بلوچ کی شاعری انسانی احساسانات کی آئینہ دار مانی جاتی ہے جس میں مزاحمت کا عنصر ہمیشہ غالب رہا ہے۔ اس وقت
تک اس کی چار کتابیں منظر آچکی ہیں۔ درد
جو صحرا (۱۹۷۰ع)، خوشبو جو زھر (۱۹۸۷ع)،
لفظن جو ماتم (۱۹۹۴ع)، دل جزیرو اداس سپنن جو (۲۰۰۴ع)،
چریوں چچریون خواب (کلیات)، جدید ادب جو تجزیو (تنقید) جس پر پاکستان اکادومی آف لیٹرز
کی طرف سے شاھہ لطیف ایوارڈ دیا گیا تھا)۔۔ ۱۹۱۴ع میں
چھپی اس کتاب میں تاج بلوچ کے شاعری، کہانی، ناول، لطیفیات اور دیگر موضوعات پر ۴۲ تنقیدی مضامین شامل ہیں۔ اس کی پہلی کتاب درد جو صحرا کو ۱۹۷۷ع میں رائیٹر گلڈ کی طرف سے سال کی بہترین شاعری کے ایوارڈ
سے نوازا۔ تاج بلوچ کی منتخب شاعری کا لطیف
نوناری نے "گریف ان ٹیٹرس" کے نام سے انتہائی شاندار اور منظوم ترجمہ کیا
تھا۔
تاج
بلوچ نے ادب کی دنیا میں بہت نام و مقام کمایا جو اسکا حق تھا تو حاصلِ محنت بھی۔ قلمی سابھیاں کے طور پر اسے بیشمار ایوارڈز و
اعزازات ملتے رہے جن میں سے خاص "انٹرنیشنل جپسی کی طرف سے پوئٹری ایوارڈ"۔
۲۰۱۹ع میں اسے حکومت پاکستان کا سب سے باوقار اور معزز صدارتی
ایوارڈ "پرائیڈ آف پرمارمنس" دیا گیا۔
اس کے علاوہ پاکستان اکیڈمی آف لیٹرز کی طرف سے "شاھہ عبدالطیف بھٹائی
ایوارڈ"، جیسس ایوارڈ آف روٹرز گلڈ وغیرہ شامل ہیں۔ اکثر لکھاری احباب تاج
بلوچ پر "پرائیڈ آف پرفارمنس" اور اکیڈمی آف لیٹرز" جیسے سرکاری
اعزازات لینے پر اعتراض لگاتے ہوئے تکرار کیا کرتے تھے جنہیں نہ صرف انہیں لینے کا
حق تھا بلکہ نہ لینے کا کوئی خاص جواز بھی نہیں تھا۔
بڑہاپا
بذاتِ خود بیماری ہی نہیں بیماریوں کی جڑ بھی۔ صحت کے حوالے سے بھی تاج بلوچ کو
خدشات رہتے آئے تھے۔ انجائنا کے درد نے بھی
اسے ہلکاں کیا ہوا تھا۔ اور بقول اس کے کہ
"انسان کو کبھی نہ کبھی مرنا بھی چاہئے آخر کب تک یہ دھرتی اس کا بوجھہ اٹھائے
گی"۔ ۴ جون ۲۰۲۰ع کو رات پونے گیارہ کے قریب سندھہ کے اس سہنے، ستابے اور
سینگار جیسے بیٹے تاج بلوچ کی وفات ۷۷ سال کی عمر میں دل کا دورہ پڑنے کے سبب کراچی
میمن ہسپتال میں ہوئی۔ ۵ جون کی صبح
جنازہ نماز عثمانیہ مسجد نزد سفورا چورنگی ادا کرکے انہیں ایئرپورٹ کے سامنے
واقع ماڈل کالونی کراچی کے نزدیک واقع قبرستان میں سپردِ خاک کیا گیا۔
سندھہ
میں رہنے والے دوسرے انسانوں کی طرح اس کی زندگی بھی بیشمار واقعات اور حادثات سے گزری
مگر وہ ہمیشہ ایک قیمتی انسان ثابت ہوا کہ اس نے انسانیت سے کبھی ناطہ نہیں توڑا کیوں کہ وہ نسل، خون اور مذہب سے بالا تر ہوکے اپنے
نظریاتی اصولوں کے ساتھہ جیتا رہا۔ اس نے
اپنے ایک انٹرویو میں سیاسی طور پر ہماری ناکامیوں کے بارے رائے دی تھی کہ
"نظام وہی کامیاب ہوتا ہے جو ہر آدمی کی ضروریات کو پورا کرے۔ پاکستان میں
سوائے ایک برائی کے باقی کچھہ بھی برا نہیں ہے۔ یہاں مخلصی کا فقدان ہے۔ یہاں لوگ ایک دوسرے کا احساس نہیں کرتے اور اس
کے ساتھہ ہم نے خود کو مختلف خانوں میں بانٹ لیا۔
جب ہم خود کو ایک دوسرے کے خانوں میں بانٹنے سے باز آجائیں گے تب ہمارے اصلی
جوہر دنیا دیکھے گی"۔
اس
ہنستی مسکراتی روح کے جانے پر اس کے دوستوں، احبابوں، شاگردوں اور پرستاروں کو ایک
دوسرے سے تعذیتیں کرتے دیکھہ کر مجھے ایسا لگا جیسے تاج بلوچ کے گھرمیں ہونے والے اس
قضیہ کی غمگین آہٹیں اس کے چاہنے والوں، پرستاروں، چیلوں اور ہم سب کے گھروں میں گونچ رہی ہوں۔ مرنے کے بعد محبت
کی ایسی وراثتیں کم ہی کسی کے حصے میں آتی ہوئی دیکھی گئی ہیں اور اس پسمنظر میں تاج بلوچ خوشنصیب تھا جس کا ادبی
اور قلمی ورثہ زندہ رکھنے کا عہد اس کے شاگرد و احبات کر چکے ہیں۔
۽ تاج بلوچ به ويو هليو!!
ڊاڪٽر مخمور
بخاري
منهن ڪتاب (فيس بڪ)
به عجيب دنيا آهي. ڪڏهن رنگ رنگ ڌاڳا، سُرهاڻ ۽ حُسن پيو مهڪي ته ڪڏهن ٿوهر جي
تلخي نڙي ۾ اٽڪيل اهڙي اوڳاڇيل گار جا نه ڳهي سگھجي نه وات مان اڇلائي سگھجي؛ پر!
اهڙي ڪتاب کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ به ڄڻ ته ڪا مجبوري ٿي پيو آهي. اُن منهن ڪتاب جي
پنهنجي هڪ الڳ دنيا آهي. اُن ڏهاڙي جڏهن ٿوري دير کان پوءِ ڪانٽا تاريخ مٽائڻ تي
هئا ته وائرس جي هن ذهني ٻُوساٽ واري دور ۾ هڪ خبر ڪنهن ڪربناڪ درد جيان اسان تي
نازل ٿي....
هڪ سڏڪو نڙيءَ ۾ اٽڪي
پيو......
يقين نه ڪرڻ جهڙي
خبر... !!
اهڙي خبر! جيڪا ذهن
جي رستن تي اُن لمحي کان پهرين پري تائين به موجود نه هئي ۽ پوءِ اُن منهن ڪتاب تي
موجود هُن جا سمورا دوست، پڙهندڙ، شاگرد ۽ چاهيندڙن جون پوسٽون نايقينيءَ کي
يقينيءَ ۾ تبديل ڪري رهيون هيون!!.
“۽ تاج بلوچ
هليو ويو”
عجيب شخص هو، کرو،
جذباتي، تُز جيڪي هو سو کليل ڪتاب جيان هو.......!
اُن رات خاموشيءَ
سان سارَ کي سَارڻ ويٺس شايد ساڻس مَکا ميلو پهريون ڀيرو۷/۱۷۷ گُل هائوسز جي هڪڙي ننڍڙي ڪمري ۾ (جنهن کي هُن سوجھري
جي آفيس ٺاهيو هو) شايد اڄ کان ۱۶ -۱۷ سال اڳ ٿيو، پياري عُبيد سان گڏ هُن سان اِها ننڍڙي ڪچهري
هُن سان شناسائي کان شروع ٿي ۽ وڇوڙي واري لمحي تائين اُها دوستي جي رشتي ۾ تبديل ٿي
وئي.
ڇا ته شخص
هو........... ڪمال جو شخص هو! ڪيترن ئي
عيبن هوندي به منجھس ڪمال جي خوبي اِها هئي ته هو علم جو دوست هو، ادبي سنگت جي
معاملي تي تنظيمي طور تي هڪ ڏاهي سان شديد اختلاف رکڻ جي باوجود هُو سَندس علميت کان
ڪڏهن به انڪاري نه ٿيو. هُن وٽ جيئڻ جو ڏانءُ هو هُن کي خبر هئي ته درد کي، ڏک کي،
ڳوڙهي کي ڪيئن پي وڃبو آهي. مون جڏهن پنهنجو
نظم “افو بابا” ڏانهنس موڪليو هو هُن نه رڳو اُهو سوجھري ۾ ڇاپيو پر اُن کان پوءِ
ساڻس ٿيل ڪچهرين کان پوءِ مون ۾ زندگيءَ ڏانهن موٽڻ جو حوصلو پيدا ٿيو، هُو
زندگيءَ جو دوست هو، ڇاڪاڻ جو هُو ڏک جو دوست هو. هُن ڏک جي مانيءَ کي نهايت ئي
سليقي سان پنهنجي اندر ۾ لاٿو. هو تُز ۽ کرو
شخص هو، پنهنجي ڳالهه رکڻ ۾ ڪنهن به مصلحت پسنديءَ کان ڪم نه وٺندو هو، ڪَوڙ کي برداشت
نه ڪري سگھندو هو ۽ سچ چوڻ کان به رهي نه سگھندو هو تنهن ڪري اسان پارا ڪيترائي کانئس
ڪجھ سکڻ کان پوءِ سندس دوستيءَ جي دعويٰ ڪندڙ ساڻس پيار به ڪندا هئا ته ڪيترائي ساڻس
شديد اختلاف به رکندا هئا پر سندس مخالف به سندس ڏاهپ، ساڃاهه ۽ علميت کان انڪاري
نه ٿي سگھندا هئا.
تاج! جڏهن ٻيهر
سوجھرو جاري ڪيو ته هُن ڄڻ سنڌي ادب جي آٺريل پاڻيءَ ۾ تحرڪ پيدا ڪيو. ڪهاڻي،
شاعري، تنقيد، الائي ته ڪيترن ئي صنفن ۾ هُن لکندڙن جي هڪ نئين ٽهي پيدا ڪئي.
جنريشن گئپ جون ڳالهيون ڪندڙ ۽ وري پاڻ ئي نون لکندڙن جي راهن ۾ رڪاوٽون بڻجندڙن
کان بنهه پري پري بيهي هُن عملي ميدان ۾ سوجھري کي نئين ٽهيءَ جو علمي ۽ ادبي
تربيت گاهه بڻايو جنهن ڪري ؛ته، ڪجھ سندس کري طبيعت جي سبب مٿس ڪيترائي تير وسيا
پر هُو سمورن شين کان بي نياز پنهنجي طبيعت ۽ پنهنجي ڪم ۾ مگن رهيو هن جڏهن چيو:
ڪنهن کي آڇيان ها ٿَڪَ
پيرن جو
سڀ مسافر فقير جهڙا
ها
پر هُو پاڻ ادبي
آکاڙي ۾ موجود سمورن فقيرن کان مختلف هو ادبي عظمتن ۽ بت تراشيءَ جو قائل ئي نه هو
تنهن ڪري هن جي پيرن جو ٿَڪ ڪنهن کي نصيب ٿئي! هُو ته اُن خيال تي بيٺل هو ته هر
ماڻهوءَ کي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو آهي! تنهن ڪري هُو ڪنهن ڊوڙ ۾ نه رهيو بلڪ هُن
ايندڙ نسلن (نون لکندڙن ۽ پڙهندڙن) لاءِ پنهنجي سمجھ ۽ ڏاهپ مطابق رستا هموار ڪيا.
دنيا جهان جي سمورن ادبي لاڙن، نظرين، خيالن کان واقف جنهن نهج تي هي شخص بيٺل هو
سچ ته اِهو آهي ته هاڻ اسان وٽ هڪ ڊگھي اُڻاٺ نظر اچي ٿي.
مون ڪٿي پڙهيو هو
ته ميوو جڏهن شاخ ۾ پچي ويندو آ ته اُها لام جهُڪي پوندي آهي ساڳي طرح علم جڏهن ماڻهوءَ
جي اندر ۾ گھر ڪري ويهي رهندو آهي ته اُن ۾ سَهپ، رواداري، برداشت، ميٺاڄ پيدا ٿي
ويندو آهي ۽ هو نم جي وڻ جيان ڇانوَ ۽ ٿڌاڻ جو احساس پيدا ڪندو آهي. (جنهن جي کوٽ
هن وقت شديد نظر اچي ٿي) اسان ٻه اکر پڙهيا ناهيون ۽ جڳ اسان مان اڙيو ناهي، شَل
نه ڪير اسان تي آڱر کڻي بجاءِ تحمل ۽ برداشت سان اُن کي ٻڌون ۽ سمجھايون بلڪ
پنهنجن سمورن منفي لاڙن سان ٻئي جي پڳ لاهڻ ۾ اڳيان اڳيان نظر اينداسين، پنهنجي
حصو جو ڪم ته پورو سورو بلڪ پنهنجون سموريون صلاحيتون ٻئي جي صلاحيتن کي ناڪار جي حالت ڏانهن ڌڪڻ ۾ ضايع ڪندا آهيون پر تاج
جنهن لمحي ۾ جيئرو رهيو اُن لمحي کي ماڻڻ جو فن ڄاڻندو هو، پنهنجي حصي جي حاصل ٿيل
خوشيءَ کي ٻئي جي ساڙ جي ساڙڻ جي بجاءِ هُن تخليق جا گلاب پوکيا جيڪي پڪ اٿم روين جي
شديد جھولن جي باوجود به ڪومائجندا نه!!
گُلَ وجهو، قُلَ پڙهو
مزار تي پر،
زندگيءَ جي ثبات جو
اونو !!
سُور سنگهرن ۾ جيڪو
جڪڙيل آهه،
آدميءَ جي نجات جو
اونو.
تاج بلوچ
ھر ٻول ۾ ملندوسانءِ، چوٻول
۾ ملندوسانءِ
نصير مرزا
تاج بلوچ، جديد
شاعريءَ جو محض سرموڙ ئي نه، مائل اسٽون شاعر سمجهو. اڄ هي جيڪو ٿورو گهڻو قلمڪار
آئون سڏجان پيو، ته ان لاءِ به هن جا ئي مون تي گهڻا احسان آهن. ان ڪري چاهيو ته کيس منهنجو اوهان ادبي محسن به ڄاڻي
سگهو ٿا، پر ڪيئن محسن؟ ان جي وضاحت اڳتي ايندي. في الحال دل جي ڳالهه، ته ويهين
صدي جي پنجن ڏهاڪي، سنڌي ٻولي اندر، نئين فڪر وارا شاعر جيڪي پيدا ڪيا، انهن ۾ سڀ
کان نمايان ته شيخ اياز صاحب، نارائڻ شيام، پوءِ تنوير عباسي، شمشير الحيدري، نياز
همايوني، استاد بخاري، امداد حسيني ۽ انهيءَ تسلسل ۾ هي اسان جو تاج بلوچ، جنهن جي
۲۵ مئي ۲۰۲۰ع تي ۸۰هين سالگرهه هئي. هي سڀ شاعر، جن سان منهنجي والهانا ويجهڙائپ انهن مان،
جيئن هر هڪ جو اسلوب، لفظ، ڊڪشن، موضوع، لهجي جي تازگي پنهنجي پنهنجي. ائين روبرو ڏسو
ته انهن جا سڀاوَ به ڌار ڌار. ظاهر آهي، شاعراڻي لهجي وانگر، تاج جو مزاج ۽ انداز
به پنهنجو.
تاج بلوچ، منهنجي
نظر ۾ ڇا هستي؟ ’ملٽي ڪلر‘ ڏات ڌڻي، ۽ همعصرن ۽ خاص ڪري هڪ جيڏن وچ ۾ سر موڙ ئي
نه، جديد سنڌي غزل کي ڪو نئون موڙ ڏيندڙ شاعر، بيحد سڄاڻ نقاد ۽ نثرنگار، لاجواب ايڊيٽر،
مائيڪ تي بي پناهه اعتماد ڀريو مقرر، مشاعرن جو عاليشان ڪامپيئر. قدرت هاڻي جنهن
جي ذات ۾ ايترا سارا گڻ ڀري ڇڏيا هجن، ان کي مڪمل اختيار، ته پاڻ بابت هو جي ههڙي
دعوا ڪري، ته ان جو هن کي پورو پورو حق آهي،
ڇولي ناهيان سمونڊ
آهيان دوست،
ڪُنَ ڪڙڪا کنيو
وتان آئون.
هاڻي عرض ڪريان ته،
اها منهنجي ڇوڪراڻي وهي هئي ۽ ڪُنن ڪڙڪن واري شهر ڪراچيءَ اندر، جيڪا ’راڪ ڪورٽ‘،
بلڊنگ اتي هو سنڌي ٻوليءَ جو خوبصورت ترين ’سوجهرو‘ مئگزين ايڊٽ ڪندو هو. ڀانئيان ٿو
اهو سال ۱۹۷۳ع هو. بيشڪ ادب ۾ اسريو آئون سائين نثار حسينيءَ جي صحبت ۾ هوس، پر ان ڇوڪراڻي
وهيءَ ۾، تاج کي، جيڪو به شعر موڪليان يا نثر، ڇا ته شاندار لي آئوٽ سان هو ان کي ڊس
پلي ڏيندو هو، پر هي رڳو آئون ئي ڇا؟ هو ته منهنجي ٽهي جي ٻين به ڪيترن ئي قلمڪارن
جو سونهون هو، جن جا نالا اڄ سنڌي ادب جا وڏا نالا آهن. هاڻي هي سال، ۱۹۷۴ع، ڪاليج جي موڪلن ۾ ڪراچي ناناڻن ويس، ته
تاج بلوچ جي سڪ ڇڪ ۾ سڌو راڪ ڪورٽ واري بلڊنگ ۾ ’سوجهرو‘ آفيس وڃي پهتس. ڪنهن ٻڌايو
هئم، تاج هٿ جو ڇوٽ، زبان جو ڇوٽ... گاڊ گفٽيڊ آئوٽ اسپوڪن، پر اهو ته هن جو ڪو
انگلائتو اسٽائل هو، باقي صورت حال هيءَ، ته سراپا پيار ئي پيار ۽ هر ايندڙ ۽ هر ملندڙ تان ٻلهار ئي ٻلهار
۽ جهڙو خوشبودار ريشمي رومال.
هي به ته اهو ئي
ابتدائي زمانو هو، جڏهن هن جي پهرئين ئي شعري مجموعي ’درد جو صحرا‘ جنهن جو مهاڳ
شيخ اياز صاحب لکيو هو ۽ تڏهن هر هنڌان مون سندس هن وائيءَ جو به گهڻو ئي چوٻول ٻڌو
هو،
ڪير گُلن جا پوئي
هارَ،
هَٿ سَڀن جا زخمي
زخمي.
هتي هن جي ڪنهن سان
به مقابلي يا تقابل جي ڳالهه نه ڪندس، جو تاج جي هڪ جيڏن ڀيچي شاعرن ۾ فتاح ملڪ،
قمبر شهباز ۽ ذوالفقار راشدي به بيحد اهم شاعر آهن، پر پنهنجي منفرد لهجي، ڌار
اسلوب، جدت، ترقي پسند نظريي ۽ حساسيت ۾، تاج بلوچ ان وقت ڪنهن هڪ جيڏي شاعر جو جي
جوڙ جيس هو ته اهو صرف امداد حسيني! بيشڪ امداد اوچي پائيدان تي آهي، پر ٻنهي
شاعرن جي ڊڪشن ۽ فڪر ۾ فرق هي هو ته امداد نج نبار ڪلاسيڪل روايتن جو پيروڪار ۽ هڪ
لحاظ کان جديد ترين شاعر، پر ٻئي پاسي هي تاج بلوچ جديد لهجي، فڪر ۽ اظهار جي سطح
تي، ترقي پسند لاڙي مارڪسزم، سوشلزم سان گڏوگڏ رومانوي ۽ مزاحمتي لهجي ۾ به لکي
رهيو هو. خير اهي گڻ ته پنهنجي جاءِ تي، پر سندس جديد غزل ڏسو، ته ان ۾ شوخي، بي
حجابي، منظر نگاري، جادوگري ۽ ان سان گڏوگڏ مشاعرن جي محفلن جو ته هو ايڏو سمجهو
شاعر، جو وٽس اتي پيش ڪرڻ وارا جيڪي پبلڪ پسند غزل انهن ۾ وري ”ڳالهائيندڙ رديف ڪافين“
جو هن وٽ ڇا ته دلپسند ڏانءُ .. مثال طور...
منهنجي مستيءَ کي
آزمائي تڏهن،
بي خوديءَ ۾ جڏهن،
نچن چوڙيون.
ائين ان غزل جا
مشاعري ۾ چوٻول پيدا ڪري ڇڏيندڙ هي ٻيا قافيه به ڏسو، چمن چوڙيون‘، ’وڄن چوڙيون‘،
’ڇهن چوڙيون‘ ۽ ’پيرهن چوڙيون‘ وغيره. مڃيان ٿو، سنڌ ۾ باوقار، سنجيده ۽ گيڙو ويس
نج نبار، جديد سنڌي غزل جا موجد، شيخ اياز، شمشير الحيدري، تنوير عباسي، پر غزل جي
جيڪا خاص گهرج ”تغزل“، بقول تنوير عباسي... تاج بلوچ، ان ڏس ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ اٿوَ!
هتي ٿورا مثال..
هير ناهين، ته لُڪ
بڻجي آ،
دل جي کڙڪي ڇڏي اٿم
کولي،
ذهن کولي مون اکيون
ٻوٽي ڇڏيون،
جنهن کي اچڻو آ،
اچي منهنجي تڏي،
هتي ڪو ارهو نه ٿئي
ته لکان، سنڌ ۾ هزارين شاعر آهن، پر نوانوي سيڪڙو
پنهنجي ذاتي ڊڪشن کان بلڪل محروم ۽ ڪثرت سان ڪاپي پئسٽ، پر اياز، نياز،
شيام، شمشير، تنوير، استاد، امداد، وفا ۽ تاج هر سطح تي جينئن، صاحب اسلوب ۽
باقاعده شاندار شاعر، جن ۾ اياز، شمشير، نياز، امداد ۽ تاج جي اسپيشلٽي، غزل سان گڏ
نظم نگاري به سمجهو. بيشڪ اسٽيج تي نظم پيش ڪرڻ جو به هر هڪ جو انداز پنهنجو. پر
هجومن ۾ قلندري ڪيفيت سان تاج جي نظم پڙهڻ جو انداز ته سڀني کان نرالو ۽ جداگانه. ڇا
توهان مان ڪنهن هن کي پنهنجو هي نظم پڙهندي ٻڌو آهي!؟
اهو جو سچائيءَ جي
جوهر کي ماڻڻ جي خاطر
ڪٺن رهگذارن تان
هلندو رهي ٿو
انهيءَ ساڻ هلندس..
مان هر حال هلندس
هن وٽ تازگي ۽ ترنم
ته ڏسو هنن سٽن ۾..
رات... پازيب جي جهڻڪار
۾ ترندي آئي،
...
هر ٻول ۾ ملندو
سانءِ، چوٻول ۾ ملندو سانءِ،
وڻ ٻور ۾ ملندو
سانءِ، ڪنهن پور ۾ ملندو سانءِ،
ڪنهن پهر ۾ ملندو
سانءِ، بر بحر ۾ ملندو سانءِ.
هتي مون لاءِ هيءَ
به ڪيڏي نه فخر جي ڳالهه ته اياز صاحب کان وٺي نياز، شمشير، امداد ۽ تاج بلوچ، انهن
سڀني سان، آئون ذاتي طرح سان انتهائي انگلائتو ۽ گهرگهلو رهيو آهيان، پر تاج بلوچ
سان ته اڄ به بيحد فرينڊلي ۽ فرينڪ آهيان. ”سوجهري“ رسالي وارو دور هجي يا ”لطيف ڊائجسٽ“
يا حيدرآباد جي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس واري آفيس هجي، يا ڪراچيءَ واري، جتي هو آفيسر رينڪ
۾ هو ۽ هر هنڌ، اسٽاف سان ٽاشن ماشن ڪرڻ لاءِ، ”جوڪي جملن“ جو وٽس ايترو ته وافر
اسٽاڪ. ڪو ڪلارڪ جي بدن بيهڪ ۾ ڳرو ۽ ٿلهو، ته اُن کي پيار مان پڪاريندو ”ککر کاڌو“، جنهن جي نالي ۾ NECK يعني نيڪ
لفظ ان سان جي مخاطب ٿيندو ته سڏيندس ”مسٽر ڳچي“.
ڏهاڪو کن سال ٿيندا،
تاج پنهنجي شاعراڻي دل جو باءِ پاس آپريشن ڪرايو هو، سو ان بعد پڪ اٿم، هاڻي هو مڪمل
پرهيزگاريءَ واري زندگي گذاريندو هوندو پر پوءِ به الائي ڇو، جن جن خاص محفلن ۾
محفل جو مور، تڏهن اسٽيج تي براجمان، هُن جي اکين تي ساون شيشن سان ربين وارو چشمو
چڙهيل ڏسي، خوامخواهه به سندس هي شعر چپن تي چڙهي ايندو اٿم،
تنهنجي نيڻن جي
نهارن صدقي،
تاج پارا به کري
پيا آهن.
خوش دل، محفل پسند
۽ هر وقت ٽهڪ ڏيندڙ، تاج جي قلم کي مون روئندي به ڏٺو آهي پر پنهنجي ذاتي ڏک تي
نه، مظلومن سان ٿيندڙ زيادتين ۽ ڏکويل انسان ذات تي ۽ محڪومن جي لاوارثين تي. ان
مناسبت سان، تاج بلوچ جي شاعري جو آدرش سمجهو يا منشور، اهو اڄ به هي اٿوَ ...
سُرخ سورج کي اڀارڻ
خاطر،
درد ناياب کڻي نڪتاسين.
تاج بلوچ
سنڌي ادب جو تاج - ۲۵ مئي جنم ڏينھن جي حوالي
سان
محمد رمضان جوکيو
اهو سنڌ جي چيڪي مٽيءَ
جو ڪمال آهي جو هن ڌرتي اهڙن جوڌن کي جنم ڏنو آهي جن تي خود سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ واسي سدائين
ناز ڪندا رهندا. اهڙن اڻ ملهه ڪردارن منجهان تاج بلوچ پڻ هڪ آهي.
سنڌي ادب ۾ تاج
بلوچ جي نالي سان سڃاتو ويندڙ ليکڪ جو اصل نالو تاج محمد جتوئي هو. سنڌي ٻولي، ادب
۽ شاعري جي هن وڏي نالي واري شاعر، اديب، نقاد ۽ صحافي جو جنم ۲۶ مئي ۱۹۴۰ع تي اتر سنڌ جي ضلعي سکر جي تعلقي پنو عاقل
۾ ڳوٺ سردار محمد مراد خان بلي ۾ جتوئي قبيلي جي هڪ زميندار ۽ تر جي چڱي مڙس نور محمد
جي گهر ۾ ٿيو.
شناختي ڪارڊ ۽ نوڪري
جي رڪارڊ مطابق تاج بلوچ جو جنم ۶ اپريل ۱۹۳۸ع آهي. جڏهن ته تاج بلوچ پنهنجي ڪيترن ئي انٽرويوز ۽
ادبي حوالن ۾ پنهنجي تاريخ پيدائش ۲۶ مئي ۱۹۴۰ع ڄاڻائي آهي. ۽ هو هر سال پنهنجو جنم ڏينهن پڻ ۲۶ مئي تي ملها ئيندو هو.
تاج بلوچ مهراڻ
رسالي جي شخصيت نمبر کي اماڻيل پنهنجي هڪ تعارف ۾ پنهنجي جنم ڏينهن جي درست تاريخ ۲۶ مئي ۱۹۴۰ع ڄاڻائي آهي.
“پاڻ پنهنجو مختصر
تعارف هن طرح اماڻيو اٿس؛
نالو؛ تاج محمد، جتوئي
بلوچ
تخلص؛ تاج بلوچ
تعليم؛ بي اي
جنم جي تاريخ؛ ۶_۴ ۱۹۳۸ع سرڪاري رڪارڊ موجب درست؛ ۲۶ مئي ۱۹۴۰ع”
سنڌي ادب ۽ ٻولي جي
هن نالي واري شاعر تاج بلوچ پنهنجي عملي زندگي جي شروعات ناڻي کاتي ۾ مختلف ضلعن ۾
ٽريزي آفيسر طور ڪئي. جتي هي ۲۶ سال نوڪري ڪرڻ کانپوءِ ۱۹۹۸ع ۾ رٽائر ٿيو.
تاج بلوچ لڳ ڀڳ ۲۰ سالن جي عرصي تائين پاڪستان ٽيليويزن جي
خبرن واري شعبي ۾ ڪم ڪيو. هن پي ٽي وي جي مختلف پروگرامن، مخزن، سنڌ سينگار ۽ مهراڻ
رنگ ۾ ڪمپئرنگ ڪئي. هن اليڪٽرونڪ ميڊيا ۾ ۶۰ ۽ ۷۰ واري ڏهاڪي جي وچ ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان ڪمپئر، اسڪرپٽ
رائٽر ۽ ڊرامن ۾ حصو روتو هو.
تاج بلوچ ڊگهو عرصو
مختلف سنڌي اخبارن ۾ ڪم ڪيو هو. جنهن ۾ عوامي آواز، هلال پاڪستان، عبرت ۽ هفتيوار
برسات اخبار شامل آهي. ان کان علاوه تاج بلوچ ماهنامه لطيف رسالو به ڪڍيو. تاج
بلوچ ۷۰ واري ڏهاڪي ۾ معروف ادبي رسالي سوجهري جو ايڊيٽر پڻ رهيو هو. رٽائرمينٽ
کانپوءِ هن سوجهرو ٻيهر جاري ڪيو جيڪو لڳ ڀڳ سترنهن سال پابندي سان نڪرندو رهيو. هي
زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن تائين سنڌي ادبي سنگت سان واڳيل رهيو. هو ادبي سنگت جو مرڪزي
سيڪريٽري جنرل پڻ رهيو. تاج بلوچ ۲۰ سالن تائين سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جو سيڪريٽري پڻ
رهيو. هو گهڻ پڙهيو ۽ ڪمٽمينٽ وارو شاعر، ڪهاڻيڪار، صحافي، ايڊيٽر ۽ نقاد هو. هن
زندگي جو طويل عرصو سنڌي ادبي سنگت، پارٽي ۽ پارٽي جي علمي ۽ ادبي تنظيمن کي ارپيو
هو.
تاج بلوچ انجمن ترقي
پسند مصنفين ۽ ڪميونيسٽ پارٽي جي پليٽ فارم تان آمريت خلاف هلچل هلائيندڙن جو ڀرجهلو
ساٿي رهيو. ۽ ٿاڻي جا آزار برداشت ڪيائين. انهي عرصي ۾ هن ون يونٽ جي خلاف تحريڪ ۾
سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان هر اول دستي جي سپاهي جيان ڪردار ادا ڪيو. سنڌي
ادب جي واڌاري ۽ سڌاري ۾ تاج بلوچ جو وڏو هٿ هو. هن سوجهرو رسالي جي ذريعي سان ڪيترن
ئي نوجوان اديبن کي سنڌي ادب ۾ معتارف ڪرايو. جيڪي اڄ سنڌي ادب جي خدمت ۾ پنهنجو ڀرپور
ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. تاج بلوچ بنيادي طور تي رومانوي ۽ ترقي پسند شاعر هو. هن ڇهن
ڏهاڪن تي ٻڌل پنهنجي تخليقي سفر ۾ معياري ادب تخليق ڪيو آهي. نقادن کيس سنڌي غزل
جو شهزادو ڪوٺيو آهي. پر هن جا نظم پڻ فڪري ۽ نظرياتي طور تي سگهارا ۽ اتساهيندڙ
آهن.
تاج بلوچ جون سنڌي
ادب لاءِ ڪيل خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. هو ادب جي ميدان ۾ مسلسل جدوجهد ڪندو رهيو،
نيئن زندگي سنڌ جي ٻاراڻي صحفي کان وٺي، ويڪلي آزاد، ويڪلي اخبار وطن، ويڪلي برسات،
ماهوار برسات، ماهوار سوجهرو جي شروعاتي دور (۷۳_۱۹۶۸ع) کان ويندي ماهوار لطيف ۽ ماهوار سوجهرو ۱۹۹۹ع کان مسلسل ۱۷ سالن تائين جاري رکيائين.
سنڌي ادب کي پنهنجي
زندگي جي اڌ صدي ڏيندڙ تاج بلوچ جي شاعري جا چار ڪتاب ڇپيا آهن. سندس شاعري جو
پهريون مجموعو درد جوصحرا (شاعري) ۱۹۷۰، (ٽي ڇاپا)، ٻيو مجموعو خوشبو جو زهر (شاعري) ۱۹۸۷، (ٽي ڇاپا)، ٽيون مجموعو لفظن جو ماتم
(شاعري) ۱۹۹۴، (ٻه ڇاپا) ۽ چوٿون مجموعو دل جزيرو اداس سپنن جو (شاعري) ۲۰۰۲، (ٻه ڇاپا) ڇپيا آهن. تاج بلوچ جي شاعري جو
ڪليات “چچريون چچريون خواب” نالي پڻ ۲۰۱۱ ۾ ڇپيو آهي. سندس شاعري جي هڪ ڪتاب جو لطيف نوناري (گريف
ان ٽيئرس) جي نالي سان انگريزي ۾ پڻ ترجموڪيو آهي. تاج بلوچ جو هڪ اردو ڪتاب “امن ڪي
تلاش” نالي ۱۹۷۶ع ۾ ڇپيو. تاج بلوچ جو “ٽين دنيا جا مسئلا” نالي سياسي سرت ڏيندڙ ڪتاب پڻ ڇپيل
آهي. ان کان علاوه تنقيد جي موضوع تي تاج بلوچ جو “جديد ادب جو تجزيو” نالي سان ڪتاب
لکيل آهي. تاج بلوچ هڪ نقاد جي حيثيت سان به پنهنجو ڀرپور ڪردار نڀايو آهي. هي
پنهنجي دور جو سجاڳ نقاد هو. ان ڪري هن پنهنجي دور يا ان کان اڳ جي ننڍي کان وڏي
شاعر تائين کي پڙهيو هو. ۽ انهن جي اصلاح لاءِ مرڻ جي آخري گهڙي تائين پنهنجو ڪردار
ادا ڪندو رهيو. ۽ هو پنهنجي تعميري تنقيد سان پنهنجي نوجوان شاعرن کي گس ڏسيندو هو.
تاج بلوچ جيئن ته هڪ سجاڳ اديب هو. هو وقت آهر هر صنف ۾ لکندو رهيو. هو دور حاضر
جو معروف نقاد هو. ڇو ته سندس تمام گهڻو مطالعو ٿيل هو ۽ هو ان مطالعي جي آڌار تي ڪنهن
به فن پاري کي آسانيءَ سان، توري تڪي ان جو ملهه لڳائيندو هو. تاج بلوچ پنهنجي
تعميري تنقيد سان پنهنجي نوجوان شاعرن کي وقتائتا ۽ لاڀائتا گس ڏيکاري ٿو. هو نئين
نسل لاءِ رول ماڊل ڪردار هو. تاج بلوچ پنهنجي ماسٽر ڊگري صحافت ۾ ڪئي. هو هڪ ڄاڻو
صحافي هو. هو پنهنجي لکڻين وسيلي عام ڳالهه ۽ عالم مسئلي کي خاص مسئلي جو مقام وٺرائي
ٿو. هن پنهنجي صحافتي دور ۾ ملڪ جي نامور ليکڪن، اديبن، دانشورن ۽ شاعرن کان انٽرويوز
ڪيا آهن. جيڪي اسان جي سنڌ ۽ سنڌي ادب جي خزاني ۾ هڪ قسم جو واڌارو آهن.
تاج بلوچ، بحيثيت
ترجمه نگار جي ڪيترن ئي مشهور ٻِين ٻولين جي شاعرن جي شاعري کي سنڌي ٻولي جي ويس ۾
ائين پيش ڪيو جيئن اها شاعري سنڌي ٻولي جي شاعري هجي. هن وٽ اهو فن هو جو هو لکڻي
کي سندس لفظي وڳي، ڪيفيت ۽ سندس روح سميت ترجمو ڪري ٿو. هن وڏي مهارت سان لکڻيءَ
جو روح سنڌيءَ ۾ منتقل ڪيو آهي. سندس ترجما اوس اصلي ٻولين کي ڇهن ٿا. هن وٽ ڏات
سان گڏ خوبصورت ڏانءُ به آهي جنهن جي آڌار تي هو خوبصورت کان خوبصورت ترجمو ڪري
سگهي ٿو. تاج بلوچ دنيا جي عظيم شاعرن جي شاعريءَ کي تمام گهڻي سولي نموني سان
سمجهايو ۽ وائکو ڪيو آهي. هن جي لطيف جي شاعريءَ مان “پيڙا” جي ڪيفيت وارن بيتن جي
چونڊ اهو ٻڌائي ٿي ته هو لطيف کي ڪيتري قدر سمجهي سگهيو آهي.
تاج بلوچ دنيا جي
عظيم شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو سچو پارکو هو. ۽ شاهه جي شاعريءَ تي تمام گهڻو لکيائين.
۽ جنهن سولائي سان هن شاهه جو فڪر کي وائکو ڪيو آهي ائين شايد ئي ڪنهن ڪيو هجي.
تاج بلوچ جن ليکڪن
جا ترجما ڪيا آهن انهن ۾ رسول حمزه توف، پئبلو نرودا، سارتر، ٽي ايس ايلٽ، اعجاز
رحيم ۽ شيلي شامل آهن. تاج بلوچ تمام سٺيون ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن. اهي ڪهاڻيون هن
معاشري جا سڌا عڪس آهن. تاج بلوچ پنهنجي هن ڪهاڻين ۾ معاشري جون ڳالهيون لکيون آهن.
سندس ڪهاڻين جا ڪردار جيئرا جاڳندا آهن. ۽ گهڻو سگهارا آهن. ڪٿي به ڪو ڪردار ڪنهن ٻئي
ڪردار تي حاوي ٿيندي نظر نٿو اچي. تاج بلوچ پنهنجي فن جي ذريعي ڪهاڻين ۾ چونڊيل ڪردارن
مان هر هڪ سان انصاف ڪري ٿو. هن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون آهن. جن ۾ آرسي، اکڙيون
رت رئن، پيءُ مهانڊو وغيره شامل آهن.
تاج بلوچ ۰۴ جون ۲۰۲۰ع تي دل جو دورو پوڻ سبب ڪراچي جي هڪ نجي
اسپتال ۾ وفات ڪري ويو. سندس آخري آرامگاهه ماڊل ڪالوني ڪراچي جي قبرستان ۾ آهي. جسماني
طور ته تاج بلوچ اسان وٽ موجود ناهي پر ليکڪ طور هو هميشه سنڌ واسين جي دلين ۽ سوچ
۾ رهندو. سندس علمي پورهيو هر هنڌ ۽ هر وقت سنڌ واسين جي رهنمائي ڪندو رهندو.
(ڏھاڙي عبرت
حيدرآباد ۾ ۲۵ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
تاج بلوچ
کاٻي ڌر جي ساڄي ٻانھن.
ڊاڪٽر خادم منگي
مان تاج بلوچ تي
مقالو نه لکي سگھيو آھيان. ان ۾ سڄو ڏوھه اسد چاچڙ جو آھي. مان مٿس ڪمالو لکيو
آھي. ادب ۾ ڪمالو نئين صنف آھي، جيڪو اڄ ئي پيدا ٿيو آھي. ھي مقالي جو پٽ آھي ۽
جمالي جو ننڍو ڀاءُ آھي. مقالو شيطان جي آنڊي جيڏو ڊگھو ٿيندو آھي. ڪمالي جي ھڪڙي
خوبي اھا به آھي ته جنھن مھل ٻڌندڙ يا پڙھندڙ کي اڃا مزو اچڻ شروع ئي مس ٿيندو ته
ھي ختم ٿي ويندو، مرنڊا جي بوتل وانگر.
جمالي جي ڄم جي
تاريخ پرائمري اسڪول جي ڄم ۽ موت واري رجسٽر مان غائب آھي. انڪري ڪنھن کي به خبر
ناھي ته جمالو ڪڏھن ڄايو. ھاڻي اھو ٺيڪو ثقافت کاتي جي وظيفن تي پويان پساھه کڻندڙن
محققن کي مليو آھي ته ھو اسانکي جمالي جي تاريخ، جاگرافي ۽ شھريت درست ڪري ڏين. ھو
اسانکي اھو به ٻڌائيندا ته گھنڊيدار وارن وارو جمالو جيڪو گھران سائو لڪڻ ھٿ ۾ کڻي
نڪتو ھيو اھو جڏھن روھڙيءَ واري پل تي پڳو ته پوءِ ڪاڏي غائب ٿي ويو. لڳي ٿو انڊومينٽ
فنڊ جا پئسا ھڙپ ڪري پنھنجي جانيءَ سان جھاز ۾ چڙھي رفو چڪر ٿئي ويو آھي.
جيستائين جمالو
واپس اچي تيستائين وٺون ٿا ڪمالي کي. ڪمالو نثري ادب جي ننڍي ۾ ننڍي صنف آھي، ڇو
ته اڄ ئي پيدا ٿيو آھي. جنھن ۾ ڪنھن به شخص جي ڪيل ڪمال جھڙي ڪنھن به ھڪ عمل کي
درج ڪيو ويندو آھي، غزل لاءِ گھٽ ۾ گھٽ پنج بند گھربل ھوندا آھن، پر ڪمالي ۾ وڌ ۾
وڌ ھڪڙي ئي پھلوءَ جي گنجائش آھي ان ۾ درزن کن ادبي ڪمن جو سربستو احوال وجھڻ جي ڪوشش
ڪندءُ ته ڪمالو ڦاٽي پوندو، فوڪڻي وانگر، جنھنکي ڪنھن به کونر ۽ لئيءَ سان لنبي نه
سگھبو. ھاڻي جيڪڏھن مان تاج بلوچ جي درزن کن عملن تي روشني وجھندس ته پوءِ ھيءَ جيڪا
اوھان ساڻس شام ملھائي رھيا آھيو اھا رات ۾ تبديل ٿي ويندي. رات جو ڪجھه ماڻھن کي
شبڪوريءَ جي ڪري تاج بلوچ ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ايندو، جيستائين وري ٻيھر سوجھرو ٿئي.
سوجھري تي ياد آيو ته سوجھرو به تاج بلوچ جو ئي ھڪ روشن پھلو آھي. جيڪو بند ٿي وڃڻ
جي باوجود به چمڪي رھيو آھي، جديد دور جي شاعرن جي روپ ۾. ڇو ته سمورن جديد دور جي
شاعرن کي تاج بلوچ پيار سان ڇپيو آھي. ممڪن آھي ڪجھه ليکڪن کي ھن ڪوٺي تي چاڙھي
وري ڏاڪڻ به ڪڍي ڇڏي ھجي، ان ۾ تاج بلوچ جو ڪو به ڏوھه ڪونھي. ھنن کي پاڻ ئي ڪوٺي
تي چڙھڻ جو شوق ھيو. ھنن مان ھرھڪ پاڻ کي جديد دور جو اياز ثاني ۽ لطيف ثالث پئي
سمجھيو. ياد رھي ته لطيف ثانيءَ جي پلاٽ تي اڳ ۾ ئي قوضو (قبضو) ٿيل آھي. رشيد ڀٽي
مرحيات پنھنجي ھٿن سان پنھنجي جيئري ئي شيخ اياز کي ڪليم ۾ لکي ڏئي ويو ھيو ۽ ھاڻي
ته وري ستين فارم تي به چڙھي ويو آھي. ڪجھه دانشورڙا ته ان ڊيوٽيءَ سان لڳل آھن ته
ڪيئن به ڪري شيخ اياز کي رٻڙ وانگي ڇڪي، ڀٽائيءَ کان به وڏو ڪري پيش ڪجي. جيڪڏھن
بيتن ۾ ڀلا ڀٽائي وٺ نه ٿو ڏي ته وائين ۾ اھڙي ڪوشش ڪري ڏسجي. سو اسان اھو سڀڪجھه
پنھنجن گنھگار اکين سان ڏسون ويٺا ۽ گنھگار ڪنن سان ٻڌون ويٺا. پر انھن کي چئي ڪجھه
به نه ٿا سگھون.
سو ڳالھه پئي ھلي
جديد دؤر جي ادب جي. جديد لفظ کي سمجھڻ لاءِ اوھان کي قديم لفظ سمجڻو پوندو. قديم
شيءِ اسان وٽ ھڪڙي ئي آھي سائين قائم علي شاهہ. وظيفن جي وينٽيليٽر تي جيئرا رھندڙ،
آثار قديمه مان ھٿ آيل ماھر، جيستائين اسانکي موھن جي دڙي جي ڪا مستند تاريخ ٻڌائين،
تيستائين اسان سڀ سائين قائم علي شاھ کي ئي قديم سمجھون ٿا. ڇو ته منھنجي بابي،
مون ۽ منھنجي پٽ به کيس وزير اعلي جي ڪرسيءَ تي ئي ڏٺو. لطيف سائين الائي ڪھڙي نيت
سان لفظَ قائم ۽ قديم پھرئين بيت جي ھڪ ئي پد ۾ رکيا آھن. حوالي طور ڏسو، سر
پھريون، داستان پھريون. بيت پھريون، صفحو پھريون، ڇاپو پھريون ۽ پھريون ئي پھريون.
ھاڻي جيڪڏھن اوھين
لفظ قديم کي بخوبي سمجھي ويا آھيو ته مونکي لفظ جديد سمجھائڻ جي ضرورت ئي محسوس نه
ٿي ٿئي.
جديد سنڌي شاعريءَ
جو ابو ڪشنچند بيوس کي سمجھيو ويندو آھي. انڪري سڄي جديد سنڌي شاعري بيوسيءَ جو شڪار
آھي. انکي وڌيڪ بيوس ڪرڻ ۾ ٿورو ٿورو ڪردار تاجل بيوس جو به آھي. سنڌ منھنجي امان،
سونھن تنھنجيءَ مٿان. ڇا لکي ڇا لکان؟ ابا! ڪجھه ته لک ني. چئي ٿو ته ”ھڪ قلم، ھڪڙو
مان ڪيئن پورو پوان؟ ابا! توکي ڪنھن چيو ته ٻيو قلم نه وٺ؟ مونکي ئي چوين ھان ته
مان ئي توکي پنجين روپئي واري بال پين وٺي ڏيان ھان. کڻي ھڪڙو مھينو ادبي سنگت کي
في نه ڏيان ھان ٻيو ڇا؟ ھونءَ به ايشيا جي اديبن جي وڏي ۾ وڏي تنظيم کي پنج روپيا
نه ملن ھان ته گوبند مالھي ڪو توھان ڏي ميار کڻي نه اچي ھان. شاعريء ۾ بيوسي ھوندي
ته وس وارن جي ڪن تي ڪا جونءَ ڪيئن چرندي؟ پر ڪجھه شاعرن وڏي جدوجھد کان پوءِ پاڻ
کي ان بيوسي کان بچايو آھي، انھن تي وري بي حِسي ڇانيل آھي، سدائين الوٽَ.
يار ھي ڪھڙا موضوع
منھجي مقالي. معاف ڪجو، ڪمالي ۾ اچي رھيا آھن؟ مونکي تاج بلوچ تي ٻه لفظ لکڻا آھن.
خير تاج بلوچ به ڪنھن شاعر سان رچايل رھاڻ ۾ به ڪمال ڪري ڏيکاريندو آھي، منو ڪلاڪ ڳالھايائيندو
آھي، پر حرام جو ان شاعر تي ھڪ لفظ به ڳالھايائي. وڏو اديب چئبو ئي انکي آھي جيڪو
پنھنجي اصل موضوع تي نه ڳالھائي. پر مان اڄ تاج بلوچ تي ٻه لفظ ضرور ڳالھائيندس،
پوءِ ڀلي ننڍو ئي ڇو نه ٿي وڃان.
ٻن لفظن تي ياد آيو
ته ادب کي اڌمئو ڪرڻ ۾ ٻن لفظن، ٽن لفظن، پيش لفظن، زير لفظن، زبر لفظن ۽ مھاڳن جو
وڏو ھٿ آھي. اڳي مان سمجھندو ھيس ته رڳو تاريخ /ھسٽريءَ ۾ ڪوڙ بدوڙ لکيل آھن. ان
ھسٽريءَ کي ھسٽريا جي بيماريءَ جي ڀيڻ سمجھندو ھوس. پر مھاڳن پڙھڻ کانپوءِ مان پنھنجي
راءِ ۾ يوٽرن وٺڻ لاءِ سوچي رھيو آھيان. ڪنھن کان به شاعري کسرائڻي ھجيوَ ته انکي ڪنھن
وڏي شاعر کان مھاڳ لکرائڻ جو مشورو ڏيو. بس پوءِ ياعمر وتندو مھاڳ تي تڳندو. دل ئي
دل ۾ چوندو ادب جو نوبل پرائيز ملي ويو ھاڻي ڇو لکان ۽ ڇا لکان؟ تاج بلوچ نه اھڙا
مھاڳ لکيا آھن ۽ نه ئي وري لکرايا آھن.
اوھانکي سنڌ ۾ چپي
چپي تي وڏا شاعر ملندا، پر عظيم شاعر ڪو به نه ملندو. سنڌ ۾ عظيم ٿيڻ لاءِ شاعر کي
ھڪ دفعو سچ پچ ۾ مرڻو پوندو آھي. جڏھن ته معاشري جي بيحسيءَ جي ڪري کيس روز مرڻو
پوي ٿو. پر اھو ڪنھن کاتي ۾ ئي ناھي. منھنجي بابي جي ناني جو نالو به عظيم ھو، پر
جيستائين جيئرو ھيو ڪنھن به کيس عظيم نه سمجھيو. سنڌ جو شاعر توڻي جو پنھنجي مھارت
سان اُٺ کي سئيءَ جي پاکڙي مان گذاري ويو ھجي، ڪارڙي تتر کان بگڙي تتر جي ڪيڙو ڪيڙو
ڪرائي ويو ھجي يا وري سينڱاريء جا موراکي وانگر ڇلڙ لھرائي ويو ھجي، پر حرام جو ڪو
سنڌي ماڻھو کين جيئري ئي عظيم مڃي. نه ڪو. اسان کان اڳ واري شاعرن جي کيتر ۾ اسان
جا پيشرو، شيخ اياز، استاد بخاري، نارائڻ شيام، تنوير عباسي ۽ شمشير الحيدري، جنھن
کي ماڻھو پيار مان ڪفگير الديڳڙي به چوندا ھئا، مرڻ کانپوءِ مس وڃي عظيم ٿيا آھن.
علي بابا جھڙو ليکڪ جڏھن جيئرو ھيو ته مئل ھيو ۽ جڏھن ھاڻي سچ پچ ۾ مري ويو آھي ته
وري جيئرو ٿي پيو آھي. ڪجھه غريبڙن اديبڙن جو ڪچن ھلائڻ لاءِ.
امر جليل جھڙو ڪھاڻيڪار
جنھن ٽن پيڙھين تي پنھنجا اثر ڇڏيا آھن اھو به اڃا تائين عظيم ٿي نه سگھيو آھي. ڇو
ته ھو به گوليءَ سان مئل ڪھاڻي کي جيئرو نه ڪري سگھيو آھي. اسانکي امرجليل ۽ تاج
بلوچ عظيم نه کپن، بس زنده ۽ سلامت کپن ته جيئن لکندا رھن. تاج بلوچ جيڪو ھميشه کاٻي
ڌر جي ساڄي ٻانھن رھيو آھي. کيس منھنجو سرخ سلام.
جکرا جيئو شالَ، اوھانجو مَدو مُور مَ سُڻان.
اڃا ڪالھوڻي ڪالھہ، اوھان ڏُرتُ اُڪاريو ڏيھه
تان. (شاھہ)
No comments:
راءِ ڏيندا